حضرت عشق
آخر تنهنجو نالو ڇا آهي؟ تون هتان ڇا ٿو چاهين بلڪه تون مون کان ڇا ٿو چاهين.....؟.
مان توکان ڪجهه به نٿو چاهيان بلڪه توکي ڪجهه ڏيان ٿو ۽ منهنجو نالو آهي حضرت عشق.
هن جي آڱر ۾ ڪنهن خوبرو نوجوان جو هٿ هيو جيڪو مون کي ڏسي مرڪي رهيو هو، حضرت عشق ان خوبرو انسان جو هٿ وڌائي منهنجي هٿ ۾ ڏنو ۽ پوءِ پاڻ هليو ويو. ان خوبصورت انسان جنهن جو قد 6 فٽ 10 انچ هيو جنهن جي ڇاتي ويڪري هئي ۽ سنهڙا چپ، شرابي اکيون ۽ ڳاڙها ڳٽا، جنهن جا ڪارا ريشمي وار پٺيان ڪلهن تي ۽ اڳيان نرڙ تي پئي ڪريا، هن منهنجي هٿ کي وٺي پنهنجي گلابي چپن تي آڻي چمي ورتو. اوچتو منهنجي اک کلي ويئي ۽ پوءِ پوري رات اک بند ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿي ورتو، اندر ۾ الائي ڪهڙا ٿي پُور پيا اکين ۾ الائجي ڪهڙي پئي چڀن ٿي. 16سالن جو سنهڙو جسم ويٺي ويٺي ئي ويڙهجي پئي ويو ،اوچتو ئي اوچتو ان چميءَ جو هٿ تي ذائقو محسوس ڪندي لونءَ ڪانڊارجي ٿي ويئي ۽ آئون سميٽجي ٿي ويس. پوري رات چادر ۾ پاسيري ٿي گوڏا ڇاتيءَ سان لائي ٻانهن سان منهن ڍڪي ڪرونڊڙي ٿي گذاري، صبح سان امان رڙ ڪري اٿاريو پر مان اٿي ئي نه سگهيم، نيٺ تنگ ٿي امان منهنجي مٿان آئي هوءَ ڪاوڙ ۾ ڳاڙهي لڳي پئي هئي.
ڇوڪري توکي ٿيو ڇا آهي؟ مان ڪتي آهيان جو صبح صبح سان پئي ڀونڪون ڪيان؟، اٿين ڇونه ٿي؟
مون پوءِ به ڪو جواب نه ڏنو هن تنگ ٿي هڪ ٿڦ مونکي وهائي ڪڍي، جيئن ئي امان جي هٿ منهنجي ڳٽي کي ڇهيو ته امان جي نڙيءَ مان هڪ رڙ به نڪري آئي مئيس هن نڀاڳيءَ کي ته بخار آهي، ڏس ته باهه پئي ٻري جهڙوڪ ماني پچاءِ، منهنجي اکين مان اُن وقت نير پئي وهيا ۽ چپ پئي ڦڙڪيا امان بار بار پئي پڇيو اي امان سيءُ ٿو لڳيئي ته رلهي ويڙهيانءِ؟ ۽ جيڪا پل کن اڳ باهه هئي اها هاڻ ميڻ پئي ٿي، ڄڻ ته سج کي پٺي هجي. منهنجو سڄو ڏينهن ائين گذريو بابو به گهر ۾ ڪونه هيو، ڪم سانگي ٻاهر ويل هيو. امان سڄو ڏينهن پنهنجي هنج ۾ ڪيون پئي وارن ۾ آڱريون ڦيرايون. ان ڏينهن مون ڪجهه به نه کاڌو هيو ۽ نه ئي ڪجهه پيتو هيو، اماءن جون اکيون در ۾ هيون ته ڪهڙي مهل ٿو بابو اچي ۽ مون کي ڪنهن مسيحا کي ڏيکاري اچي، اهو ڏينهن ته ڪنهن نه ڪنهن بهاني گذري ويو، وري رات آئي ۽ مان سڄي ڏينهن جي ٿڪاوٽ جي ڪري سمهي پيس، ٻين کي ٿڪ ٿيندو آ ڪم ڪرڻ جي ڪري ۽ مون کي ٿڪ ٿيندو آ ويهڻ يعني آرام ڪرڻ جي ڪري. انسان آهيان نيٺ اک لڳي ئي ويئي بس ويرم ئي ڪانه گذري ساڳي ئي شهنشاهه .... در کڙڪايو ۽ مون ساڳئي ئي طرح در کوليو، بس فرق صرف لفظن جو هيو، هن چيو ڏٺئي مون توکي چيو هيو نه ته مان اهڙو شخص آهيان جو آدميءَ جو کائڻ پيئڻ، آرام، آرائش سڀ ڪجهه کسيو ڇڏيان.
