هي رات ۽ مقدر
هن منهنجي سچائيءَ ۽ تقدس سان پيار ڇو نه ڪيو؟ ها هن لالچ وارو پيار ڇو ڪيو؟، هُو ڇو نه ٿو سمجهي پيار ۽ پاپ ۾ فرق؟ هن کي به منهنجي سونهن سان پيار آ، اهڙي سونهن سان جيڪا ٻن ٽن سالن کانپوءِ دم ڏيندي ۽ جڏهن سونهن دم ڏيندي ته پوءِ ڇا هُو مون سان اهڙو ۽ ايترو ئي پيار ڪندو؟ نه! شايد نه! جنهن جي سونهن ڪمزوري هجي، اهو ان کانسواءِ ڪين ٿو رهي سگهي، اڄ جيڪو منهنجي سونهن تي هام هاري رهيو آهي، اهو ڪنهن به ٻيءَ سونهن تي ساهه ڏئي ٿو سگهي. شايد سج منڊو ٿي پيو آهي، رات ڌرتيءَ کي ڪاري چادر ۾ اوڙهيل ئي ڏسڻ ٿي چاهي، الائي ڇو صبح ٿيڻ جو نالو ئي نٿو وٺي، ڪڏهن صبح ٿيندو؟ مان هن سان جيڪي به ڳالهيون ڪيان ٿي، هن کي منهنجون ڳالهيون ڳجهارتون لڳن ٿيون، ها شايد ان لاءِ جو هُو سڀ ڪجهه وساري ڇڏي ٿو.
هن کي هر ڳالهه نئين ٿي لڳي ۽ هو ان نئين ڳالهه کي مختلف پاسن ڏي ڊوڙائي ٿو، ڪڏهن ڪڏهن ائين ڇو لڳندو آهي، ڄڻ هن کي منهنجي ڳالهه منهنجي جذبن سان ڪو به لڳاءُ نه آهي.
مان به ڪيڏي چري آهيان، هن جي واضح چوڻ کانپوءِ به ايترو نه ٿي سمجهي سگهان ته هتي صرف دال ۾ ڪارو نه بلڪه سڄي ساري دال ئي ڪاري آهي. نه نه ائين نٿو ٿي سگهي.
مان سارنگ کي پيار جي پاڪيزگيءَ سان چاهيو آهي، هُو منهنجي روح ۾ شامل ٿي چڪو آهي، هُو منهنجي روح سان نه ٿو کيڏي سگهي، مون ته هن کي هميشه چنبيليءَ جي گل جيان ڏٺو آهي، تازو توانو، صاف ۽ پاڪ. هن جي وجود ۾ ڪارو گلاب ڪيئن ٿو ڦٽي سگهي؟، هُو ته صبح جي ٿڌڙي هير جهڙو آهي، هو هن ڪاري ڏانئڻ رات جهڙو ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ مان ته هن جي ايترو ويجهو اچي چڪي آهيان جيڪڏهن هن کان ڌار ٿيس ته مري ويندس ۽ هن جي ان روپ سان جيڪڏهن هن جي ويجهو رهيس ته منهنجو روح منهنجي اندر جو انسان مري ويندو. نه مان مومل جيان ڏاگهه تي چڙهي ٿي سگهان، مان سهڻيءَ جيان سيرن ۾ لُڙهي ٿي سگهان، مان سسئي جيان جبل ته جهاڳي ٿي سگهان، پر پيار کي پئسن تي وڪرو نه ٿي ڪري سگهان.
ها مان اهو ڪڏهن به چاهيندي به وساري نه ٿي سگهان ته ننڍڙن پتڪڻن پيرن سان سيءَ جي پوهه پارن ۾ جُتِي نه هجڻ سبب الل صبح جو شاپر پائي ڪيئن نه مسجد ڏي ويندا هئاسين ۽ سج جي نڪرڻ شرط صراط المستقيم جي صدا سان واپس گهر لاءِ ٻاهر نڪرندا هئاسين.
صراط المستقيم! صراط المستقيم ڪيڏو نه عجيب آ منهنجو ننڍپڻ، بابا سائين جي پيار کان وٺي ماءُ جي هنج ۾ دڙڪن تائين، ڳوٺ جي گهٽين کان وٺي باغن ۾ وڻن جي لامن تي لڏڻ تائين معصوميت سان ڀرپور زندگي، ڪڏهن روئڻ ڪڏهن کلڻ ۽ ڪڏهن محنت مشقت سان چڪناچور جسم، اهي ڪاغذ جون ٻيڙيون، پوپٽن جون اڏارون، ڪُڪڙن جون ٻانگون، اونهاري ۾ پٽڙو ڀت کائڻ ۽ سياري ۾ باهيون ٻاري مچ مچائي ٽوليون ٺاهي وڏڙن کان ڳالهيون ٻڌڻ، ڀلي ڪيڏو به دردناڪ ننڍپڻ گذريو هجي پر پوءِ به اهي ئي ڏينهن وڻندڙ هوندا آهن.
