تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ورقُ ورقُ تاريخ (چونڊ نثري ٽڪرا)

ڪتاب ”ورقُ ورقُ تاريخ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري قومپرست اڳواڻ، نثر ۽ تقرير جي بيمثال شخصيت عبدالواحد آريسر جي نثري ٽڪرن جي چونڊ تي مشتمل آهي جنهن جو مرتب منصور مزاري آهي.
دنيا ۾ اهڙا گهٽ ماڻهو هوندا آهن، جن کي تحرير ۽ تقرير تي هڪ ئي وقت عبور هجي، سائين جي. ايم. سيد ڪٿي لکيو آهي ته: ”ننڍي کنڊ ۾ مون صرف ٻه ماڻهو اهڙا ڏٺا آهن، جن کي تحرير ۽ تقرير تي هڪ ئي وقت دسترس آهي. هڪ مولانا آزاد ۽ ٻيو عبدالواحد آريسر.“

Title Cover of book Warq Warq Tarekh

3


_ اسان جا هي ليڊر، جيڪي فوجي جنرل جي ڏنڊي کان لهرائيندا آهن، انهن لاءِ اها ڳالهه سبق جهڙي آهي ته، جڏهن هر سال 15 آگسٽ جي صبح جو هندستاني فوج هندستان جي صدر ۽ وزيراعظم کي سلامي ڏيندي هئي، ته نهرو پنهنجو چهرو فوج جي طرف کان هٽائي ڇڏيندو هو، ته جيئن کين خبر پوي ته آزادي مون ورتي آهي، توهان ناهي ورتي.

[ڪتاب: اُميد جو قتل، صفحو: 67]



_ سائين جي. ايم. سيد جي فاتحه پڙهڻ کان پوءِ هلڪي ڦلڪي غير سياسي گفتگو شروع ٿي. سائين امير حيدر شاهه ويٺلن جو تعارف ڪرايو. سڀ کان پهريائين منهنجي نالي ٻڌايائين ته: ”هي عبدالواحد آريسر آهي، سائين جي. ايم. سيد جو سياسي جانشين ـ آءٌ ته صرف سائين جي مزار جو مجاور آهيان“ اُن تي محترمه چيو ته: ”آريسر صاحب! توهان جو نالو ته ڏاڍو ٻڌو اٿم، پر ڪڏهن ملاقات ڪانه ٿي آهي.“ مون کيس ٻڌايو: ”توهان سان ته نه، پر توهان جي نامور والد سان ملاقاتون ٿيون آهن.“ محترمه کي شايد خبر هئي ته ذوالفقار علي ڀُٽي جي دور ۾ آءٌ ڪافي وقت جيل ۾ رهيو آهيان، انهيءَ احساس تحت هوءَ چوڻ لڳي ته: ”آريسر صاحب! ڪلهه جا سياسي دشمن اڄ جا دوست ٿي سگهن ٿا، ۽ اڄوڪا سياسي دوست سڀاڻي جا دشمن ٿي سگهن ٿا.“ ان تي مون کيس احترام سان چيو هو ته: ”آءٌ جنهن شخص جو پوئلڳ آهيان، ان وٽ سياست ۾ اختلاف ۽ اتحاد ته ٿي سگهندا هئا، پر وٽس سياسي دشمنيءَ جو تصور نه هو، ڇو ته دشمني قبائلي سسٽم ۾ ئي ٿي سگهي ٿي. ”منهنجي ان ڳالهه تي بينظير مرڪي انگريزيءَ ۾ چيو:“
Mr Arisar you are correct!
اسان کي سياست ۾ اهڙي ئي روايت کي هٿي وٺرائڻ گهرجي.“ ان بعد هن چيو: ”بهرحال پاڻ وري ملنداسين.“
[ڪتاب: اُميد جو قتل، صفحو: 70،69]



_ تعزيتي تقريب ختم ٿي_ ۽ هن وڃڻ وقت مون کي چيو ته ”وري ملنداسين!“ ۽ واقعي هن پنهنجو اهو خيال مختلف ذريعن سان مون تائين پهچايو، جنهن ۾ پيپلز پارٽيءَ جا ٻه اهم اڳواڻ امر لعل ۽ بيگم اشرف عباسي اهم هئا، پر محترمه جي ذهن ۾ جيڪو منصوبو هو ۽ ان منصوبي جي عمل ڪرڻ لاءِ هن جيڪو ملڻ جو طريقيڪار اختيار ڪيو هو، نه اُن منصوبي جي تڪميل جي مون وٽ طاقت هئي ۽ نه ئي هن جي ملڻ جي طريقيڪار سان آءٌ متفق هيس. نيٺ هن جي انتهائي اصرار کان پوءِ مون سنڌ جو هڪ روايتي جواب کيس ڏياري موڪليو، جيڪو هو ته: ”محترمه! توهان سر شاهنواز جون پوٽيون آهيو ۽ منهنجي لاءِ احترام لائق آهيو، پر اسين رات جي اونداهين ۽ اڪيلائيءَ ۾ ڪنهن سان ناهيون ملندا!“ نتيجي طور اسان جي ملاقات نه ٿي سگهي.

