تان ڪي ساڻن اور...
ڪراچي يونيورسٽي[/b]
آئنسٽائين چيو هو، ‘هڪ استاد جو بهترين هنر اهوئي آهي ته هوتخليقي اظهار ۽ ڄاڻ ۾ به راحت ڀري پيش ڪري.’ توڙي جو اهو هنر ايترو سولو ناهي. ڇاڪاڻ ته ليڪچر دوران استاد جو گهڻو ڌيان موضوع ڏانهن هوندو آهي؛ انڪري اڪثر استاد اهو ويساري ويهندا آهن ته شاگرد سندن شخصيت جي ڊپ کان ‘پن ڊراپ’ خاموش آهن يا هو ليڪچر سمجهي به رهيا آهن. آئون خوشنصيب آهيان جو مونکي تمام ذهين استاد مليا. آئون جيڪڏهن چار لفظ لکڻ ۽ پڙهائڻ جي اهل آهيان ته اهو پنهنجي استادن جي ڏنل دان طفيل آهيان. ڪنهن درست چيو آهي ته هڪ سٺو استاد ڪڏهن به نٿو گذاري بلڪه هو پنهنجن شاگردن ۽ شاگردن جي شاگردن ۾ هميشه جيئرو رهندو آهي. پي ايڇ ڊي جي ڊگري هڪ اعزاز کان گهٽ ناهي، آئون پاڻ لاءِ اهو پڻ اعزاز ٿو سمجهان ته مون پنهنجي ٿيسز ڊاڪٽر غفور ميمڻ صاحب جي نگرانيء ۾ لکي آهي. اها سندن مهربان طبيعت ئي هئي جو مون يونيورسٽي پاران مقرر ڪيل گهٽ ۾ گهٽ ٽائيم ۾ ٿيسز لکي ورتي. تحقيق جي ميدان سان واسطو رکندڙ چڱيءَ طرح ڄاڻندا هوندا ته ٿيسز جي تياري دوران رهنما ڪيڏو اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. جيڪڏهن رهنما وقت سر تحقيقي ڪم جاچي موٽائي نه ڏيندو ته ٿيسز جي تياري ۾ سالن جا سال لڳي سگهن ٿا. اسان جي سامهون اهڙا به مثال آهن جو ٿيسز مڪمل ڪرڻ ۾ محققن کي20، 20 سال لڳا آهن. يونيورسٽين ۾ گائيڊ کي ٿيسز مڪمل ڪرائڻ تي هونئن به ڪو فائدو نٿو پهچي انڪري گهڻا استاد پي ايڇ ڊي جي شاگردن کي مٿي جو سور سمجهي ٽارڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. پر ڊاڪٽر غفور صاحب انهن استادن مان آهي، جن سماج ۾ موجود ميرٽ جي مقابلن لاءِ ماڻهو تيار ڪيا آهن. جن هڪ پيڙهي جي پرورش ڪئي آهي. جڳاڙ جي هن دور ۾ سچائي ۽ علم جي رستي تي هلندڙن کي چريو سمجهيو ٿو وڃي. پر ڊاڪٽر صاحب ڀٽائيءَ جي هنن سچين سٽن جو سچو پوئلڳ آهي ته،
اَک اُلِٽي ڌارِ، وان اُلٽو عامَ سين،
جي لَهِوارو لوڪُ وَهي، تَه تُون اُوچو وَهُ اُوڀارِ،
مَنجهان نُوچَ نِهارِ، وان پُٺِيرو پِرِينءَ ڏي.
ڊاڪٽر صاحب لوڪ جي لهواري وهڪ جي ابتڙ اوچو وهڻ کي ترجيح ڏئي ڪري پاڻ لاءِ ڪي مشڪلاتون به پئدا ڪيون هونديون. پر هو مونکي هميشه ان ڪري به مطمئن نظر ايندو آهي ته هن ڪنهن مان ڪا طمع ئي ناهي رکي، هو اتي پڻ ڀٽائي جو سچو مڃيندڙ آهي جنهن چيو هو،
طَمعَ جِي تَنوارَ، مَتان ڪَرِين مَڱڻان،
ڌِڪي ڪَندَءِ ڌارَ، ماڻِڪَ ڏيئِي مُٺِ ۾.
