هڪ سسئي ٻيا سُورَ
سوچي پئي ته ”هونئن هن کي پنهنجو نڪ به نه وڻندو آ، اکيون به نه وڻنديون آهن، پنهنجو رنگ به نه وڻندو آ ۽ چپ، چپ ته بلڪل نه وڻندا آهن، پر اڄ اهي سڀ ڇوٿا وڻن، هي ڏس منهنجا وار به ڪيڏا نه ڪارا ۽ سهڻا ٿي ويا آهن، اڄ ڪا پري آئي هئي مون تي جادوءَ جي ڇڙي گهمائي وئي هئي جو آئون ايڏي سهڻي ٿي وئي آهيان، اڙي هي ڏس منهنجي ڳٽن جون گولائيون، نڪ جي چوٽي چمڪي ٿي، ڀلا اها ڪيئن چمڪندي آهي ۽ ڇو چمڪندي آهي؟“ سسئي معصوم ٿي آئيني سان ڳالهيون ٿي ڪيون.
اوچتو سڄي ڳوٺ ۾ فائرنگ ٿي وئي، ڪجهه ماڻهو فائرنگ ڪندا هن جي گهر ۾ به گهڙي پيا، گهر جي اڱڻ ۾ هن جو بيمار پيءُ ۽ پوڙهي ماءُ، چاچو ۽ ننڍڙو ڀاءُ کٽن تي ويٺا هئا، جيڪي هڪدم اٿي بيهي رهيا، ڪجهه ماڻهو انهن جي مٿان هٿيار سڌا ڪيون بيهي رهيا ۽ انهن مان هڪ ڄڻو اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته سسئي ٻاهر نڪري آئي.
سسئيءَ جي نڪرڻ شرط همراهه هن جي ٻانهن کان پڪڙيو ۽ ڇڪي وٺي هلڻ لڳو.
سسئي ”ڇڏ مون کي ڪاڏي ٿو وٺي وڃين، ڇڏ مون کي ڪير آهين تون؟“ هوءَ رڙيون ڪرڻ لڳي.
هن جو ڀاءُ ۽ چاچو به اڳتي وڌيا، ”ڇڏيو حرام زاده اسان جي نياڻيءَ کي ڇڏيو، ڇا پنهنجون نياڻيون نه اٿوَ ڇا؟“
چاچي جي مٿي ۾ هڪڙي بندوق جو قنداق وهائي ڪڍيو ويو، جنهن جي ڪري هُو بيهوش ٿي ڪري پيو ۽ انهن مان هڪ ڄڻي ٻه گوليون هن جي معصوم ڀاءُ جي ڇاتيءَ ۾ لاهي ڇڏيون، ننڍڙن لوهه جي ٽڪرن جو اثر نه سهڻ ڪري هُو زمين تي ڪِرِي پيو.
پيءُ پُٽ جي مٿان رڙيون ڪري ڪِرِي پيو، ”ظالمو ظلم ڪيو اٿوَ، اسان توهان جو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟“
ماءُ ڌيءُ کي ڇڏائڻ لاءِ هڪ جا هٿ پڪڙيا، ان هن کي ڌڪو ڏنو، سسئي ”ڀائو، چاچا، بابا، امان ...“ ڪري رڙيون ڪندي رهي، ”بابا مون کي بچاءِ، امان مون کي بچاءِ، ڪوئي آهي جيڪو مون کي بچائي.“ پر ڪوئي به نه هو جيڪو ان کي بچائي.
سسئي ائين ظالمن جي ور چڙهي وئي پر ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ان جڳهه تي پوليس ڇاپو هنيو ۽ سردار، سسئي جمن نالي هڪ ٻئي ماڻهوءَ کي ڪڍي ڏني ۽ چيو ”هيءَ منهنجي امانت آهي جيڪا پنهنجي مائٽن تائين پهچائڻ تنهنجو فرض آهي.“
جمن اتان ته سسئي کي ڪڍي آيو، سردار پنهنجي ٽولي سوڌو گرفتار ٿي ويو.
جمن سسئي کي بجاءِ ماءُ پيءُ ڏي پهچائڻ جي پاڻ وٽ رکي ڇڏيو، جنهن مان هن کي هڪ ڌيءُ ۽ هڪ پُٽ جو اولاد به ٿي ويو، گهڻا سال گذرڻ کانپوءِ سردار آزاد ٿيو ۽ جڏهن هن کي ٻڌايو ويو ته سسئي کي بجاءِ ماءُ پيءُ وٽ پهچائڻ جي جمن پاڻ وٽ زال ڪري ويهاريو آهي، ته هن جي اندر ۾ باهه ڀڙڪي پئي.
هن جمن ڏي خط لکرايو ”منهنجي امانت ۾ خيانت ڪرڻ جو تو سوچيو ڪيئن، ڇا تون ان جي انجام کان ناواقف هئين؟.“
جمن سردار ڏي جواب لکائي موڪليو ”سائين مان توهان جي امانت مائٽن تائين ڪيئن پهچائي پيو سگهان؟، هوءَ پنهنجي مائٽن ڏي وڃڻ نه پئي چاهي، هن جو چوڻ هو ته آئون ڪهڙو منهن وٺي ويندم؟، اتي ڪيئن زنده رهندم؟ مون کي منهنجي ڀاءُ جو موت ۽ ماءُ پيءُ جي بيوسي جيئڻ ڪونه ڏيندي، ماڻهن جا مهڻا ڪنڌ مٿي کڻڻ نه ڏيندا، اهڙي زندگيءَ کان مون کي ماري ڇڏ، هن منهنجي پيرن تي لٽو لاهي رکيو ۽ واسطا پڻ ڏنا، جنهن بعد مان مجبور ٿي پيس پاڻ وٽ ڪهڙي حيثيت سان رکان ها، هن جي خواهش سبب مون هن سان نڪاح ڪيو ۽ هن کي عزت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، جيڪڏهن توهان کي اها ڳالهه ناگوار لڳي آ ته آئون توهان کان معافي ٿو وٺان اميد ته مون کي معاف ڪندا.“
پر سردار معاف ڪندڙن مان نه هو، هن ان ڏانهن وري هڪ خط لکائي موڪليو ”جمن انجام لاءِ تيار ٿي ويهه.“
جمن پڻ جواب ڏنو ”سائين هاڻي سسئي منهنجي عزت آ ۽ جمن ايترو بيغيرت ناهي، مان هر انجام لاءِ تيار آهيان.“
ڪجهه ئي ڏينهن کانپوءِ سردار جمن جي ڳوٺ تي چڙهائي ڪئي، ڳوٺ جا ست ماڻهو ماري جڏهن سسئي وٽ پهتو ته سسئي جو خنجرن سان چچريل لاش ڏسي حواس وڃائي ويٺو جيڪي گهاوَ هن کي ڪنهن ٻئي نه پر سسئي پاڻ ڏنا هئا، ان جي اکين اڳيان.