سفرناما

خانه بدوش جو خواب..... گورک

ڪتاب ”خانہ بدوش جو خواب ... گورک“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب سھيل ابڙو پاران سنڌ جي سونھن گورک ھل بابت لکيل ٻن سفرنامن تي مشتمل آھي.
گورک سنڌ جي سونھن آھي جيڪو گرم ڏينھن ۾ بہ مريءَ جھڙي ٿڌاڻ جو احساس ڏياري ٿو. سنڌ جي ان خوبصورت ماڳ کي سھيل ابڙي ٻہ دفعا ڏٺو، پرکيو، سکيو ۽ ان جي سونھن سان گڏ بيوسي ۽ لاچاريءَ تي بہ لکيو آھي. سندس لکڻ جھڙو نثري نظم ھجي. اسان سڀني کي سنڌ جي سھڻن ماڳن بابت ايئن ئي سفرنامي جي صورت ۾ لکڻ گھرجي.
  • 4.5/5.0
  • 2689
  • 706
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • سهيل ابڙو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book خانه بدوش جو خواب..... گورک

واپسيءَ جو سفر... نه سفر ختم ٿيو نه خواري

ميلي جي موٽ خراب هوندي آهي... چوندا ايئن آهن.
هميشه ايئن ناهي ٿيندو... واپسي به شاندار ٿيندي آهي.
بس! اڪثر اينگھندو آهي ته لاهور کان صادق آباد وارو سفر... جيڪو کٽڻ جو نالو ناهي وٺندو... ويندي به ۽ ايندي به... يا شايد واپس ايندي ڪجھه وڌيڪ. ڇاڪاڻ جو مسلسل سفر جي ڪري ننڊون پوريون ناهن هونديون ۽ جبلن تي چڙهڻ جي ڪري جسم ٽٽل هوندا آهن. ان ڪري اهو سفر جلدي ناهي کٽندو ۽ اينگھجي پوندو آهي. بلڪل ايئن... جيئن نويد جا لطيفا اينگھجي ڪهاڻيون بڻجي ويندا آهن ۽ دانهن ڪرڻ کان پوءِ ختم ٿيندا آهن... تيئن هي سفر به دانهون ڪرائي پوءِ ختم ٿيندو آهي. پر اڪثر ڪري ته هي سفر کٽندو به ان لاءِ آهي ته اسان سان گڏ نويد هوندو آهي جيڪو نه فقط اکين جو ماهر ڊاڪٽر آهي پر هڪ ماهر ڳالهيئر وانگر ڳالهه مان ڳالهه ڪڍڻ جو هنر به خوب ڄاڻندو آهي. پر هي سفر... ڊاڪٽر نويد جي ڳالهين کي به کٽائي وجھندو آهي. هن سفر ۽ ڊاڪٽر نويد جي جنگ تقريباً هر ٽوئر ۾ ان ئي مقام تي ٿيندي آهي. هيءَ ’مهاڀارت‘
ڪم و پيش ڏهن ڪلاڪن جي هوندي آهي... جنگ ۾ جڏهن نويد جي لطيفن جون گوليون ۽ ڳالهين جا جهاز رستي تي حملا ڪري ڪري ساڻا ٿي پوندا آهن ته پوءِ هو ڳائڻ شروع ڪندو آهي.
کون کہتا ہے محبت کی زباں ہوتی ہے
یے حقیقت تو نگاہوں سے بیاں ہوتی ہے۔۔۔

کان وٺي...

