مهاڳ
ڇا ان شخص جي عظمت صرف ايتري هُئي، ته هن ڪڏهن به هٿڪڙين وارن هٿن سان معافي نامو نه لکيو؟
ڇا ان شخص جي وڏائي فقط اها هئي ته هن جي قول ۽ فعل ۾ ڪڏهن ڪنهن کي تِر جيترو تضاد نظر آيو؟
اهي ته هن جي حوالي سان معمولي ڳالهيون هُيون، اهي ڳالهيون هن ڪڏهن ڪنهن انٽرويو ۾ نه ڪيون. هو هام هڻڻ وارو ماڻهو ئي نه هو. هن ڪڏهن ڪنهن انٽرويو ۾ پنهنجي قربانيءَ جو ڪو تذڪرو نه ڪيو. هن جڏهن به ڳالهايو تاريخ جي تناظر ۾ سماج تي ڳالهايو. هن جي لاءِ سياست ذاتي ترقيءَ جي سيڙهي نه پر اجتماعي تبديليءَ جي صدا هئي، ۽ هن اهي صدائون ايتريون ورجايون، جو هو پاڻ هڪ صدا ٿي ويو، اها صدا جيڪا ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين ۽ ڪراچيءَ جي ڇُلندڙ ساگر کان وٺي جيڪب آباد جي جلندڙ آسمان تائين پوري سنڌ ۾ ان پکيءَ وانگر اُڏامندي هئي، جيڪو پنهنجي رک مان وري ٻيهر جنم وٺي اُڏامندو آهي.
ڪڏهن ڪڏهن ته اهو محسوس ٿيندو هو، ته ڄڻ سياست هن جو قيد هئي. ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳندو هو ته ڄڻ هن عملي سياست لاءِ جنم نه ورتو هجي. هو ان لاءِ هن ڌرتيءَ تي آيو هو، ته جيئن مُئل جذبن کي پنهنجي موسيقيءَ جهڙي آواز سان جيئاري سگهي. هو بنيادي طور تي هڪ تخليقي دل ۽ تخيلاتي ذهن جو انسان هو. جيڪڏهن سنڌ ۾ قومي تحريڪ کي مناسب قيادت ميسر هجي ها ته هو جلسن ۾ جذبا اڀارڻ واريون تقريرون ڪرڻ بدران پنهنجي قلم سان سنڌ جي تقدير کي تبديل ڪرڻ واريون تحريرون لکندو رهي ها. هن کي ڪتابن سان عشق هو. هو من پسند ڪتاب جي صفحي کي ايتري نفاست سان ورائيندو هو، جيئن ڪو عاشق پنهنجي محبوب جي ڳلن تان وارن جي چڳ هٽائيندو هجي! پر هن کي اهڙيون حالتون نه مليون، جو هو سنڌ جي ماضي ۽ حال کي ملائي، ان روشن مستقبل کي تخليق ڪري سگهي، جنهن جو هن کي ايترو يقين هو، جيترو يقين رات جي پوئين پهر کي صبح جي سرخيءَ جو هوندو آهي. هو عملي سياست جي عذاب ڀرين رَوين جو زهر پيئڻ لاءِ صرف ان ڪري تيار ٿيو، ڇو ته سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ ليڊرشپ جي حوالي سان ڪو متبادل نه هو.
هن جا عهدا ته ازل ۾ هئا. هو قيادت کي ڪو اعزاز نه سمجهندو هو. هن لاءِ ليڊرشپ ان صليب جيان هئي، جنهن تي يسوع مسيح خدا سان مخاطب ٿيندي چيو هو ته: ”اي منهنجا رب! مان تنهنجو شڪر گذار آهيان، جو هن آزمائش لاءِ تو منهنجي چونڊ ڪئي آهي.“ قومي تحريڪ جو عهدو ڪنهن جي لاءِ ننڍڙو تاج ۽ قومي تحريڪ جي ڪرسي ڪنهن جي لاءِ ننڍڙو تخت هوندي! پر هن لاءِ ليڊرشپ سدائين ان صليب جيان رهي، جنهن کي هو پنهنجي وجود مان وهندڙ رت سميت ڳهليندو رهيو، انهن گهٽين ۾، جن گهٽين لاءِ اياز لکيو هو ته:
”رستو ڪُهاڙو،
توڙي ٻنهي پاسئين،
پرينءَ جو پاڙو.“
هن لاءِ قيادت ڪهاڙيءَ جي ڌار هئي. ۽ وڍيل پيرن سان آخري ساهه تائين وڌندو رهيو! جيڪڏهن سائين جي. ايم سيد سنڌ جو سقراط هو ته عبدالواحد آريسر قومي تحريڪ جو معصوم مسيح هو!!
