کيل ختم ـ پئسا هضم
سج جي جوان ٿيڻ کان پهرين... اسان کي کاول لڪ تائين پهچي، جمنيءَ جي سار سنڀال لهڻي هئي ۽ ان کي واهي پانڌيءَ تائين پهچائڻو هو.
جمني، هن سفر ۾ به اسان سان گڏ هئي.
ارڙهن ڄڻن مان اسان چار... شعيب، شهزاد، راجا ۽ آئون جمنيءَ ۾ هئاسين ۽ جمني سڀني کان اڳ ۾ هئي ۽ کاول لڪ واري موڙ تي به سڀني کان اڳ ۾ هئي. مسئلو پويان ايندڙ ڊبل ڪئبن ۾ هو، جيڪا هرچڙهائيءَ تي دم جي مريضن وانگر بيهي بيهي (Inhaler) جو Puff وٺي پوءِ ٿي چڙهي.
کاول لڪ واري موڙ تي به جمني اڌ کان مٿي چڙهي وئي هئي ۽ جيسين ڊبل ڪئبن پهچي... تيسين راجا بريڪ هڻي جمنيءَ جي انجڻ بند ڪري ڇڏي ۽ پوءِ جڏهن لهي ان جو بانيٽ کوليو ته منجهانئس ڪو آتش فشان ڦاٽي نڪتو ۽ هرطرف کان دونهان ئي دونهان نڪري آيا هئا.
ڊبل ڪئبن ۽ (VIGO)، جمنيءَ کي ڪراس ڪري کاول لڪ چڙهي ويون پر جمني جلندي ئي رهي. شايد ڪنهن بد نظر جي هٿان نظرجي وئي جو ٿڌي ٿي نه سگھي... اڳيان هلي نه سگھي... هلي به ڪيئن.؟؟ اناڙي ڊرائيور، ان جون ڪلچ پليٽون ختم ڪري ڇڏيون هيون. سو سڀئي ساٿي جمنيءَ کي رستي تان... لاهيءَ واري رستي تان هٽائي... هيٺ ڪِٿي هٿيڪو ڪري بيهارڻ لاءِ پنڌ موٽي آيا.
اونداهه هئي ۽ ان اونداهه ۾موبائيلن جي روشنيءَ تي جمني، چؤپاسي مڙي آيل متوالن جي مرضيءَ مطابق هيٺ ترڪڻ لڳي... هڪڙن وٽ وڏا پٿر هئا، جن ٿورو هيٺ گسڪڻ کان پوءِ ٽائرن کي قابو ٿي ڪيو... ٻيا جمنيءَ جي پويان چنبڙيل هئا... جو جمني اگر پنهنجي زور تي موٽ کائي ها ته سڌو کاهيءَ ۾ هجي ها. ان ڪري کيس زور ڏيئي روڪڻ بي حد ضروري هو... زورازوري هئي... ملهه هئي... کاول لڪ جي آخري موڙ کان ڪجھه هيٺ... ريسلنگ جي رنگ تي ان رات جمني ۽ اسان جو ٽاڪڙو ٿيو هو ۽ اونداهه ۾ اسان جمنيءَ کي کاول لڪ کان هيٺ ۽ کاهيءَ کان پرڀرو بيهارڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا هئاسين ۽ جڏهن جمني هارايل رانديگر وانگر بي سُڌ ٿي بيهي رهي ته هڪ دفعو سڀني ڀرواري کاهيءَ ڏانهن روشني هڻي اها پڪ ڪرڻ چاهي ته ڏسجي ته کاهي ڪيتري وڏي آهي... پر موبائيلن جي روشني کاهيءَ جي تهه تائين نه ٿي رسي سگھي، ان ڪري بلآخر جمنيءَ جي چئني ٽائرن کي وڏا پٿر ڏيئي، مٿس آيت الڪرسي شوڪاري اسان مٿي چڙهي آيا هئاسين... مگر هاڻي صبح ٿي چڪو هو ۽ واپسيءَ ۾ جمنيءَ کي به جوڙ ۾ کڻڻو هو.
واپسي سوير ئي ڪرڻي هئي... ۽ واپسي ٿي رهي هئي.
