جمالياتي تنقيد
ادبي تنقيد جا مختلف قسم ٿيندا آهن. جيڪي ادبي دنيا ۾ رائج ڪن نظرين ، رجحانن ۽ لاڙن موجب هڪ ٻئي کان مختلف ٿينداآهن. مثال ادب جي ڪارج کي بنياد بنائي هڪڙا اديب ۽ نقاد ادب برائي ادب ٻيا ادب برائي زندگي، يا ادب برائي مقصد جا قائل آهن. ادب برائي ادب يا ادب برائي فن ۾ يقين رکندڙ ادب کي صرف ان جي پنهنجي فني سونهن (جماليات) سبب ڪري اهميت ڏيڻ جا قائل آهن ۽ اهي ادب جي پرک پڻ انهيءَ مفروضي موجب ڪندا آهن. اهڙي قسم جي تنقيد کي جمالياتي تنقيد سڏيو ويندو آهي.
جمالياتي تنقيد (Aesthetic Criticism ) جو ادبي طور بنياد اسان کي ڪانٽ جي انهيءَ ڳالهه مان ملي ٿو ته ؛
“Art can be judged by its own criteria”
فن سندس پنهنجي گهرجن پٽاندڙ پکي سگهجي ٿو.انهيءَ خيال جي بنياد تي يورپ ۾ جمالياتي تنقيد جو بنياد اهو بنيو ته ؛
“Art is an end in itself and does not need to have any moral, religious, political or educational purpose.”
ترجمو؛ فن پنهنجو پاڻ ۾ هڪ مقصد آهي، جنهن ۾ اخلاقيات ، مذهب، سياست يا تعليم جو مقصد هئڻ ضروري ناهي.
جمالياتي تنقيد نگار فن جي فارم تي وڌيڪ زور ڏيندا آهن ، وٽن مواد ثانوي شيءَ آهي، يعني خيال ڪو سگهارو هجي يا نه هجي پر لفظن جي جادوگري فني شهپاري کي نکاريندي آهي. ڪنهن چترڪار جا رنگ هڪ عام شيءَ کي اهڙي طرح پيش ڪندا آهن جو خيال ڀلي سمجهه ۾ نه اچي پر پوءِ به شيءَ خوبصورت لڳندي آهي. آخر ڪار ڪا شيءَ اسان کي ڀلي ڇو ٿي لڳي ؟ ان ۾ ڪهڙي خوبصورتي آهي؟ يا اهو ته خوبصورتي ڇا آهي؟
اناطول فرانس (1844-1924) Anatole France چيو هو ته “ اسان اهو ڄاڻي ئي نٿا سگهون ته سونهن ڇا اهي؟ ڪهڙن سبب جي ڪري ڪا شيءَ سهڻي لڳي ٿي”
اسان انهيءَ خيال کي هيئن به سمجهي سگهون ٿا ته انسان غير منطقي جِيو آهي. سندس لاشعور ۾ ڪهڙا محرڪ کيس ڪيڏانهن وٺي وڃن ٿا ڪجهه نٿو چئي سگهجي. انهيءَ ڪري سونهن جو وٽس تصور ڪو فارمولي وارو ناهي. خبرناهي ڪڏهن ڪهڙي شيءَ پسند ڪري.
آخر سونهن ڇا آهي؟
افلاطون حسن کي معروضي حقيقت جو نالو ڏنو هو. هن جو خيال هو ته حسن خود هڪ حقيقت آهي ۽ حسن دائمي جوهر آهي . مختلف شين ۾ دراصل حسن جو هڪ دائمي جوهر موجود هوندو هوندو آهي . اهڙي طرح هيگل به معروضي حسن جو قائل هو . هن جو چوڻ هو ته حسن هڪ مطلق (Absolute) تصور آهي، جيڪو پنهنجي پاڻ کي حواسن ذريعي ظاهر ڪري ٿو. يعنيٰ ڪا شيءَ ايتري حسين هوندي آهي جيترو ان ۾ هڪ خاص تناسب سان حسن هوندو آهي.
