گورک تي ٻيو صبح... ٽيرس تي ٽهل ٽڪور ٿئي ٿي
هيءَ ٽيرس تقريباً هڪ ڪلوميٽر ڊگھي آهي. آئون هن کي ٽيرس ان ڪري ٿو سڏيان جو گھر جي بالڪوني وانگر هن کي گرل لڳل آهي.
گرل جي سائيڊن يعني بارڊرس کي ڳاڙهو رنگ ٿيل آهي ۽ ان جي وچ واري مستطيل ڊزائين کي وري سائو رنگ.
اگر ان ٽيرس جو هوائي جائزو وٺجي ته اها پاسيري (ل) جهڙي شڪل وٺي بيهندي. جيڪا الهندي کان شروع ٿي... اتر ڏي وڃي ٿي ۽ وري اوڀر ڏي مڙي ختم ٿي... ٽڪري ٿي وڃي ٿي... ڦهلجي وڃي ٿي. پر ٽيرس جتي ختم ٿئي ٿي ان کان پهرين ٻه وڻ هئا.
هي وڻ اسڪردوءَ کان خَپلوءَ واري رستي تي لڳل وڻن وانگر زردالن سان ڀريل نه هئا نه ئي وري سوات جي سڄي رستي تي لڳل انهن وڻن جهڙا هئا، جن جا پن هڪ پاسي کان ساوا ۽ ٻئي پاسي کان چانديءَ جهڙا هوندا آهن ۽ سج جي روشني پوڻ تي جرڪي پوندا آهن. هي وڻ شوگران واري رستي تي پيوست قديم ۽ قدآور وڻن جهڙا به نه هئا، جن تي سندن عمر جون تختيون لڳل هونديون آهن. پر هنن وڻن ۾ ڪشش، شايد ان شجرِ ممنوعه جهڙي هئي، جنهن جي ويجھو وڃڻ لاءِ ڏاڏي آدم ۽ ڏاڏي حوا کي منع ڪئي وئي هئي پر پوءِ به هو ڇڪجي ويا هئا... سو اسان به هنن وڻن ڏانهن ڇڪجي وياسين ۽ ٽولي ٽولي ۾ ۽ اڪيلي بيهي تصويرون به ڪڍرايونسين ۽ محتاط ٿي ڪڍرايونسين. ڇاڪاڻ جو هنن بادامن جي وڻن جي پاڙ ۾ به ضديرن ٻارن جون سُڪل نشانيون ئي نشانيون پيل هيون.
هي ٽيرس جتي ختم ٿي رهي هئي، اتان ئي ان جي بلڪل سامهون سج طلوع ٿي رهيو هو. ماڻهن کي غروب ِآفتاب جو منظر وڻندو آهي، پر مون کي سدائين سج اڀرڻ جو منظر موهيندو آهي. ريلن جي سفر ۾ به آئون سڄي رات جاڳي... صبح جو سج اڀرڻ جو منظر ڏسي پوءِ سمهندو آهيان. سج اڀرڻ جو منظر مون کي سدائين لڀائيندڙ لڳندو آهي. اهو ڀلي هاڪس بي جي (Hut) مان نڪري سمنڊ جي واريءَ تي ڊوڙندي ۽ هيڊفون ڪنن ۾ وجهي گانا ٻڌندي ڏٺو هجي يا شاهراھ قراقرم جي ان اسٽاپ تان چانهه پيئندي ڏٺو هجي جنهن کي ڏسندي ايئن پئي محسوس ٿيو ته قدرت واري ڪوسٽر جي اسان ٽنهي مسافرن ۽ چوٿين ڊرائيور کي سڄي رات جاڳڻ جي اُجوري طور صبح جي ان منظر کي خاص طور تي سجائي اسان آڏو نروار ڪيو هجي.
گورک جو سج تازي غزل جي مطلع وانگر پهاڙن جي پويان طلوع ٿي رهيو هو ۽ اسان سڀ ٽيرس جي ان اختتامي پوائنٽ تان اهو منظر ڏسي رهيا هئاسين.