مان ڪيڏانهن جي ڪيڏانهن هلي وئي آهيان، صراط المستقيم ڪيڏو نه روح کي راحت ڏيندڙ لفظ آهي، ايترو ئي مزو ۽ سرور شاهه جي تنبوري ۽ ٻيجل جي چنگ ۾ رکيل هوندو، اندر کي ماٺار ڏئي ٿا ڇڏين اهي لفظ، خدا جي قدرت به ڪيڏي نه عجيب آهي، ڪيڏي نه الجهائيندڙ آهي، انسان ته خدا جي نالي جي پهرين اکر جي مام به پروڙي نه سگهيو آهي، بلڪل ائين جيئن مان خدا جي تخليق مان هڪ سارنگ کي به نه سڃاڻي سگهي آهيان، سارنگ ۽ سارنگ جو جنوني پيار هن رات تي به حاوي آهي پر مان هاڻي سندس سان ڪو به رشتو نه رکنديس. پر رشتا ٽٽڻ جا ته نه هوندا آهن! ڇا گذريل وقت انسان جي زندگيءَ مان نڪري سگهي ٿو؟ مان هن جي سحر ۾ ايترو ڇو جڪڙجي وئي آهيان، ڇا مان هن جي طلسم مان آزاد نٿي ٿي سگهان؟ سڀ ڪجهه ٿي سگهي ٿو، انسان جبل کي ٽوڙي سگهي ٿو، انسان خدا کي ڳولهي سگهي ٿو، انسان ڪجهه به ڪري سگهي ٿو ته پوءِ مان صرف هڪڙي سارنگ کي ڇونٿي وساري سگهان؟. ها مان هن جو نالو دل جي بورڊ تان مهٽي ڊاهي ڇڏيندم، ڀل منهنجي دل جو ماس پٽجي ڇو نه پوي، ڀل منهنجي دل زخمي ٿي ڪم ڪرڻ ڇڏي وڃي ۽ بيهجي ئي ڇو نه رهي. مان رڳو هڪڙي شخص کي وڃائڻ واري خوف ۾ هزارين سٺا دوست وڃائي نٿي سگهان، مڃيان ٿي سارنگ جو پيار، سارنگ جون نظرون منهنجي اکين جي درين کان ٿينديون، پتڪڙا پير پائينديون، دل جي ڪچڙي آڳر تي نشان چٽينديون اندر وڃي ٿيون ويهن، دل ۾ ڪتڪتايون پيون ڪڍن، پر هن جي محبت جي تقاضا هڪڙي ۽ منهنجي حياءَ جي تقاضا ٻي آهي.
صبح ٿئي ته مان سارنگ جا ڪن پٽي کيس چونديس ته سائين هُو تنهنجو رستو ۽ هي منهنجو رستو، پاڻ ٻئي گڏ نه ٿا هلي سگهون، مان پڙهي لکي بڻجي وئي آهيان ته ان جو مقصد اهو ناهي ته آئون ڳوٺ جي ريتن رسمن کان ئي بيخبر ٿي وئي آهيان. اسان ڀل ڪيڏا به ماڊرن ٿي وڃئون پر آهيون تاريخ ۽ تمدن ۾ قيد ۽ اسان جو معاشرو مسلم آهي، پوءِ ڀل کڻي ڪي ماڻهو ان لاءِ ڪهڙي به راءِ رکن، مون لاءِ اهو محترم آهي. تون ڀل مون کي تيزاب سان ساڙي ڇڏ، ڀل مون کي ماري ڇڏ، منهنجي جسم کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڪُهي ڪنهن ڳوڻ ۾ وجهي اڇلائي ڇڏ پر مان، مان ئي رهنديس، بختاور ڪڏهن ماروئڙن مياري نه ٿيندي، ڪڏهن پيار کي پاپ ۾ تبديل نه ڪندي.
اوچتو فائرنگ ٿئي ٿي ته بختاور جا خيال ڪانگ ٿي نه ڄاڻ ڪيڏانهن اُڏامي هليا وڃن ٿا، سڀ گهرڀاتي جاڳي پون ٿا، اوڙو پاڙو اُٿي پوي ٿو، ٿورو اڳ جيڪو سڄو جهان اگهور ننڊ ۾ سُتو پيو هو، وائڙن وانگر وڦلڻ شروع ٿي ويو هيو، ڪنهن چيو شايد ڌاڙو آهي. ڪنهن چيو ڪٿي ڪو ئي اغوا نه ٿيو هجي. ڪنهن چيو نه نه اجايو ٿا ويساهه وڃايو، چور ڏٺا هوندائون، ان لاءِ فائرنگ ڪئي هوندائون. ڪنهن چيو نه نه ادا جيڪڏهن ڪو هلڪو ڦلڪو واقعو هجي ها ته ايتري فائرنگ نه ٿئي ها.
مائرون پنهنجي ٻارن کي چُهٽي ويون، مالدار پنهنجو مال ڪڍي لڪائڻ خاطر ڪُنڊون پاسا ڳولهڻ لڳا. بختاور کي اُلڪو ٿي پيو ڪٿي ڪوئي مارجي نه ويو هجي، ڪٿي ڪا قيمتي جان نه ڪُٺي وئي هجي، ڪٿي ڪنهن جيجل جي هنج نه خالي ٿي وئي هجي، ڪنهن ونيءَ جو سهاڳ نه ڦٿڪندو هجي، جيڪر ته وڃان ۽ وڃي ڏسان ته مامرو ڇا آهي؟. ڪي نوجوان جيڪي وڏي دل رکندا هئا، اهي ٻاهر نڪري بيهي رهيا، جن ۾ سارنگ به هيو، سارنگ جو آواز ٻڌي بختاور دهلجي ويئي، هن جا پير رڪجي ويا، ڪنهن اونداهه ۾ چيو پٽ تون ڪاڏي؟ بختاور آواز سڃاڻي وئي، بابا سائين اها فائرنگ ڇا جي آهي؟
منهنجا جاني تون هل اندر هل، اسان پاڻ ئي خبر رکي توکي ٻڌائينداسين، تون هل هلي آرام ڪر.