[ڪتاب: اُميد جو قتل، صفحو: 72]


_ سنڌ جي تاريخ شاهد آهي ته سڪندر يونانيءَ کان وٺي مغلن جي حملن تائين، هن سرزمين جا جيڪي به بهادر وطن تان گهورجي ويا سي سنڌي ماڻهن لاءِ آزاديءَ جو پيغام ڇڏي ويا. سنڌ جي معلوم تاريخ ۾ اسان کي پهريون شهيد مهاراجا سهيرس ملي ٿو. جيڪو ايراني شهنشاهه هٿان موجوده بلوچستان جي سرحد تي نڙيءَ ۾ تير لڳڻ سبب شهيد ٿي ويو هو. پر سنڌي ماڻهن سندس پُٽ جي قيادت ۾ وڏي زوردار جنگ ڪري، سنڌ تي ايران کي قبضو نه ڪرڻ ڏنو.
مهاراجا ڏاهر جي شهادت کان پوءِ سنڌ جي ماڻهن سندس پُٽ ’ڏهرسين‘ جي قيادت ۾ سنڌ جي آزاديءَ جي جنگ جاري رکي_ ۽ دودي سومري جي شهادت کان پوءِ ساري سنڌ ’ماتمي لباس‘ پهرڻ شروع ڪيو، جيڪو اڄ به سنڌ جي قبيلن ۾ جاري آهي. دريا خان ۽ مخدوم بلاول جي شهادت کان پوءِ سنڌين اُنهن جي خون مان ڳاڙها جهنڊا ٺاهي، ٻن سئو سالن تائين جنگ ڪئي ۽ سنڌ جي هر ڳوٺ کي آزاديءَ جي جنگ جو مورچو بنائي ڇڏيو ۽ نيٺ سنڌين کي اٻوجهه ۽ اڻڄاڻ سمجهندڙ تاريخدانن جي نظر ۾ ايشيا جي سڀ کان وڏي سامراج مغل امپائر کي مٽيءَ ۾ ملندي ڏٺو، ۽ سنڌ آزاد ٿي وئي. اڄ ڪا مغلياڻي لکنو جي بالاخاني تي نظر ايندي، پر انهن مان ڪا به سموري ننڍي کنڊ ۾ نورجهان نه آهي.

[ڪتاب: اُميد جو قتل، صفحو: 83،82]



_ اها ڳالهه سنڌ جي سڀني پُٽن ۽ ڌيئرن کي سوچڻ گهرجي، ته ماڻهوءَ جو بوتو مٽيءَ جو پِنوڙو آهي، اهو ڪنهن وقت به ڳري ۽ ڀُري سگهي ٿو، پر جڏهن به هو ڪنهن ظالم جي مٿي ۾ سوراخ ڪري ٿو ته، ڪائنات جو ’وِهائو تارو‘ بنجي وڃي ٿو.

[ڪتاب: اُميد جو قتل، صفحو: 87]


_ نياز همايوني سنڌ جو وڏو شاعر هو، بقول شيخ اياز جي ته هو عوامي شاعر هو، کيس انگريزي اچي ها ته فلسفي کان مون وانگر واقف هجي ها ۽ مون کان وڏو شاعر هجي ها. نياز همايوني سنڌي ٻوليءَ جو بادشاهه شاعر هو، ڇو ته سندس شاعري ۾ چُڪ نه هوندي هئي، جڏهن ته وڏن شاعرن جي شاعريءَ ۾ چُڪون هونديون آهن- ويندي شيخ اياز جي شاعري مان به چُڪون ڪڍي سگهجن ٿيون، پر نياز همايوني جي شاعريءَ ۾ چُڪ جي گنجائش نه هوندي هئي. هو سنڌي ٻوليءَ جو وڏو شاعر هو، ڪميٽيڊ نظرياتي شاعر هو. زندگيءَ ۾ هڪ دفعي هن مون سان انڪشاف ڪيو شاعري بابت ته: ”جڏهن پٺاڻن ڪشمير تي حملو ڪيو هو، مون انهن تي هڪ شعر لکيو هو، هي منهنجي زندگيءَ جي وڏي غلطي آهي. آءٌ ان شاعريءَ تي پشيمان به آهيان. اُهو شعر ڪڏهن به آءٌ پنهنجي شاعري جي ڪتاب ۾ نه ڇپائيندس.“
نياز همايوني، سائين جي. ايم. سيد جو وڏو عاشق هو. سائين جي چاليهي تي کيس شاعري پڙهڻ لاءِ اسٽيج تي گهرايو ويو ته شاعري نه پڙهي سگهيو ۽ روئي پيو. نياز، شهيد الله بخش سومري جو پڻ وڏو مداح هو.