کبھی تو کھل کے برس ابرِ مہرباں کی طرح۔۔۔

تائين چترا جا ڳايل اڪثر غزل سندس حفظ ٿيل آهن.
وسيم؛ وچان وارو وٺائيندو اٿس (وسيم... اسان سڀني ۾ سريلو آهي. اسان ۾ نه پر ٻين سڀني ۾ سريلو آهي جو آئون بلڪل بي سرو آهيان) عقيل، وچان واڙي سر ملائيندو آهي ۽ آئون ڪٿي ڪٿي ٻاڪار مچائيندو آهيان... پر پوءِ به اهو سفر ناهي کٽندو. ان سڄي روڊ تي ڊرائيور به تيزيءَ سان مٽجندا آهن ته جيئن نئون خون اچي ۽ ايڪسيليٽر تي پير جو زور زياده ڏئي سگھي... سو لاهور کان صادق آباد واري ان اجائي ڊگھي رستي کان سواءِ باقي واپسي خوشگوار هوندي آهي.
گورک جي هن سفر جي به واپسي هيستائين ته شاندار هئي... ٿڌين هوائن ۾ ڍالي ۾ بيهي منظرن کي سڌو سنئون ڏسندي ڏسندي کاول لڪ به لهي آيا هئاسين، پر هاڻي جمنيءَ کي جوڙ ۾ کڻڻو هو... سندس ٽائرن ۾ پيل سنگھر پٿرن کي هٽائڻو هو... ڇا ٿيڻو هو...؟ اندازو هو... ڪيئن ٿيڻو هو... گمان ۾ نه هو.
موٽرسائيڪلن جو هنگامو جيئن گھٽ ٿئي ٿيو ته اسان جمنيءَ کي ڌڪا ڏئي آهستي آهستي اڳيان پويان ڪري موڙائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي ۽ جڏهن جمني مڙي واپسيءَ واري سفر لاءِ سڙهه سڌا ڪري بيٺي ته آئون جمنيءَ ۾ اڳيان ٿي ويٺس، راجا ڊرائيونگ سيٽ تي ويٺو ۽ باقي دوستن جمنيءَ کي روڊ جي لاهيءَ طرف آخري زوردار ڌڪو ڏئي جمنيءَ مان هٿ ڪڍي ڇڏيا.
راجا، انجڻ اسٽارٽ ڪئي ۽ جمني لاهيءَ جي تناسب سان پنهنجي رفتار گھٽائيندي وڌائيندي هيٺ ڊوڙڻ لڳي... پنهنجي زور تي نه... لاهيءَ جي زور تي... پر آرام سان لهڻ لڳي. اسان ٻئي مطمئن هئاسين ۽ هر موڙ تي جمنيءَ لاءِ راجا جي روايتي گار دهرائيندي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي سفر کي Enjoy ڪري رهيا هئاسين.
راجا اها ڪچي گار ڪي زمانا اڳ ٿر ۾ ڊيزرٽ سفاري ڪندي، اٿلندڙ ڦٿلندڙ پوٽوهار جيپ کي ڏني هئي، جيڪا اسان ٻنهي کي ياد هئي... ۽ تيز لاهيءَ واري هر موڙ تي جڏهن هيءَ جمني به زمين کان ٿوري مٿي ٿئي ٿِي ته اسان ٻنهي اها گار دهرائي ٿي.
جمني هيٺ ڊوڙندي پئي وئي... ان دوران اسان محسوس ڪيو ته جمنيءَ ۾ پنهنجو به ڪجھه ساهه پئجي چڪو هو. جمنيءَ جي دل 72 جي بدران 12 تي ڌڙڪي رهي هئي. ان ڪري ئي لاهي ختم ٿيڻ کان پوءِ جتي رستو سڌو ٿيو ٿي ته جمني خود هلڻ پئي لڳي... ايئن جيئن دل جو مريض آهستي آهستي هلندو آهي... جمني هلي پئي. سفر گھڻو ڪري لاهيءَ وارو هو پر ڪٿي ڪٿي رستو سڌو به هو ۽ ڪٿي وري ڪا معمولي چڙهائي پڻ هئي. سو... جتي به ڪا چڙهائي نظر آئي پئي ته آئون هڪ دم لهي جمنيءَ کي ڌڪڻ ٿي لڳس ۽ جڏهن رستو هموار ٿيو ٿي ته وري واپس دروازو کولي ويهي ٿي رهيس. مون پاران جمنيءَ کي اڪيلي سر ڌڪيندو ڏسي پوئين گاڏيءَ مان ماجد ۽ وسيم به لهي ٿي آيا ۽ ان ڪرت ۾ همراهي ڪرائي وري واپس پنهنجي گاڏيءَ ۾ چڙهي ٿي پيا ۽ ايئن اسان گورک جون سڀ لاهيون لهي، واهي پانڌيءَ جي گرم ۽ هموار سرحدن ۾ داخل ٿي وياسين.