بختاور موٽي گهر جي اندر آئي ٿورڙي دير کانپوءِ هُل هنگامو ختم ٿي ويو، سڀ مرد پنهنجي پنهنجي گهرن ڏانهن موٽيا، مالدارن سُک جو ساهه کنيو، مائرون پنهنجي ٻارن کي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي سمهاري پاڻ به وڃي پنهنجي کٽولن تي سمهي پيون، پر بختاور جي چهري تي اڃان به ڳنڀيرتا ڇانيل هئي، هوءَ پريشانيءَ سبب چڪر مٿان چڪر ڏئي رهي هئي، بلڪل ائين جيئن ڪاليج ۾ پنهنجي گروپ سان گڏ ۽ پنهنجي ويجهي ساهيڙي زينب سان هٿ ۾ هٿ ڏيئي رائونڊ لڳائيندي هئي، بس فرق صرف ايترو هيو جو ان وقت هن جي هٿ ۾ هن جي پياري سهيليءَ جي ٻانهن هوندي هئي ۽ چپن تي مرڪ هوندي هئس ۽ هن وقت هن جا هٿ خالي ۽ چپن تي دعا سان گڏ چهري تي تمام گهڻو فڪر ڇانيل هيو. هن جي چهري تي فڪر به مرڪ جيان ئي سونهندو هيو. هڪ ڏينهن سارنگ بختاور کي چيو هيو ڏس بختاور! مان تنهنجي سونهن ۽ سندرتا کي ڏسي ته توتي عاشق ٿيو آهيان، تنهنجي سونهن تنهنجون ڳالهيون ٻڌي ئي ته توتي سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ تي دل چوندي آ، جيڪڏهن تون سهڻي ۽ سندر نه هجين ها ته پوءِ مان ڪنهن ٻيءَ ڪنيءَ ڪوجهي کي ڇو نه چاهيان ها، ان وقت بختاور جي چهري تي سوچ فڪر ۽ ساڳئي ڳنڀيرتا اڀري پئي هئي، هن جي سوچ ۽ فڪر واري چهري کي ڏسي سارنگ چوڻ لڳو، توکي سنجيدگي به ٺهي ٿي ۽ مرڪ به، توکي خدا ايڏو سهڻو ڪري ڪيئن پيدا ڪيو آهي؟ تو ۾ خدا ڪا به خامي نه رکي آهي، انسان بنان ڪنهن خاميءَ جي ڪيئن ٿو پيدا ٿي سگهي؟!. جنهن تي بختاور کلي پئي هئي ۽ کيس چيو هئائين مون ۾ ته هزارين خاميون آهن پر اهو ڳولهڻ واري تي مدار ڇڏيل آهي ته هُو خاميون ڳولي سگهي ٿو يا نه؟ اوچتو بختاور جا قدم رڪجي وڃن ٿا، سامهون هن جي پيءُ جو آواز اچي ٿو، ابا سارنگ الله امان ڏئي (بس هن جو پيءُ سارنگ ۽ ٻيا ٻه ٽي مرد بختاور جن جي گهر آيا) بختاور جي پيءُ کين چيو اچو سائين ويهو.
بختاور سارنگ کان نظرون بچائيندي پيءُ کان پڇي ٿي بابا سائين ڇا ٿيو آهي؟.
امان ڳوٺ جي ٻن ماڻهن پنهنجي عورتن کي ڪارو ڪري ماريو آهي ۽ ڪارن جي گهرن تي ڪاهه ڪئي اٿن.
ڇا؟ بختاور وائڙي ٿي پيءُ کان پڇي ٿي، هن جي دل ٽچڪڻ لڳي ٿي، بلڪل ائين جيئن جبل ۾ لاوو اڀامندو آهي ۽ حياءَ شرم ۾ ڪنڌ به کڻي هيٺ ڪيائين، پر اهو ڪيئن ٿيو بابا سائين اسان جي ڳوٺ ۾ ته ائين اڳ ۾ ڪونه هئو، هتي ته ڪنهن کي به پنهنجي پيٽ کان سواءِ ڪو به جذبو برغلائيندو نه هو؟
پُٽ! هتي به ته ائين ئي آهي، هنن کي به ته پيٽ ئي برغلايو آهي، پيٽ ئي هنن کي پنهنجي عصمت وڪڻڻ تي مجبور ڪيو آهي.
اهو وري ڪيئن؟ بابا...!