تون ان نوجوان کان اک نه چوراءِ ، هي تنهنجو سک آهي، چين آهي. ان ۾ پنهنجو پاڻ شامل ڪر ..... تون ڏاهي ٿي ويندينءَ، ائين چئي اهو شخص گم ٿي ويو. منهنجي سامهون ساڳيو ئي نوجوان ساڳي ئي مرڪ پئي مرڪيو. اڄ رات هو منهنجا ٻئي هٿ جهلي مون کي پنهنجي ويجهو ڪرڻ جي ڪوشش پيو ڪري، هن جا ساهه مون محسوس پئي ڪيا، هن جي ساهن ۾ خوشبوءِ هئي، اهڙي خوشبوءِ جيڪا ڪنهن به گل ۾ نه هجي ، عطر ۾ نه هجي. هن جي گرم گرم ساهن ڄڻ مون کي چمي پئي ورتو.
مون هن کان پنهنجا هٿ پئي ڇڏرايا ته هن ڀاڪر ۾ ڀري ورتو ۽ مون کان هڪ زوردار رڙ نڪري آئي، اک کلئي ڏٺو ته امان مون مٿان پاڻي جهليو بيٺي هئي، امان !ڇا ٿيو؟ جيجل اُٿ ته پاڻي پيءُ ڪوئي خواب پئي ڏٺئي ڇا؟.
ماءُ پيءُ کي اڪيلي ڌيءُ هيس ستن ڀائرن ۾، اتفاق سان ڀائر به ڪو ڪيڏانهن ته ڪو ڪيڏانهن هليو ويو هو ،امان ڀائرن ۽ ابي جو پيار ڏسي هميشه مون کي دڙڪا ڏيندي هئي، انهن سان وڙهندي هئي ته ڌيءَ کي آڪرو ڪري ڇڏيو آ توهان، ڌيءَ پرائو ڌن آ، ان کي ايترو پيار نه ڏيو جو هوءَ ابي امان جو گهر وساري نه سگهي، اڄ نه سڀاڻي هن کي پنهنجو گهر وسائڻو آهي ۽ هن کي ان ئي گهر ۾ دل لڳائڻي آهي، حد کان وڌيڪ پيار ۽ لاڏ آڪرو ڪري ڇڏيندس. پر اڄ هوءَ ابي کان وٺي ستن ئي ڀائرن تي ڪاوڙ ڪري رهي هئي ته الائي ڪٿي مري ويا آهن؟ جو گهر ڏانهن منهن ئي نه ڪيو اٿن. ڪوبه هڪ اچي ته ها، اهو به نٿا سوچين ته گهر ۾ اڪيلي ماءُ ۽ جوان ڀيڻ ڪيئن رهنديون؟، وقت ته ڇا ٿي ويو آ، مال متاع گهر ۾ ڇا ناهي؟.
آئون سڀني ڀائرن کان ننڍي هيس ننڍي هوندي کان ئي اگر ڪو ٻار مون کي ماري يا آئون ڪنهن سان وڙهي پوان ته ڀائر به ان سان وڙهي پون ۽ آئون پنهنجو قدر وڌائڻ لاءِ انهن کي اهو به ٻڌائيندي هيس ته غلطي منهنجي آهي.
اگر ڪنهن ڇوڪريءَ جون چوڙيون، پونيون يا چوٽي وڻي وڃي ته ان کان زوريءَ کسيندي هيس، کسي نه سگهان ته ڀائرن کي چوندي هيم ۽ ڀائر ان کان کسي مون کي ڏيندا هيا، اهو ڏينهن خالي نه هيو جو ڳوٺ جي ڪا مائي امان وٽ دانهن نه کڻي آئي هجي ته تنهنجي ڇوڪريءَ ۽ ڇوڪرن اسان جي معصوم نياڻيءَ کي ماري پوني کسي آ يا چوڙيون کسي آيا آهن. امان ڀائرن کي ۽ مون کي دڙڪا ڏيئي شيون واپس وٺي انهن کي ڏيندي هئي ته ابو مون کي ۽ ڀائرن کي پرچائڻ لاءِ ساڳي ئي شئي وٺي ڏيندو هو، اهو ئي سبب هيو جو ڳوٺ جي ڪا به ڇوڪري يا ڇوڪرو مون سان گڏ نه کيڏندو هو، پري کان مون کي ڏسندو هو ته ڀڄي وڃي لڪندو هيو، بس منهنجا ڀائر ئي منهنجا دوست هيا ۽ منهنجون سهيليون هيون.