ٻئي گاڏيون آهستي آهستي هيٺ لهي رهيون هيون. پٿريلي، ڀرڀري روڊ تي... اسان سان گڏ رستي تي موٽرسائيڪلن جا هشام هئا، جيڪي لهي به رهيا هئا ته سامهون کان چڙهي به رهيا هئا.
منظر واضح هو... روشن هو.
حدِ نگاهه تائين ڦهليل زرد سونهري پٿرن جا پهاڙ پکڙيل هئا ۽ ڪنهن ڪنهن پهاڙ تي روايتي جابلو ڌنڌ يا (رَءُ) هو جنهن جي ڪري ان پهاڙ جو رنگ پريان کان سرمائي پئي محسوس ٿيو.
منظر سڄو سامهون هو... ۽ ساڄي هٿ تي روڊ جي پوري ٿيڻ کان پوءِ کاهين جو هڪ پورو نظام هو... جيڪو بس ساڄي طرف ئي هو. ساڄي طرف حدِ نگاهه بس کاهيون ئي نظر آيون ٿي... جيڪي مطمئن ٿيو ليٽيون پيون هيون... وڏي عمر جي واڳن وانگر. جيڪي هروقت پاڻيءَ جي اندر ئي پيا هوندا آهن ۽ جڏهن ڪو شڪار ازخود پاڻيءَ ۾ اچي ڪرندو آهي ته ان کي کائيندا آهن. هي کاهيون ايئن هيون... پاڻ ئي ڪري پوندڙ شڪار جون منتظر. ڪجھه کاهيون شڪار کي زوريءَ قابو ڪرڻ لاءِ لامارا ڏينديون آهن، اهي ڪڏهن ساڄي طرف کان ڦري اينديون آهن ته ڪڏهن وري کاٻي کان. اهي رستي جي بلڪل ڀرسان ئي شروع ٿينديون آهن. گاڏيءَ ۾ ويهي اگر انهن کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪبي آهي ته محسوس ٿيندو آهي ته گاڏي رستو ڇڏي بس ڄاڻ ان کاهيءَ ۾ ڪري پوندي... اهي کاهيون ان مانگر مڇ وانگر وات ڦاڙيو بيٺيون هونديون آهن، جنهن مورڙي جا ڇهه ئي ڀائر ڳڙڪائي ڇڏيا هئا. اهي کاهيون هيٺ تمام هيٺ زمين جي پاتال ڏانهن وڃي ختم ٿينديون آهن. اهي کاهيون پاڪستان جي اترين علائقن ۾ آهن... هانءُ ڏاريندڙ ۽ ڦڻ ڪڍي بيٺل... زندهه کاهيون.
گورک جون هي کاهيون شانت هيون... امن ۾ هيون. هيٺ نهارڻ سان انهن جو ترو نظر آيو ٿي، جيتوڻيڪ اهو ترو ايترو ويجھو نه هو پر پوءِ به نظر آيو ٿي.
ته ساڄي طرف ترا نظر ايندڙ کاهيون هيون. سامهون... وڏن ۽ ويڪرن جسمن وارا پهاڙ هئا ۽ کاٻي طرف کان اڀا، اوچا پٿريلا پهاڙ ۽ انهن جي پلاند ۾ ئي پٿرن جي ڍير وارو رستو... ۽ رستي تي هاڻي طوفان برپا ٿي چڪو هو. موٽر سائيڪلن جو هڪڙو سمنڊ هو، جيڪو مٿان کان هيٺ لهي ۽ هيٺان کان مٿي چڙهي رهيو هو... ۽ پٿر رستو... نه چڙهندڙن لاءِ سازگار هو ۽ نه لهندڙن لاءِ صراطِ مستقيم هو. هڪ پاسي موٽرسائيڪلن جا زور هئا ۽ ايڪسيليٽر ۽ انجڻ جون دانهون... ته ٻئي پاسي ٻيلهه سوارن جا موٽر سائيڪلن کي مٿي چاڙهڻ لاءِ زوردار ڌڪا ۽ حڪومت کي وري اوتريون ئي زوردار گاريون.
زون... زون... زون... ڊرڙ... ڊرڙ...
موٽرسائيڪلن جا ٺلها ڦرندڙ پويان ٽائر، ڌوڙ اڏائي طوفان برپا ڪري رهيا هئا ۽ ڪو... ڪو ٽائر پٿرن کي تيزيءَ سان پويان اڇلائيندو... هوا ۾ گھمي زون... زون... ڪري رهيو هو. هڪ هنگامو هو جيڪو برپا هو... ۽ اتي برپا هو... جتي اسان جي جمني به کاهيءَ جو ڀر وٺيو بيٺي هئي.
