لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

جديديت پڄاڻان

سنڌي ادب ۾ پنهنجي نوعيت جو هي پهريون ڪتاب آهي جيڪو سوشيالاجي ۽ ادب جي شاگردن، محققن ۽ عام پڙهندڙن لاءِ نهايت ڪارائتو ثابت ٿيو آهي. ڊاڪٽر غفور جون تحريرون حالتن جي مطابق، روح کي ڇهندڙ، گهري ڄاڻ، عالمي سطح جي فڪر، مڃيل دليلن ۽ وقت جي سچائيءَ سان ڀرپور هونديون آهن. جنهن ڪري پڙهندڙن ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي وٺن ٿيون.
هن ڪتاب جي خاص ڳالهه اها آهي ته هن ۾ جديديت پڄاڻان جي تحريڪ، تحرڪ ۽ لاڙي ۾ ڪتب ايندڙ جا اصطلاح سمجهايا ويا آهن. يعني هڪ طرح سان هيءُ بنيادي ڪتاب آهي.
Title Cover of book جديديت پڄاڻان

مهاڳ

[b] اڪبر لغاري
ڪراچي
[/b]
پروفيسر ڊاڪٽر غفور ميمڻ صاحب سنڌ جي انهن ذي شعور ۽ عالم ليکڪن منجهان آهي جيڪي پي ايڇ ڊي ڪرڻ کان پوءِ به پڙهڻ ۽ لکڻ جو سلسلو جاري رکن ٿا. اصل تحقيق ٿيندي ئي ڊاڪٽريٽ ڪرڻ کان پوءِ آهي. ڊاڪٽر صاحب سنڌي ادب تي گھري نظر رکڻ سان گڏ، عالمي ادب، نفسيات، فلسفي، جديد سائنس کان ويندي فڪري توڙي ادبي تحريڪن جو به مسلسل مطالعو ڪندا رهن ٿا. نه صرف مطالعو پر هو ان تي گھڻو سوچين ۽ لوچين به ٿا. زيرِ نظر ڪتاب، سندن مشاهدي جي گھرائي، مطالعي جي وسعت ۽فڪري پختگي جو ناقابلِ ترديد ثبوت آهي.
عقل ۽ فهم جي بالادستي جيڪا ڊيڪارٽ، لاڪ، هيوم، والٽيئر، هيگل، مارڪس وارن قائم ڪئي هئي (جنهن کي فڪري جديديت چئجي ٿو)، ان کي وجودين، جديديت پسندن، پسِ ساختياتين ۽ مابعد جديديت پسند ڏاهن اچي للڪاريو. انهن سڀني ۾ طاقتور آواز مابعد جديديت جو آهي جيڪا ڪنهن به آفاقي سچ کي مڃڻ لاءِ تيار ئي ناهي ۽ هر قسم جي سياسي، سماجي، اخلاقي توڙي مذهبي نظامن جي هڪ هٽي کي للڪاريو بيٺي آهي.
ڇا ڪا ڳالھ يقين (certainty) سان چئي سگھجي ٿي؟ ڇا ڪو تشخص اڻ تبديل ٿيندڙ آهي؟ ڇا ڪو سچ آفاقي آهي؟ ڇا ڪو سونهن جو هڪڙو مڃيل معيار آهي؟ انهن سڀني سوالن جو نفي ۾ جواب ڏيڻ وارو فلسفي دريدا آهي؛ جنهن رد تشڪيل جو طريقو وضع ڪيو. هو چوي ٿو ته، ڪنهن به فڪر يا ادبي متن کي جڏهن مختلف قاري پڙهن ٿا ته مختلف معنائون جنم وٺن ٿيون جيڪي ڪڏهن ڪڏهن متنوع ۽ متضاد پڻ هونديون آهن. تنهنڪري متن جي ڪا به حتمي ۽ مستند معنيٰ نه ٿيندي آهي. ساڳي حالت تشخص ۽ آفاقي سچ جي به آهي. ڪٿي ڪو آفاقي سچ آهي يا نه؟ دريدا وٽ ان جي ڪا به اهميت ناهي؛ دريدا چوي ٿو ته سچ بيان ڪرڻ لاءِ اسان ٻولي جو سهارو وٺون ٿا جيڪا حتمي معنيٰ بيان ڪرڻ کان قاصر آهي. هن جي فڪر جو مرڪزي نقطو آهي ته جڏهن اهو ذريعو جنهن وسيلي اسان سچ بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا اهو ئي هڪ هنڌ بيٺل ناهي ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته سچ آفاقي ٿي سگهي ٿو؟ توڙي جو دريدا جي ان فڪري نقطي تي گهڻو بحث ٿيو ۽ ڪجهه ڏاهن ان کي رد ڪرڻ لاءِ دليل بازي پڻ ڪئي، پر کيس رد ڪندڙ پڻ مڃي ويٺا ته هو پنهنجي جاءِ تي معتبر ۽ مڃڻ لائق ڳالهه ڪري ٿو.
