بارش
”اڙي هَٽُ مارايو هيئي ڪاٿئين، اچ هيڏانهن.“ مان هن جي هٿ کي پڪڙي بورچي خاني ۾ گهلي ويس، هن کي ويهاري باهه ٻاري گرم ڪمبل اوڙهائي چانهه تيار ڪرڻ لڳيس، هُو مسلسل مون ڏانهن ڏسندو رهيو، ”هاڻ هيڏانهن اچ سمورا ڪپڙا پُسي ويا اٿئي، مون کان وڌيڪ توکي ڪمبل ۾ ويڙهجڻ جي ضرورت آهي، سمورو جسم به ڏيکارجئي ٿو“ مون کان ڇرڪ نڪري ويو، ڄڻ ياد اچي ويو، پنهنجي جسم ڏي ڏٺم ۽ بي اختيار هن جي ڪمبل ۾ لڪي ويم، مون کان وسري ويو ته هُو به ان ڪمبل ۾ آهي، هن ڀاڪر ۾ ڀريو، مان هن کي ڏسندي ئي رهجي ويم، هو گنگنائڻ لڳو، ”ها نڪ جي ڦليءَ جهڙو، ڪٿي آ نصيب منهنجو اهڙو ...“
”آهستي ڪٿي گهر ڀاتي اُٿي نه پون ۽ ڇڏ منهنجي ڦليءَ کي،“ مان هن جي ڪمبل مان نڪرڻ جي ڪئي پر پوري طرح ان جي قبضي ۾ هيم.“
”چري ڳالهه ته ٻڌاءِ“
”اها ڳالهه هن ڪمبل کان ٻاهر نڪري به ٻُڌي سگهان ٿي، ڇڏ مون کي!“ آئون چڙي هن جي هٿ ۾ چڪ هڻي پنهنجو پاڻ ڇڏايان ٿي ۽ پوءِ چانهه ۾ کنڊ وجهي ان جي سامهون ويهان ٿي، ”ها ! هاڻ ٻڌاءِ“
”ڇا؟!“
”جيڪا ڳالهه اڳ ۾ ٻڌائين پيو“
”ڪهڙي ڳالهه وسري ويئي؟“
”هاڻ ڇڏ بڪواس، ٻڌاءِ به!“
”ها ياد اچي ويئي، مان اهو چوڻ پئي چاهيو ته شاعر ڪيڏا نه چريا آهن، ڀلا ايتريون شيون ٿيڻ جي ڪهڙي ضرورت آ، نڪ جي ڦلي، سڳي، مُنڊي وغيره وغيره، بس منهنجي دل ته چوندي آ، مان پاڻي هجان ها، ڀلا ٻڌاءِ تنهنجي دل ڇا چوندي آ؟“
”تون مونکي ڇڏ پنهنجي ڳالهه ڪر!“
”ها منهنجي دل چوندي آ، جيڪر مان پاڻي هجان ها، بارش بڻجي تنهنجو جسم چمان ها، تنهنجو اڱڻ ڀڄايان ها ۽ پوءِ تون پنهنجا پير رکين ها، مان تنهنجا پير چمان ها، تون مون کان پري نه رهي سگهين ها، مون کي پيئين ها اُڃ اجهائڻ لاءِ، مان تنهنجي چپن کان ٿيندو تنهنجي پيٽ ۾ هليو وڃان ها، تنهنجي رڳ رڳ ۾ گهمان ها، تون وهنجين ها ته مان تنهنجي وارن کان ٿيندو تنهنجي پيرن ۾ پوان ها، يعني هر وقت توسان گڏ رهان ها، توکان پري ئي نه ٿيان ها، ڪيڏو مزو اچي ها، تون مون کي پنهنجي چپن سان ٽڪرائين ها، مان تنهنجا سڪل چپ آلا ڪري تنهنجي نڙيءَ کان لهندي تنهنجي اندر وڃان ها!“
”هاڻ بس خواب ڏسڻ ڇڏ، هيءَ وٺ چانهه پي!“
”ٿورڙي پي ڏي نه!“
”نه مونکان اهو سڀ ڪجهه نه ٿيندو!“
