رات جي پيٽ ۾
تڏهن مون کي ائين لڳو، ڄڻ هي جبل، زمين، آسمان، وڻ ٽڻ، سمنڊ سڀ ڪجهه هڪ پل ۾ منهنجا ٿي ويا هُجن، ڄڻ چمين کي خوشبو ۽ مرڪن کي رنگ ملي ويا هجن.
جيڪا کن پل اڳ ۾ بلڪل اڪيلي هجي، سڀ رشتن جي هوندي، اها هاڻ ڄڻ انڊلٺ جي ڀاڪر ۾ هجي، صرف ٻه جملا، ٻه لفظ ڪنهن جي زندگي ڪيئن ٿا مٽائي ڇڏين؟ طوفانن جا رخ ڪيئن ٿا مٽائي ڇڏين؟
”مان، مان به ڪنهن جي آهيان، ڪوئي منهنجو به آهي.“ هڪ پل لاءِ هن جي دل چيو رڙيون ڪري پوري دنيا کي ٻڌائي ته ”هاڻ هوءَ اڪيلي نه آهي، ڪوئي آهي جيڪو هن جو آهي.“ پر ان پل ئي ڄڻ ان جو ساهه نڪري ويو. ”ڀلا منهنجو ڪوئي ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟“
ڪجهه مهينا اڳ هن جي دوست کي به اهڙا جملا ڪنهن چيا هئا ۽ هن جي دوست به ائين ئي خوش ٿي هئي، پر اها حقيقت نه هئي.
”منهنجي دوست ته پوري طرح هن جي ٿي وئي هئي ،پر هو پنهنجو به ڪو نه هو، ان جي نتيجي ۾ هوءَ ڪاري ڪري ماري وئي هئي.“ مرڻ وقت هوءَ جيڪي دانهون ڪري رهي هئي اهي دانهون آنهون هن جي ڪنن ۾ گونجي رهيون هيون.
”نه نه، هتي ڪير به ڪنهن جو نٿو ٿي سگهي، ها هرڪوئي اڪيلو آهي ۽ اڪيلو ئي ويندو، اڪيلو ئي آيو آهي.“ هوءَ آسمان ڏي نظر ڊوڙائي ٿي آسمان تي ستارا ڌار ڌار پيا چمڪن. هوءَ چنڊ ڏي ڏسي ٿي چنڊ به اڪيلو آ ۽ هن کي ائين لڳو ڄڻ ستارا هڪ ٻئي سان ملڻ چاهيندا هجن پر ائين ڪري نه سگهندا هجن، ستارا ان ڪوشش ۾ ٽُٽَنِ به پيا ۽ هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه ڏي، لاٽ ڪري وڃن به پيا پر افسوس پوءِ به ملي نه پئي سگهيا. هن جي اندر ۾ مايوسي وڻ ويڙهي وانگر وڪوڙجي وئي، ساهه گهٽجيس پيو ڄڻ آڪسيجن نڙيءَ ۾ اچي اٽڪي پئي هجيس ڦڦڙ آڪسيجن جي لاءِ سڪڻ لڳس.
”هاڻ ڇا ڪريان؟ هاڻ مون کي ڪيئن يقين ٿئي ته هُو منهنجو آهي، ائين ته منهنجو ساهه گُهٽجي ويندو ۽ آئون مري ويندس، مان جيئڻ ٿي چاهيان.“ هن جي اکين ۾ پيار هو.