اسان کاول لڪ جي هيٺان ان ’طوفان چوڪ‘ تي پهچي ته چڪا هئاسين پر ان کان پهرين، گورک تان لهڻ کان پوءِ مکيه رستو ڇڏي کاٻي پاسي ٽرن ڪندڙ هڪ رستي تي به لهي پيا هئاسين. مکيه رستي مان اوچتي ڦٽي آيل رستي جي باري ۾ اسان مان فقط عقيل کي خبر هئي ته اهو رستو ڪيڏانهن ٿو وڃي ۽ عقيل (VIGO) کي ڊرائيو ڪري رهيو هو ۽ ان رستي ڏانهن مڙي پيو هو... اهو رستو ٻه موڙ کائڻ کان پوءِ اُڀي لاهيءَ جي صورت وٺي مسلسل هيٺ لهي رهيو هو. ٻئي گاڏيون هن روڊ تي مڙي آيون هيون. پويان ڊبل ڪئبن هئي ۽ ڊبل ڪئبن وارن جڏهن اهو رستو ڏٺو ته انهن پويان دانهون شروع ڪري ڏنيون.
عقيل! ڪيڏانهن... عقيل! ڪيڏانهن...
يار! مارائيندين ڇا...؟
اتان واپس ڪيئن چڙهنداسين...؟؟
دانهون مسلسل هيون ۽ ڪورس ۾ هيون.
يڪا يڪ اهڙي لاهيءَ وارو رستو ڏسي ڊبل ڪئبن ۾ لوڊ ٿيل الهڙن جا هانوَ ڇڄي پيا هئا ۽ انهن دانهون ڪرڻ شروع ڪيون جيڪي (VIGO) وارن تائين به پهتيون ۽ (VIGO) هڪ لاهي وڌيڪ لهي بيهي رهي. ڊبل ڪئبن مٿي ئي بيهي رهي هئي.
دیا رے دیا کانٹا چوبھا
ھائے مورے کانٹا چوبھا۔۔۔
ڪنڊو، گاڏيءَ کي نه پر ان ۾ ويٺلن جي دل ۾ چڀيو هو.
آئون (VIGO) جي ڍالي ۾ بيٺل هيس ۽ منظر ڏسي رهيو هئس.
سهيلَ...!! عقيل دريءَ مان ڪنڌ ڪڍي مون کي سڏيو هو.
ڇا ٿو چوين... با...
اهڙو ساڳيو سڏ منهنجو پهرين به ٻڌل هو... ڪجھه سال پهرين به ايئن ٿيو هو.
اسان چلاس مان ناشتو ڪري (ليانا) ۾ گلگت ڏانهن پئي وياسين ته شاهراھِ قراقرم تي مسلسل ايندڙ سنگِ ميلن جي دؤران آيل هڪ غير روايتي ۽ ننڍڙي سنگِ ميل وٽ ليانا بيهي رهي هئي.
سنگِ ميل تي لکيل هو... استور ــ 44 ڪلوميٽر.
آئون اڳين سيٽ تي ويٺل هئس ۽ عقيل ڪنڌ ورائي مون ڏانهن ڏسي چيو هو...
ڇا ٿو چوين... با...
۽ مون چيو هو... رائيٽ ٽرن باءِ نمبر ـــ ون.
۽ ليانا سڌو گلگت ڏانهن وڃڻ بدران، رائيٽ ٽرن ڪري موت جي منهن ۾ منهن وجھڻ لاءِ مڙي پئي هئي.
پر هي شاهراھِ قراقرم نه هو... جيتوڻيڪ اسان تائين خبرون اهي پئي آيون ته گورک تي وڃڻ لاءِ (Silk Route) ٺهي چڪو آهي ۽ اوهان ان جي مٿان سفر، ساڙهيءَ جي پلاند وانگر سرڪي يا ترڪي ڪري سگھو ٿا... پر اها حقيقت نه هئي... فريب هو... هي شاهراھِ ريشم نه هو... شاهراھِ قراقرم نه هو... ان ڪري مون تڪڙو جواب نه ڏنو... پر حالتن جو پورو جائزو ورتو.
