دل جي دانهن
ساگر گُهور مان تارا ڦوٽاري سيما ڏي ڏسي ٿو. ان کان اڳ جو هُو ڪجهه چوي، سيما چيو ”ڏس تون روز مون سان ڳالهائيندو آهين ۽ مان روز توکي ٻڌندي آهيان، تون جيئن چوندو آهين مان تيئن ڪندي آهيان، ڇا ائين نه ٿو ٿي سگهي ته مان اڄ ڳالهايان ۽ تون ٻڌين؟ مان ڪپهه به آندي آهي، تون ڀلي پنهنجا ڪن بند ڪري ڇڏ، بس صرف ائين محسوس ڪراءِ ته تون منهنجي ڳالهه ٻڌي رهيو آهين. ڇا ڪريان مان ڪابه ڳالهه توکان لڪائي نه ٿي سگهان تو مون کي چيو هو توکي جڏهن به جنهن شئي جي ضرورت پوي ته مون کان گُهري سگهين ٿي، يعني مان تنهنجو دوست، محبوب مڙس ثابت ٿي سگهان ٿو، ان ڏينهن کان وٺي مون توکي محبوب ۽ مڙس کان وڌيڪ هڪ دوست سمجهيو آهي، مون کي هڪ دوست جي وڌيڪ ضرورت آهي، مان تنهنجو وقت نه وٺنديس ڇو جو مان ڄاڻان ٿي ته توکي منهنجي ڳالهين ۾ ڪا به دلچسپي نه رهي آهي، هڪ فقير سمجهي منٿ پوري ڪر.“
ساگر اڄ ڪجهه موڊ ۾ هو، سيما جي معصوميت کي ڏسي چوڻ لڳو ”چڱو جيڪو ڪجهه چوڻو اٿئي، جلدي چئي ڏي ۽ اها ڪپهه منهنجي حوالي ڪر.“ ائين چئي هن جي هٿ مان ڪپهه کسي ڪنن ۾ وجهي ڇڏي ٿو.
سيما هزارين ارمان دل ۾ رکي آهستي آهستي ڳالهائي ٿي، پهريان ته سوچي پئي ان کان ته ڀلو آ ڀتين سان مٿو ٽڪرايان پر پوءِ وري به ڳالهائي ٿي ته جيڪڏهن هاڻ نه ڳالهايم ته وڌيڪ ناراض ٿيندو ، ائين کڻي سمجهبو هيءَ به هڪ ڀت آهي ۽ مان پنهنجو مٿو ئي رتوڇاڻ پئي ڪريان.
هوءَ هٻڪندي چوي ٿي ”ساگر مون توسان بي انتها محبت ڪئي آهي، مڃيان ٿي شروع ۾ منهنجو توسان لڳاءُ نه هو پر هاڻ الائي ڇو توکانسواءِ رهي نٿي سگهان، عجيب ڳالهه آهي جڏهن تون چاهيندو هئين ته آئون سمجهوتو ڪندي هئس پر هاڻ جڏهن آئون توکي چاهڻ لڳي آهيان ته توکان سمجهوتو به نه ٿو پڄي.
ساگر تون هميشه چوندو آهين ته مان هاڻي مٽجي وئي آهيان، يعني هڪ عام عورت ٿي وئي آهيان، مان پهريان ائين نه سمجهندي هئس آئون سمجهندي هئس ته آئون ساڳي آهيان، تون مٽجي ويو آهين پر هاڻ ائين ناهي، مان واقعي مٽجي وئي آهيان، مان واقعي پهريون جهڙي نه رهي آهيان پر ان جو به هڪ سبب آهي، تنهنجي هر وقت جي ڪاوڙ ننڍين ننڍين ڳالهين تي ايڏو وڏو غصو، تنهنجي ان رويي مون کي احساس ڪمتريءَ جو شڪار ڪري ڇڏيو آهي، مان اندران ئي اندران ڀڄي ڀور ڀور ٿي وکري وئي آهيان، ڀلي سڄي دنيا مون کان خفا رهي پر ايڏو صدمو نه ٿيندو، جيڏو تنهنجي ننڍڙي ڪاوڙ سان صدمو رسي ٿو. هر وقت اهو ٽينشن رهي ٿو ته اهڙو ڇا ڪريان جو تون خوش رهين، پنهنجي وس آهر هرممڪن ڪوشش ڪريان ٿي پر الائي ڇو نه ئي توکي نه ئي ڪنهن ٻئي کي خوش رکي سگهي آهيان. رشتا ته کوڙ آهن پر هميشه هڪ مخلص دوست جي ڪمي رهي آهي، ننڍي هوندي هئس ته ماءُ کي دوست سمجهي پنهنجون سموريون خاميون ۽ خوبيون سامهون رکندي هئس پر ماءُ وٽ به صرف خوبين جاءِ ٺاهي، خامين جي ڪري اتان به ڌڪاري ويس، ائين ئي پيءُ کان وٺي ڀائرن ۽ ڀينرن تائين ان کانپوءِ توتائين به ڪنهن منهنجين خامين کي قبول نه ڪيو، ڪنهن به انهن کي ٺاهڻ جي ڪوشش نه ڪئي، جنهن سبب منهنجون خاميون سلجهڻ بجاءِ وڌنديون ئي ويون، ڪنهن سان ڪوڙ ڳالهائي نه ٿي سگهان ۽ سچ سڀني کي ڏکائي ٿو جنهن ڪري اڪثر خاموش ٿي رهان، ڄڻ زبان هوندي مان گونگي آهيان.“
سيما سموريون ڳالهيون ڪندي ساگر جي پيرن ۾ ويهي ساڻس اکين ۾ اکيون ملائي ڳالهائي رهي هئي پر هاڻي هن پنهنجون اکيون جهڪائي هيٺ ڪري ڇڏيون، هن جون نظرون پنهنجي گوڏن ۾ اٽڪي پيون.