مون کي اٽي جي چڪيءَ واري ٽڪ ٽڪ جو آواز ڏاڍو وڻندو هيو، ڳوٺ کان ٿورو پري چڪيءَ جو آواز ڪنهن ڏينهن بند ٿي وڃي ته آئون روئندي هيس، مون کي هلائي ڏيو اهو آواز هلائي ڏيو.
پوءِ منهنجا ڀائر مشين مالڪ کي پئسا ڏئي زوريءَ مشين ٿوري دير لاءِ هلرائيندا هيا ۽ دعا گهرندا هئا ”الله ڪري اڄ مشين بند نه ٿئي“ ۽ ڀائرن جو هر ڪم ڪرڻ مون کي سٺو لڳندو هيو، انهن لاءِ ماني ٺاهڻ، ڪپڙا ڌوئڻ، انهن جون شيون سانڍڻ، مطلب ته ڀائرن جو سمورو ڪم آئون پاڻ پنهنجي هٿن سان ڪندي هيم، امان صرف مال کي چارو ڏيندي هئي، ڀائر اگر گاهه جي ڪتر ڪن ته مشين ۾ گاهه آئون ڏيندي هيس، اڌ گاهه وڃائيندا هياسين يعني گاهه کڻي ڀائرن جي منهن ۾ هڻندي هيس، چپ چپ ڪري پٺيان سندن قميص ۾ وجهندي هيس، گاهه جا تيلا کڻي ڀائرن جي ڪنن ۾ والا ڪري، مٿي تي ٽڪو ڪري ڳلي ۾ هار ڪري پائيندي هيس، مطلب هو ڏاڙهيءَ سان ٿي ويا هئا ، پوءِ به ٻار ٿي مون کي کيڏائيندا هيا ، هنن جي عمر شادي جي ٿي وئي هئي ڳوٺ ۾ ڪو به هنن کي سڱ ڏيڻ لاءِ تيار نه هو صرف ان ڪري ته آئون ڀائرن جي حد کان وڌيڪ اربيلي هيس، هر ڪوئي چوندو هيو هي ڀيڻ مان جان نٿا ڇڏائين زالون ڪيئن هلائيندا؟
۽ ڀائرن جي به اها ئي خواهش هئي ته پهريان ڀيڻ کي پرڻائينداسين پوءِ پاڻ لانئون لهنداسين.
خير پهرئين وانگر ٻي رات به گذري ئي ويئي، صبح ٿيو صبح جو به ساڳئي حالت هئي مون هڪ اکر به زبان مان نه ڪڍيو هيو ،امان مون کي ايلاز ڪندي رهي امان! ڪجهه ته ڳالهاءِ؟ پر منهنجي زبان تي ڄڻ ڪو تالو لڳي ويو هجي، نڙي سڪي ڪنڊا ٿي ويئي هجي، مون کي سمجهه ۾ نه پئي آيو آخر اهو نوجوان ڪير آهي؟ ڪٿي آهي؟ مون ته ڪڏهن به ڳوٺ کان ٻاهر ۽ ڳوٺ ۾ اهڙو ڪو ماڻهو نه ڏٺو آهي ۽ ماڻهن جي مون سان پئي به ڪانه، اصل مون کان لڪندا وتن، مان به ته اهڙي آهيان جو بس توبهه! منهنجي وري ڪهڙي ماڻهن سان پئي، جو ماڻهن جي مون سان پئي.
