پنهنجي پاران...
هر ماڻهو جي پنهنجي راءِ آهي ۽ هر ماڻهو جي پنهنجي وصف آهي . عام طور سان جديديت پڄاڻان جي ڪا به وصف ناهي. ڪا تعريف ناهي ڇو ته وصف لاءِ ڪنهن به شيءِ کي سندس ماضي سان رشتو ڳنڍڻو پوندو آهي پر جديديت پڄاڻان پنهنجي رشتو ماضي سان نٿي جوڙي اصل ۾ اهو ئي سندس وجود جو جواز آهي ته جديديت پڄاڻان بلڪل نئون Episteme آهي. هي اصطلاح پهريون دفعو مشل فوڪو (Michel Foucault) استعمال ڪيو هو. جنهن جو مطلب هو ته دنيا کي سمجهڻ لاءِ هر دور جو جيڪو نڪتهءِ نظر نفسياتي ساخت ۽ نظريا هوندا آهن انهن کي ان دور جي ايپسٽيم چئبو آهي. جديديت پڄاڻان بلڪل هڪ نئين ايپسٽيم آهي. جنهن جو تعلق ماضي سان ناهي بلڪ جديديت پڄاڻان وارن جو خيال آهي ته ماضي جي سڀني نظرين ،فلسفن، مذهبن دنيا کي سمجهڻ ۾ غلطي ڪئي آهي ، بلڪ دنيا کي سمجهڻ ۾ بري طرح ناڪام ويا آهن. هاڻي جو سماج بلڪل نرالو آهي هر دستور جي ابتڙ آهي. جنهن کي ايلين ٽافلر فيوچر شاڪس جو دور چيو هو. مثال اڳ ماڻهو شراب پي هينگ اوور ٿيندو هو، هاڻ هينگ اوور ٿي پوءِ شراب پئي ٿو. اڳ ماڻهو شريف عورت سان گهر گرهستي ٺاهڻ لاءِ شادي ڪندو هو هاڻ لست لاءِ، دولت۽ شهرت لاءِ طوائف يا زمانه بدنام سان شادي کي ترجيع ڏي ٿو. گهٽ ۾ گهٽ شريف عورت پردي دار جا رشتا گهٽ ئي اچن ٿا. اڳ بزرگ جي عزت ڪئي ويندي هئي هاڻ ڇورو وات ڳاڙهو هيرو آهي ۽ بزرگ اولڊ ايج هائوس ۾ ڇڏيو اچن. اڳ علم جو دور هو هاڻ معلومات جو دور آهي. اڳ قدر هئا؛ هاڻ واپار آهي. اڳ ماڻهو ۾ همدردي ، پيار جهڙا ڳڻ هئا؛ هاڻ ماڻهو مرون کان به اڳرو آهي. اڳ ڪچهريون هيون ، مهمان نوازي هئي، هاڻ ڪنهن وٽ وقت ڪونهي، سڀ مارڪيٽ جي رحم وڪرم تي آهن. اڳ اصلي شيون ۽ کاڌا هئا. هاڻ مڪمل نقلي ، فارمي شيون آهن. اڳ فاصلا طبعي هئا هاڻ فاصلا ذهنن جا آهن.