پر ڳالهه اها آهي ته ڪهڙي قوت آهي جنهن سان اسان حسن کي پرکيون ۽ اها قوت سڀني ۾ هڪ جهڙي ڇو ناهي ؟ ان جو مطلب ته حسن جو بنياد ته وري به پرک تي آهي. اهڙي طرح وري حسن جيڪڏهن معروضي آهي ته پوءِ اهو يڪسان طور سڀني کي هڪ جهڙو حسين لڳي پر ائين ناهي. ڪنهن کي گلاب ٿو وڻي ته ڪنهن کي خوبصورت نظارا وڻندا آهن ته ڪنهن کي بور لڳندا آهن. ڪنهن کي سانورو رنگ ٿو وڻي ته ڪنهن کي ڳورو. ان جو مطلب ته حسن جو معروضي تصور صحيح ناهي.
اسپينوزا (Benedic de Spinoza 1632-1677) چيو هو ته “اسان خوبصورت شيءَ جي خواهش انهيءَ ڪري ڪندا آهيون جو اها اسان جي امنگن جي ترجمان هوندي آهي .
يعنيٰ ڪا شيءَ انسان جي فطرتي ضرورت پوري ڪري ان ۾ جمالياتي فيض ڏيڻ جا امڪان موجود هوندا آهن.
مثال هڪ بکئي ماڻهو لاءِ کاڌي جي ٿالهي کان وڌيڪ ڪا خوبصورت شيءَ نه هوندي آهي. وري ڪنهن جوان جانٺي لاءِ جوان ڇوڪري کان وڌيڪ ڪا خوبصورت شيءَ ناهي. پر ان کي پنج ڏينهن بکيو رکو ۽ موچڙا هڻوس پوءِ چئوس ته بابا خوبصورت ڇوڪري کپي يا ماني؟
هڪ اديب لاءِ سندس نئين ڇپيل تخليق کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي خوبصورت شيءَ هوندي پر هڪ هاري صبح جو ان سان هٿ صاف ڪري اڇلائي ڇڏيندو ان لاءِ وري مڪئي جا سنگ، ڏڌ جو لوٽو وڌيڪ خوبصورت آهي.
نيٽشي (Friedrich Nietzche 1844-1910) جرمن فلسفي چوندو هو ته سونهن ۽ بدصورتي حياتياتي تصور آهن . جيڪا شي ڪنهن به نسل لاءِ نقصانڪار آهي. اها بدصورت آهي ۽ جيڪا شيءَ نسل لاءِ فائيديمند آهي اها خوبصورت آهي. .
معنيٰ اسين کنڊ مان اسان کي ڪيلريز ملن ٿيون ان ڪري سٺي آهي. پر شوگر جي مريض لاءِ کنڊ خراب آهي.
هڪ ٻيو نظريو سونهن متعلق هي آهي ته سونهن فاعدي جي ابتڙ فرحت ۽ سڪون سان لاڳاپيل آهي. جنهن جي پٺيان اسان جون سڌون لڪيل آهن. مثال پئسو، دولت ڪنجوس لاءِ ڪنهن فاعدي ۾ ناهي پر هو دولت کي ڏسي فرحت محسوس ڪري ٿو . يعنيٰ ڪو آواز ، ڪو سريلو گيت ڪو نرم ڇهاءَ فرحت بخشي ٿو ته اهو سهڻو آهي. جارج سنتيانا جو چوڻ آهي .“ سونهن لطف جو ٻيو نالو آهي” يعني سونهن پٺيان جنسي جذبي جو به اثر موجود آهي. هن نظريي مطابق تخليق لاءِ به جنسي جذبو متحرڪ آهي. ۽ ان جي اثر ۾ ماڻهو تخليقڪار ٿئي ٿو ۽ پيار سونهن جي تخليق ڪري ٿو. هڪ عاشق کي پنهنجي محبوبه کان وڌيڪ ڪا ٻي شيءَ حسين نه لڳندي ان پٺيان به اهڙو ئي سبب موجود آهي. ڊاڪٽر سليم اختر جي خيال آهي ته “ جيڪڏهن عورت جنس جو کليو اظهار نٿي ڪري سگهي ته لپ اسٽڪ لڳائي مرد ۾ عاشقي واري خواهش کي اڀاري سگهي ٿي.
سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اهو حسن ته لازوال ناهي. هماليه جي چوٽي سر ڪرڻ کان پوءِ حسن جا تجلا گهٽجيو وڃن . نپولين بوناپارٽ سندس محبوبه جي بي وفائي جو سبب ڳولي نه سگهيو . هن چيو ته مان حسين . دولت مند، طاقتور ۽ افعالن وارو آهيان پر پوءِ به محبوبه کي حسن ڪنهن ٻيءَ ۾ نظر آيو.
جڏهن ڪنهن سان عشق ٿي وڃي ٿو ته اها دنيا جي خوبصورت ترين شيءَ بنجيو وڃي . دل چاهي ٿي ته رڳو پري کان سندس ديدار ٿئي . بس اهائي سڀ ڪجهه آهي ۽ ان سان ڳالهيون ان جا تصور هجن!! پر ڪيستائين جڏهن ان جي حسن کي پنهنجي وجود ۾ ضم ڪرڻ جي خواهش زور وٺي ٿي ته اهڙي حسن جي پٺيان هوس جو جذبو اڀري ٿو .
بقول غالب جي
“ هو چڪا عشق اب هوس ئي سهي
ڪيا ڪرين فرض هي ادائي نماز.
انهيءَ ڪري سونهن کي مايا قرار ڏنو ويو جنهن جي اصل حقيقت ڪجهه به ناهي.
فطرت جا اصول اسان ڪنهن هڪ فارمولي سان نٿا سمجهي سگهون ڇو ته عالمگير اصولن جا به هزارين روپ آهن. جنس جو جذبو فطرت جي مختلف رنگن ۾ ظاهر ٿئي ٿو. جنهن جو تعلق مخصوص جنسي چڪ سان بنهه ڪونهي. هڪ ماءُ لاءِ سندس ٻار جيڪو ڀلي ڪوجهو ڪنو هجي پر ان کان وڌيڪ خوبصورت ڪو به ناهي. آهستي آهستي سونهن ڪائنات جي ڪثرت ۾ ڦهلجي مخلتف روپن ۾ ظاهر ٿئي ٿي . ان لاءِ صوفين جو چوڻ آهي ته هر شيءَ خوبصورت آهي. بجا طور سمجهه ۾ اچي ٿو.
“ خدا سونهن جو ڳجهو خزانو هو کيس جنبش جاڳي ته پاڻ سڃاڻجان ۽ پوءِ ڪائنات خلقيائين”
معنيٰ ته آهي ئي سونهن ! ڇو ته خدا سونهن آهي انهيءَ صورت ۾ سونهن کي محسوس ڪرڻ جي سگهه شعوري پختگي کانپوءِ حاصل ڪريون ٿا. جيترو شعور پختو هوندو تخيل ۽ وجدان جي سگهه اوتري وڌندي. جاهل تي الهام نه ٿيندو نه وري جاهل وٽ تخيل جي سگهه هوندي آهي. ان جو مطلب ته سونهن جو احساس جاهل ۽ جانور کي نه هوندو آهي. . شايد اهو ئي سبب آهي جو شعوري علمي سگهه وارو ماڻهو وڌيڪ رومانٽڪ ٿيندو آهي يا وري امن پسند ٿيدو آهي.
ڪروچي benedetto croce (1892-1952) جي خيال ۾ سونهن کي شعوري ۽ ذهني پختگي نه پر وجدان ذريعي محسوس ڪري سگهجي ٿو. جماليات هڪ روحاني عمل آهي. جيڪو وجدان جي صورت ۾ هڪ تاثر ۾ بدلجي ٿو. اسان هيئن سمجهون ته انسان اندر ۾ الهامي صورت سونهن جو احساس جاڳائي ٿي. اها سونهن تخليق ۾ ظاهر ٿئي ٿي ته ڀٽائي پيدا ٿئي ٿو. شيخ اياز پيدا ٿئي ٿو. اها قوت محبت ۾ ظاهر ٿئي ٿي ته رضيه سلطانه ، ياقوت شيديءَ سان پيار ڪري ٿي ۽ ان شيديءَ کان وڌيڪ حسين شيءَ رضيه سلطانه کي نظر نه آئي. اها ئي وجداني قوت ڪنهن عاشق کي ڦاهيءَ تي وٺي وڃي ٿي . بادشاهي ٿڏي چڏڻ تي مجبور ڪري ٿي يا زهر جو پيالو پياري ٿي.