بختاور هنن پئسن خاطر پنهنجي ڇوڪرين کي بندوقن هوندي به ڪهاڙين سان ڊڪائي ڊڪائي ڪپي ماريو آهي، ايتري تائين جو هنن جي شڪل صورت به ڏسڻ وٽان نه ڇڏي آهي، هنن جون آهون ۽ دانهون فضا ۾ گونجي گونجي ختم ٿي ويون پر هنن ڪو به احساس نه ڪيو، صرف ان لاءِ ته هُو ڪارن کان پئسا ۽ سڱ وٺي سگهن، ان لاءِ هنن پنهنجون ڇوڪريون ڳوٺ کان ٻاهر جهنگ ۾ ڪُٺيون آهن، جن جو گوشت ٻنين ۾ وکريو پيو آهي، ايڪڙن ۾ ڊوڙيون آهن، ويچاريون ۽ رت جيڪو بلڪل ڳاڙهو آهي ان سان هنن ميلن کي رنڱيو آهي، سارنگ جي ڳالهه ٻڌندي بختاور هيٺ ويهي ٿي رهي، پنهنجي پيءُ جي گوڏن تي ڪنڌ رکي چوي ٿي بابا سائين پر اهو ته ظلم آهي، هوءَ بلڪل ساڻي ٿي وڃي ٿي ڄڻ هوءَ ئي ايڪڙن ۾ ڊوڙي هجي، ڄڻ هن تي ئي ڪهاڙين جا وار ٿيا هجن، ڄڻ هوءَ ئي لال لهوءَ ۾ ڳاڙهي ٿي هجي، هوءَ جيڪا اڇي وڳي ۾ بلڪل جل پري ٿي لڳي، پيءُ به ساڻو ٿي چوي ٿو ها پٽ آهي ته ظلم، پر پٽ اهي شيون اسان وٽ صدين کان هلنديون پيون اچن، نه ڄاڻ ڪيترن کي ان رسم کائي کپائي ڇڏيو آهي، اسان وٽ اهڙا نه ڄاڻ ڪيترا نه مڃيندڙ واقعا ٿين ٿا پر اسان نه مڃڻ باوجود مڃي ٿا وٺون، ڪڏهن اسان پيرسن مردن هٿ پئسن ۾ ڌيئرون وڪرو ڪري ٿا ڏيون ته ڪڏهن 8 سالن جي ڌيءَ کي 50 سالن جي مرد سان ڪارو ڪري ٿا ماريون، ڇا ڪجي پٽ اسان جهالت جي دلدل ۾ ڦاٿل آهيون.
بختاور جي اندر ۾ ولُوٽ پئجي وڃي ٿو، سارنگ ڏي ڏسي پيءُ کي چوي ٿي بابا سائين توهان مرد .... ۽ جملو اڌ ۾ ڪٽي ڇڏي ٿي، هن جي آواز ۾ (جيڪو ڪوئل جيان مٺو آ) حراس ۽ ڏڪڻي اچي وڃي ٿي.
پيءُ شفقت ڀري نظر ڌيءَ تي وجهي ٿو، پيءُ جي پيار ۾ ڌيءَ ٿڌي برف ٿي وڃي ٿي، ٻيا خاندان جا ويجها ماڻهو به هن جي پيءُ ۽ کيس کي وائڙن وانگر ڏسن ٿا، هن جو پيءُ بختاور کي سيني سان لائي ٿو، مٿي تي هٿ رکي چوي ٿو پٽ الله سائين توکي حياءَ جي زيور سان نوازيندو ۽ تنهنجا نصيب ڀلا ڪندو، ائين چئي هو اڳتي نڪري ٿو، ڇو جو هاڻ باک ڦٽي ايندي آ ۽ فجر جي نماز جو ٽائيم ٿيڻ وارو هوندو آ، ٿورڙي دير لاءِ ننڊ ڪري هن جي پيءُ نماز وڃائڻ نه پئي چاهي. ٻيا سڀ بختاور جي پيءُ سان گڏ هيا ۽ سارنگ هن کان ٿورڙو پوئتي رهجي ويو هو، هُو سرگوشيءَ ۾ بختاور سان مخاطب ٿئي ٿو: بختاور مون کان جيڪڏهن ڪا غلطي ٿي هجي ۽ جذبات ۾ اچي تنهنجي ڪا دل آزاري ڪئي هجي ته مون کي پنهنجو سمجهي معاف ڪري ڇڏجانءِ، مان توکي ڪنهن به حال ۾ وڃائڻ نٿو چاهيان، منهنجي ڪا ڳالهه بُري لڳي هجئي ته پليز! مون کي پنهنجو سمجهي معاف ڪجانءِ. مان تنهنجي اڳيان هٿ ٿو ٻڌانءِ.
بختاور هن جون ڳالهيون خاموشي سان ٻڌي ٿي هن جي اندر ۾ ماٺار اچي ٿي، سارنگ ٻيهر پڇي ٿو بختاور معاف ڪندينءَ نه؟
بختاور نرم ٿئي ٿي ۽ چوي ٿي ها پر ان شرط سان ته اهڙي غلطي ٻيهر ڪڏهن به نه ڪندين، مان به توکان پري ٿيڻ نه ٿي چاهيان، پر مون کي ڊپ آهي ته تنهنجون اهڙيون غلطيون ڪٿي توکي مون کان وڃائي نه ڇڏين.