جيڪڏهن غور سان ڏٺو وڃي ته اسان يورپ ۾ سجاڳي واري دور جي نظرين جي بنياد تي هلي رهيا آهيون ، جنهن ۾ مادي دنيا جي اهميت وڌيڪ آهي. خود ڪارل مارڪس به جديديت جي دور جو تسلسل هو. هن جدلياتي ماديت جو نظريو ڏئي ڊيڪارٽ جي ثنويت واري نظريي مان مادي کي چونڊي ورتو. پر ڊيڪارٽ جي ثنويت جي ٻي حصي کي نظر انداز ڪري ڇڏيو. اڳتي هلي نيٽشي انهيءَ ماديت جي دنيا کي سمجهڻ لاءِ تمام روحاني، مذهبي عقيدن جي مخالف ڪري خدا کان بغير دنيا جي تشريح ڪئي . هن انسان جي هر سهاري کي رد ڪري انسان کي پنهنجي دنيا جو خود خدا ٿيڻ جو بنياد وڌو. اڃا اڳتي هلي هائيڊيگر زندگي جي بنياد کي سمجهڻ لاءِ موت کي اهم قرار ڏنو. هن جو خيال هو ته انسان جي بنيادي خواهش وجود ۾ اچڻ جي ناهي بلڪ عدم ۾ اچڻ جي آهي .يعنيٰ تمام زندگي جا محرڪ زندگي جي امنگن ۾ لڪيل ناهن بلڪ موت ۾ لڪيل آهن . انسان جيڪي ڪجهه ڪري ٿو اهو موت جي ڪري ڪري ٿو زندگي جي ڪري نٿو ڪري. اهي اهڙي بنياد هئا جن دنيا ۾ نئين سري سان فلسفين کي سوچڻ لاءِ مجبور ڪيو. ڪارل مارڪس جي سوشلسٽ نظريي سان ڪي به اختلاف ناهن . اڄ به دنيا کي غير طبقاتي نظام جي ضرورت آهي پر ڪارل مارڪس جي فلسفه ماديت جو بنياد انسان کي انسان ۾ ازلي بوريت ۽ بيزاريت پيدا پيو ڪري . ته آخر انسان جو جوهر مادي حصول ۾ آهي؟ ڇا دنيا جا سک سهوليتون انسان جي بي چين وجود کي هميشه لاءِ ٿانيڪو ڪري سگهن ٿيون ؟ جي ائين هجي ها ته گوتم ٻڌ پنهنجو محل نه ڇڏي ها. سقراط زهر جو پيالو نه پئي ها. خود مارڪس ايڏيون اذيتون برداشت نه ڪري ها. ڪجهه ته آهي جيڪو مادي کان بالاتر آهي، انهيءَ جو مطلب اهو هرگز ناهي ته مُلا صحيح آهي، اصل ۾ اسان وٽ انهيءَ غلط فهمي جو بنياد پيل آهي ته روحانيت جي معنيٰ مذهب ورتي ويندي آهي. حقيقت اها آهي ته روحانيت الڳ آهي مذهب الڳ آهي ۽ خدا جو تصور الڳ آهي. انهن ٽنهي عنصرن کي گڏڻ جي ڪوشش به نه ڪجي. جهڙي طرح جديد دور روحانيت کي ختم ڪري مادي دنيا جو بنياد وڌو. اهڙي طرح جديديت پڄاڻان سوفسطائيت کي جنم ڏئي مرڪز کي ٽوڙي ڇڏيو، هاڻي ڪوبه نظريو ڪارگر ناهي، ڪابه تاريخ،ڪلچر ۽ قدر ناهن. جديديت پڄاڻان بلڪل ٻڙي کان شروع ڪري ٿي . تنهن ڪري ممڪن آهي ته اسان هن دور کي سمجهڻ ۾ غلطي ڪري ويهون. تنهن جي باوجود به انسان پنهنجي هزارن سالن جي تاريخ ۽ قدرن کان بلڪل عاري ٿي وڃون اهو ناممڪن آهي. انسان جي مڪمل وجود کي سندس تاريخ ، قدر گهيريو بيٺا آهن، انهن کي الٽو ڪرڻ شايد انسان جي وس ۾ ناهي، اها ڳالهه ضرور اهم آهي ته انسان جهڙي تڪڙين تبديلين کي منهن ڏئي رهيو آهي. جيئن فطرت کان بي دخل ٿي رهيو آهي، اصليت کان بي نياز ٿي رهيو آهي، رشتن ناتن، جذبن ۽ احساسن کان منهن موڙي رهيو آهي. ته شايد جلدي انسان پاڻ وڃائي ويهندو. بلڪ انسان اجتمائي روحاني خود ڪشي ڪندو باقي صرف مادو رهندو، خوشحال مادو جنهن جو آئيڊيل پيار ، رشتا ، جذبا ، انسانيت نه پر سپر اسٽور هوندو. هو صرف شين جو غلام هوندو، پاڻ کي وسيع دنيا مان ڪڍي سپر مارڪيٽ ۾ قيد ڪري ڇڏيندو. جتي شيون ۽ شيون هونديون . جن ۾ اڪيلو ، تنها ماڻهو وجود جو بوجهه کڻي هلندو وٽس سڀ ڪجهه هوندو سواءِ زندگي جي.