”ڏس هاڻ ڪيڏا ايلاز ڪرڻا ٿا پون، پوءِ ته تون اها چانهه به مونسان ٺاهين ها، تنهنجي جسم ۾ روح جيان لهان ها ۽ ڪوئي مونکي توسان ملڻ کان جهلي به نه ها ۽ مون کي چوريءَ ملڻ جي ضرورت به نه ٿئي ها، ڀلا ٻڌاءِ اها ڳالهه سچي آهي يا ڪوڙي؟“
”بروبر سچي آهي، توسان ڪير پڄندو، تنهنجي ڪهڙي ڳالهه ڪجي ۽ جيڪڏهن مان پاڻي هجان ها ته؟“
”تون ته پاڻيءَ کان به وڌيڪ آهين، منهنجي سانئڻ، مان صديون اڃ پچائي سگهان ٿو پر توکان هڪ پل به پري نٿو گذاري سگهان، تون پاڻيءَ کان بنا ئي روح ۾ لهي وئي آهين!“
”سائين تون مون کي وساري نه ڇڏيندين نه؟“
هُو ٻنهي هٿن جو ٻڪ ٺاهي مونکي چمي چوڻ لڳو ”ڀلا مان توکي وساري سگهندم پر اهو ئي سوال مان توکان ٿو پڇان، ڇا تون مون کي وساري سگهندينءَ،؟ جان تون ته مون کان ڀڄڻ ٿي چاهين، اها منهنجي ئي محبت آ، جيڪا توکي ڇڪي منهنجي قريب ٿي آڻي، تون هميشه مون کان اهڙا سوال ڇو پڇندي آهين، ڪڏهن ڪڏهن ته مون کي ائين لڳندو آ ڄڻ تون ڪو سوالي پرچو هجين ۽ مان توکي جواب ڏيندو هجان!“
مون هن جا هٿ پڪڙي چيو ”تون سوالن جا جواب ڏيڻ کان ايڏو ڇو ٿو لهرائين، مون کان پڇندو ڪر، جيترا به سوال پڇي سگهين، مان توکي جواب ڏيندم، تون پنهنجو پاڻ کي مون کان لڪائين ڇوٿو؟، ڇوٿو مون کان پري ڀڄين، منهنجي اڳيان پنهنجو پاڻ کي ڪتاب جيان کولي ڇونه ٿو رکين، تون پنهنجون خوشيون ته مون سان شيئر ڪرين ٿو، مونکان منهنجا ڏک به وٺين ٿو پر پنهنجا ڏک ،پنهنجا احساس مون کان لڪائين ٿو، الائي ڇو مون کي احساس ٿئي ٿو، ڄڻ تون مون سان ڪوڙ ڳالهائيندو هجين!“
ماحول ڪجهه سنجيده ٿي ويو، چانهه به ختم ٿي ويئي.
”سائين اڄ جي دنيا ۾ هر رشتو ترڪڻو ٿي پيو آهي، بس ٿورڙو بيلينس هيڏي هوڏي ٿيو، رشتو ترڪي ٽٽي پيو، پوءِ ڀل اهو ڪيترو به پڪو رشتو ڇو نه هجي، الائي پنهنجي پيار جو رشتو به هن دنيا جي گدلاڻ جو شڪار نه ٿي پوندو، الائي ڪٿي ترڪي نه پوندو؟!“
”تون چري آهين، واقعي چري آهين، هيڏانهن اچ لڪ منهنجي سيني ۾ ۽ ٻڌ منهنجي دل جو آواز پر سمجهجانءِ پاڻ!“
”پر مون کي ته ڪجهه به سمجهه ۾ نٿو اچي، صرف ٺڪ ٺڪ ٿي ٿئي“
”چري منهنجي دل چوي ٿي“
Mountain can fly,
River can dry,
You can forget me,
Never can I.
