ڪھاڻيون

پوترتا – پڇتاءُ

ھي ڪتاب ليکڪا ۽ شاعرہ تسليم سحر جي لکيل ڪھاڻين جو پھريون مجموعو آھي.
”سندس هن پهرين ڪهاڻي ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻيون ۽ ان جا ڪردار جتي اسان جي معاشرتي پهلوئن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ بيچين آهن اتي زندگي جي چوواٽي تي حقيقي واقعن جا چٽا پٽا اولڙا به زميني ڪٿائن جي منظر ڪشيءَ جو سهڻو مثال پيش ڪري رهيا آهن. تسليم سحر پنهنجي شاعري جيان ڪهاڻين ۾ به روح جي رولاڪين ۽ داخلي ڪيفيتن جي نچوڙ سميت خارجي احساسن جي اُپٽار جو منفرد ڍنگ رکڻ جو مڪمل ڏانءُ رکي ٿي.“
  • 4.5/5.0
  • 2029
  • 484
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • تسليم سحر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پوترتا – پڇتاءُ

  موت

موت کي حڪم ٿيو ته وڃ سرير مان روح کي ڪڍي اچ، موت واچ ۾ ٽائيم ڏٺو، کيس مليل ٽائيم ۾ اڃا پنجٽيهه منٽ باقي هئا، رستو ايڏو ڊگهو نه هو، اک ڇنڀ ۾ اتي پهچي پئي سگهيو پر کيس انهن پنجٽيهه منٽن ۾ ڪنهن جو به ساهه ڪڍڻو نه هو، انهيءَ سبب الائي جي ڪنهن ٻئي سبب هن جي ذهن ۾ الائي ڇو اهو خيال آيو ته اڄ اهي پنجٽيهه منٽ به ان ڇوڪريءَ جي ويجهو وڃي ڏسان ته هوءَ ڇا ٿي ڪري؟ ڇا ٿي سوچي؟.
موت اک ڇنڀ ۾ ان ڇوڪريءَ جي ويجهو پهچي ويو، هن پنهنجو پاڻ کي ڇوڪريءَ جي اکين کان اوجهل رکيو.
پرهه ڦٽيءَ جو وقت هو، ڇوڪري ننڊ مان اٿي، اکيون مهٽيندي گهڙي مان پاڻي اوتي ڪونئرو ڀري وڃي هٿ منهن ڌوئي وضو ڪرڻ ويٺي.
هُن وضو ڪري مصلو کڻي فجر جي نماز ادا ڪئي، نماز مان فارغ ٿي هوءَ کير جو ٿانءُ کڻي ڳئون ڏهڻ ويٺي، جتان فارغ ٿي هن ٻهاري ڏني ۽ پوءِ ماءُ جي پيرانديءَ کان ويهي ماءُ جي پيرن کي ڇهندي هلڪڙي آواز ۾ چيائين ”امان! مان ماني پچائڻ ٿي وڃان، تون ڏڌ ولوڙ“
ماڻهس ننڊاکڙي اوٻاسي ڏيندي اکيون مهٽي اٿي ۽ چيائينس ”ها ڌيءَ پر پهريون پڻهين ۽ ڀاڻهين کي اٿار!“
سنهڙي سهڻي سٻاجهڙي ڇوڪريءَ ماءُ جي حڪم جي بجا آوري ڪندي پيءُ ۽ ڀاءُ کي ننڊ مان اٿاريو، ڀاڻس اٿندي ئي پيءُ سان ڪروڌ ڀريل آواز ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو ”بابا مان آخري دفعو چوانءِ ٿو، ڪونج جو رشتو ڏئي چاچي ولوءَ کان سهڻيءَ جو سڱ وٺي ڏي، نه ته اجايو ڏچي ۾ پئجي ويندين، مان سهڻيءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجهه به ڪري سگهان ٿو.“
پڻهس به وڏي ڪاوڙ مان چيس ”ولو نٿو مڃي ته مان ڇا ڪيان ۽ تنهنجا افعال اهڙا آهن، ڪير ڀلا پنهنجي ڄائي رلائيندو؟ توکي ڪم نه ڪار، ڪهڙو ڌنڌو ڌاڙي اٿئي؟ سواءِ صبح صبح ڪروڌ ڪرڻ جي، اڙي چور! سڄو تر تپائي ڇڏيو اٿئي، نڪ وڍائي ڇڏيو اٿئي، منهنجو پيءُ ڏاڏو سڀ شريف ماڻهو هئا، مون به سڄي عمر ڪنهن سان ڪئوڙي واتين نه ڳالهايو آ، پر تنهنجي ڪري اڄ سڀ ڪو مون کان به نفرت ٿو ڪري، چور جو پيءُ ٿا سڏين، ٻئي ٽئين ڏينهن پوليس وارا اچي در تي ٿا بيهن، گهر تي ڪڙو ڪاهي ٿا بيهن، تنهنجي جوان ڀيڻ ۽ پوڙهي ماءُ کي به بيعزت ٿا ڪن، منهنجا پوڙها هڏ ڪٽائيندي ته توکي شرم نٿو اچي پر ڀيڻ ۽ ماءُ جي بيعزت ٿيڻ تي ته ٿورو شرم کاءُ، ڪا غير ڪر، بي شرم اولاد.“