ڇا سونهن وجداني احساس آهي.؟
ڊارون جي خيال ۾ سونهن م نسلي ، علاقائي ۽ شخصي پهلو آهن . هر قوم ۽ علائقي جي ماڻهن وٽ پنهنجا سونهن جا معيار آهن. وري هر شخص وٽ سونهن سندس تجربي ۽ ڄاڻ جي آڌار تي آهي. يعنيٰ ڀلا ڀلي جو ڇيهه ڪونهي، حسين شيون هڪ کان هڪ پيون آهن. توهان جي تجربي ۾ اينديون وينديون ۽ توهان جو معيار وڌندو ويندو.
هاڻ اسان موٽي اچون ٿا ڪانٽ جي ان ڳالهه ڏانهن ته ادبي تخليق جي ڄاڻ جو پنهنجو معيار آهي. ان جي سونهن ان جو پنهنجو فن آهي. جماليات ابد جي تخليق جو اهم محرڪ آهي هاڻ جماليات جا ماڻ ماپا هر هڪ لاءِ الڳ الڳ آهن. ڪنهن سوشلسٽ ريئلسٽ ليکڪ لاءِ ته پورهئي جو عمل جماليات جو اهم ذريعو آهي. پر ڪنهن عاشق لاءِ جماليات جو ذريعو الڳ آهي.
شاهه جو هي بيت ڏسو؛
ڪاريون ڪوجهيون ڪوڙيون مور نه موچاريون
کڻي ويٺيون واٽ تي ککي جون کاريون
انهن جون آريون سمي ريءَ ڪير سهي
پورهيو ڪندڙ مهاڻيون ، مڇي وڪڻندڙ ڌپ هاڻيون عورتون جن جا ڪپڙا ڦاٽل، رنگ سندن ڪارو پر سمي بادشاهه کي انهن ۾ حسن نظر آيو. اها ڪهڙي سونهن هئي؟ اتي سونهن جو اخلاقي پهلو ظاهر ٿئي ٿو ته سونهن انسان جي افعالن ، سادگي، عاجزي ۽ ڪردار جي عظمت ۾ آهي.
پر هتي اسان جماليات ڪنهن فني شهپاري ۾ ڳولينداسين ته ڇا فن ۽ فڪر کان جماليات بالاتر آهي؟ ته جواب آهي جماليات هوا ۾ لٽڪيل ناهي سادن لفظن ۾ ڪا ڳالهه اهڙي طرح چئي وڃي جو خوبصورت لڳي.
تنهنجي ديدن ۾ دلبر
انتر منتر ، جادو جنتر
استاد بخاري جي هن شعر ۾ عام لفظ مروج اصطلاح انتر منتر جادو جنتر آهي جو ان جو روپ جمالي ٿي پيو آهي. پر هتي اها ڳالهه به بحث طلب آهي ته ڇا جماليات هڪ انتهائي تنظيم ڪاري يا منظم شيءَ جو نالو آهي؟
هي شعر ڏسو؛
راند ڪريندو ڪير
سنڌيا جو ڊوڙيندي،
ڦٽجي پيو آهي پير.
سحر امداد جي هن ٽيڙوءَ ۾ هڪ سادو خيال آهي. پر شعر هڪ خوبصورت تاثر ڇڏي ٿو ته جمال ترتيب جو هڪ حسين امتزاج آهي. جيڪو پڙهندڙ ۽ شاعر جي وچ ۾ هڪ تعلق قائم ڪري ٿو اهو تعلق ٻڌندڙ تي هڪ جمالياتي ڪيفيت طاري ڪري ٿو. وري هي شعر ڏسو. ؛
تون ئي تنها رهجي ويندين،
هوءَ ته ڪنهن جي به ٿي سگهي ٿي
سميع بلوچ جو هي خيال جيترو سگهارو آهي اوترو من کي ڇهندڙ آهي . ڪڏهن ڪڏهن من کي ڇهندڙ جذبا لفظن جو روپ وٺي سا مهون بيهن ته خوبصورت لڳندا آهن . اهڙي طرح ڪو منظر جيڪو بار بار توهان ڏٺو هجي پر شاعر ۾ اها طاقت آهي ته هو ان جي جماليات جا رنگ نروار ڪري ڇڏي ٿو. شيخ اياز جو هي خيال ڏسو.
