سنجھا کان پوءِ ڦٽي پيل باک
نوجوان وراڻيو: نجومي بابا! معنيٰ ٻي اڌ زندگيءَ ۾ آئون دنيا جا سڀ عيش ۽ آرام ماڻي سگھندس.
نجوميءَ جواب ڏنو: نه ٻچا! باقي اڌ زندگيءَ ۾ توکي ڏکن سهڻ جي عادت ٿي ويندي سو تون گھڻو پريشان ڪونه ٿيندين.
سو... اسان جو باقي سفر ڏاڍو آرامده هو.
اوڀر کان وڄ جا وراڪا هئا، جيڪي مون کي کاٻي پاسي کان آهستي آهستي مٿي ٿيندا نظر پئي آيا.
راجا ۽ آئون جمنيءَ ۾ هئاسين... (A.C) جي ٿڌڪار ۽ گانن جي جھونگار ۾.
جمني (ٽو ــ وائر ۽ ٽرن بڪل) سان ٻڌل هئي... ۽ (VIGO) جي ڍالي ۾ ويٺل يارن جي مسلسل نظر ۾ هئي.
جمنيءَ جي اندر مڪمل قرار هو.
جنڊ جڙي، مال ڇڙي، باک ڦٽي ٿي... او ساٿي! رات کُٽي ٿي.
باک سدائين صبح جو ناهي ڦُٽندي... ڪڏهن ڪڏهن شام جو به ڦُٽِي پوندي آهي... مون کي اڳ اها خبر نه هئي. ان جو احساس ان ڏينهن ٿيو. ڏجھا ڏيندڙ ڏينهن جي پڄاڻيءَ کان پوءِ، سورن جو سج غروب ٿيو ۽ جڏهن رات پنهنجي پيرن ۾ راحت جون گھنڊليون وڄائي چڙهي آئي... تڏهن روحن کي تازگي نصيب ٿي هئي. باک سنجھا کان پوءِ ئي ڦُٽِي هئي... اهو منهنجو نِڪورُ تجربو هو... ۽ هر باشعور جا تجربا... پنهنجا پنهنجا آهن... تجزيا... پنهنجا پنهنجا آهن. اسان کي ڪو به حق نه ٿو پهچي ته اسان ٻئي جي تجربي يا تجزيي کي غلط چئون ۽ اسان تي اهو به قطعاً فرض ڪونهي ته ٻئي جي تجربي ۽ تجزيي کي اکيون پوري قبول ڪريون. پر تجربا... ههڙا تجربا... هرڪنهن جي حصي جو مقدر ناهن بڻبا. فقط انهن جي نصيب ۾ هوندا آهن... جيڪي بدحواس هوندا آهن ۽ پنهنجو جيءُ مٺو ناهن ڪندا. انهن لاءِ ئي ته سيلاني چئي ويو آهي...
سوري جنين سيج، مرڻ تن مشاهدو.