اوچتو در کڙڪيو منهنجي ماءُ مون کي پنهنجي هنج مان ڪڍي در کولڻ لاءِ ويئي، سامهون وهاب ۽ آفتاب هيو منهنجو وڏو ۽ ٽيون نمبر ڀاءُ، جيڪي پنهنجي دوستن سان گڏ شڪار تي ويل هيا. منهنجي ماءُ پيءُ به ستن ئي ڀائرن جا نالا هڪ ٻئي سان ملندڙ جلندڙ رکيا هيا، وڏو وڏو وهاب ٻيو نمبر شهاب، ٽيون آفتاب، چوٿون مهتاب، پنجون نواب، ڇهون ارباب ۽ ستون سهراب. سهراب کي آئون هميشه عذاب سڏيندي هيس ۽ سڏيندي آهيان هو ڏاڍو چڙندو آهي، سهراب نواب ۽ ارباب منهنجي ناناڻن ڏي ٻئي ڳوٺ پنجن ڏينهن کان گهمڻ لاءِ ويل هئا، باقي شهاب شادي جي سڏ تي ۽ مهتاب بابي سان بابي جي دوست جي دعا گهرڻ لاءِ شهر ويل هيو. امان آفتاب ۽ وهاب سان جنگ لايون پئي آئي ڏاڙهي اچي ٿي اَٿَوَ پر اڃان به شڪار ۽ ٻارن وارا ڪم، اٿو گهرجي ڪا ڳڻتي؟ امڙ جو ڪو فڪر به اٿو يا نه؟، هونئن ته ڀيڻ لاءِ سر پيا ڏيو، ڏسو ته سهي ڪالهه کان ڪهڙو حشر ٿيو اٿس، نه کائي ٿي نه پيئي ٿي، نه ڳالهائي ٿي، نه ٻولهائي ٿي. ان جي الڪي ۾ ڍور ڍڳا به بک مري ويا آهن. آئون ڇوڪريءَ جي ڪيان يا گهر جي؟ يا ان بي زبان جانورن جي؟ چوين شادي ڪريو ته اها به نه، ڀيڻ جو گهر آباد ڪريون ته پوءِ ڏسنداسين. اڙي ابا! اها توهان کان ننڍي آهي، اها خواهش رکي ٿي ته سندس ڀائرن کي موڙ ٻڌي ، ميهندي لائي. هونئن ته هر خواهش مڃن ٿا پر اها الائي ڇو نه ٿا مڃن؟ پر منهنجي ڀائرن سندس ڪابه ڳالهه نه پئي ٻڌي. هنن مٿان ڄڻ خبر پوندي ئي وڄ ڪري پِيَن ڊوڙندا اچي منهنجي کٽ جي ٻنهي ٻانهين کان بيهي رڙيون ڪرڻ لڳا: ڀيڻ !ڇا ٿيو؟ ٻڌاءِ! منهنجي امان توکي ڇا ٿيو آهي؟ ساڄي هٿ کي وهاب ۽ کاٻي کي آفتاب پڪڙيون پئي چميو، منهنجي ڀائرن جي اها حالت ڏسي امان به چپ ٿي ويئي ۽ اکين مان نير ٿي وهايائين.
منهنجا ڀائر پنج وڏا ۽ ٻه ننڍا آهن، يعني آئون ڇهين نمبر تي آهيان پر لڳندو ائين آهي ڄڻ مان سڀني کان وڏي هجان، وهاب چيو آفتاب کي تون وڃ ۽ ابي وارن کي فون ڪر ۽ جيئن به ٿي سگهي تيئن ٻين ڀائرن کي به گهرائي وٺ پر خيال ڪجان ته هُو پريشان نه ٿين، پوءِ اچي تون مال ڍڳي جو ڪر ۽ امان کي دلاسو ڏي مان وڃي ڀيڻ کي ڊاڪٽر کان دوا وٺي ڏيان.
آفتاب ڪنڌ سان هائوڪار ڪندي، ڳوڙها اگهندي ٻاهر نڪري ويو ۽ وهاب مون کي ڪلهي جو سهارو ڏيندي امان کي چيو ته مون تي چادر وجهي ۽ هو ڪنهن ٻار وانگر مونکي اسپتال کڻي آيو، اسان جي ڳوٺ جي اسپتال ڪا وڏي اسپتال نه هئي هڪ ننڍڙي اسپتال هئي ۽ مون کي به ڪڏهن ڪا ضرورت نه پئي هئي اسپتال اچڻ جي، مون پهريون ڀيرو ڏٺي هئي اسپتال. ڊاڪٽر بخار جي دوا ڏني ۽ چيو حوصلو رکو بس بخار آهي، انشاءَ الله لهي ويندو.هيءَ هڪ دوا لکي به ڏيان ٿو اها صبح، منجهند ۽ شام ٽي وقت وڃي پيئاريوس ۽ في الحال جلد هضم ٿيندڙ خوراڪ کارايو، ڀل پوءِ اها ٿوري ئي ڇو نه هجي، جيڪا کائي سگهي.