”مان، مان انهن اکين ۾ ويهڻ ٿي چاهيان، انهن اکين جي ڇپرن ڇانوَ ۾ ساهه پٽڻ ٿي چاهيان، دنيا جي سختين، لُڪن ۽ نفرتن جي ڪاڙهن مون کي الاهي ساڙيو آهي، ٻه پل پيار جي ڇانوَ ۾ گذارڻ ٿي چاهيان، ڇا اهو منهنجو حق نه آهي؟ ڇا صرف منهنجي قسمت ۾ نفرتون لکيل آهن؟ نه نه ڪنهن جي طرفان پيار جو پيغام مليو آهي ته مان ان کي شڪ جي بنياد تي وڃائي نه ٿي سگهان، ڪهڙي خبر هُو واقعي منهنجو هُجي؟! جيڪڏهن هُو مون سان فراڊ ڪندو هجي ته اهڙا فراڊ آئون به ته ڪنهن سان ڪري سگهان ٿي! پر آئون ائين نه ٿي ڪري سگهان، جيڪڏهن آئون ائين نه ٿي ڪري سگهان ته پوءِ ڪنهن ٻئي لاءِ مان ڪيئن ٿي سوچي سگهان ته اهو ائين ڪري سگهي ٿو؟. ها شهناز توکي نفرتون ته کوڙ مليون آهن، تو زهر جو اهو ڪوڙو ذائقو به الاهي چکيو آهي، هاڻ پيار تو وٽ دستڪ ڏني آ، ان کي نراس نه ڪر، تو ته نفرتن کي به نراس ناهي ڪيو.“ هوءَ مسلسل پنهنجي پاڻ سان ڳالهائي ٿي.
اوچتو آواز اڀري ٿو، ڄڻ ڪو ڀت تان ٽپيو هجي، هوءَ ان آواز ڏانهن ڪنائي ٿي، گهر جي آڳر ۾ ٽاريءَ هيٺان سفيد ڪپڙن ۾ هوءَ ڪنهن پاڪيزه جل پري جيان پئي لڳي، پاڻ چنڊ جي چانڊاڻ هن جي ڳلن کي چمي پئي، هڪ پل ۾ ڄڻ سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو هجي، صرف سانت هجي ۽ ان سانت ۾تڏن ۽ ڏيڏرن جي ٽان ٽان سانت کي مات ڏيڻ جا جتن ڪندي هجي، ڪنهن جي پيرن جون آهٽون هجن، هن سمجهيو شايد ڪوئي چور آهي، هوءَ ٿورو سرڪي ان جو خيال رکي ته متان ڪو آواز ٿئي ۽ اڳلو ماڻهو هوشيار ٿئي، آهستي هن هڪ ڏنڊو کنيو، چنڊ جي چانڊاڻ ۾ پري پري تائين صاف پيو ڏسجي، ان لاءِ هوءَ لڪي وئي ته جيئن هن تي ڪنهن جي نظر نه پئي.
هن کان رڙ نڪرندي نڪرندي سندس نڙيءَ ۾ اٽڪي وڃي ٿي، هتي ته هڪ ماڻهو ناهي هتي ته ٽي ماڻهو آهن، هُو سڌو مينهن ڏي پئي ويا، اڙي هي ته چور آهن، الا منهنجي مينهن ته اڃان هاڻي هاڻي وڇڙي ڏني آهي، منهنجي پياري وڇڙي هي ته ان کي به ڪاهي ويندا، بيهه مان انهن کي نه ڇڏينديس بس ائين ٿي ڪاهڻ ڏيان!، مال ڄڻ ڪو حرام جي ڪمائيءَ مان آهي.
هوءَ کٽ جي هيٺان ويٺي هئي، هن ڏنڊو ٺاهي سڌو ڪري رکيو جيئن ئي هڪ ماڻهو اتان گذريو ان کي وهائي ڪڍيائين، هو رڙ ڪري ڪريو، ٻئي ماڻهوءَ بندوق سڌي ڪئي ۽ رڙ ڪري چيو ”اڙي ڪهڙو آهين، ٻاهر نڪر.“ اڱڻ وڏو هو ٻيا سمورا گهر ڀاتي اندر ستا پيا هئا.
هوءَ ڊڄي وئي، کٽ کان ٻاهر نه پئي نڪري، ٽئين ماڻهوءَ ڇڪ ڏئي هن کي ٻاهر ڪڍيو، هن جي ٻاهر نڪرڻ تي ڌڪ لڳل همراهه حيران ٿي ويو، هن بي اختياريءَ ۾ چهري تان ٻٽ لاهي ڇڏي.