منظر تبديل ٿي ويو هو... موسمون مٽجي ويون هيون... گورک تي جنوري هئي ۽ واهي پانڌيءَ ۾ جولاءِ...
پر مٿي... آئون هي جيڪو ڏاڍي آرام سان لکي آيو آهيان ته اسان (وسيم، ماجد ۽ آئون) جمنيءَ کي ڌڪا ڏئي گورک پار ڪرائي آياسين ته توهان جي خيال ۾ ته تقريباً ٽيهن ڪلوميٽرن جي اها ڌڪ ڌڪان بس ايتري ئي آرامده هئي، جو ان کي پنجن سٽن ۾ ئي سمائي ڇڏجي... هر گز نه.
ڇاڪاڻ جو موسمن جو ڪئلينڊر ته کاول لڪ جي هيٺان ئي تبديل ٿي چڪو هو... جتي دوستن جمنيءَ کي زوردار ڌڪو ڏيئي هٿ ڪڍيا هئا... ان پوائنٽ تي مارچ هئي ۽ جمني پنهنجي زور تي جيڪي لاهيون لٿيون اهي اپريل ۾ هيون. ان کان پوءِ مئي آئي... ۽ مئي ۾ راجا جمنيءَ جي (A.C) اسٽارٽ ڪري ڇڏي هئي... ۽ جڏهن سڌي روڊ تي جمنيءَ جو ساهه کٽيو پئي ۽ آئون در کولي هيٺ لٿس پئي ته ٻاهر مئي جو پهريون چاليهو هو، جيڪو دروازو کولڻ سان جمنيءَ ۾ به گھڙي آيو ٿي... ۽ جون جي مهيني ۾ تتل جبلن تي ڊوڙي ڊوڙي جڏهن مون جمنيءَ کي ڌڪا پئي ڏنا ته جبل جي تپش سان منهنجي پيرن جون تريون ڳاڙهيون ٿي ويون هيون ۽ جولاءِ شروع ٿيڻ تائين آئون مٿي کان وٺي پيرن تائين پگھر جي سانوڻ ۾ پسي ويو هيس ۽ پيرن جي ترين ۾ پاڻيءَ جا دُٻا، نڦن جي صورت ۾ ٺهي پيا هئا... ۽ اها ئي حالت ماجد ۽ وسيم جي به هئي جيڪي پوئين گاڏيءَ مان لهي منهنجي همراهي ڪرڻ لاءِ آيا هئا.
سو جولاءِ... اڄ (A.C) روم ۾ ويهي، پنن تي هي سفرنامو لکڻ وقت ته آرام سان اچي ويو... مگر پٿر ديس ۾ ان ڪئلينڊر جو پنو پنو ڪيئن پلٽيو هو... اها بس! اسان ٽن ۽ چوٿين جمنيءَ کي خبر آهي.
پر نيٺ... جولاءِ ۾ واهي پانڌي اچي وئي هئي ۽ هاڻي جمنيءَ کي ڌڪڻ لاءِ ڪنهن ٻئي متبادل جي ضرورت هئي.
۽ معاف ڪجؤ! مٿي واهي پانڌي لکڻ مان منهنجي مراد واهي پانڌيءَ جي ڳوٺ جو اچڻ هرگز ناهي... اهو ته اڃان پري هو... هيءَ ته بس واهي پانڌيءَ جي شروع ٿيل حد هئي. جتي هاڻ جمنيءَ کي مسلسل ڌڪي جي ضرورت هئي. جو جمنيءَ ۾ جيڪو ذرو پرزو ساھ هو، اهو به وچ رستي ۾ پورو ٿي چڪو هو... سندس (Pulse) زيرو تي هئي ۽ (Pulse) جڏهن زيرو تي پهچندي آهي ته ڊاڪٽر مريض جي مٿان ڪپڙو وجھي، عزيزن ۾ نهاري چوندو آهي ته ...I am Sorry.
جمنيءَ جي (Pulse) زيرو تي پهچي چڪي هئي. سو اسان ٽنهي به پويان ايندڙ ٻنهي گاڏين کي بيهارڻ جو اشارو ڪري اهو ئي جملو دهرايو...
I am Sorry.
۽ ان کان پوءِ جو داستان اوهان مون کان نه ئي ٻڌو ته چڱو... جو هي داستان، فلم ’مقدر کا سکندر‘ ۾ فلمايل اميتاڀ بچن جي گاني جيترو رنگين ناهي. جنهن ۾ ريکا، آتشي گلابي وڳي ۾ گهنگھرو پائي’سلام ِ عشق میری جان ذره قبول کر لو‘ تي ڊانس ڪندي آهي ۽ جڏهن اميتاڀ مجرو ڏسي ڏسي مدهوش ٿيندو آهي... ته پاڻ به اٿي پوندو آهي ۽ ٻانهون ڦهلائي ڳائيندو آهي ته...