”مون تي پنهنجي انگريزي جو رعب نه ڄمائيندو ڪر، خبر به اٿئي ته مون کي انگريزيءَ کان چڙ آهي، مان نج سنڌي آهيان، منهنجو انگريزيءَ سان ڇا؟، انگريز ڀڄي ئي منهنجي ڪري ويا هئا بر صغير مان، هنن کي خبر پئجي ويئي هئي ته سنڌ ۾ هڪ اهڙي ڇوڪري پيدا ٿيندي، جيڪا اسان جي ٻوليءَ کان نفرت ڪندي ۽ هوءَ اسان جي ٻولي جو ٻيڙو ئي غرق ڪندي ته انگريز منهنجي پيدا ٿيڻ کان اڳ ئي ڀڄي ويا، نه ته تون به غلام هجين ها، گورن جو ۽ هنن جي اڳيان هٿ ٻڌي ڪندو رهين ها، يس سر، يس سر!“
”هاڻ ڦاٿي آهين نه، سمجهه ۾ نٿو اچئي نه جڏي، سڌي ڳالهه ڪر نه بهانا ڇوٿي ڪرين!“
”سائين توهان جي لاءِ اطلاع آهي ته مان ايتري به جڏي ناهيان جو توهان جو ايترو به مطلب نه سمجهي سگهان!“
”ها ته پوءِ ٻڌاءِ ڇا مطلب آ، هن شعر جو؟“
ان جو مطلب هي آهي :
”جبل اڏامي سگهن ٿا،
نديون سڪي سگهن ٿيون،
تون مون کي وساري سگهين ٿي،
پر مان ڪڏهن به نه.“
اوچتو پيرن جو آواز آيو ۽ آواز وڌندو ويو، ”ڇوڪري هتي ڇا پئي ڪرين، ڪنهن سان ٿي ڳالهائين، هڪ ڪهر جو سيءُ، ٻيو بارش ۽ تون هتي هي ٻه ڪوپ، ڪنهن جي لاءِ چانهه ٺاهي اٿئي، هي کير ته ڀاڻهين لاءِ رکيو هو، صبح هن کي جلدي وڃڻو هو شهر!، ڇا سڄو کير کپائي ڇڏيئي؟، ڪنهن جو ٿي انتظار ڪرين؟، ههڙي سيءَ ۾ ڪپڙا به آلا ڪيون ويٺي آهين، بيمار نه ٿي پئين، اڌ رنگو نه ٿيئي، پوءِ ڪير اچي علاج ڪرائيندئي، اسان غريب آهيون، پاڻ وٽ ايترا به پئسا ڪونه آهن جو مري وڃين ته قبر ۾ دفنائي سگهئونءِ!“
”جيجي چپ ته ٿي نه، منهنجي به ته ڳالهه ٻڌ، مان ان ڪري نڪري آئي هيس جو مينهن ڇڙي ويئي هئي ۽ هي ٻه چانهه جا ڪوپ ان لاءِ ٺاهيا جو سيءُ پيو ٿئي، هڪ تنهنجي لاءِ، هڪ پنهنجي لاءِ، مون سوچيو توکي اٿاريان ٿي، پر جيڪڏهن تون نه به اٿينءَ ته ٻئي ڪوپ آئون پاڻ پيئنديس ۽ کير سمورو ڪونه کپايو آ، ڪجهه بچايو آ، ڀاءُ صبح بارش جي ڪري سوير شهر ڪو نه ويندو، آئون تازو کير ڏُهي ڏيندم، ڀاءُ کي تون فڪر نه ڪر چانهه پي“
”پر چانهه ته ٺري ويئي آ!“
” ها ههڙي سيءَ ۾ ٺري ته ويندي نه، ٻيهر گرم ٿي ڪري وٺان!“
”امان ڪجهه خيال ڪر، مون کي ته لڳي ٿو تون الائي جي ڪهڙا خواب ٿي ڏسين، پنهنجو پاڻ کي به ذليل ٿي ڪرين ۽ اسان کي به خوار ٿي ڪرين!“
”ڪي به خواب ڪو نه ٿي ڏسان، وٺو چانهه پيئو، گرم ٿي ويئي آ!“
”چڱو هاڻي هي ڪپڙا به لاهه ۽ هلي سمهه، اسان کي به سمهڻ ڏي، هاڻ ته بارش به ختم ٿي ويئي آ، صبح سوير اٿڻو اٿئي!“
”حاضر جناب حاضر!“
سائين کلندو رهيو ۽ سرٻاٽن ۾ چوڻ لڳو
Life is the name of searching,
Life is not a bed of roses.
هُو ڌنڌ ٿيندو ويو، اکين ۾ بادل ٿي لهندو ويو، پوءِ اکين ۾ بارش شروع ٿي ويئي، عڪس تجليون ڏيڻ لڳو، اشعارن جون گوڙيون ٿيڻ لڳيون، اهي اشعار جيڪي مون هن لاءِ پئي چيا ۽ جيڪي هن مون لاءِ پئي چيا.
ڪي ويجها به ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين،
ڪي چڙهن نه چت تي، ڪي وسرن نه مور.
لاک ديکي حسن والي، يهان وه ڀي ٿي لاجواب،
مگر تم سا ڪوئي نهين.
......
سنا هي مل جاتي هي هر چيز دعا سي،
هم ڀي تجهي مانگ ڪي ديکين گي خدا سي.
......
اکين ۾ ٿي ويهه ته واري آئون ڍڪيان
توکي ڏسي نه ڏيهه، نه آئون پسان ڪي ٻيو!
......
ميري دل ڪو يقين هي ڪڀي تم جدا نه هوگي،
ميري زندگي ڪي مالڪ ڪڀي تم خفا نه هوگي.
......
ڪڪرن رات لڪايو ٻک ۾ چنڊ جيئن،
تنهنجو پيار ائين، سانڍيو آ مون ساهه ۾.