”زينت تون!“
”جمال تون!“
”تون منهنجي دل چوري ڪري هاڻي وڇڙي چورائڻ آيو آهين!؟“
هن جا ٻيا ٻه ساٿي سمورو قصو سمجهي ويا.
”جمال تون بيوقوفي ڪئي آ، ٻُٽَ ڇو لاٿئي، پهريان ته اسان جو خيال هو ته مال سان گڏ ڇوري به ڪاهيون ٿا هلون.“
جمال يڪدم رڙ ڪئي ته ”سائين نه توهان ائين سوچي به نه ٿا سگهو.“
”ها! هاڻ اسان ائين سوچي به نٿا سگهون پر هن کي ائين ڇڏڻ به ممڪن نه آهي، جيڪڏهن هن کي ڇڏيوسين ته هيءَ اسان کي نه ڇڏيندي.“
سردار زينت جي وات تي هٿ رکي پوري مضبوطيءَ سان جهليو بيٺو هو.
زينت بار بار هن جو هٿ ڇڏائڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ۾ رڌل هئي پر مسلسل ناڪام پئي وڃي.
”ها هن جو زنده رهڻ اسان سڀني لاءِ بهتر نه آهي.“
”نه سائين ائين نه ڪريو.“
”بيوقوف نه ٿي جمال! مال ڪاهي هل، پويان پيرا مٽائيندو هلجانءِ ۽ اهو ڪم تڪڙو تڪڙو ڪجانءِ. جمال تون غلطي ڪئي آ ۽ اسان جي ڌنڌي ۾ غلطيءَ جي گنجائش نه هوندي آهي، آئون نه چاهيندس ته تون ڪا ٻي به غلطي ڪرين، نه ته انجام تون پاڻ ڄاڻين ٿو.“ سردار جمال کي ڌمڪي ڏيندي مخاطب ٿيو.
”هاڻ جلدي جلدي ڪم ڪريو، وقت ناهي.“ جانو ۽ جمال مال ڇوڙي هليا ويا ۽ سردار جي چوڻ مطابق بنا ڪنهن غلطيءَ جي سمورو ڪم سرانجام ڏنائون.
سردار جي دل خراب ٿي، زينت جو وات ٻڌي هن منجهائنس پنهنجي حوس جي اڃ اجهائي. جمال جي دل الائي ڇو سٽ کاڌي ۽ سردار جي ڌمڪي اڻ ٻڌي ڪندي واپس موٽي آيو ۽ جڏهن سردار کي زينت سان ڪريل حرڪت ڪندي ڏٺائين ته هن سان هاٿاپائي شروع ٿي ويس.
ان هاٿاپائيءَ ۾ سردار، جمال ۽ زينت مٿان ڪليشنڪوف جو منهن کولي ڇڏيو ۽ سموريون گوليون هنن جي ڇاتين ۾ لاهي فرار ٿي ويو.
گولين جي آواز تي گهر ڀاتي نڪرن ٿا، گهر ۾ ٻه لاشا ڏسي سي به اهڙي حالت ۾ پريشان ٿي ويا، ايتري ۾ ڳوٺ جا ماڻهو گڏ ٿي ويا ۽ هر هڪ رڙيون ڪري توبهه توبهه ڪري چوڻ لڳو: ”ڪاري هئي، ڪاري هئي، غيرت ۾ ماري ڇڏيائون.“
”پر ماري ڪنهن ؟؟؟“
”ڪهڙو ته زمانو اچي ويو آ.“
مائٽ ڄڻ ته بت ٿي بيهجي ويا، صبح جو پوليس آئي، گهرڀاتين کي ٿاڻي تي وٺي وئي، ”ٻڌايو توهان مان قتل ڪنهن ڪيو آ؟ پر ڪنهن کان به اهو ڳالهايو نه ٿيو ته سائين اسان جو مال به چوري ٿي ويو آ ۽ ڇوڪريءَ جو وات به ٻڌل ۽ جسم تي تشدد جا نشان آهن.“