اس سے آگے کی اب داستاں مجھ سے سن
سن کے تیری نظر ڈب ڈبا جائے گے
بات دل کی جو اب تک تیرے دل میں تھی
میرا دعویٰ ہے ہونٹوں پے آجائے گے
مسیحا محبت کے ماروں کا ہے
ہم تیرا نام سن کے چلے آئے ہیں
اب دوا دے ہمیں یا تو دے دے زہر
تیری محفل میں یے دل جلے آئے ہیں
اک احسان کر اپنے مہمان پر
اپنے مہمان پر اک احسان کر
دے دعائیں تجھے عمر بھر کے لیے۔۔۔

هي داستان قطعي طور تي ايترو رنگين ڪونهي... هي داستان ايترو به دلچسپ ناهي جيترو سيالن جي هير ۽ تخت هزاره جي رانجھا جو داستان آهي، جنهن کي وارث شاھ، حَسِين انداز ۾ قلمبند ڪيو آهي... هي داستان اهو عجيب داستان به ناهي جنهن کي لتا ڳايو آهي، جيڪو خبر ناهي ڪٿان کان شروع ٿي ڪٿي ختم ٿيندو آهي... هي داستان ته اهو ڀلايل داستان به ناهي جيڪو وري وري ياد اچي ويندو آهي.
هي داستان... الف ليليٰ جي ان درد ڀري داستان جهڙو آهي، جنهن ۾ ڪو آدم خور ڪارو ديو، حسين و جميل شهزاديءَ کي ڪلهي تي رکي پهاڙن ڏانهن کڻي ويندو آهي ۽ پويان شهزاديءَ جي پوڙهي ماءُ ۽ مڱيندو ڳوڙها وهائيندا ۽ شهزاديءَ جون ڳالهيون ۽ ڳڻ ياد ڪري روئندا رهندا آهن. هي داستان... ان داستانِ حسرت جهڙو آهي، جنهن کي مُني بيگم روئي روئي ٻڌائيندي آهي.
سو هي داستان... اوهان مون کان نه ئي ٻڌو ته چڱو.
ميلي جي موٽ خراب هوندي آهي... چوندا ايئن آهن. هميشہ ايئن ناهي هوندو... واپسي به شاندار ٿيندي آهي.
سفرنامي جي پڄاڻي بيزاريءَ وارن لفظن سان نه ٿيڻ گھرجي. جن فلمن جو ڪلائميڪس وڇوڙي سان ٿيندو آهي... روڄ راڙي سان ٿيندو آهي... اُهي فلاپ وينديون آهن. ان ڪري رائيٽر، هرو ڀرو... غير منطقي طريقي سان... هيرو هيروئن کي ڪلائميڪس ۾ ملائي ڇڏيندا آهن. دل ناهي مڃندي پر فلم ۾ اهڙو معجزو ٿي پوندو آهي... ان لاءِ ته ماڻهو، سينيما گھرن مان خوشي خوشي نڪرن ۽ کلندا کلندا پنهنجي گھر وڃن.
LOGIC عجيب آهي... ڳالهه دل کي به نه لڳي ۽ پوءِ به دل خوش ٿي وڃي.
LOGIC عجيب آهي.
پاڻ حقيقت پسند آهيون ۽ سدائين اهڙن بي تڪن ميلاپن تي احتجاج ڪندا آيا آهيون... سو سفرنامو فلاپ وڃي ته ڀلي وڃي پر حقيقت جيئن آهي تيئن ئي بيان ڪبي.
۽ حقيقت ڇا هئي...؟؟
حقيقت اها هئي ته هيستائين خواريءَ جو جيڪو بيان هو، اهو ٽريلر هو...
فلم ته تڏهن شروع ٿي هئي جڏهن ٽئي گاڏيون بيٺيون، سڀ ساٿي لهي آيا ۽ اسان چيو هو... I am Sorry
ٿورو تصور ڪريو... واهي پانڌيءَ جو بيابان... سوا نيزي کان ڪجھه مٿي بيٺل سج... دادوءَ جي مشهور موت مار گرمي... ۽ يڪ ساهي ارڙهن ڄڻن جون جمنيءَ جي جنازي کي ڌڪڻ جون صلاحون.

سڀئي سهاڳڻيون، سڀني ڳچيءَ هار.