ڀاءُ مونکي واپس گهر کڻي آيو ۽ پوءِ سموري خدمت پاڻ ڪندو رهيو کارائڻ کان وٺي پيئارڻ تائين ، پر مون کان ڪجهه نڙيءَ هيٺ لهي ئي نه، ڀت جون ٻه چمچيون ۽ دوا به نڙيءَ ۾ ئي رهجي وڃي. اها حالت ابي ۽ ٻين ڀائرن کان ڏٺي نه ٿي، بابي چيو شهر ۾ وڏا ڊاڪٽر آهن هن ڊاڪٽر جي دوا سان بخار ته پري پر ڪجهه هيٺ لهي ئي نٿو، دوا پيٽ ۾ نه ويندي ته بخار ڪيئن لهندو، شهر کڻي ٿا هلون اُتي ڊرپ وغيره چاڙهيندا ته من ڪجهه ڳالهه ٺهي به پئي، اها صلاح سڀني کي وڻي ۽ ائين ٻئي ڏينهن تي ئي مون کي شهر جي وڏي اسپتال ۾ آندائون. عجيب ڊاڪٽر، ڊاڪٽرياڻيون هيون نرسون هر وقت خيال رکڻ لاءِ بيٺيون هيون، خبر ئي نه پئي ڊرپون چڙهي ويون الئجي ڪهڙيون ڪهڙيون ٽيسٽون پئي ٿيون، چارئي ڀائر ۽ بابو هڪ منٽ لاءِ به نه پئي ويٺا ، ڪو ڪيڏانهن ته ڪو ڪيڏانهن پئي ڀڳو، منهنجي رات ۽ ڏينهن هڪ ٿي ويئي بس صرف نير پئي وهيا، چپ پئي تڙڪيا ۽ جسم پئي ڏڪيو، صفا برف ۽ ڪهڙي وقت اصل باهه ،ڪڏهن اک لڳي وڃي ته ساڳي ئي نوجوان اڇي رنگ جي گهوڙي تي ته ڪڏهن اٺ تي، مون کي جهپي کڻي پئي ورتو ۽ منهنجي اک کلئي پئي وڃي، اک کلڻ تي مون ٻيو ڪجهه به نه پئي ڪيو بس صرف تيز تيز ساهه پئي کنيا ۽ لڇ پڇ ۾ ڊرپون وغيره لاهي پئي ڇڏيون.
صرف ائين نه هيو ته بابي جن وڏي اسپتال ۾ آندو هيو پر امان به وس کان نه گهٽايو هيو نظر ڪٽڻ کان وٺي دعائن ۽ باسن تائين هر حيلو ٿي ڪيو، ڊاڪٽرن کي ڪا به بيماري سمجهه ۾ نه اچڻ کانپوءِ پاڻ ۾ ميٽنگون ڪرڻيون پيون مختلف شهر جا ڊاڪٽر اچي گڏ ٿيا منهنجون رپورٽون ڏٺائون، امان ۽ بابي جي ذهن ۾ به ويهجي ويو ته ڪا بيماري ناهي ته بس ڪو جن هوندو، جيئن ڏينهن گذرندا ٿي ويا تيئن خواب وڌندا ٿي ويا ، هاڻ ته هو ماڻهن جي موجودگي ۾ به اچڻ لڳو هو، آئون ان کان ڄڻ ڊڄي ويئي هيس، ائين به پئي سمجهيو ته منهنجو علاج صرف ان وٽ آهي اهو ئي منهنجو مسيحا آهي پر آواز نڪري ته ٻڌايان نه؟
ڏينهون ڏينهن ويس وڌيڪ سُڪندي ۽ رنگ به جيڪو گلابي هيو اهو ڄڻ پيلو پئي ٿيندو ويو، بابي وارا بخوبي سمجهي ويا ته هاڻ هي اسپتال جو ڪمرو ڌيءَ کي کائي ويندو ان لاءِ ڀلو آهي ته ان کي هتان ڪڍي هلون ڇو جو آئون ڪمري جي ديوارن، در ۽ تصويرن کي ڏسي لڇڻ لڳي هيس، انهن کي ڪهڙي خبر ته آئون ان نوجوان کي ڏسي رهي آهيان. بابي ڀائرن سان صلاح مشورو ڪري مون کي اسپتال مان ڪڍي آيا پوءِ بس ڳوٺ ۾ ڪنهن چيو جن آهي، ڪنهن چيو ڊوهه (ڪارو علم) آهي ،ڪنهن چيو نظر آهي، پوءِ بس گهر ۾ ڪڏهن صلوات پئي هلي، ڪڏهن قرآن خواني پئي هلي، ڪڏهن پير پئي آيا ته ڪڏهن مون کي بيبين