ڏسون ٿا ته اڄوڪي مابعد جديد ادب، ڊرامي، فلم۽ مصوري ۾ اهو معلوم ڪرڻ ڏکيو ٿيندو پيو وڃي ته آيا هي ادب، ڊرامي، فلم توڙي مصوري جا نمونا افسانوي آهن يا حقيقي. ڇو ته ناولن ۽ ڊرامن ۾ حقيقي واقعن جي پيوندڪاري اهڙي طريقي سان ڪئي وڃي ٿي جو افسانوي شيون به حقيقي لڳن ٿيون يا وري حقيقي شيون افسانوي لڳن ٿيون. اهڙي طريقي سان حقيقت جو تصور ڌنڌلائجي وڃي ٿو يا اهو ماڳهين پس منظر ۾ هليو وڃي ٿو. حقيقت جو ائين خيالن سان وڃائجي وڃڻ ئي مابعد جديد ٿيوري جي صورتحال کي پڌرو ڪري ٿو. اهڙي طرح مابعد جديد ادب پڻ پروفيسر موهن سنگهه جي خيال وانگر ٿيندو پيو وڃي جنهن ۾ هن چيو هو ته،
“رب اڪ گنجلدار ڳجهارت،
رب اڪ گورک دهندا،
اس دي گنجل کولڻ لگيان،
ڪافر هوجائو بندا...
ساڳي ڪڇان تا ڪافر واري ڪار آهي.
مابعد جديديت جا ڪيئي لقاءُ آهن جيڪي ڊاڪٽر غفور ميمڻ صاحب پنهنجي برجستي قلم ذريعي اسان تائين پهچايا آهن. هن مابعد جديد نظريي توڙي مابعد صورتحال کي ڏاڍو خوبصورتي سان سمجهايو آهي. نظريي سان ته ڏه ڀيرا اختلاف ڪري سگھجي ٿو پر صورتحال جو ڇا ڪجي؟
مابعد جديد صورتحال ڏاڍي ڀوائتي آهي جيڪا مها ٻوڏ وانگر اسان جو سڀ ڪجهه لوڙهي هاڻي اسانجي جهڙوڪر گھرن ۾ به ڪاهي پيئي آهي يا ائين کڻي چئون ته هيءَ صورتحال سئو پيري بلا وانگر اسان جي وجود کي وڪوڙي ۽ نپوڙي رهي آهي. ميڊيا جي ذريعي اسان جي ذهنن کي سوچڻ کان روڪيو پيو وڃي. هاڻي جيڪو ميڊيا جو موقف هوندو اسان کي ان کي ئي مڃڻو پوندو. عجيب مصنوعي طريقن سان متاثر پيو ڪيو وڃي جو اسان کي خبر به نٿي پوي. اسان گهر ڦرائي به خوش ويٺا آهيون. اسان جي خواهشن کي ضرورت بنائي پيش ڪيو وڃي ٿو جنهن جي نتيجي ۾ اسان مارڪيٽ ڏانهن ڊوڙ پايون ٿا ۽ وڏي خوشي سان پنهنجا کيسا خالي ڪري موٽي اچون ٿا. وڌيڪ ڪمايون ٿا ۽ وڌيڪ خرچ ڪريون ٿا، خواهشون پئدا ڪيون وڃن ٿيون، اهي خواهشون جن جو ڪو انت ئي ناهي. انهن بي انت خواهشن جو اڻ کٽ خال ڀرجي ئي نٿو؛ نه ڪو وري ڀرجڻو آهي. اهڙي صورتحال ۾ بئنڪن جا نمائنده اسان جي در تي ٺڪ ٺڪ ڪري اسان کي قسطن تي ڪار ۽ ٻيو سامان خريد ڪرڻ لاءِ آماده ڪن ٿا. ڪريڊٽ ڪارڊ وسيلي نوان ڄار وڇائي اسان کي ڦاسايو وڃي ٿو. خوبصورت اشتهار ڏسي اسان نوان گھر قسطن تي وٺڻ جي چڪر ۾ لڳي وڃون ٿا. وائيٽ ڪالر ايم بي اي مزدور؛ ڪوٽ ۽ ٽائي لڳائي