[نياز همايوني جي ورسي مناسبت سان سوشل ميڊيا لاءِ ورتل پيغام)، 3 جنوري 2011ع]


_ صادق فقير جي وڇوڙي جو ٻڌندي ئي آءٌ بي اختيار روئي ويٺس، ڇو ته سنڌ ٿر جي هڪ ٻاٻيهي فنڪار جي آواز کان هميشه لاءِ وڇڙي وئي، ۽ سنڌ کي موسيقيءَ جي دنيا ۾ ڏهاڳ ڏئي ويو، شيخ اياز چيو هو ته: ”جهڙي منهنجي شاعري آهي، انهي کي اهڙي ئي انداز ۾ صرف صادق ئي ڳايو آهي.“ واقعي جڏهن اياز جي وائي، نظم يا لوڪ گيت صادق جي آواز ۾ ٻڌندا هئاسين ته سنڌ بي اختيار جُهومي پوندي هئي. صادق سان منهنجو ناتو ازل کان هو، ڇو ته صادق ۽ آءٌ ٿر سان تعلق رکندڙ آهيون ۽ آءٌ جڏهن منهنجي نياڻيءَ اندرا جي سالگرهه ملهائيندو هئس ته ان پروگرام ۾ صادق، بغير فيس جي پنهنجي مڌر آواز سان پوري محفل کي جُهومائي ڇڏيندو هو. جڏهن خدا انسان جو بُت تراشيو ۽ ان بُت ۾ رُوح وڌو ته، ان جي اندران موسيقيءَ جو آواز ٻُڌڻ ۾ آيو، اهو آواز شايد صادق فقير جو سريلو آواز هو. صادق جي وڇوڙي مون کي جهوري وڌو آهي، انهيءَ ڪري لفظ ۽ آواز ساٿ نٿا ڏين، جو وڌيڪ آءٌ لکائي سگهان.

[صادق فقير جي وڇوڙي تي سوشل ميڊيا لاءِ ورتل پيغام]


_ حڪمرانن پاڪستان اهڙي ڳئون وانگر ورتو هو، جنهن جي لاءِ پهرين سوچيو ويو ته ڏُهي کائينداسون، پوءِ سوچيو ويو ته ڪُهي کائينداسون.

[تقرير مان کنيل ٽڪرو]



_ حقيقت هي آهي ته، سواءِ مدرسي جي شاگرديءَ جي ڪجهه عرصي واري سياسي زندگيءَ جي، جنهن ۾ آءٌ ۽ موجوده سنڌ جي چوٽيءَ جو شاعر ادل سومرو، ٻئي JUI جي شاگرد ونگ سان سلهاڙيل رهياسين، پوءِ اسان ٻنهي محسوس ڪيو ته اسين رُڃ ۾ ڀٽڪي رهيا آهيون، ان ڪري ان تنظيم کي ٻنهي ڄڻن ڇڏيو. ادل سومري قومي خدمت شاعريءَ ۾ سمجهي ۽ مون قومي خدمت سائين جي. ايم. سيد جي فڪر سان سلهاڙجڻ کي سمجهيو. ان تي فارسي شعر جو هي مفهوم ٺهي ٿو اچي ته: ”آءٌ ۽ مجنون ٻئي عشق جي اسڪول ۾ هئاسين، هو رڻ پٽن ڏانهن هليو ويو، ۽ آءٌ گهٽين ۾ رُسوا ٿي ويس.“

[ڪتاب: روءِ داد هڪ رات جي، صفحو: 10]


_ سياست، يونيورسٽي جي فيڪلٽيءَ ۾ ڀلي سائنس (Political Science) هجي، پر اها عوام ۾ کڻي وڃڻ کان پوءِ ’آرٽ‘ ٿي وڃي ٿي. ڪامياب سياستدان، (ڪامياب مان منهنجي مراد اليڪشن ۾ ڪامياب ٿي وزيراعظم ٿيڻ ناهي) اهو آهي، جيڪو ڪنهن به بدنصيب قوم جي خوش نصيب مستقبل جا پيغام ڇڏي وڃي.