زندگي رڳو مادي حصول ناهي هر شيءَ وکر ناهي، خريد و فروخت جي سماج ڪٿي وڃي دنگ ڪندو ان جو اندازو جديديت پڄاڻان جي شروعاتي دور کي ڏسي لڳائي سگهجي ٿو.
اسان جا مارڪسواد دوست چون ٿا اسان مايوس آهيون، شايد تاريخ جي تبديلي کي نٿا سمجهون ، پر صرف ايترو سوال آهي ته ڪارل مارڪس جي فلسفي کي خود جڏهن اسان قران بنائڻ ڇڏي ڏينداسين ، تڏهن اسان کي سمجهه ۾ ڳالهه ايندي ته تبديليون ٻن قسمن جون ٿينديون آهن هڪ مثبت ٻيو منفي. تاريخ جو وهڪرو بيٺل پاڻي ناهي، 1882ع کان پوءِ دنيا ۾ ڪهڙيون تبديليون آيون ، خود ڪارل مارڪس به موجود هجي ها ته پنهنجي فلسفي ۾ ڪيتريون تبديليون ڪري ها. آئون ته ائين چوندس ته مارڪس جي فلسفي کي ابتو ڪريو ته جديديت پڄاڻان ٿي پوندي . مارڪس چيو هو ته معروضي حالتون اهم آهن ڪنهن به فرد جي ٺهڻ ۽ بگڙجڻ ۾ ، جديديت پڄاڻان ۾ صرف موضوعي حالتون اهم آهن، مارڪس چيو هو ته تاريخ ٻن ابتڙن جو ميلاپ ۽ تضادن جي صورت ۾ اڳتي وڌي ٿي ٻن جي تضادن ۾ هڪ کي کٽڻو آهي ٻي کي هارائڻو آهي. پر جديديت پڄاڻان چوي ٿي تضادن جو بنياد ۾ ٽڪراءُ نه آهي اها ته انفرادي وجود جي بقا آهي، جن ۾ ڳالهين ۾ اختلاف آهي انهن کي ڇڏيو، جتي گڏ ٿي سگهون ٿا اتي اچو ته گڏ ٿيون . مثال توهان جو ڪم بم ٺاهي ماڻهو مارڻ آهي ، منهنجو ڪم ماڻهن جو دوا درمل ڪرڻ آهي ، پر اسان ٻنهي کي پاڻي پيئڻ يا ماني کائڻ ۾ ڪوبه اختلاف ڪونهي پوءِ اچو ته انهيءَ هڪجهڙائي تي گڏ ٿيون. باقي اسان جي اختلافن تي هڪ ٻئي سان ڪوبه سروڪار نه هجڻ کپي. جديديت پڄاڻان win+ win جو فلسفو ڏئي ٿي. هارائڻو ڪنهن کي ڪونهي ، ٻنهي کي کٽڻو آهي. هاڻ مزدور به خوش ته سرمائيدار به خوش پوءِ انقلاب ڪٿان ايندو؟ توهان ڏٺو ته پاڪستان ۾ ايتري ڪرپشن ڦهلائي ويئي آهي ، ايترو ڪرائيم ڦهلايو ويو آهي جو سڀ ڏهاري آهن، ڏوهه ڪندي خوش آهن سڀ ڏوهه ڪري ناجائز دولت هٿ ڪرڻ ۾ خوش آهن، انهيءَ ڪري رياست سان ڪير به وڙهڻ نٿو چاهي. مارڪس جو سائنسي ڪميونزم جيڪو گلوبل وليج جو تصور هو انهيءَ ۾ پرولتاريه ڊڪٽيٽرشپ اهم هئي جديديت پڄاڻان ۾ گلوبل وليج آهي پر پرولتاريه جي ڊڪٽيٽرشپ سان نه پر سرمائيدار جي ڊڪٽيٽرشپ سان آهي. ڳالهه صرف ايتري آهي ته اسان حد کان وڌيڪ اميد پرست آهيون ، اسان حقيقت کان اکيون چورائي جيئڻ ٿا چاهيون. ان ڪري اسان قبول ئي نٿا ڪريون ته دنيا تباهي طرف وڃي رهي آهي. دنيا ۾ سڀ ڪجهه غلط ٿي رهيو آهي. اسان سمجهون ٿا ته اڃا سنڌ گدڙن ڪانه کاڌي آهي. ان جو سبب به اهو آهي ته اسان موقعي پرستي جا شڪار آهيون، اسان جا رشتا مفادن جي بنيادن تي ٺهندا ۽ ٽٽندا آهن، اسان سڻڀي گرهه لاءِ ڪپڙا لاهيو بيٺا آهيون. اسان ڪرپشن ڪري مفت جو مال هٿ ايترو ڪيو آهي جو ڪنڌ ۾ ڪلي لڳي ويئي . هاڻي حقيقت اسان جي هٿ جي ٺاهيل آهي. اسان گسيل پٽيل پراڻا نعرا هٿ ڪري ڇڏيا آهن. انهن تي جذباتي ٿي هنڀوڇيون هڻون ٿا. دنيا ڪيڏانهن پئي وڃي اسان کي خبر ڪانهي. توهان ڏسندا ته مارڪسسٽ پراڻا جملا اڃا به ورجائي ترقي پسندي جو ثبوت ڏينداآهن. ڪي وري اڄ به مذهب کي گاريون ڏئي ڪميونسٽ هئڻ جو ثبوت ڏيندا آهن. اسان وٽ نقلي دانشور سيميناري، اسٽيج تي ويهڻ وارن دانشورن جي کوٽ ڪانهي. ملا جي ڊوڙ مسيت تائين ، انهن دانشورن جي ڊوڙ ڪا سڻڀي سيٽ هٿ ڪرڻ يا فوٽو سيشن ڪرائڻ کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه ناهي. وکر جي دنيا ، هوس جي دنيا ايتري وسيع ٿي چڪي آهي جو نا اهل ، ڪوڙو ماڻهو هام هڻندي ۽ پاڻ کي پڏائيندي نٿو ٿڪي.
اهڙي دور کي سمجهڻ تمام گهڻو ضروري آهي. اهڙي دور ۾ سچ تي بيهڻ تمام ضروري آهي، ها ڏاڍو ڏکيو دور آهي ، ڏاڍو ٿڪائيندڙ دور آهي . سوچ واري ماڻهو کي اڪيلو ڪريو ڇڏي ٿو، پر ڳالهه اها آهي ته سچو ماڻهو ايماندار ماڻهو پنهنجو ڪم ڪندو رهندو، تاريخ ۾ جيڪو سندس ڪردار آهي، اهو نڀاهيندو رهندو آهي. دنيا ۾ اهڙا ڏکيا دور اڳ به آيا ۽ اڃا ايندا پر اهو انسان آهي جيڪو هر دور ۾ جيئڻ جو گس ڳوليو وٺي.
[b] ڊاڪٽر غفور ميمڻ
[/b] چيئرمين سنڌي شعبو
ڪراچي يونيورسٽي