پنهنجي پاران : منهنجو اکرن پورهيو!
مان ڏسندي هُيم ته بابا اڪثر دوڪان تان ٿڪجي اچڻ جي باوجود به مونکي پنهنجي جهول ۾ ويهاري ماني ڳڀو ضرور کارائيندو هُيو ۽ هر روز صبح جو چيچ کان وٺي مسجد جي در تائين ڇڏڻ ويندو هُيو، ان سان گڏ بابا ئي اسان جي ڳوٺ ۾ اهو انقلابي قدم کنيو هُيو ته هُن مونکي ۽ منهنجي ڀينرن کي ڇوڪرن واري اسڪول ۾ پڙهڻ جي اجازت ڏني جنهن سبب کيس کوڙ سارا طعنا تنڪا به سهڻا پيا، پر بابا اسان جي همت افزائي ڪئي، ان لاءِ مان اهو اقرار ٿي ڪريان ته اڄ مان جنهن دڳ تي بيٺي آهيان، مون جيڪا پنهنجي سڃاڻ اڄ جوڙي آهي اها درحقيقت بابا جي سڃاڻ آهي بابا جي محنت ۽ عظمت جو ڦل آهي.
مون ڪيئن لکيو ۽ ڇو لکيو؟ ان سوال جو جواب ڳولهڻ لازمي ناهي، پر ياد ٿو اچيم ته هڪ ڏينهن بابا سرمد سنڌي جي قومي گيتن واري هڪ ڪيسيٽ آندي هئي، جنهن کي ٻڌڻ سان منهنجي من ۾ هڪ سحر جاڳي پيو هو ۽ موسيقيءَ سان جهڙوڪر منهنجو چاهه جڙي ويو هو، تان جو موسيقي ٻڌندي ٻڌندي نيٺ آهستي آهستي منهنجي اندر مان لفظن جا گونچ ڦٽڻ لڳا، جن کي پنن جي پيٽ تي سجائيندي ويم. پر ان سڄي عمل دوران مون نٿي ڄاتو ته اهو سڀ ڇاهي؟ ڇا اهو صحيح آهي يا غلط؟ بس مون چپ چاپ ۾ جيڪو منهنجي دل مان ڦٽو اهو پنن تي اڪري ڇڏيو.
چوندا آهن وقت سدائين هڪجهڙو نه رهندو آ، وقت جيڪو تيز رفتار سان ڊوڙندو آهي، ان وقت جهڙوڪر منهنجي مٿان پنهنجا مهربان پرن وارا ڇانورا آڻي بيهاريا، امان جيڪا مونکي اڪثر لکندي ۽ پنا سانڍي رکندي ڏسندي هُئي، تنهن هڪ ڏينهن اهي سمورا پنا منهنجي ماسات (جيڪو هينئر منهنجو جيون ساٿي به آهي) کي ڏنا ته ڏس هي ڇوڪري ڇا پئي ڪري؟
جنهن تي منهنجي ماسات اُهي پنا پڙهي امان کي ٻڌايو ته هيءَ ته شاعري آهي ۽ مان اها شاعري کڻي ٿو وڃان سانڍي رکندم جو اسان جي خاندان ۾ شعور جي جيڪا چڻنگ دکي آ اها روشن ٿيڻ لازمي آ، اڳ ۾ اسان مرد ان ڪرت سان هئاسين هاڻي اسان مان هڪ ليکڪه به پيدا ٿي آهي ته ان کي گمنام موت مرڻ نه گهرجي ، پر ان کي موقعو ملڻ گهرجي ته اها پنهنجا الڳ پيچرا جوڙي منزلن تي رسي.
قدرت الله جي خانداني روايتن موجب منهنجو رشتو منهنجي ان ماسات سان جڙي ويو جنهن کي پڙهندڙن جو هڪ وڏو حلقو وشال امير جي نالي سان سڃاڻي ٿو، شادي کانپوءِ مون وشال جي صلاح تي ڪهاڻي کيتر ۾ پير پائيندي تجربو ڪيو جو وشال جو خيال هو ته گهر ۾ ٻه شاعر ڪونه ٺهنداسون. ڪهاڻي کيتر ۾ تجربو ڪرڻ دوران ادا ظفر عباسي منهنجي وڌ کان وڌ حوصلا افزائي ڪئي ۽ پوءِ مون ڪهاڻي سان نڀاءُ ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي، ان ڪوشش ۾ ڪيتري قدر ڪامياب ٿي آهيان؟ اهو فيصلو ته پڙهندڙن کي ئي ڪرڻو آهي.باقي مان اهو ٻڌائيندي هلان ته منهنجي ڪهاڻين جا ڪردار ڪٿي نه ڪٿي مونسان مليل آهن، مون انهن جا سور انهن کان ٻڌا آهن ۽ انهن جا نالا تبديل ڪري ، ماحول جي عڪاسيءَ ۾ ٿورڙي تبديلي آڻي انهن جون ڪٿائون لکيون آهن، منهنجا ڪردار گهڻا عورتاڻا ان لاءِ آهن ته مون اهي ڪهاڻيون انهن عورتن سان ملڻ بعد لکيون آهن جيڪي انهن ڪردارن جي تمام گهڻو ويجهو رهيون آهن.
مڃيان ٿي منهنجي لکڻين ۾ فني کوٽ هوندي پر اميد اها ٿي ڪريان ته پڙهندڙ منهنجي ڪهاڻين کي عيبن ۽ ڪمزورين سميت قبول ڪندا.
مان هتي نهايت ئي ٿورائتي آهيان ادا ساجد سنڌي جي جنهن منهنجو اکرن پورهيو توهان جي هٿن تائين پڄائڻ لاءِ مونکي نه رڳو همٿايو پر ضد ڪري بيهي رهيو ته ڪتاب ضرور پڙهندڙن تائين پڄڻ گهرجي ۽ هن بنهه هڪ پبلشر هجڻ جي ابتڙ ڀاءُ بڻجي هيڏي محنت سان هي ڪتاب سجايو آهي.
مان هتي ٿورائتي آهيان ادا ظفر عباسي ، ادا مظهر ابڙو ۽ ادا انور سومرو جي به جن وقت ڪڍي مونلاءِ چند سٽون لکيون آهن.
تسليم سحر
خيرپور ميرن واري