سڀ جا سڀ پڙهيل لکيل... ڪي ڊاڪٽر... ڪي پروفيسر... ڪي وڪيل... ته ڪي آفيسر... سڀئي تڪڙيون صلاحون ڏيڻ لڳا ته ڪلهو هتان کان ڏيڻ کپي. پرائمريءَ ۾ پڙهيل جملو ’جيترا هئا وات، اوتريون هيون ڳالهيون‘ پنهنجي پوري حقيقت سان سامهون اچي بيٺو هو.
بلآخر جميل... سڀني کي ماٺ ڪرائي.
اصل ۾ گاڏي ڌڪڻ لاءِ اسان وٽ ڪو امدادي سامان موجود ئي نه هو. ان ڪري ڪنهن اڳٺ ٻڌڻ جي صلاح پئي ڏني ته ڪنهن وري لتن سان تِلون هڻي جمنيءَ کي پار پڄائڻ جي ڳالهه پئي ڪئي. جميلُ... جڳاڙ ڪرڻ جو ماهر آهي... ان جڳاڙ ڳولهي ورتو هو ۽ دانهن ڪري سڀني کي ماٺ ڪرائِي ۽ شالون ۽ ويهاڻا ڪڍڻ لاءِ چيو.
جميل... ٻن شالن کي سڌو گول وٽي پاڻ ۾ ڳنڍ ڏئي قابو ڪري ڊبل ڪئبن جو ڍالو کولي، هڪ شال جو حصو ان جي سائيڊ کان اندر وجھي ڍالو بند ڪيو ۽ راجا کي جمنيءَ جي ڊرائيونگ سيٽ تي ويهڻ جو چيو ۽ شال جو ٻيو حصو ڊرائيور سائيڊ واري دروازي مان اندر ڪري جمنيءَ جو در به بند ڪري ڇڏيو... جمني، ڍالي ۾ نه لڳي... ان لاءِ ڍالي جي وچ تي پائيدان وٽ وهاڻي کي اڳٺ سان ٻڌو... ۽ سڀني کي گاڏين ۾ ويهڻ لاءِ چيو.
جمنيءَ جا ٽئي مسافر (آئون، شهزاد، شعيب) (VIGO) جي ڍالي ۾ کليل ڇت جي هيٺان ويٺاسين ته جيئن جمنيءَ تي وڌيڪ بار نه پئجي سگھي.
سفر شروع ٿيو... پهرين ڊبل ڪئبن... وچ ۾ جمني... آخر ۾ (VIGO) هئي.
قافلو درد جو هو... اٺين ربيع الاول نه هئي... شوال جي ٽين تاريخ هئي... عيد جو ٽيو ڏينهن.
ڊبل ڪئبن هَلِي ته جھٽڪي سان جمني به چرڻ لڳي... پر... شال مان چرڙ... چرڙ... جو آواز نڪتو ۽ ڪجھه ئي دير ۾ اسپيڊ جي گھٽ وڌ ۽ موڙن جي ڪري ڍالي واري شال جو اندريون حصو چرڙ... چرڙ... ڪندو ڦاٽي پيو... ڊبل ڪئبن اڳيان وڌي وئي ۽ جمني پويان اڪيلي بيهي رهي.
راجا... دريءَ مان بيهڻ جون دانهون ڪندو رهيو. (اڙي بيهو... اڙي بيهو...) سڀئي بيهي رهيا ۽ ڪجھه دوست گاڏين مان به لهي آيا.
اڪثريت بيزار ٿيڻ شروع ٿي وئي... مزو ڪِرڪِرو ٿي ويو هو... اوجاڳو هو... ٿَڪُ هو... گرمي هئي. ڪولرن وارو پاڻي تپي ٽانڊا ٿي ويو هو. ڊبل ڪئبن ۽ ڍالن وارا لهي آيا... (VIGO) ۾ ويٺل، ويٺا ئي رهيا.
(VIGO) جي اندر بهار هئي... ٻاهر رڻ تتل هو... راڙو هو.
جميل... ٻيو نسخو آزمايو.
پر جيسين ٻيو نسخو الهام ٿي جميل جي دماغ ۾ اچي... تيسين سڀني جي حالت زار هئي... پگھر رڳو نراڙن تي ڪونه هو، پورا جسم پگھر ۾ شم هئا... ڪا ڇانوَ، ڪا لڪڻ جي جاءِ، ڪو پاڻيءَ جو ٿڌو ڇنڊو... ڪجھه به نه هو... ڪپڙا پگھر ۾ ڀت ٿي ويا هئا.
سڀ واهه جا ڦاٿا هئا...
مين روڊ هجي ها ۽ ڪوچون هلندڙ هجن ها ته ڪجھه يار ته اک بچائي ڀڄي به وڃن ها. پر علائقو موئن جي دڙي کان به اڳ جو پئي ڀاسيو ۽ نظر ڍڳي گاڏي به نه ٿي آئي. ماڻهن جا هشام... موٽرسائيڪلن جا هنگاما... سڀ پوئتي هئا. هتي اجتمائي تنهائي هئي... درد هو. سچل سرمست نعرو لڳائيندو هو... ’بي درد ــــ نامرد‘... اسان سڀ مرد هئاسين. سڀني وٽ درد هو ۽ جيسين اهو درد اسان جا هانوَ نپوڙي ۽ ساھ ڪڍي. جميل... وري دانهن ڪئي... وهاڻا ۽ اڳٺ ڪڍو...
حڪم جي تعميل ٿي.
ٻه وهاڻا ڊبل ڪئبن جي بانيٽ جي اڳيان ٻڌا ويا ۽ هڪڙو جمنيءَ جي پويان... گاڏين جي ترتيب تبديل ٿي. پهرين جمني... پوءِ ڊبل ڪئبن... آخر ۾ (VIGO).
ويهڻ جو بگل وڳو... ڍالي ۾ ويهڻ جي وسعت نه هئي سو ڊبل ڪئبن ۾ اندر ويٺس ته هوش ۾ آيس.
ڊبل ڪئبن... پنهنجو بانيٽ، جمنيءَ جي پٺ سان ملائي کيس اڳيان ڌڪي رهي هئي ۽ ڪنهن ڪنهن مهل گھڻو زور ڏئي پاڻ بيهي ٿي رَهِي ۽ جمني اڳيان ڌڪجي ٿي وئي... ۽ ايئن ان لاءِ ڪيو پئي ويو جو جمنيءَ جي پري ٿيڻ سان ئي اسان اڳيان وارو رستو ڏسي پئي سگھياسين ۽ پنهنجي تسليءَ خاطر ته هي سفر رستي تي ئي ٿئي پيو... جميل بار بار تلن هڻڻ جو اهو عمل ورجائي رهيو هو.
تلون مسلسل هيون... ڌڪا زوردار هئا... جمني اڳيان هلندي پئي رهي... سفر ذرو ذرو ٿي... پر کٽندو پئي ويو. ڊبل ڪئبن جي اندر به بهار هئي. ايئر ڪنڊيشنڊ هلي پئي... جمنيءَ جي (A.C) به On هئي.