[ڪتاب: روءِ داد هڪ رات جي، صفحو: 10]


_ فطري طرح مون کي جيڪا زندگي ملي، ان تي صبر ڪري ويهي رهڻ کپندو هو ۽ دل جي ويران رڻ پٽ ۾ ڪنهن گلستان پوکڻ جي جُسارت نه ڪرڻ کپندي هئي، پر اُها منهنجي خوش نصيبي هئي، جو مون کي سن جي سائينءَ جي محبت نصيب ٿي. اسين ٿر جا ماڻهو نه رڳو اَن جا بکايل، پاڻيءَ جا اُڃايل ۽ محبت کان وانجهيل هوندا آهيون، پر سيد وٽ مون کي بيپناهه محبت ملي، جيتوڻيڪ ان محبت ۾ ڪنهن نوجوان عورت جي گرم ڀاڪُرن جي تپش نه هئي، ۽ نه وري ڪنهن نشيلي ناريءَ جي نيڻن جا خنجر هئا، پر سانوڻ جي ڪڪر جو ڇانورو ۽ وڏ ڦڙي جي ٿڌڪار هئي، جنهن مون کي ڪارونجهر کان وٺي ڪشمور تائين جي ماڻهن جي هڪ عظيم خواهش ۽ دلڪش مقصد جي آرزوئن ۽ اُمنگن سان ڀرپور بنائي ڇڏيو، ۽ منهنجي دماغ ۾ خوبصورت زندگيءَ جون ڪئين جنتون جُڙي ويون، ۽ ڪيترائي ٽيڙو ٽانڊاڻن وانگر ٽمڪڻ لڳا ۽ اُها عظيم خواهش هئي سنڌ جي شاندار، باوقار، مالهان جي چُنريءَ جي رنگن جهڙي من موهيندڙ آزادي، انهي سلسلي ۾ هن ڏٻري جسم دنيا ۾ ايجاد ٿيندڙ هر عذاب ۽ اذيت جي لذت ماڻي.

[ڪتاب: روءِ داد هڪ رات جي، صفحو: 40]



_ حقيقت ۾ انڪار دنيا جي وڏي ۾ وڏي طاقت آهي. اهو انڪار ئي هيو، جنهن سُقراط کي زهر جو پيالو پيئڻ تي مجبور ڪيو، اهو انڪار ئي هيو، جنهن موسيٰ کان فرعون جي خدائيءَ کي غرق ڪرائي ڇڏيو، اهو انڪار ئي هيو لات ۽ منات کان، جنهن محمد رسول الله صلي الله عليه وسلم کي طائف جي واديءَ ۾ پٿرن سان چڪنا چور ٿيڻ تي مجبور ڪيو، ۽ اهو انڪار هُيو، جنهن سرمد کي اهو چوڻ تي مجبور ڪيو ته: ”ها، آءٌ اُگهاڙو رهندس، ڇو ته آءٌ مڇيءَ وانگر آهيان، ۽ مڇيءَ کي ڪوئي لباس نه ٿيندو آهي.“ ۽ اهو انڪار ئي هيو، جنهن سورهيه بادشاهه کي سُوريءَ جو سينگار بڻجڻ لاءِ تيار ڪيو. ها، اهو انڪار ئي هيو، جنهن الهه بخش سومري کي انگريزن جي لقبن کي لت هڻي گوليءَ جي خوبصورت موت کي قبول ڪرڻ لاءِ همٿايو ۽ ڇا اُها انڪار جي اعليٰ ترين شڪل نه هُئي، جنهن سيد جهڙي ماڻهو کي اڪيلي سر پاڪستان جي جابر ترين قوتن سان ٽڪر کائڻ لاءِ تيار ڪيو.
عام طرح ماڻهو چوندا آهن ته، لشڪر ۽ خزاني کان سواءِ بادشاهه ٿيڻ مشڪل آهي، هنن جي ذهنن ۾ لشڪر ۽ خزانو خارجي قوتون هونديون آهن، پر دنيا جي نوجوان مردن ۽ عورتن جي ڪونڀٽ جي ٻُور جهڙين دلين تي راڄ ڪندڙ انسانن جا خزانا- لشڪر انهن جي اندروني دنيا ۾ لڪيل هوندا آهن. تاريخ جي تسلسل جي انهيءَ انڪار جي مئخاني مان مون به شايد ڪوئي جام لِڪ چوريءَ ۾ پي ورتو هوندو، جنهن مون کي هن مرحلي تي عذابن سان منهن مقابل ٿيڻ جو ايڏو شوق بخشيو، جهڙو محبوب جي اڻ ڇُهيل چپڙن کي چمڻ جو شوق عاشق کي هوندو آهي.

[ڪتاب: روءِ داد هڪ رات جي، صفحو: 41]