رات کان پوءِ رچيل رنگن جي راند
جمنيءَ جا شيشا چڙهيل هئا... اسان چارئي پنهنجي ساهن جي گرميءَ سان گاڏيءَ کي گرم ڪري رهيا هئاسين.
جمنيءَ ۾ ننڊ سائين طاهر کي آئي هئي... جو هو ته سجدي ۾ به سمهي سگھندو آهي.
جميل به سدائين ايئن ئي رهيو آهي... رات جو دير سان ڪچهري ڪندي ڪندي سمهي رهندو آهي ۽ جڏهن سڏ ڪبو اٿس ته جواب ڏيندو آهي... ’جاڳان پيو.‘
عقيل جي ننڊ... بٽڻ تي آهي. ڪم ڪندي ڪندي وچ ۾ چوندو ’مون کي ڏھ منٽ ڇڏيو ته آئون سمهان...‘ ۽ يڪدم ننڊ جو بٽڻ On ڪري سمهي... کونگھرا هڻڻ شروع ڪندو آهي ۽ ڏهن منٽن کان پوءِ وري اٿي اهو بٽڻ Off ڪري ڪم کي لڳي ويندو آهي... هي مبالغو ڪونهي... حقيقت آهي ته عقيل وٽ ننڊ جو بٽڻ لڳل آهي. جنهن کي کولڻ/ بندڻ سندس وس ۾ آهي.
سو... جاڳيس فقط آئون پئي. جمنيءَ ۾ ننڊ مون کي نه ٿي آئي.
موت آئی تو سو لیں گے۔۔۔
رکي رکي ڪنهن ماڻهوءَ جي دانهن ۽ آواز ٻاهران کان ٻڌڻ ۾ آيا پئي. باقي سناٽو هو. چپس جي پنيءَ جي ڇڻ ڇڻ تي هنن ٽنهي مان ڪو اٿي ٿي پيو يا جنهن کي پاڻيءَ جي اڃ ٿي لڳي ته بوتل مان ٻه ٽي ڍڪ ڀري وري سمهي ٿي رهيو. جنريٽر جو تيل هلي هلي ختم ٿي ويو هو... ٻاهر به اونداھ ٿي وئي هئي. اندر به اونداھ هئي.
نظر... اکين پورڻ سان به ڪجھه نه ٿي آيو ۽ اکيون کولڻ سان به ڪا روشني پلئه نه ٿي پئي. معرفت ملي ئي ناهي... شايد اڃان متلاشي به ناهيان ٿيو. ان ڪري اپٽيم ٿي ته به انڌوڪار ٿي پلئه پئي ۽ پوريم ٿي ته به پرين پسي نه ٿي سگھيس.
باطن توڙي ظاهر ۾ ساڳي اونداھ هئي... مڪمل اونداھ. اندر توڙي ٻاهر ڪجھه نظر نه ٿي آيو. جمنيءَ جي شيشي کان ٻاهر به ڪاراڻ هئي ۽ اندر جو آئينو به ڌنڌلو هو. اکين ۾ سفيديءَ جو سرمون هو ئي ڪٿي جو اندر جي اجرائپ ۽ عالم جي اڇائيءَ کي ڏسي سگھجي... سو بس! نظر تيسين صرف ڪاراڻ ئي پئي آئي... جيسين وهائو نه نڪتو.
۽ نيٺ وهائو نڪتو... ڪهڙي طرف کان... خبر نه پئي. پر وهائو نڪتو هو ۽ تيز ڪاراڻ سرمئي رنگ ۾ بدلجي وئي هئي... شيون هلڪيون هلڪيون نظر اچڻ شروع ٿي ويون.
منظرن... ٿورو ٿورو نقاب سرڪڻ شروع ڪيو هو. رات جتي ڪجھه به نظر نه ٿي آيو... اتي ڪجھه ڪارا داغ هئڻ جو گمان ٿيڻ لڳو هو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي سرمئي ڪاغذ تي ڪاري مس سان ٺاهيل وڏا داغ نظر اچڻ شروع ٿي ويا... ۽ جيئن جيئن ڪاغذ تان سرمئي رنگ جھڪو ٿيندو پئي ويو... صاف ٿيندو پئي ويو... تيئن تيئن اهي داغ ظاهر ٿي وڌيڪ ڪارا ٿيندا پئي ويا.
آئون جمنيءَ ۾ کاٻي پاسي کان ويٺل هئس ۽ داغ به کاٻي پاسي ئي هئا... پر تمام پري هئا. سامهون واري شيشي مان ڪجهه نظر نه پئي آيو. ها... سرمئي رنگ چؤگرد ڦهليل هو جيڪو آهستي آهستي سفيد ٿي رهيو هو.
عجيب منظر هو...!!
گورک جي ڦهليل ڪينواس تي رنگَ... اک ٻوٽ راند کيڏي رهيا هئا. جڏهن ڪارو رنگ غالب هو... ته سڀ ڪجھه ڪارو هو. تيز سرمئي جي تبديليءَ سان جتي وڏا جسم هئا... جبل هئا... اهي ڪارا ٿي نظر آيا. سرمئي رنگ هلڪو ٿيو ته جبلن جي ڪاراڻ وڌيڪ چٽي ٿي ويئي. ۽ جڏهن سفيد رنگ جي پينٽ جو دٻو سڄي ڪينواس ٿي هارجي ويو ته وري پريان نظر ايندڙ جبل سرمائي ٿي ويا.
صبح ٿي رهيو هو...
کاٻي پاسي وارا جبل تمام پري هئا... ۽ ڌنڌ ۾ لڪل هئا. اڇاڻ ٿي رهي هئي... سامهون واري شيشي مان شيون واضح نظر اچي رهيون هيون.
گاڏي... پهاڙيءَ تي بيٺل هئي. پٿرن جو رنگ ڀورو هو. رنگن جي اک ٻوٽ پوري ٿيڻ تي هئي. سفيد رنگ... سڀني رنگن کي وائکو ڪري رهيو هو.
گورک تي لهڻ ۽ ان کي ڏسڻ جي بي چيني شروع ٿي وئي هئي.
مون... زور سان ڪلمو پڙهڻ شروع ڪيو.
’لا اِلہٰ الا الله محمّد الرسول اللهﷺ‘
ڇا ٿيئي...؟؟ (عقيل اک کولي)
سائين طاهر به اک کولي ڪلمو ڀريو.
جميل... ستل ئي رهيو... ايئن به نه چيئين ته... جاڳان پيو.
صبح ٿي ويو ڇا...؟؟ (عقيل وري چيو).
ها... سڀاڳؤ... هاڻي ته اٿو.
جميل به اک کولي... صبح ٿي ويو.
گورک تي صبح ٿي ويو هو.