”ساگر سڀني منهنجي خوبين کي ڀليڪار ڪيو، خامين تي خفا رهيا، خدا جي قدرت مون ۾ خاميون به گهڻيون ئي رهيون، مون کي ڪوبه اهڙو ماڻهو نه مليو جيڪو خوبين سان گڏ خامين کي به قبول ڪري، جڏهن تون به مون کان خفا ٿيندو آهين ته ڄڻ منهنجي جيئڻ جو مقصد ئي ختم ٿي ويندو آهي، منهنجي دل چوندي آهي ته مون کي خوفناڪ موت اچي، هڪ اهڙو ڀيانڪ موت اچي جنهن سان هرهڪ ماڻهو ڇرڪجي وڃي، سڀني جي لونءَ لونءَ ڪانڊارجي وڃي .... ڇو جو منهنجي لاءِ سڀ ڪجهه تون آهين، سڀ ڪجهه تون .... جڏهن ڪوئي ڪنهن کي حد کان وڌيڪ چاهڻ شروع ڪري، جڏهن ڪوئي ڪنهن کي خوش رکڻ لاءِ جان جي به پرواهه نه ڪري ۽ ان کي ان جي هٿن کان ڏک ملن ته پوءِ ان جي حالت ڇا هوندي!؟ جڏهن کان توکي خوش رکي نه سگهي آهيان تڏهن کان آپي مان نڪري وئي آهيان، توکي ڪهڙي خبر مون توکي ڪيتري شدت سان چاهيو آهي.“
سيما اکيون کڻي ساگر ڏانهن ڏٺو، هن جي اکين ۾ پيار جو سمنڊ ۽ لڙڪن جو درياهه هو، ساگر کان تاب سٺو نه ٿيو، ڪنن مان ڪپهه ڪڍي ڪاوڙ مان ڪپڙا ڇنڊي اٿيو، سيما به ساگر جي اٿڻ شرط اٿي بيهي رهي، ساگر ڪپهه سيما جي هٿن ۾ اڇلائي جذباتي انداز ۾ چيو ”گهڻو وقت زيان ڪيئي هاڻ وڃان ٿو.“
سيما جيڪا اڄ چپ ٿيڻي نه هئي، پٺيان رڙيون ڪري کيس چوڻ لڳي ”ساگر .... ساگر .... ساگر منهنجي ڳالهه ته ٻڌ ....“ پر ساگر وڃي چڪو هو، هاڻ هوءَ ڀت کي ئي ساگر سمجهي پنهنجي اندر جي باهه ڪڍي رهي هئي.
”جاني! دل ٿي چوي اڄ پنهنجي دل ڪڍي تنهنجي سامهون رکان پر منهنجي دل منهنجي سيني ۾ هجي ته پوءِ نه، اها ته ان ڏينهن ئي تنهنجي سيني ۾ منتقل ٿي وئي هئي، جنهن ڏينهن توسان نينهن لڳو هو پر هاڻ ته ائين ٿو لڳي ڄڻ منهنجو دماغ به تنهنجي وس ٿي ويو آهي.“
هوءَ زمين تي بي ستي ٿي ڪري پوي ٿي، پنهنجي ساڄي ٻانهن مٿي کڻڻ چاهي ٿي پر هٿ جون آڱريون به کولي نه ٿي سگهي.