سندس ‘لاطمع طبيعت’ مان ڪو ڪهڙو به مطلب وٺي پر مون ڊاڪٽر صاحب کي هميشه ٻاجهارو سمجهيو آهي. سندس علم ورهائڻ واري سخا ائين آهي جو ڄڻ هن علم حاصل ئي ورهائڻ لاءِ ڪيو آهي. اڄ اهو دور آهي جو ماڻهو پنهنجا آئيڊيا لوڪان لڪايو پيا هلن ۽ جوڳو ملهه ملڻ تي پيا وڪڻن. پر ڊاڪٽر صاحب وٽ ڪو به وڃي ٿو ته علم ۽ آئيڊياز جا واهڙ وهايو ڇڏي. پوءِ ڀلي ڪو پيو انهن خيالن مان فائدا وٺي. پر ڊاڪٽر صاحب پنهنجي ‘لاطمع طبيعت’ سبب ڪڏهن ڪو ڪو فائدو ناهي پرايو. يونيورسٽي جو پروفيسر هوندي يونيورسٽي ۾ پڙهندڙيا پڙهي نڪرندڙ پنهنجن ٻارڙن سنڌيا ۽ سارنگ جي لاءِ ڪڏهن ڪنهن استاد وٽ ڪا فيور وٺڻ لاءِ نه ويو. اهو ڄاڻندي به ته ميرٽ بدران ٻين ڪيترن ئي مختلف بنيادن تي سندن ٻارڙن سان نا انصافي ٿي سگهي ٿي. اسان ٻيا استاد ڪوششون ڪندا آهيون ته متان ڪٿي ڪو سندس ٻارڙن سان نا انصافي نه ڪري ڇڏي. پر ڊاڪٽر صاحب پنهنجن اصولن تي هميشه ڪار بند ئي نظر آيو آهي.
يونيورسٽين ۾ ڪي استاد سٺا هوندا آهن ته وري ايڊمنسٽريٽر سٺا ثابت ناهن ٿي سگهندا، ڪي وري ايڊمنسٽريٽر سٺا هوندا آهن ته اهي استاد سٺا ناهن هوندا. اهڙا ڪيترائي مثال اسان وٽ موجود آهن پر ڊاڪٽر غفور صاحب انهن ٿورڙن ماڻهن مان آهي جيڪي سٺا استاد ته آهن ئي پر ڪامياب ۽ بهترين ايڊمنسٽريٽر پڻ آهن. مون ڪڏهن به سندن ٽيبل تي ڪو پينڊنگ فائل ناهي ڏٺو. سنڌي شعبي ۾ سندن چئرمين شپ جو ٽينيوئر ڪامياب ترين ٽينيوئر مڃيو ويندو. سندن ڪوششن سان سنڌي شعبي پاران “ڪلياڻ” تحقيقي جرنل شروع ڪيو ويو آهي. ڪلياڻ جي نالي تجويز ڪرڻ کان مواد جي ڇنڊ ڇاڻ تائين ڊاڪٽر صاحب انتهائي مصروف هوندي به سڄو بار پنهنجي مٿان کنيو. علم، ادب ۽ تحقيق جي ميدان ۾ ورتل سندن ڪوششن کي سنڌي شعبي جي تاريخ ۾ ضرور مڃوتي ملندي.