مون پويان مڙي پهرين ڊبل ڪئبن وارن ڏانهن ڏٺو... گاڏيءَ ۾ ويٺل، درين مان ڪنڌ ڪڍي دانهون ڪري رهيا هئا ۽ ڍالي ۾ بيٺل هٿ مٿي ڪري بيهڻ جا اشارا ڪري رهيا هئا... کاٻي پاسي کان اڀو ٿيل پهاڙ هو. سامهون مسلسل لاهيءَ وارو پڪو رستو هو... جيڪو نانگ وانگر لهرائيندو هيٺ لهي رهيو هو ۽ ساڄي پاسي نظر ايندڙ کاهيءَ ۾ ور وڪڙ کائيندڙ چشمي جو لنگھ هو... جيڪو مون سڃاتو... شايد پنهنجي تجربي جي ڪري... ۽ آئون ان سڪل چشمي جا پيرا کڻڻ لڳس... سڪل چشمو اڳيان وڌي رستي سان گڏ گڏ هلندڙ کاهيءَ ۾ موڙ کائيندو اڳتي وڌي رهيو هو ۽ اڳيان هلي کاٻي ڏانهن مڙي رستي سان گڏ ئي گم ٿي ٿئي ويو. سڪل چشمي سان گڏ جيڪو ميدان هو اهو ڪجھه ويڪرو هو، جنهن ۾ ٻوٽا به هئا. شايد (ڊاڊوڙي ۽ ڪاهو). اها کاهيءَ جي صورت هئي.
بارشن پوڻ کان پوءِ شايد اهو چشمو وهي ايندو هوندو ۽ اهو لنگھ وٺي وهندو هوندو... ته هتي هيءُ ڪهڙو چشمو آهي، جيڪو بارشن کان پوءِ وهي ايندو آهي... جواب هو ’هينگڻ‘.
۽ پوءِ ئي مون عقيل سان ڳالهايو.
عقيل...!! هينگڻ ٿو هلين ڇا...؟
ها...
يار...! ڳالهه ته ڀلي... پر... نه پوئين گاڏيءَ ۾ حال اٿئي ۽ نه ئي ان ۾ ويٺل يارن ۾. (حال ڀائي اسان سڀ (VIGO) ۾ ويهي رهيا هئاسين. قدرتي... Unplaned) ۽ چشمو به سڪل پيو لڳي... پاڻي اڳيان به هجيس الائي نه... ها! باقي هلڻو اٿئي ته پوءِ پاڻ هلون ٿا... بيٺل... بيٺا ئي رهن.
آواره گرد خود غرض هوندا آهن. انهن کي خود غرضانه فيصلا وٺڻا پوندا آهن... ڊرائيونگ سيٽ تي آئون هجان ها ته اها پڪ ڪرڻ لاءِ هليو هلان ها ته اڳيان پاڻي آهي يا نه... پر آئون پويان هئس... ڊرائيونگ سيٽ تي عقيل هو. ان ڪري (VIGO) يو ـــ ٽرن ڪري واپس مٿي چڙهي آئي.
هينگڻ... پويان پهاڙن ۾ يا الائي کاهيءَ ۾ رهجي ويو. پر ويندي ويندي منهنجي لاءِ وري اچڻ جو بهانو بڻجي ويو. تشنه چشمو تشنگيءَ جو سبب بڻجي ويو. سو مون هينگڻ کي ڇڏي، پاڻ سان گڏ وري اچڻ وري بهاني کي کڻي ورتو.
کاول لڪ وٽ هنگامو برپا پوءِ ٿيو هو.
’طوفان چوڪ‘ تي آواز تيز هئا ۽ انهن جي گوڙ تي سج به پنهنجو غزل مڪمل ڪري جاڳي پيو هو.
جمني جتي بيٺي هئي، ان جي ڀرواري کاهيءَ جو معائنو سج جي روشنيءَ ۾ سڀني پاران ڪيو ويو.
الهڙن جون آڱريون وات ۾ هيون، جو سندن خيال ۾ گاڏيءَ کي اِتي بيهاري وڏي غلطي ڪئي وئي هئي. اسان مطمئن هئاسين ته گاڏي محفوظ هنڌ تي بيٺل هئي.
اسان جيئن ڇڏي ويا هئاسين... جمني بلڪل ايئن ئي هئي.