تنهنجا منهنجا چپ
جيئين چمي ماتلي
ٻئي ڦليليءَ ڪپ
جنهن ماتلي جو شهر ڏٺو هوندو اهو ئي هن ٽيڙو جي خوبصورتي کي پرکي سگهندو. پر ساڳي وقت جي ڪو روز ماتلي ڏسندو هوندو پر وري هن شعر پڙهڻ يا ٻڌڻ کانپوءِ انهيءَ منظر کي ڏسي ته ان جي خوبصورت وڌي ويندي .
آسڪر وائلڊ واري ڳالهه ته آرٽ کي آرٽ سان مطلب هوندو آهي. “Art for Art’s sake” سو فن جي خوبصورتي جيڪڏهن ڪنهن پيغام ، مذهب ، نظريي کان بالاتر ٿي ماڻهو کي متوجه ڪري ٿي ته آخر اها ڪهڙي شيءِ آهي ؟ ڇا اها خوبصورتي ڪا الڳ شيءِ آهي ۽ اها ڏسڻ واري جي اک ۾ رهي ٿي ؟
ڏٺو وڃي ته سڄي فطرت پنهنجي لقاءَ مان هڪ آرٽ آهي. پر اهو آرٽ ڇا پنهنجي حقيقي وجود ۾ ڪا خوبصورتي رکي ٿو.؟ ڏسڻ وارن جي اک ۾ اها فطرت پري کان حسن جي جلون کي متوجه ڪري ٿي ؟.
جيئن شاعر لاءِ چنڊ هميشه خوبصورتيءَ جي علامت رهيو آهي پر حقيقيت ۾ چنڊ تي پهچڻ کان پوءِ سائنسدانن چيو ته چنڊ ۾ خوبصورتي جهڙي ڪابه شيءِ ناهي . بلڪل اهڙي طرح ماڻهو هڏن جو پڃرو، گوشت، رنگ ، چمڙي جو ٺهيل آهي، ڪهڙي شيءِ خوبصورت آهي. ماڻهو مري پوي ته ان کي ٻه ڏينهن به رکي نٿو سگهجي ڌپ ايتري ٿيو پوي جو نڪ تي هٿ اچيو وڃي، ته پوءِ خوبصورت ڪهڙي شيءِ آهي ؟
اتي هڪڙي ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته خوبصورتي اندر جي ڪا طاقت آهي، جيڪا ماڻهو منجهه تخيل جي صورت ۾ موجود رهي ٿي. بس ماڻهو انهيءَ تخيل کي ڪنهن تي آڻي يا ٺهڪائي ٿو يا فٽ ڪري ٿو. ته اها شيءَ خوبصورت لڳي ٿي. پر اصل ۾ ڪابه شيءِ خوبصورت يا بدصورت ناهي. معيار پرک سان تخيل جي سگهاري پن سان يا اندر جي ان سگهه سان آهي جنهن ۾ جماليات جا رنگ وکريل آهن. .
مثال شاهه جو هي شعر ڏسو؛
ڪر موڙيندي ڪاڪ تڙ، مومل ڏٺي مون
اٿليس آهون ڀري ، ڀري مٿي ڀون،
سا جي ڏسين تون ته موٽين ڪين مينڌرا.
اتي خوبصورتيءَ جو معيار پرک سان آهي. مومل ته مينڌري به ڏٺي پر هو غلط فهميءَ ۾ ان کي ڇڏي هليو ويو، هن جي خوبصورتي پرکي ڪين سگهيو. شاهه ان جو تجلو ٻي معنيٰ ۾ پيو ڏسي ، جيڪو زمان و مڪان کان بالاتر آهي،
بلڪل ادب به ائين اهو سگهارو ۽ دائمي رهي ٿو جيڪو جمالياتي طور وجداني تاثر رکندو هجي ، زمان و مڪان جي سرحدن ۾ قيد نه هجي.