نيٺ سج جو مُڙيل پير به ٺيڪ ٿئي ٿو ۽ هو پنهنجي پنڌ تي نڪري اچي ڪاري رات جي چادر کي جهان تان هٽائي جڳ کي ڌيري ڌيري روشن ڪري ٿو، سج جا ڪرڻا زمين کي چُمن ٿا ته زمين حياءَ ۾ ترو تازه ٿي وڃي ٿي ۽ پنهنجي مٿان سمورا رنگ ائين ظاهر ڪري ٿي جيئن اکين جي اڳيان کليل ڪتاب مٿان چٽي ۽ واضح لکت هجي، ڪنهن اهڙي محبوبه جيان جيڪا پرينءَ جي پيار اڳيان سمورا هار سينگار، ناز ۽ نخرا هاري ويهندي هجي، پکين جي چهچهائٽ ائين گونجي ٿي جو ڪنن مان آواز ٿيندو جسم ۾ عجيب قسم جي طاقت ڀري ٿو، بختاور پنهنجي ڪم ڪار کان آجي ٿي کير ڪاڙهڻ لاءِ ديڳڙي ۾ لاهي ٿي، هن جي ذهن ۾ سارنگ جا آخري لفظ گونجن ٿا، بختاور بلڪل نارمل کير کي ٿانو ۾ صحيح سلامت لهندي ڏسي ٿي، ڏسندي ئي ڏسندي کير ٿانو کان وڌي هيٺ واهيءَ جيان وهڻ لڳي ٿو مگر هن کي ڪو احساس ئي نه آهي، اوچتو خيالن جي زنجير ٽٽي ٿي ۽ بختاور هڪ وڏي رڙ ڪري ٿي، جنهن تي سندس ماءُ جيڪا آرام ڪري رهي هئي، اُڀي ٿي وڃي ٿي، اڙي امان ڇا ٿيو؟
هوءَ ماءُ جي پريشاني ۽ ڳنڀيرتا ڏسي بيباڪ کلڻ لڳي ٿي، ايتري تائين جو کلي کلي ساڻي ٿي پوي ٿي، ماڻهس هن جو کلڻ ڏسي چوي ٿي، ڏس ته سهي ڇوڪريءَ کي ٻڌائڻ بجاءِ کلي ٿي، بختاور ماءُ جي حالت ڏسي خاموشي اختيار ڪري ٿي ۽ ماءُ جي ٻنهي ٻانهن کان وٺي کيس ڀاڪر ۾ ڪري ويهاري ٿي ۽ کيس مطمئن ڪرڻ لاءِ چوي ٿي، ڪجهه به نه ٿيو آ امان بس رڳو کير هارجي پيو آهي، اڙي امان اها به ڪا ڳالهه آهي رڙ ته اصل اهڙي ڪيئي جو مون سمجهيو ته ڪا بجليءَ ۾ ڦاٿي آهي يا ڪنهن ڪاريهر ڏنگيو اٿس، ماڻهس شوخيءَ گاڏڙ ٻاجهاري لهجي ۾ چوي ٿي.
بس امان رڙ به پنهنجي پرڪارن تي ڪئي ۽ کل به پنهنجي پرڪارن تي پئي آئي، چڱو امان کير ڪاڙهيان ته پوءِ اچي ڳالهايون ٿا.
ها پر هن کير تي هاڻي پوچو ته هڻي وڃ نه.
ها! امان هڻان ٿي، ائين چئي هوءَ کير گرم ڪرڻ لاءِ وڃي ٿي، اوچتو سارنگ جي ماءُ دروازي مان ڪنڌ ڪڍي ٿي.
سلام دعا ڪري هوءَ بختاور جي پيءُ جي پڇا ڪري ٿي، ايتري ۾ بختاور پوچو کڻي اچي ٿي سارنگ جي ماءُ سان ملي سندس ڌيءَ شانا يعني شهناز لاءِ پڇي پوچو هڻي وڃي ٿي.
سارنگ جي ماءُ چوي ٿي: ادي ماشاءَ الله بختاور ته چوڏهين جي چنڊ کان به وڌيڪ نکري آئي آ.
ها ادي جواني آهي جواني ته بهار مثل آهي، هر شئي کي مهڪائي ڇڏيندي آهي.
ها ادي چوين سچ ٿي پنهنجي جواني ۽ هن مهل جا ڏينهن ڏسون ٿا ته سچ ڏينهن ۽ رات جو فرق اکين اڳيان اچي بيهي ٿو.
ڇڏ ٻيجل ماءُ مان به ڪهڙا قصا کولي ويٺي آهيان، بختاور جي اچڻ ڪري تو ته ٻڌايو ئي ڪو نه ته ادو پنهون ۽ ٻيجل ڪيئن آهن ۽ ڪٿي آهن.
ها سارنگ ماءُ ادهن ته رات جيڪا واردات ٿي آهي اوڏانهن ويو آهي، باقي الله شل سدا خوش رکي ٻيجل کي اهو پنهنجي پڙهڻ ۾ لڳو پيو آهي، ڊاڪٽري جو آخري سال اٿس، بس اهو پڙهي اچي ڳوٺ جي اسپتال سنڀالي، گهر آباد ڪري ته منهنجا سڄي عمر جا ٿڪ لهي وڃن.
ها ٻيجل ماءُ تو به ڏاڍا ڏکيا وقت ڪڍيا پر شڪر ڪر هن وقت الله جو جنهن سڀ ڪجهه ڏنو اٿئي.
ها ڀيڻ هن سڀ جو ته مون خواب ئي ڪونه ڏٺو هيو پر شڪر آهي، الله سائين جو هن ايترو ته نوازيو آهي جو پنهنجا ٻار نه صرف پڙهايا پر هنن جي مستقبل لاءِ به کوڙ ڪجهه ٺهي ويو آهي، اهو سڀ تنهنجي ڀاءُ جي محنت ۽ ٻارن جو سٺو ڀاڳ آهي.
الله شل اڃان به وڌيڪ سٺو نصيب ڪندن، آمين. ٻيجل ماءُ هنن جي مستقبل لاءِ ۽ شاديءَ لاءِ ڪجهه سوچيو به اٿئي؟
سوچيان وري ڇا، پنهنجو پيءُ حال حيات ويٺو جو اٿن.
ڀيڻ ٻيجل ماءُ مان آئي هيس تو وٽ هڪ کان ٻه ڪم کڻي.
هڪ ڪم ته پاڻ اٿي ته هلون ڇوڪرين جو منهن ڏسي اچئون، ويچارين سان ڏاڍن ڏاڍو ڏاڍ ڪيو آ، اصل منهن جي رتي نه ڇڏي اٿن، ڏسڻ لاءِ، مائرن جا هنياءَ پيا ڦاٽن، هوءَ ادي ڦاپل ته اصل هوش ۾ ئي ڪا نه اٿن.