پيءُ جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽي ”هاڻي ڇڏ تقرير ٻڌائي ته ولو چوي ڇا ٿو، ڪهڙو جواب ٿو ڏئي؟“
”چئي ٿو مون کي پنهنجي نياڻي روز روز ٿاڻي وارن وٽ ناهي ويهارڻي، توهان ته بيعزت آهيو پر آئون بيعزت ڪونه ٿيندس.“
ولوءَ کي سڱ ته ڏيڻو پوندو بابا! پوءِ ڀلي عزت وارو سڏجي يا بيعزت، ڪلهي تي ٽوال ٺاهي کٽ کان پير لاهي، پيرن ۾ سينڊل پائي ٿو، مٽ مان پاڻي اوتي منهن تي ڇنڊا هڻي، ڀيڻ کي جيڪا چلهه تي ماني پچائڻ جي تياريءَ ۾ رڌل هئي: ”ڇوري ماني ڏي، جلدي ڪر، پوليس کان جهلرائڻو اٿئي ڇا؟“
”ها ادا هي کير جو گلاس پي ته ماني به آڻي ٿي ڏيانءِ، بس ٿورڙي دير آ.“
چوٽيءَ کان پڪڙيندي ”ٻڌئي نه جلدي ماني ڏي“ هڪدم موت کي به ان سٻاجهڙي ڇوڪريءَ تي رحم اچي ويو ”جيڪر ان ظالم انسان جو روح قبض ڪيان، ان ڇوڪريءَ جي بجاءِ، ڏس ته سهي الله ڪيئن نه ان کي سهڻو ٺاهيو آ.“
پڻهس ڇڏ نياڻيءَ جي چوٽيءَ کي اها تنهنجي مارن لاءِ ڪونه ڄڻي آ.
موت واچ ڏانهن ڏٺو، ٽائيم پورو ٿيندو پئي ويو،
هن سوچيو جيڪر واپس وڃي خدا کان ان ڇوڪريءَ جي حياتي واپس گهري ان کي زنده رهڻ لاءِ وقت وٺي ڏئي پر ائين ممڪن نه هو، هُو مجبور ۽ بيوس ٿي بيهي رهيو هو.
ڀاڻس چوٽيءَ کي ڇڏي ”سهڻيءَ جو سڱ ضرور وٺندس، بابا ڀل پوءِ مون کي ڪنهن جو قتل ئي ڇونه ڪرڻو پوي.“ اهو چئي ٻاهر وڃي ٿو. در کان نڪرندي ئي هُو سهڻيءَ جي ڀاءُ کي گهٽيءَ مان گذرندي ڏسي ٿو، جهٽ ۾ اندر داخل ٿي سڌو اندر ڪوٺي ۾ وڃي ٿو، هڪ عدد ڪهاڙي آڻي ٿو، پڻهس اٿي بيهي ٿو، ماڻهس جيڪا ڏڌ ولوڙڻ ۾ مصروف هئي، سا به اٿي ٿي بيهي رهي، سڌو سنئون رڌڻي ۾ داخل ٿو ٿئي، ڀيڻ کي پٺيان ئي ڪنڌ تي 4 وار هڪٻئي پٺيان ٿو ڪري، ڌڙ سسيءَ کان ڌار ٿو ڪري ڇڏيس، پڻهس ۽ ماڻهس رڙيون ڪندي رهجي ٿا وڃن، موت ساهه قبض ته ڪري ٿو پر اندر ئي اندر روئي پوي ٿو، هو ان وقت ان ڇوڪريءَ جي سامهون اچي ٿو، چوي ٿو مون کي حڪم مليو آ ته تنهنجو ساهه قبض ڪيان.
ڇوڪري ڄڻ چوندي رهجي وڃيس ٿي ”او ساهه جا بادشاهه ساهه ڀل ڪڍين ها پر ڪاريءَ جو الزام ته نه ڏئين ها.“
موت ڄڻ هڪ جهٽ لاءِ زمين تي ڪري پوي ٿو، ڀاڻس ڀڻڪندي ٻاهر واپس وڃي ٿو.
ماءُ ڌيءَ جي پيرن کان ويهي روئي ٿي، پيءُ ڪنڌ کي کڻي نرڙ تي چمي ڏئي ڪنڌ سان لائي ٿو، ايتري ۾ ٻاهران رڙيون اچن ٿيون، ڀاڻس سهڻيءَ جي ڀاءُ کي رتوڇاڻ ڪري رڙيون ڪري ٿو، تون ڪارو آهين، توکي ڪونه ڇڏيندس.
ماڻهو اچي ڀاڻس کي پڪڙين ٿا، سهڻيءَ جو ڀاءُ ته بچي وڃي ٿو پر ڪونج جو ڀاءُ قيد ڪاٽي ولوءَ کان ڏنڊ ۾ سهڻيءَ جو سڱ ۽ ٻه لک روپيا گهري ٿو، جيڪو هُو مجبور ٿي ادا ڪري ٿو.