مهاڳ : ڪهاڻي ماٺ ڪري بيهجي نه وئي آ
سندس پهرئين ڪهاڻي ”هيءَ رات ۽ مقدر“ چوڏهن پيجن جي آهي، وستار ڪرڻ سان ناوليٽ واهه جو ٺهي وڃي ها، پڙهڻ وقت ڪهاڻيءَ جي ڪردارن منهنجي ذهن کي جهنجهوڙي ڇڏيو، جاندار ۽ سگهارا.
”بختاور“ اهم ڪردار آهي، جا شهر ۾ پڙهي لکي، بيحد خوبصورت، سمجهدار،ذهين، حساس روح ۽ روحاني پيار ۾ عقيدو رکندڙ، سندس خيالات ته ” جسم ته مرجهائجي ويندو، خوبصورتي به اڄ آهي سڀاڻ نه، بس روح جي خوبصورتي دائم قائم آهي“.
”سارنگ“ مرد ڪردار، جو سونهن جو شيدائي، جذباتي، لالچي پيار ڪندڙ، جسماني پيار جو ڪوڏيو، بختاور سان محبت ڪري ٿو، جيڪو مائٽن جي مرضي سان شادي ڪرڻ وارو آ. هن ۾ مرداڻو اهم به آهي.
هن ڪهاڻي ”هيءَ رات ۽ مقدر“ ۾ تسليم سحر فڪشن اهڙو ڀريو آهي جو ڪهاڻي هڪ دفعو پڙهڻ شروع ڪجي ٿي ته ڇڏڻ جو نالو به نه، هڪ ويهڪ ۾ پڙهڻ واري ڪهاڻي، اُڻت خودڪلامي، ڪارو ڪاري جي گهٽنا ائين بيان ڪيل آهي ڄڻ ته پاٺڪ به ان ۾ شامل ٿي وڃي ٿو.
کير جي اڀامي هارجي وڃڻ تي بختاور جي رڙ ڪرڻ ۽ پنهنجو پاڻ تي کلڻ.
ڪهاڻيءَ جو اختتام لڳي ٿو تڪڙ ۾ ڪيو ويو آهي. چوڏهن پيجن جي ڪهاڻي مان تيرهن پيجن ۾ پاٺڪ ، ليکڪا جي خوبصورت قلمي پورهئي ، بختاور جي خودڪلامي۽ گهٽنائن سان مقناطيسي ڇڪ ۾ ٻڌل رهي ٿو. پرچناڪ 6 سالن جي عرصي کانپوءِ گهڻن عورت ڪردارن جيان طلاق ۽ مرد ان جو ذميوار، جو گهڻين عورتن سان هند، سنڌ يا ڌرتي جي گولي تي آباد گهڻن ملڪن ۾ ٿيندو رهي ٿو. سارنگ ، بختاور کي ان لاءِ طلاق ڏني جو ٻيجل جيڪو بختاور جو ڀاءُ آ تنهن شهناز يعني سارنگ جي ڀيڻ کي طلاق ڏني. اسان جي سماج ۾ خاندان ۾ شادي ۽ بدل جي شاديءَ جا اُگرا انگور نڪرن ٿا.
مطلب ”هيءَ رات ۽ مقدر“ ظاهر ڪري ٿي ته چاهي پيار جون شاديون،مائٽن جي منظوري، رضامنديءَ سان ڪيل شاديءَ جا فيصلا به ڪاري رات ، عورت لاءِ ڀيانڪ مقدر بڻجي ٿا وڃن.
”بارش“ حسين ڪهاڻي ۽ رومانٽڪ، جنهن ۾ محبت جا سندر نياپا ۽ باورچيخاني جو ذڪر، چانهه ٺاهڻ، اهو سڀ ڪهاڻيڪاره تي فطرت جو اثر. هر ڪهاڻي ۾ عورت جو اصلي مقام باورچيخانو آهي، عورت ۽ رنڌڻو ٻئي پاڻ ۾ سلهاڙيل آهن،پر هتي عورت ڪردار بارش جو مزو ماڻين ٿا ، پيار ڪن ٿا. ۽ جسم کان مٿي عورت هڪ روح به آهي. روحاني پيار جي طالب، جسماني پيار کان مٿڀرو.
”هڪ سسئي ٻيا سور“ ڪهاڻي ۾ فائرنگ ڪري سسئي کي سرد رات ۾ کڻي ويندڙ سردار جو پوليس ڇاپي ۾ پڪڙجي پوڻ کان اڳ جمن کي سسئي حوالي ڪرڻ ۽ کيس مائٽن کي پهچائي ڏيڻ لاءِ چوڻ. پر جمن سسئي سان شادي ڪرڻ، ٻن ٻارن جو اولاد ٿيڻ.
وري سردار جو آزاد ٿي سسئي جو هٿ جمن کان واپس گهرڻ، جمن جو انڪاري ٿيڻ ۽ موٽ ۾ سردار جو جمن جي گهر تي حملو ڪرڻ. سسئي جو پاڻ کي ماري ڇڏڻ.