ها سارنگ ماءُ ڪيو ته ظالمن ڪيس آهي پر ڪيس تي به ماڻهو واهه، واهه ڪندا هوندن.
واهه واهه وري ڪير ڪندو هوندن؟ هتي ته سڄو ڳوٺ ئي سوڳوار آهي، پکي پکي ۽ ٻوٽو ٻوٽو ٿو روئي بهار ۾ ڄڻ ته خزان ڇانيل آهي، ٻاهر نڪري ته ڏس اصل هنيانءُ هٿن ۾ اچي پوندئي. شڪر ڪر جو ٿورڙي پر ڀري ۽ سهڻي ماحول ۾ آهين نه ته اتان ته جيڪو اچي ٿو اصل ٻوساٽيو وڃي.
ڇڏ ادي تون ٻيو ڪم ٻڌاءِ ته پوءِ هلون
ٻيو ڪم ڀيڻ موقعو ته اهڙو ڪونه آهي، اهڙي قسم جي ڳالهه ڪجي، پر مڙئي ڳالهه اڇليان ٿي توکي ته خبر آهي جتي ٻير هوندي اتي ڀتر ته لڳندا، تون مڙئي سٻاجهڙي آهين مون سوچيو مڙئي رات سارنگ پيءُ کي وٺي ايندس، ادي سان به ڳالهائيندس، دراصل ڀيڻ مان بختاور لاءِ جهولي ٿي جهليان، تون پنهنجي ڌيءَ منهنجي ڌيءَ به ڪر، مان سوالڻ بڻجي تنهنجي در آئي آهيان، ٻيلي مون کي خالي جهوليءَ نه اماڻجانءِ، منهنجي نماڻي التجا قبول ڪجانءِ.
بختاور کير ڪاڙهيندي هلڪي ڦلڪي سارنگ ماءُ جي ڳالهه ٻڌي ورتي، دل ئي دل ۾ ڏاڍو خوش ٿيڻ لڳي ڄڻ ته هن لاءِ بهار ئي هاڻي آئي هجي، هوءَ وڌيڪ گهرائي سان سارنگ ماءُ ۽ پنهنجي ماءُ جون ڳالهيون ٻڌڻ لڳي ٿي، سومري جيڪا سندس ماءُ آ سارنگ ماءُ سان مخاطب ٿئي ٿي ادي مون کي ڏاڍي خوشي ٿيندي جيڪڏهن ائين ٿئي ته، سارنگ مڙئي ڏاڍو سٺو ڇوڪرو آهي پر منهنجي ڀيڻ اهي معاملا تنهنجي ڀاءُ جي هٿ وس آهن، تون هيئن ڪر جو ادي جن کي رات وٺي اچجانءِ ، مرد مرد سان ڳالهائي ته بهتر آهي.
ڀيڻ دراصل مون کي ڏاڍي بي صبري هئي، اڌ دلاسو ته تو ڏنو آهي باقي اڳتي الله ڀلي ڪندو، جيڪڏهن توکي ڪو اعتراض نه آهي ته پوءِ ڀاءُ کي ڇا جو اعتراض، مان ته اصل خوشيءَ ۾ سڀ ڪجهه وساري ٿي ويهان، هو ٻئي نڪري وڃن ٿيون پٺتي باقي بختاور بچي ٿي، اوچتو در کڙڪي ٿو، بختاور در کولي ٿي سامهون سارنگ بيٺو هيو، سارنگ تون.
ها بختاور مان، مان توکان بغير رهي نٿو سگهان ۽ تون ڏاڍي سنگدل آهين ان لاءِ امان کي موڪليو هيم ته جيئن ڪا ٻي غلطي نه ڪيان جو تون مون کان خفا ٿئين، تون جلدي ٻڌاءِ ته تنهنجي ماءُ منهنجي ماءُ کي ڇا جواب ڏنو ته مان وڃان ڪوئي ڏسي نه وٺي ڪٿي ائين نه ٿئي جو هنن ٻن لاشن سان گڏ هنن ٻن لاشن جو به واڌارو نه ٿي پئي.
ڏس سارنگ مان تنهنجي ۽ پنهنجي ماءُ جون ڳالهيون ناهن ٻڌيون، مون کي ڪهڙي خبر ته هوءَ ڇا چوڻ آئي هئي ۽ امان هن کي ڪهڙو جواب ڏنو، تون مون کي ٻڌائي ويو هئين ته بختاور مان امان کي موڪليان ٿو، تون هنن جون ڳالهيون ٻڌجانءِ ۽ الله نه ڪري جو مون کي اهڙو موت نصيب ٿئي.
ڏس بختاور مون کي ڏاڍي بيچيني آهي، مون کي جلدي ٻڌاءِ بنا ڪنهن مذاق جي ته منهنجي من کي ڪا شانتي ملي.
ڏس سارنگ هاڻ تون مون کي تنگ ٿو ڪرين.
۽ بختاور تون، تون مون کي پاڻ مارڻ تي مجبور ٿي ڪرين، تمام تيز لهجي ۾ سارنگ بختاور سان مخاطب ٿي چوڻ لڳو.
چريو آهين مون کي لڳي ٿو تنهنجو دماغ ڦري ويو آهي، مان مشرقي ڇوڪري آهيان، جناب جيڪڏهن ٿورڙو گهڻو پڙهيم ۽ شهر ۾ رهيم ته ڇا مغربي ٿي ويس، اجايو منهنجو ۽ پنهنجو قيمتي وقت ذيان نه ڪر صبر ڪر تنهنجي ماءُ اچي ته ان کان پڇ، هاڻي مهرباني ڪري تون هتان وڃ.
