گورک تي تقريرون
سائونڊ سسٽم چيڪ ٿي رهيو هو.
گورک مڪمل اونداھ ۽ مڪمل ٿڌڪار ۾ هئي.
روشني فقط اتي هئي... جتي اسان هئاسين.
۽ اسان گھڻا هئاسين.
هڪ ٻه صوفا ۽ ڪجھه ڪرسين کان علاوه هيٺ... پٽ، گلم، قناتن ۽ ٽين جي دٻن تي اڌ گول جي صورت ۾ ويٺل وڌ ۾ وڌ هڪ سؤ ڄڻا.
باقي اڌ گول تي سندلن سان اسٽيج ٺهيل هئي... جنهن تي ڳاڙها ايراني قالين وڇايل هئا.
هي ماڻهو اهي هئا... جيڪي اول اول دستي ۾ مٿي چڙهي آيا هئا.
کاول لڪ پوءِ طيش ۾ آيو هو... گورک تي گجگوڙون پوءِ ٿيون هيون.
ويٺل ماڻهو ماٺ ۾ هئا... سندن مشاهدي هيٺ آيل شايد اهو پهريون پهاڙي مينهن هو... ان ڪري سندن منهن تي گذري ويل خوف جا آثار هئا.
روشني جنريٽر جي هئي.
هي سڄو اهتمام جوهيءَ جي هڪ غيرسرڪاري تنظيم (وليج شاد آباد آرگنائيزيشن جوهي) پاران گورک تي سياحت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ آرگنائيز ڪيو ويو هو... پر اها ڳالھ کاول لڪ کي نه وڻي هئي... ۽ هن طيش ۾ اچي پاڻ کي رهڙڻ شروع ڪري ڇڏيو هو.
نتيجي ۾ قافلا موٽي ويا.
پهتا فقط اهي جن جو پيچ پختو هو.
سائونڊ سسٽمOK ٿيڻ کان پوءِ ڪمپيئر، سوير ٿيل ان ستم تي ڳوڙها ڳاڙيندي پروگرام جو آغاز ڪيو.
تلاوت، نعت، آجياڻا ۽ تقريرون ٿيون.
مقامي مقررن جي تقريرن ۾ زور ان ڳالھ تي هو ته گورک جو علائقو ڏاڍو پُر امن آهي. هتي امن امان جي صورتحال ڏاڍي بهتر آهي... علائقي جا ماڻهو مهمان نواز آهن. هڪ ٻئي جي مال، عزت جو ڏاڍو خيال رکيو ويندو آهي. وغيرھ... وغيرھ.
هي علائقو ڏاڍو پر امن آهي...!!
هتي امن امان جي صورتحال ڏاڍي بهتر آهي...!!!
هي اُهي جملا هئا... جن اسان خاص ڪري عقيل ۽ منهنجي مٿان ملامت جو بادل بڻجي... ڦٽڪار جو مينهن وسائڻ شروع ڪيو. اسان گذريل ٻارهن سالن کان سدائين گورک ڏانهن سنڀرڻ کان پوءِ امن امان جي خراب صورتحال سمجھي... رستي مان ئي کڄي وڃڻ جي ڊپ کان هيڏانهن لاءِ ناهيون نڪري سگھيا ۽ هن علائقي جي رسنديءَ وارن ماڻهن جا واسطا نه ڳولهي سگھڻ جي ڪري هميشہ مايوس ٿي ماٺ ڪري ويهي رهندا هئاسين... ۽ خدا شاهد آهي ته هن دفعي به اسان هتي اچڻ لاءِ دل فقط ان ڪري ئي ٻڌي هئي جو اسان سوچيو ته پروگرام ۾ کوڙ سارا ماڻهو هوندا... گاڏيون هونديون... سو پاڻ به ٻليءَ پير... ٻليءَ پير... ڪري انهن جي پويان اڄ اگر هلي پياسين ته هلي وينداسين... باقي ڀاڳ کي اهڙو ڀِيڙو وري الائي ڪڏهن ملي سگھندو.
کاول لڪُ ته اسان جون متيون منجھائي نه سگھيو. مگر هنن جملن ضرور منجھايون هيون.
اسان جا دماغ مائوف ٿي ويا.
مٿان ٿيندڙ ڦٽڪار جي ڪري يا الائي گورک تي وڌي ويل ٿڌڪار جي ڪري.
اسان گاڏيءَ مان آندل رليون ڪڍي پاڻ کي ويڙهي ڇڏيون.