”سرُ جو سرجڻهار“
جهوپڙين جي اولهائين پاسي ٿورو ئي پريان نم جي ڇانوري ۾ ٻه انساني پاڇولا هڪ ٻئي سان چهٽيل، دنيا کان بي خبر بيٺل هئا. هڪ خوبرو نوجوان اکين ۾ صدين جا اوجاڳا سجائي، رنگين چني اوڙهيل هڪڙي اپسرا کي ٻانهن جي هار ۾ جڪڙيون بيٺو هئو، چنڊ چهري ۽ ڊگهن وارن واري خوبصورت وينگس خوبرو نوجوان جي ٻانهن ۾ بت بڻيل هئي، پري کان هڪ قافلو واريءَ جو پنڌ ڪندو اچي رهيو هو، قافلي جي اڳيان نوراني چهري وارو هڪ اڌڙوٽ عمر پير مرد هو جنهن جي اکين مان نوراني روشني پئي نڪتي، سندس چهري تي اڌ ڪاري ڏاڙهي ڏاڍي سونهين پئي، سندس پٺي اگهاڙي هئي ۽ کيس گوڏن تائين لنگوٽو ٻڌل هئو، سندس هٿ ۾ تنبورو هئو جنهن جي تارن کي ڇيڙيندي ڇيڙيندي هُن جون آڱريون ڪپجي پيون هيون، هُو قافلي جو رهنما هيو، سندس پويان سوين پوئلڳ هئا.
قافلي جي رهنما جي نظر اوچتو نم جي وڻ هيٺان بيٺل ٻنهي پريمين تي پئجي وئي هئي، ڪنهن جادوئي اثر کيس هڪ پل لاءِ پنڊ پاهڻ بڻائي ڇڏيو هو، قافلو رڪجي چڪو هو، قافلي جو رهنما هوش سنڀالي نم جي وڻ ڏانهن وڌڻ لڳو هو، ويجهو پهچندي سندس چپن مان آواز نڪتو هو.
ويهه م وساري پڇا ڪر م پنڌ جي
نرمل نهاري، هلندن تان هٿ ڪئو.
رهنما جي آواز تي ٻنهي پريمين اکيون کوليون هيون، پريميڪا ڇرڪ ڀري پريميءَ جي ٻانهن مان نڪري وئي هئي، چوڙين جي آواز سانتيڪي ماحول ۾ سرگم آڻي ڇڏيو هو، رهنما مرڪندڙ چپن سان، جهيڻي آواز ۾ ڳالهايو هو ”تون ڊڄ نه ڌيءُ، مان پيار جو پيغامبر آهيان، هُو سڀ منهنجا ساٿي آهن“ رهنما پريان بيٺل پنهنجي پوئلڳن طرف اشارو ڪيو هئو.
پريمي ۽ پريميڪا اڳتي وڌي پيغامبر جي پيرن تي ڪري پيا هئا، پيغامبر جهٽ ڪري ٻنهي کي پنهنجي سيني سان لڳايو هئو، پوءِ هنن کان پڇا ڪئي هئائين انهن ٻنهي جي باري ۾. پريميءَ پيغامبر کي پنهنجو نالو سارنگ ٻڌايو هو، سارنگ سخي سردار هئو، ماڻهن جي مدد ڪرڻ لاءِ ڏڪاريل ڏيهه ۾ دور دور تائين پيرين پنڌ به نڪري پوندو هئو، جتي جتي هي ويندو هئو اتي ماڻهن جا ڪوماڻل چهرا ٻهڪي پوندا هئا ڇو ته ماڻهن وٽ خوشحالي اچي ويندي هئي، ڪجهه سال اڳ هُو هتي آيو هئو هُو آسا کي ڏسي سندس موهه ۾ موهجي ويو هئو، آسا سونهن ۽ سندرتا جي ديوي هئي، هن سارنگ کي پنهنجين اکين جو اسير بڻائي ڇڏيو هئو، سارنگ نينهن جو ناتو ڳنڍي آسا جي تر ۾ ترسي پيو هئو ۽ نيٺ آسا به سارنگ جي سڪ ۾ سپنا سرجڻ لڳي هئي