هٿرادو مرڪ چپن تي چنبڙائي پنهنجي آقائن لاءِ کن ۾ اسان کي ڦري سڃو ڪري سگهي ٿو. نتيجي ۾ اسان هر طرف کان قرضن جي گھيري ۾ اچي وڃون ٿا. قرض لاهڻ لاءِ وري ٻيو قرض کڻون ٿا. اسان بي خبري ۾ شين جا ۽ اڻ سڌي طرح بي رحم سرمائيدار جا غلام بنجي وڃون ٿا. سرمائيدار خواب جي نالي ۾ سراب وڪڻي ٿو ۽ اسان زندگي ۽ آزادي جي قيمت ڏئي اهو سراب خريد ڪريون ٿا. خوشي پنهنجو آجپو ۽ اميدون، خوشيون ۽ راحتون، چاهتون ۽ پيار، وصل ۽ وڇوڙا وڪڻي فرد مان هڪ مشين ٿي جيئڻ تي مجبور ٿي وڃون ٿا. اهو تصوير جو صرف هڪ هلڪو رخ آهي جڏهن ته تصوير جو ٻيو رخ ڏاڍو خوفناڪ آهي.
سرمائيدار دنيا جنهن جا مهندار آمريڪا، انگليڊ، جرمني، فرانس، جاپان ۽ اٽلي آهن انهن تي حڪمراني ڪندڙ بيشمار خفيه هٿ آهن جن جي مرضي سان اهي ملڪ پنهنجون پاليسيون ٺاهين ٿا جن جو مقصد صرف ۽ صرف منافع خوري ۽ سرمائي ۽ وسيلن جو حصول آهي. ورلڊ بئنڪ ۽ آءِ ايم ايف انهن سرمائيدارن جا ايجنٽ آهن جيڪي گھڻ قومي ڪمپنين جا ناديده مالڪ آهن. عالمي مالياتي ادارا غريب ملڪن کي قرضن ۾ ڦاسائي انهن جو سرمايو مغرب ۾ منتقل ڪرائين ٿا. تيل ۽ معدنيات حاصل ڪرڻ لاءِ ، معدني وسيلن وارن ملڪن تي غير ضروري ۽ تباه ڪن جنگيون مسلط ڪن ٿا ۽ انهن ملڪن جو سڀ ڪجهه ڦٻائي اوڳرايون ڏين ٿا. عراق، افغانستان، لبيا وغيره انهن فضول جنگين جي ور چڙهيل جيئرا جاڳندا مثال آهن. وچ اوڀر جي تيل تي اجاره داري قائم ڪرڻ لاءِ انهن تي پابنديون لڳائڻ ته انهن جي کاٻي هٿ جو کيل آهي. اهو سڀ ڪجھ ڪي جاهل ماڻهو نه پر وڏين يونيورسٽين جا اعليٰ تعليم يافته ماهر ڪن ٿا جيڪي وڏي معاوضي تي پنهنجون صلاحيتون وڪڻن ٿا ته جيئن سرمائيدار جي ٽجوڙي ويران وير وڌ هجي. جهڙوڪر انهن سکيو ئي سرمائيدار جي ٽجوڙي ڀرڻ جو هنر آهي. هنن جو ايجاد ڪيل نعرو ملڪين مشهور ٿيو آهي ته، “پاڻ کي وڪري لائق بڻايو” پاڻ وڪڻو، ٻين کي ڦريو سرمائيدار جي پوري ڪيو. ٽڪو پنجو توهان جو به ٿي ويندو. غريب جو ڇا ٿيندو؟ اهو سوچڻ سرمائيدار جي ڊڪشنري ۾ گناهه آهي. ان تي سوچڻو ئي ناهي. بلڪه ڪنهن به معاملي تي ناهي سوچڻو، جي سوچڻو آهي ته صرف ان تي ته سرمايو ڪيئن ٻيڻو، ٽيڻو ڇا بلڪه ڏهوڻو ڪيئن ڪرڻو آهي؟ دنيا ۾ وڏا ٿنڪ ٽئنڪ آهن. انهن جو ڪم ٽين دنيا جي ملڪن کي نه نظر ايندڙ غلامي جي ڄار ۾ ڦاسائڻ کانسواءِ ڪجهه ناهي.