هو جيڪو انڙآباد جي ستارن ڀري آسمان هيٺان ويهي اياز جا اهي ٻول جهونگاريندو هو ته:
”هو مون کان ڇا لاءِ ڊڄن ٿا؟
مون وٽ پيار سوا ٻيو ڇاهي!“
هن وٽ پيار سوا ٻيو ڪجهه به نه هو، پر جنهن وٽ پيار هجي ۽ ايترو پيار هجي، جيترو دهشت ڀرئي درياهه ۾ ترندڙ سهڻيءَ وٽ هو ته هن کي ٻيو ڇا گهرجي؟ ان ڪري هن ڪڏهن به طلب جي تمنا نه ڪئي. هو پاڻ ۾ پورڻتا جو اهڙو عظيم احساس هو، جنهن کي دنيا جي ڪشش ڪڏهن به راهه تان ٿيڙي نه سگهي. هو قومي تحريڪ جو ڪاڪ ڪڪوريو ڪاپڙي هو! جڏهن سنڌ غلاميءَ جي چڪڻ مان چڙهي، تڏهن اها ان شخص جو پورو رُوپ پسي سگهندي، جنهن سدائين سُوريءَ تي نينهن جا نعرا هنيا. هو جيڪو ائين تحرير ڪندو هو، جئين باغيءَ جي هٿن ۾ خودڪار هٿيار هلندو آهي. هو جيڪو ائين تقرير ڪندو هو، جيئن آتش فشان جبل ڦاٽندو آهي. هو غلامين کي غرق ڪندڙ غرور واري حُسن جو امين اڳواڻ هو. هو پنهنجي نازڪ وجود سان هڪ سرڪش سالار هو. هن قلم کي ائين کنيو هو، ڄڻ ته اها درياهه خان جي تلوار هجي. هن عشق واري ويڙهه ۾ ڪڏهن به پاڻ کي ڍال نه ڍڪيو. اڪثر ماڻهو اهو سمجهندا آهن ته هو بنيادي طور تي هڪ باغي اڳواڻ هو. هن کي هٿيارن سان وڏو چاهه هو ۽ هن کي مزاحمت سان محبت هئي. هن پاڻ کي مليل جدوجهد جي ذميواري وڏي شان ۽ مان سان نڀائي، پر آرهڙ جي آڪاس هيٺان جلندڙ جبل جهڙو شخص اصل ۾ ماڪ ۾ ڀنل گلن جي اها ٽاري هو، جيڪا ڀيڄ ڀنيءَ ۾ پوپٽن جو انتظار ڪندي آهي. هن سموري زندگي جدوجهد سنک ڦوڪيا، پر اصل ۾ هو محبت جو ڪومل ۽ مٺڙو گيت هو! اهو گيت، جيڪو ڳائڻ جي لاءِ هن پنڇيءَ جهڙي پياري ماڻهو ڌرتيءَ تي جنم ورتو هو ۽ هو آخر تائين ٽئگور وانگر اهو گيت نه ڳائي سگهيو، ڇو ته سنڌ جي سياسي ميدان ۾ هلندڙ ويڙهه هن کي ايتري فرصت ئي نه ڏني، جو هٿيار رکي ساز کڻي ۽ تار کي ڇيڙي، ان ۾ پنهنجي اندر جو ارمان اوتي سگهي.
”ڌرتي ڪوئي دان،
مون کان گيت رُسي ويا،
ڪڍندي ورهيه لڳي ويا،
ڪک منجهاران ڪان،
ڌرتي ڪوئي دان،
مون کان گيت رُسي ويا.“
هو سنڌ جو پهريون ۽ شايد آخري تخليقي دل ۽ تحقيقي ذهن رکندڙ اڳواڻ هو. هو جيڪو هڪ ٻار کان وڌيڪ حساس پر پنهنجي سهپ ۾ فولاد جهڙو مضبوط مڙس ماڻهو هو. منصور مزاريءَ هن تي ڪجهه لکڻ بدران هن جي لفظن جي هن کي ڀيٽا پيش ڪئي آهي، ڇو ته هن جي شان وٽان اهڙا لفظ ڪٿان ايندا؟ جيڪي هن جو اهو عظيم رُوپ پسائي سگهن، جنهن کي پورو پسڻ لاءِ سنڌ کي ڪارونجهر جي سارڌڙي نامي جهرڻي مان نيڻ ڌوئڻا پوندا. اها سنڌ جيڪا هن کي وڃائي ويٺي آهي، اها سنڌ هن کي ائين ياد ڪندي جيئن ڪنهن مغربي ليکڪ لکيو آهي ته: ”اي منهنجا محبوب! تون اسان کي جڏهن به ياد ايندين، اسان کي اسان جا گناهه ياد ايندا“
مان منصور مزاريءَ جو شڪر گذار آهيان ته هن جي مرتب ڪيل ڪتاب جو مهاڳُ لکڻ سبب مون کي ان عظيم انسان جي عظمت کي هڪ ڀيرو وري ڀِنل اکين سان ڏسڻ جو موقعو ميسر ٿيو، جيڪو منهنجو محبوب دوست به آهي.
اهو اجرڪ جهڙو انسان سنڌ جي سونهن ۽ سنڌ جو سچ هو، جنهن کي صرف لطيف جي انهن لفظن ذريعي ئي ڀيٽا ڏئي سگهجي ٿي ته:
کنڀ نه کاري تنهن کي، جو هالاري هوءِ،
توڙي ڌوٻي ڌوءِ، ته به لالي ان جي نه لهي.
ــ اعجاز منگي
ڪراچي
___________
3 جون 2015
رات جو ساڍا 10 وڳا