سارنگ ۽ آسا اڪثر سڪ سلڻ لاءِ جهوپڙين کان الهندي پاسي نم جي وڻ هيٺان اچي ملندا هئا، اها هڪڙي اڀاڳي رات هئي، چوڏهين جي چنڊ چوڏس چانڊوڪي ڦهلائي ڇڏي هئي، آسا، سارنگ جي ٻانهن ۾ وڪوڙجي سپنا جهلائي رهي هئي جو ڪٿان هڪ ڳورپٽ اچي سارنگ کي ڪکيو هو، سارنگ ڦٿڪڻ لڳو هئو، سارنگ کي ڦٿڪندي ڏسي آسا سندس جسم مان زهر چوسڻ شروع ڪيو هئو، پر هوءَ سارنگ کي بچائي نه سگهي هئي، هوءَ به سارنگ سان گڏ ڌرتيءَ تي ڪري پئي هئي، ٻنهي جي جسمن مان روح پرواز ٿي چڪا هئا، ٻنهي پريمين جا جسم ڳوٺ وارن ڏڪندڙ هٿن سان روئيندي روئيندي لحد ۾ لاٿا هئا، ڪيترا ڏينهن ڳوٺ وارن سارنگ ۽ آسا جي وڇوڙي ۾ ڪيڏارو ڳايو هو، هُو جهوپڙين ٻاهران نيڻ اٽڪائي ڏسندا رهندا هئا ۽ کين اها آس هئي ته هڪ ڏينهن سارنگ ۽ آسا ضرور موٽي ايندا، شام جي ويلي ڳوٺاڻا اڪثر آسمان ۾ اکيون کپائي سارنگ ۽ آسا جي موٽڻ لاءِ دعائون پنندا هئا، نيٺ ڳوٺاڻن جون دعائون قبول ٿيون آسا ۽ سارنگ ته ڪو نه موٽيا پر سندس روحن کي آزاد ڪيو ويو هو، تڏهن ئي اهي روح ڪڏهن ڪڏهن هتي ايندا رهندا آهن، هاڻي ٻنهي پريمين جا روح پيغامبر جي سيني سان لڳل هئا.
پيغامبر ڳالهايو ، پيغامبر کين ٻڌايو ته هُو شاعر به آهي، هن پيار جا ڪيترائي گيت لکي ڪيترائي سُر سرجيا آهن، هن کين ٻڌايو ته هو نون سُرن جي ڳولها ۾ ائين ئي رڻ پٽ ۽ جهر جهنگ جهاڳيندو رهيو آهي، پيغامبر کين ٻڌايو ته هُو نون سرن جي ڳولها ۾ نڪتل هئو، هاڻي کيس سندس سُر ملي چڪا هئا تنهن ڪري هُو آسا ۽ سارنگ کان موڪلائي اتان ئي موٽي پيو هئو، واپس اچي هن نوان سُر لکيا هئا، سندس مريد سندس پويان بيٺل هئا، سڀني مرشد جي پيرن تي ڪري عرض ڪيو هئو ته تون اسان جو مرشد آهين تون عظيم شاعر آهين، سُرن جو سرجڻهار آهين، اسان لاءِ ڌرتيءَ لاءِ دعا گهر ته امن ۽ آشتي قائم ٿئي، سُر جي سرجڻهار دعا گهري هئي.
موٽي مانڊاڻ جي، واري ڪيائين وار
وڄون وسڻ آئيون، چوڏس ٿي چوڌار
ڪي اٿي هليون استنبول ڏي، ڪي مڻيون مغرب پار
ڪي چمڪن چين تي، ڪي لهن سمر قندن سار
ڪي رمي وييون روم تي، ڪي قابل ڪي قندهار
ڪي دلي، ڪي دکن، ڪي گڙن مٿي گرنار
ڪهين جنبي جيسر مير تان، ڏنا بيڪانير بڪار
ڪهين ڀڄ ڀڄائيو، ڪهين ڍٽ مٿاهين ڌار
ڪهين اچي عمر ڪوٽ تان، وسايا ولهار
سانئيم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار
دوست مٺا دلدار! عالم سڀ آباد ڪرين.