اڄ قومن وٽ قدر ناهن، ثقافت جي اهميت ناهي، ادب بي معنيٰ آهي، تاريخ کي هڪ وڃايل ٻارڙي وانگر وساريو ويو آهي. هن صورتحال ۾ تعليم جو مقصد به بدلجي ويو آهي. اڳ تعليم انسان کي روشن خيال، انسان دوست ۽ هڪ سٺو ماڻهو بنائڻ لاءِ ڏني ويندي هئي پر اڄ اها انسان کي پئسو بنائڻ جي مشين ٺاهڻ جي ڪم اچي ٿي. فرد مشين بڻجي ڪم ڪري ٿو. احساس وڪامن ٿا، خواب يرغمال بڻجن ٿا، جذبا بي معنيٰ وکر بڻجي ويا آهن. ادب، ثقافت ۽ تاريخ ٽين دنيا جي ملڪن جا معاملا وڃي رهيا آهن. وڏا ملڪ فلم وسيلي مائينڊ سيٽ تبديل ڪن ٿا. يا اسٽيفن ڪووي ٽائيپ سوڪالڊ دانشور تيار ڪن ٿا. جيڪي اسان کي ٻڌائيندا ته دنيا ۾ خوش ڪيئن رهبو؟ ڪاميابي ڪيئن ماڻبي؟ هنن جي نظر ۾ اسانجي ڪاميابي انهيءَ ۾ ئي آهي ته اسان ڪو سوال نه اٿاريون. ڪو احتجاج نه ڪيون. جيڪو ٿئي ٿو ٿيئڻ ڏيون. مابعد جديد صورتحال موجب اسانجي ڪاميابي انهيءَ ۾ ئي آهي.
ڊاڪٽر غفور صاحب پنهنجي هن ڪتاب ۾ مابعد جديد صورتحال جا مختلف نمونا ڏنا آهن. مارڪس جي ٻن تضادن مان هڪ جي کٽڻ ۽ ٻي جي هارائڻ واري ڳالهه جي حوالي سان سندس اهو چوڻ بلڪل درست آهي ته “جديديت پڄاڻان چوي ٿي تضادن جو بنياد ۾ ٽڪراءُ نه آهي اها ته انفرادي وجود جي بقا آهي، جن ۾ ڳالهين ۾ اختلاف آهي انهن کي ڇڏيو، جتي گڏ ٿي سگهون ٿا اتي اچو ته گڏ ٿيون . مثال توهان جو ڪم بم ٺاهي ماڻهو مارڻ آهي ، منهنجو ڪم ماڻهن جو دوا درمل ڪرڻ آهي، پر اسان ٻنهي کي پاڻي پيئڻ يا ماني کائڻ ۾ ڪوبه اختلاف ڪونهي؛ پوءِ اچو ته انهيءَ هڪجهڙائي تي گڏ ٿيون. باقي اسان جي اختلافن تي هڪ ٻئي سان ڪوبه سروڪار نه هجڻ کپي. جديديت پڄاڻان win+ win جو فلسفو ڏئي ٿي. هارائڻو ڪنهن کي ڪونهي ، ٻنهي کي کٽڻو آهي. هاڻ مزدور به خوش ته سرمائيدار به خوش پوءِ انقلاب ڪٿان ايندو؟” اصل ۾ مابعد جديديت انقلابي سوچ کي ئي ته مڏو ڪرڻ گهري ٿي. ۽ هوءَ ان ڏس ۾ اڃا ته ڪنهن کي وٺ نٿي ڏئي.
ڊاڪٽر صاحب جي هن ڪتاب سان پڙهندڙن کي سکڻ ۽ سوچڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ملندو. خاص طور هيءُ ڪتاب اهڙن شاگردن ، استادن توڙي عام پڙهندڙن لاءِ هيءُ ڪتاب انتهائي اهم آهي؛ جيڪي مابعدجديدت کي سمجهڻ چاهين ٿا.