ڏاڍي سنگدل آهين بختاور ڏاڍي سنگدل، بختاور ٻارن جيان زبان ڪڍي ويچارا ڪڍڻ لڳس ۽ پوءِ در بند ڪري اچي پنهنجي منهن کلڻ لڳي، آئيني جي اڳيان اچي پنهنجو مڪمل جائزو ورتائين، ان وقت هونئن کان پاڻ کي ڏهوڻ تي وڌيڪ خوبصورت پئي لڳي، دل چويس پئي ته جيڪر پاڻ سان ويهي ڳالهيون ڪري، ڄڻ اها بختاور نه پر ڪا ٻي ڇوڪري هجي، جيڪا هن ڏي نهايت ئي پيار سان نهاريندي هجي ۽ چوندي هجي ته اچ مون سان دل کولي ڳالهيون ڪر.
ٿوڙي دير کانپوءِ دروازو کڙڪيو دروازو بختاور کوليو، سامهون شانا بيٺي هئي، شانا تون؟
ها مان، مون کي ادي سارنگ موڪليو آهي، صرف اهو پڇڻ لاءِ ته تنهنجي ماءُ منهنجي ماءُ کي ڇا چيو آهي؟
شانا تون اهو ڇا پئي چوين مون کي تومان اها اميد نه هئي، تون پنهنجي ڀاءُ جي اهڙي ڳالهه ٻڌي ڇو ۽ مڃي ڇو؟ ڇا ڀينر ان لاءِ هونديون آهن ۽ تنهنجي ماءُ تنهنجي گهر اچي نه ها جو تون هتي پهتي آهين. تنهنجي ۽ منهنجي دوستي پنهنجي جاءِ تي آهي پر آئنده اهڙو ڪم هرگز نه ڪجانءِ، مون ڪنهن جي به ڪا به ڳالهه نه ٻڌي آهي ،مون کي خبر ناهي ته تنهنجي ماءُ ڇو آئي هئي ۽ هنن وچ ۾ ڪهڙي ڳالهه ٻولهه ٿي؟ تون هاڻي جهٽ سوا ويهه مان چانهه ٺاهي اچان ٿي، پي پوءِ وڃجان.
نه بختاور مان چانهه نه پيئندس ڇو جو ڀاءُ جي حالت گهر ڏاڍي خراب آ، هن جي طبيعت ئي مون کي اهڙي ڪم ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو هيو، هاڻ مون کي هلڻ کپي، ٺيڪ آ جيئن تنهنجي مرضي، ايتري ۾ بختاور جي ماءُ به اچي ويئي، ڌيءَ شانا خوش ته آهين نه؟ ها پڦي مان خوش آهيان، توهان ٻڌايو؟ مان بلڪل ٺيڪ آهيان، پٽ ويهه نه بيٺي ڇا لاءِ آهين.
نه پڦي مان هاڻ هلان ٿي، امان به گهر پهتي هوندي ۽ ڪجهه ڪم به رهيل آ.
ٺيڪ آ پٽ جيڪا تنهنجي مرضي.
چڱو پڦي وري ڪنهن ٻئي ڏينهن ايندس.
چڱو پٽ الله نگهبان، شانا جي ويندي ئي ماڻهس بختاور کان پاڻي گهريو، پاڻي پي ويچاري نه ڄاڻ الائي ڪهڙي جهان ۾ گم ٿي ويئي.
امان ڪهڙي سوچ ۾ آهين؟ بختاور جي سوال تي ڄڻ اوچتو ننڊ مان جاڳي پئي.
ڪهڙي وري ڪهڙي سوچ ۾ هوندس، پٽ بس سوچيان ٿي ته ڪيڏي بي درد آهي دنيا انهن ڇوڪرين جي دلين ۾ به ڀائرن لاءِ ڪيڏا ارمان هوندا ۽ انهن ئي ڀائرن اهڙو داغ هڻي هنن کي بيدرديءَ سان ڪُٺو آهي، مارين ها، انهن کي ان کان به وڌيڪ اذيت ڏئي قتل ڪن ها پر گهٽ ۾ گهٽ ڪارو ڪري نه مارين ها! الائي ويچارين نياڻين جو اَنُ ختم ٿي پيو اٿن الائي ڪهڙو مسئلو هُين جو ظالمن پنهنجن تي ايڏو ظلم ڪيو؟!
بختاور خاموشيءَ سان سندس ڳالهيون ٻڌي رهي هئي، اوچتو دروازو کليو، ٻيجل ماءُ خبر اٿئي ٻيجل ڳوٺ پيو اچي، بختاور جي پيءُ چيو.
نه نه اها ڳالهه ٻڌندي ڄڻ ته سڄي گهر ۾ شادمانا وڄي ويا، سڄو گهر ڄڻ ته ٻهڪي اٿيو، سڄو سوڳوار ماحول گلن جيان ٽڙي پيو، امان بختاور ان خوشيءَ ۾ شربت ته پيئار.
ها بابا سائين اجهو ٿي آڻيان. ائين چئي بختاور اندر وئي، بختاور پيءُ هڪ ٻي به خوشيءَ جهڙي ڳالهه آهي ڪهڙي؟
اڄ سارنگ ماءُ آئي هئي. بختاور جي سڱ لاءِ هُو رات به ايندا، مون کي ته ڇوڪر ڏاڍو وڻي ٿو، مون کي ته لڳي ٿو پنهنجي بختاور جو ڀاڳ کليو آهي.