آئون سندس علمي سطح تي هميشه حيران ئي رهيو آهيان. مونکي اڄ به ڊاڪٽر صاحب جا ليڪچر ياد آهن. سندن ليڪچر دوران اسان شاگرد رڳو ان ڪري ‘پن ڊراپ سائلينس’ ۾ هوندا هئاسين ته ڪٿي ڪو لفظ اسان جي ٻڌڻ کان رهجي نه وڃي. ڊاڪٽر غفور صاحب جو هر لفظ اسان ٻڌڻ ۽ سمجهڻ پاڻ تي لازم سمجهندا هئاسين. ڊاڪٽر صاحب جي اها علمي خوبي نه صرف اسان واري دور ۾ اسان محسوس ڪئي پر، هلندڙ سيميسٽر ۾ ورڪ لوڊ وڌي وڃڻ سبب ايم فل جا ڪلاس نه ورتا ته مون ايم فل جي نابين شاگرد اختر گهنڃئي کي ڊاڪٽر صاحب کي چوندي ٻڌو هو ته ‘سائين اسان کي اوهان جي ليڪچر جي ٻاڙ لڳي آهي.’ هڪ بهترين استاد وانگر ڊاڪٽر صاحب جو سمورو ليڪچر علم، ڏاهپ ۽ ڄاڻ جو ڀنڊار لڳندو هو. سندن پسند جا موضوع نفسيات، لطيفيات، سائنس، تصوف، جماليات، جديديت، مابعد جديديت ۽ فلسفو آهن. ڊاڪٽر صاحب بهترين ڪهاڻيڪار به آهن ته اعليٰ درجي جو نقاد پڻ آهي. سنڌي ادب ۾ سندن تنقيد اهم حيثيت رکي ٿي. سندن تنقيد جو اسڪول آف ٿاٽ الڳ آهي. جنهن ۾ وجدان کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي، سندن خيال آهي ته،
“تخليق اها آهي جيڪا توهان جڏهن پڙهو ته اها توهان تي پنهنجو وجداني اثر ڇڏي، توهان جي زمان و مڪان جا پردا کڄي وڃن، توهان جي اڳيان لفظ گم ٿي وڃن، توهان خاموشي جي سمنڊ مان ٽٻي هڻي نڪرو ته شعور جو وهڪرو توهان جي اندر جالارو ٿي وهي.”
‘جديديت پڄاڻان’ ڊاڪٽر غفور صاحب جو ستون ڪتاب آهي. جنهن ۾ ڊاڪٽر صاحب جديديت پڄاڻان بابت بنيادي ڄاڻ ڏني آهي. هن ڪتاب جي خاص ڳالهه اها به آهي ته هن ۾ جديديت پڄاڻان جي تحريڪ، تحرڪ ۽ لاڙي ۾ ڪتب ايندڙ جا اصطلاح سمجهايا ويا آهن. يعني هڪ طرح سان هيءُ بنيادي ڪتاب آهي. يورپ توڙي دنيا جي ٻين خطن ۾ ته جديديت يا جديديت پڄاڻان تي تمام گهڻا ڪتاب موجود آهن پر اسان وٽ انهن موضوعن تي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا به ڪتاب ناهن. حالانڪه اهي اُهي موضوع آهن جن کي نه صرف سمجهڻ جي ضرورت آهي بلڪه انهن کي سمجهي سنئين واٽ وٺڻ جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته طوفاني لهر جي هن دور ۾ عاقبت بچائي انسان دوستيءَ جي ڳالهه ڪرڻ ئي ته اصل دانشمندي آهي. اهڙي دانشمنديءَ جو ثبوت ڊاڪٽر صاحب جو هيءُ ڪتاب آهي. انڪري هيءُ ڪتاب خاص طور شاگردن ۽ استادن لاءِ هڪجيترو ئي لاڀائتو آهي.
منهنجي پهرين خوشنصيبي اها آهي ته آئون ڊاڪٽر غفور صاحب جو شاگرد آهيان ۽ ٻي خوشنصيبي اها آهي ته آئون يونيورسٽي ۾ سندن ماتحت آهيان. مون ڊاڪٽر صاحب کي جيترو شفيق هڪ استاد جي حيثيت ۾ ڏٺو آهي ايترو ئي مهربان کيس شعبي جي چيئرمين جي حيثيت ۾ پاتو آهي. ڊاڪٽر صاحب هڪ بهترين استاد، اعليٰ درجي جو محقق، شعبي جي چئرمين جي حيثيت سان هڪ قابل ايڊمنسٽريٽر، ڏاهو ۽ دانشور هوندي به هن ڪڏهن ڪا دعويٰ ناهي ڪئي. بلڪه هو هميشه دادو ديال جو اهو شعر شاگردن کي ٻڌائيندو آهي ته، ‘دادو دعويٰ ڇوڙ، بن دعويٰ دن ڪاٽ’ پر آئون سندس علم ۽ دانش کان متاثر ٿي هميشه کين ڀٽائيءَ جو هيءُ بيت ارپيندو آهيان ته،
تان ڪِي ساڻَنِ اورِ، جان آهِينِ اوطاقُنِ ۾؛
ڏَه ڏَه ڀيرا ڏِينهَن ۾، پاڻُ مَٿانئن گھورِ؛
وِيا جي هِنگلورِ، ته ڪَرَمِ مِلَندَءِ ڪاپَڙِي.
(شاھ)