ٺرندڙ رات، ٻرندڙ مچ ۽ موسيقيءَ جي محفل
گول منڊل جي وچ ۾ اُلاءُ روشن هو... باقي گورک گُھگَھ اونداھ ۾ ٻڏل هئي.
سفيد بلبن ۽ ڳاڙهي باھ جي روشنيءَ جي ڪري... آسمان جو ٿالھ ستارن کان خالي ٿي ويو هو.
هيٺ... هيءَ مختصر دنيا هئي.
هڪ اسٽيج ۽ ان جي سامهون اڌ گول جي صورت ۾ ويٺل ايترا ئي ماڻهو... جيترا نوح عليہ السلام جي ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي سگھيا هئا.
هيءَ دنيا به انهن ئي آباد ڪئي هئي. جيڪي کاول لڪ تي آيل طوفان کان بچي نڪتا هئا.
دنيا... آباد ٿي وئي هئي.
اسٽيج تي سازندا اچي ويا... جن تاڃي پيٽا ملائي سُر سڌا ڪيا.
گورک تي طبلن جي ٿاڦ ٻُرڻ لڳي.
بر ۾ بهاري ٿي وئي... سُرندا سُرڻ لڳا.
هاريمونيم... سا... ري... گا... ما... پا...ڌا...ني... جا سر ڇيڙيا.
سنڌ جو نابالغ راڳي ضامن علي... پنهنجي سونهن جو جلوو ڏيکاري... وارن کي هٿ جو جھٽڪو ڏيئي اسٽيج تي چڙهي آيو.
ڪائنات جي پهرين موسيقيءَ جي ٿيل محفل وانگر... هيءَ محفل مزو ڏيڻ لڳي هئي. اسٽيج تي هڪ جي پويان ٻيو ڪلام ڳاتو پئي ويو... رلين ۾ هڪ جي پويان ٻي بيئر جي بوتل کلي رهي هئي.
خشڪ ٿڌي هوا شرڙ... شرڙ... ڪري اسان جي مٿان لامارا پئي ڏنا. سرديءَ جي شدت وڌي رهي هئي. هن دنيا جا سڀئي مڪين... سڀ جا سڀ پنهنجيءَ ۾ مگن هئا. اهي ساڪت هئا... انهن ۾ گھڻي چرپر ڪانه هئي پر سڀ خوش هئا... ڪي مٿي آسمان کي ۽ ڪي سامهون اسٽيج کي تڪي رهيا هئا. شايد جيڪي حُسن پرست هئا... اهي اسٽيج تي مگن هئا ۽ باقي آسماني خيالن ۾ گم.
آئون بور ٿي رهيو هئس.
فئري ميڊو تي پنهنجي قيام جي آخري رات... ٻاهر Lawn تي وسيم وڏي ڪوشش سان هڪ ننڍڙو مچ ٻاريو هو. جنهن جي روشنيءَ ۾ فئري ميڊو جا ستارا گم ٿي ويا هئا... ۽ اسان خاص پلان تحت انهن ئي راتين ۾ فئري ميڊو جو پروگرام ٺاهيو هو جنهن ۾ فئري ميڊو جي ميدان تي لهي آيل ستارن کي ڏسي سگھجي. سو... آئون اُن مچ وٽان اٿي هليو ويو هئس ۽ پنهنجي ڪاٺ جي ڪمري Hut وٽ بيهي مٿي ستارن کي ڏسي رهيو هئس ته ايئن سچ ۾ ٿي پيو هو ۽ ڏسندي ڏسندي اُتي جا ستارا آسمان مان هڪ هڪ ٿي هيٺ ميدان تي ڇڻڻ لڳا هئا. بلڪل هلڪي Snow fall وانگر... ڪپهه جي ننڍڙن گولن وانگر... يا چمڪيلن پاڻيءَ جي بوگيڙن وانگر. ۽ هوا لڳڻ سان اهي ستارا سائي ڇٻر واري اُن ميدان تي ڊوڙي هڪ ٻئي جي مٿان چڙهي ٿي پيا ۽ وري لهي ٿي آيا... ۽ آئون Hut جي اندران نويد جي سڏ اچڻ تائين ستارن جي اها سحر انگيز راند ڏسندو رهيو هئس.
پر... هتي روشني شديد هئي ۽ آئون اٿي به ڪهڙي Hut ڏانهن وڃان ها...؟ سو اتي ئي ويٺو رهيس.
ضامن علي اڃان ڳائي رهيو هو. ضامن عليءَ ۽ صنم مارويءَ جي باري ۾ پيشن گوئي ته مون 2007ع ۾ جشنِ مٽياريءَ جي ڪمپيئرنگ ڪندي ڪئي هئي، جڏهن پهريون دفعو صنم ماروي، شهنيلا علي، ضامن علي ۽ عابده پروين کي سڏائڻ جو موقعو مليو هو. پروگرام کان پوءِ پنهنجي دوستن جي چؤياري ۽ درگاھ نصير مرزا (ريڊيو حيدرآباد جي اسٽيشن ڊائريڪٽر جو ڪمرو) ۾ مون هڪ پيشن گوئي ڪئي هئي ته صنم ماروي... مستقبل جي عابده پروين آهي ۽ ضامن عليءَ جو ڪو مستقبل ڪونهي. دوستن ماٺ ڪري ٻڌو هو... ۽ نصيرَ... اختلاف ڪيو هو. آئون پنهنجي ڳالھ تي قائم هئس. اڄ 2015ع آهي... منهنجي ڳالھ مُرڪي رهي آهي... صنم مارويءَ جي هيڏي پذيرائي ڏِسِي.
صنم جو آواز ۽ انداز ٻڌي منهنجو دوست ماجد مون کي اٿي بيهي سلام ڪندو آهي... ۽ جڏهن جڏهن به آواز ٻڌندو آهي تڏهن تڏهن سلام ڪندو آهي.
جڏهن ته ضامن عليءَ جو ڪو ڪو گانو ٽي. وي يا ڪيسيٽ تي ته ڀلو لڳندو آهي پر لائيو پرفارم ڪرڻ جو وٽس اڃان ڪو هنر ناهي... ۽ شادين مرادين ۾ ڳائڻ واري اجائي هٻڇ کيس اڳتي وڌڻ نه ڏيندي. اهو منهنجو خيال آهي... خدا ڪري ته منهنجو خيال غلط ثابت ٿئي.
محفل ختم ٿي وئي... مچ؛ آهستي آهستي ٿڌو پئي ٿيو ۽ ان سان گڏ گورک به وڌيڪ ٿڌي ٿيندي پئي وئي.
ڪجھه ماڻهو اسٽيج تي... ڪجھه قالينن تي... ڪجھه قناتن تي ليٽي پيا.
جنريٽر هلندو رهيو... بتيون ٻرنديون رهيون... ستارا مٿي ئي رهيا... يا شايد مٿي به نه رهيا. اسان به رلين سوڌو جمنيءَ ۾ گھڙي آياسين.