معنيٰ ته تون ان رشتي تي راضي آهين؟ بختاور جو پيءُ پڇيس ٿو.
ها مان ته سمجهان ٿي اسان کي ها ڪرڻ گهرجي، بختاور جي ماءُ چئي ٿي پر وري به بختاور جي مرضي پڇڻ ضروري آهي، ڪنهن ريت ان جي مرضي به معلوم ڪر ۽ ها ٻيجل لاءِ به ڪجهه سوچيو اٿئي؟ بختاور جو پيءُ سوچ ويچار ۾ گم ٿي وڃي ٿو.
پوءِ ڀلا هيئن ٿي ڪريان جو بختاور کان به ڪنهن نموني مڙئي اوڳر ڪڍي ٿي وٺان ۽ ٻيجل به شام اچي ته ان کان به مرضي پڇي شانا (شهناز) جو رشتو عيوضو ٿا وٺون. بختاور جي ماءُ مڙس کي صلاح ڏئي ٿي.
بختاور جو پيءُ کيس تاڪيد ڪري ٿو ته شام تائين اهو سڀ ڪم ڪري ڇڏجانءِ ۽ پاڻ ٻيجل کي وٺڻ لاءِ اڳڀرو وڃيس ٿو.
بختاور ڌيءَ هيڏانهن ته اچ ماڻهس کيس سڏي ڀر ۾ ويهاري ٿي. ڌيءَ اهو سارنگ توکي ڪيئن لڳندو آ؟
ڇو امان ڇالاءِ ٿي پڇين؟
امڙ تون لکيل پڙهيل آهين، توکي مڙئي ماڻهن سڃاڻڻ جي گهڻي هوندي، ان لاءِ ٿي پڇان جو مون کي ته اهو ڇوڪرو سٺو ۽ سلڇڻو لڳندو آهي پر مان ڏسڻ پئي چاهيان ته ڪاٿي مون کان ماڻهوءَ سڃاڻ به هٿان ته هلي ڪو نه وئي آ؟ امڙ آخر ته پوڙهي ٿي وئي آهيان نه.
نه امان نه تون اڃان جوان آهين، پوڙهي ناهين، اجايو وهم نه ڪر. تون ماڻهو صحيح ٿي سڃاڻين، بختاور ماءُ کي دلاسو ڏئي ٿي.
ماڻهس چيس چڱو ڌيءَ وڃي هاڻي رڌ پچاءَ جي ڪر ڀاڻهين پهچڻ وارو هوندو ۽ بختاور اتان اٿي هلي وئي.
اوندهه پنهنجا پر پکيڙي ماحول کي پنهنجي گرفت ۾ آڻي ڇڏيو آهي، سارنگ جي ماءُ پيءُ ۽ بختاور جا ماءُ پيءُ توڙي ڀاءُ ٻيجل گهر جي پڌر تي کٽولن تي ويٺا ڳالهيون ڪري رهيا آهن، بختاور پريان چلهه تي کير ڪاڙهي چانهه ٺاهي رهي آهي.
بختاور جي پيءُ جو آواز بختاور جي ڪنن تائين پهچي ٿو اسان کي سارنگ جو رشتو قبول آهي پر اسان جو به هڪ شرط آهي.
سارنگ جو پيءُ ڪجهه پريشاني گاڏڙ آواز ۾ شرط جي باري ۾ پڇيس ٿو، بختاور جو پيءُ چئين ٿو شانان جو رشتو اسان کي ٻيجل لاءِ عيوضو گهرجي.
سارنگ جا ماءُ پيءُ ڪجهه سوچي اتي ئي ها ڪري رشتو پڪو ڪري وٺن ٿا، بختاور سوچي ٿي جي ادا ٻيجل شانان سان صحيح نه هليو ته ڇا سارنگ عيوضي ۾ سندس پيار کي وساري ڇڏيندو ۽ کيس بدلي جي باهه ۾ ساڙڻ لاءِ جلائي کيس ڏکن جون اماڙيون ڏيندو رهندو، بختاور پنهنجي منهن ڀڻڪي پوي ٿي، نه نه سارنگ ائين نه ڪندو، سارنگ ته ڏاڍو سياڻو ۽ ريتن رسمن کان نفرت ڪندڙ آهي.
پرهاڻي جڏهن سارنگ ۽ بختاور جي شاديءَ کي پورا ڇهه سال گذري چڪا آهن ته هوءَ پنهنجي ماءُ پيءُ جي گهر ۾ کٽ تي ستل ڪاري رات جي چادر مٿان ٽمڪندڙ ستارن کي ڏسندي سوچن ۾ گم سم ننڊ ديويءَ جي اچڻ جو انتظار ڪري رهي آهي، ٻيجل شانان کي گهران ڪڍي ڇڏيو آهي ته بدلي ۾ سارنگ به بختاور کان ننڍڙو پُٽُ کسي گهر کان نيڪالي ڏئي ڇڏي آهي، بختاور ننڍڙي هالار کي ياد ڪري اندر ۾ ڪڙهي رهي آهي ۽ سارنگ جي پيار کي سوچي سندس هنيانءَ ۾ چڪ ٿا پون، هوءَ سوچي ٿي ته هن جو نصيب به شايد هن رات جهڙو آهي، جنهن جي جهول ۾ تارا ۽ چنڊ ته آهن پر اهي ان جا پنهنجا ناهن، ان کي پل کن لاءِ اڌارا ملن ٿا ۽ وري کسجي وڃن ٿا.