ڏانهن، روزن شريفن ڏانهن وٺي پئي ويا. ڀائرن به کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنو وڏي جي ته ڏاڙهي به نڪري آئي هئي، مٿي ۾ ته ڄڻ ڪنهن ڌوڙ وجهي ڇڏي هجيس، امان اڪيلي هجڻ ڪري ڪپڙا به ڌوئي نه سگهي، ٻئي ڳوٺ مان منهنجي ماسي ۽ پڦي به گهرائي هيائين جيڪي ٿورڙو گهڻو ڪم ڪار ڪنديون هيون، پر سڀني جو ڄڻ خون ڄمي ويو هجي، ڄڻ هو سڪي ٿڌا ٿي ويا هجن. منهنجي بيماريءَ کي مهينو ٿي ويو آخر ڀائر مجبور ٿي مون کي ڀوپن ڏانهن وٺي آيا، ابي وارا سمورو مال به وڪڻي چڪا هئا بس صرف ٻه ڍڳيون وڃي بچيون هيون، جيڪي ڀوپن ورتيون، پهريان ته لهرائين پيا ڇو ته هو نه پيا چاهين ته آئون ڪنهن جي هٿان ڪُٽجان ،پر منهنجي ٺيڪ ٿيڻ جي آخري اُميد اها وڃي بچي هئي.
ڀوپن نه ڄاڻ الائي ڇا ڇا پئي ڪيو ،انهن باهيون پئي ٻاريون دونهان پئي ڏنا، ٻڌي چيو پئي فلاڻا شهنشاهه جن نڪري وڃ نياڻي جي جند ڇڏي وڃ، پر هاڻ مون وٽ به ڪجهه ڪونه بچيو هيو، مون وٽ جيڪو ڪجهه هو اهو حضرت عشق پاڻ سان گڏ کنيو ويو هيو، هاڻ مان صرف هڏن جي مٺ وڃي بچي هيس، منهنجي اندر مان ڪا به آهه ڪا به صدا نه پئي نڪتي ڄڻ ڀوپا الائجي ڪنهن کي ماري رهيا هئا ڪو به آواز نه پئي نڪتو.
نيٺ ڀوپا به نراس ٿي بيهي رهيا، منهنجي اکين جي اڳيان ته صرف اهو نوجوان هيو، جيڪو مون کي سڏي رهيو هيو، جنهن جي منهن تي اذيتن کي مٽائڻ واري مرڪ هئي، ڀوپن منهنجي هڏن تان کل به لاهي ڇڏي هئي، ست ئي ڀائر بيوس ٿي، امان سان گڏ منهنجي مٿان بيٺا هئا، انهن جون آهون ۽ دانهون سڏڪا نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا هئا، اکيون ڳاڙهيون ڏار ڏنل، جسم سڪي ويا هئن، ڄڻ هر ڪوئي چوندو هجي يا الله اها بيماري اسان کي ڏي اسان جي ڀيڻ کي پهريان جهڙو ڪر. ست ئي ڀائر امان ۽ بابا منهنجي چئوطرف ڦرڻ لڳا، هاڻ منهنجي چهري تي مرڪ هئي ۽ هنن جي منهن تي آخري اُميد هُو چوٿون ڦيرو ڏيڻ لڳا ته منهنجي زبان تي لفظ اچڻ لڳا مون هٿ ان نوجوان ڏانهن وڌايو ۽ چوڻ لڳم ”حَه ..... حَه ..... حضرت عشق “ ۽ پوءِ منهنجو هٿ زمين تي ڪري پيو ۽ اکيون هڪ جڳهه تي سڪي ويون، ڳوڙها بند ٿي ويا مرڪ فاتح ٿي چهري تي چڙهي، جيسين ڀائر، امان ۽ ابو ستون ڦيرو ڏين تيسين منهنجي ماسيءَ رڙ ڪندي چيو ادي ليليٰ وئي اسان کي ڇڏي، ليليٰ وئي مجنونءَ ڪڍ، ليليٰ وئي امان ڪري پئي، ڀائر مٿو منهن ڪٽيندا رهيا ۽ بابو پٿر ٿي ويو، منهنجو روح سڀ ڪجهه ڏسي رهيو هو، حضرت عشق هڪ طرف روئي رهيو هو ۽ هڪ طرف چئي رهيو هو مون کي جيڪو وڻندو آ ان کي مٺيون مٺيون اذيتون ڏيندڙ زهر پياريندو آهيان.