ڪهاڻي ۾ سسئي جو ڪردار آدرشي آهي ته وري ڪو هن جي جسم سان نه کيڏي، جمن سان شادي ڪري ٻارن جي ماءُ بڻجي، پر پنهنجي عظمت ۽ عزت نه وڪڻڻ ڏي..... هڪ سٺو ڪردار عظيم عورت جو، ٻوليءَ جو وهڪرو ۽ اتردار وايومنڊل.
”دل جي دانهن“ تسليم سحر جون جيڪي ڪهاڻيون مون پڙهيون آهن انهن ۾ ڪردارن جا نالا خوب وڻن ٿا، هن ڪهاڻيءَ جو عورت ڪردار سيما ۽ مرد ڪردار ساگر آهي.
سيما مٽن مائٽن هوندي به پاڻ کي اڪيلي ٿي محسوس ڪري، تنها تنها. هُوءَ ساگر کي پتي ۽ محبوب سمجهڻ کانپوءِ به دوست ٿيڻ وڌيڪ پسند ڪري ٿي. ننڍي هوندي ماءُ هن جون خاميون نه ٿي ڏسي، پنهنجي اولاد ۾ ته دنيا جي ڪنهن به ماءُ کي خامي ڏسڻ ۾ نه ايندي آهي، سو ڪو خامي ٻڌائي ، ڪو هن کي ٻڌي.
ساگر کي به ڪنن ۾ ڪپهه وجهڻ لاءِ چوي ٿي”ڪنن ۾ ڪپهه وجهي مونکي ٻڌ ساگر“
هُو ناراض ٿي ۽ غصو ڪري هليو ٿو وڃي، هُوءَ ڀتين سان به همڪلامي ٿي ڪري. هن جون رڙيون دانهون جي دل جون هيون ، ڀتين ۾ دفن ٿي وڃن ٿيون.
آخر هُوءَ پنهنجن خيالن سوچن، همڪلاميءَ مان آزارجي جيت مار دوا ٿي کائي، ڇاڪاڻ ته ساگر ڪردار هُن جي دل جون دانهون نٿو ٻڌي. پر هُوءَ بچي ٿي وڃي ۽ چوي ٿي ڇا مونلئه موت به ايڏو مهانگو آهي جو مُلُهه نه ڏئي سگهيس.
آئون به ڪهاڻي ليکڪه آهيان مونکي سيما هڪ ڪمزور دل، ذهني بيمار ڇوڪري لڳي ٿي، جا سوچن ۽ خودڪلاميءَ جو شڪار آهي.
”دل جي دانهن“ ڪهاڻي ۾ خودڪلامي وڌيڪ، ڪهاڻيءَ جي محدود هئڻ جو احساس ٿي رهيو آهي. زندگي بيحد خوبصورت آهي۽ ڪارائتي آهي عورت ۾ سگهه آهي طاقت آهي. اها ڳالهه به ڪي قدر هتي به نظرجي ٿي،پر سيما جي ڪمزوري جو سبب به ضرور نظرانداز ڪرڻ نه گهرجي.
ڪهاڻيون ” ماٺ رهان ته مشرڪ ٿيان، حضرت عشق، موت، رات جي پيٽ ۾، سُر جو سرجڻهار“ ۽ ٻيون تسليم سحر کان لکيل پڙهيون، غور سان پڙهيون، جي هن ڪتاب ”پوترتا – پڇتاءُ“ ۾ شامل آهن ۽ ڪتاب سمبارا پبليڪيشن طرفان شايع ٿي رهيو آهي. ڪهاڻيون پڙهڻ کانپوءِ ٿورڙو ڪتاب جي باري ۾ چوڻ چاهيان ٿي ته ٻوليءَ جي لحاظ کان هي ڪتاب تمام سٺي وهڪري واري ٻولي، ڪردارن جي چٽ ، ماحول جو رنگ روپ ۾ سگهاري قلم سان سرجيو ويو آهي ۽ گهڻو ڪري مرڪزي ڪردار عورتون آهن ، سماج جو ذڪر ۽ ان جون جهونيون رسمون به ليکڪه چٽو نشانبر ٿي ڪري ۽ هن عورتن جي درد، عشق، بيوسيءَ بابت دل کولي لکيو آهي. اميد ته هن ليکڪه جو ٻيو ڪهاڻي ڪتاب به جلد هٿن ۾ ايندو، اڃان به سگهارو ۽ ادبي دنيا ۾ ڇانئجي وڃڻ وارو. آمين
مان ٿورائتي آهيان سمبارا پبليڪيشن جي جاکوڙي پبلشر ساجد سنڌي جي جيڪو سنڌي ڪتاب مسلسل ڇپي ٿو ، جنهن مون جهڙي آلسي ليکڪه کي مهاڳ لکڻ لاءِ راضي ڪيو ۽ تسليم سحر جو ڪتاب پڙهندڙن کي گفٽ پيو ڪري . شال هي ڪتاب ڇپجي نالو ڪمائي ۽ تسليم سحر ادبي جڳت ۾ ڄاتل سڃاتل نانءُ ٿي چمڪي. آمين
شڀ چنتڪ
اندرا شبنم اندو
30 مئي 2017
پونا - ڀارت