بيوسي وچان روئڻ لڳي ٿي، ”ننڍي هوندي سڀ چوندا هئا چري آهين، آئون سوچيندي هئس ڇا مان چري آهيان؟!، جيئن ٻيا ڪپڙا پائين ٿا آئون به پايان ٿي، جيئن ٻيا ٿا کائين پيئن، تيئن آئون به کاوان پيئان ٿي، اٿان ويهان ٿي، پوءِ ڇا مان چري آهيان؟ پر هاڻ احساس ٿئي ٿو واقعي آئون چري آهيان، زندگيءَ ۾ کائڻ پيئڻ، اوڍڻ، اٿڻ، ويهڻ کان علاوه به گهڻو ڪجهه گهرجي ٿو.“
هوءَ رڙيون ڪرڻ لڳي ٿي ”ڪير ٿو چوي، ڪير ٿو چوي ته پيار زندگي آهي، پيار موت آهي، ها هڪ خوفناڪ موت اهڙو موت جنهن ۾ نه ماڻهو جِي سگهي ٿو، نه مري سگهي ٿو، ڪير ٿو چوي ته ڪو اعتبار، اعتماد نالي ڪا شئي به هوندي آهي، هتي ته صرف دغا آهي، بي وفائي آهي، پيار نه ڪجي ڪڏهن به نه ڪجي، ڪنهن سان به نه ڪجي.“
هن جون رڙيون ڀتين ۾ ئي دفن ٿي وڃن ٿيون، گهڻي دير جي خاموشي کانپوءِ هوءَ ٻيهر ڳالهائڻ شروع ڪري ٿي ”توکي چاهڻ کانپوءِ مون کي اهو احساس نه رهيو آ ته آئون ڇا پئي ڪريان؟ ايتري شدت ڇو آهي چرين وانگر ائين ڀٽڪڻ ۽ اظهار به نه ڪرڻ، ها مون کي خبر آهي تو وٽ ٽائيم نه آهي، منهنجون فضول ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ، خبر اٿئي منهنجي دل چوندي آهي آئون صديون توکي ويهي ڏسان، جيئن ئي منهنجي اک بند ٿئي تون منهنجي اکين جي پتلي ۾ قيد ٿي وڃين ۽ جڏهن مرڻ کانپوءِ ٻيهر اکيون کوليان ته تنهنجو عڪس سامهون پايان، شرم حياءَ ۾ ڳاڙهي ٿي وڃان، تنهنجي ڇاتيءَ ۾ ائين لڪي وڃان جيئن دنيا جو ڪو به ماڻهو مون کي ڏسي نه سگهي، دنيا جي هر گردش کان لڪي وڃان، ڪير ٿو چوي ته پيار کان وڌيڪ ڪجهه ٻيون شيون به ضروري آهن تون سڀ ڪجهه وٺي وڃ مون کان، صرف پيار جو هڪ لمحو مون کي ڏي، خدا کي مڃ پيار جو صرف هڪ لمحو مون کي ڏي، مون کي ائين نراس نه ڪر، تو وٽ ٻيا به ڪيترائي غم آهن، محبت کان علاوه پر مون وٽ صرف تنهنجو غم آهي، مان تنهنجا سمورا غم اکين سان کڻان ٿي، تون منهنجو هڪڙو غم ختم ڪر. منهنجي بک تنهنجي نظرن سان ۽ اڃ تنهنجي چپن جي پاڻيءَ سان ختم ٿي ويندي، مون کي ائين نه ڌڪار، مون کي ائين نه ڌڪار، ڪجهه ته رحم ڪر.“ سيما ائين ڳالهائي رهي هئي، ڄڻ ساگر سندس سامهون ويٺو هجي پر هن جا سمورا ايلاز بي معنيٰ هئا، هن جا وار وکريل هئا، سڏڪن ۾ ورتل، اڌ مُئي ٿي وئي هئي.
ساگر تون منهنجي صرف هڪڙو دفعو ڳالهه ٻڌ مان تنهنجي زندگيءَ مان ئي نڪري وينديس هميشه لاءِ، ڳوڙها اگهندي اڳتي وڌي ٿي ۽ سامهون رکيل جيت مار دوا کڻي پيئي ٿي، مون کي افسوس رهندو توکي ڪجهه به نه ڏئي سگهيس ۽ نه ئي ڪجهه وٺي سگهيس، ڪجهه گهڙين کانپوءِ هوءَ اکيون کولي ٿي، کيس پنهنجي سامهون ڊاڪٽر بيٺل نظر اچي ٿو ۽ ٻيا به گهڻا ئي ماڻهو جيڪي ڪجهه طعنا به ڏئي رهيا هئس ۽ عجيب نظرن سان ڏسي به رهيا هئس، پر هوءَ خاموش هئي، هر هڪ ڏي ائين ڏسي رهي هئي ڄڻ ڪجهه پڇندي هجي، ڇا مون لاءِ موت به ايڏو مهانگو آهي جو ملهه نه ڏئي سگهيس.