ڪا غم جي شبنم سيني ۾، ڪا شبنم دل کان ٻاهر آ
هڪ موسم دل جي اندر آ، هڪ موسم دل کان ٻاهر آ

ايئن ئي هڪ موسم گاڏين جي اندر هئي ۽ هڪ موسم گاڏين کان ٻاهر هئي.
جمني اڳيان هئي ۽ ڊبل ڪئبن ان جي پٺ سان ايئن چنبڙيل هئي جيئن قربانيءَ لاءِ هڪ جاءِ تي گڏ ٿيندڙ ٻڪرين جي وچ ۾ ڪجھه ٻڪر اچي انهن سان چنبڙي پوندا آهن ۽ ٻڪرين جون دانهون سڄي پاڙي ۾ پکڙجي وينديون آهن. ڊبل ڪئبن به اهو ئي ٻڪر هو ۽ جمنيءَ سان چنبڙيل هو. اچانڪ راجا... دريءَ مان هٿ ڪڍي بيهو... بيهو... جا اشارا ڪرڻ شروع ڪيا. رستو... جنهن رستي سان اسان آياسين پئي... اهو ختم ٿي ويو هو. هي اهو رستو هو... جيڪو جوهيءَ کان واهي پانڌي اچڻ وقت... واهي پانڌي شروع ٿيڻ کان اڳ کاٻي پاسي مڙندو آهي. هيءُ ئي رستو گورک جو رستو آهي... ۽ اهو رستو ختم ٿي ويو هو. اسان کي ان جي اختتام جي خبر نه پئجي سگھي هئي جو اسان کي سامهون نظر ايندڙ ڪُل ڪائنات بس جمني هئي. راجا... اشارا ڪري رستي جي ختم ٿيڻ جو اعلان پئي ڪيو. ساڄي پاسي جوهيءَ وارو رستو هو ۽ کاٻي پاسي واهي پانڌيءَ جو شهر... جمني ۽ ڊبل ڪئبن ساڳيو مارچ پاسٽ ڪنديون ساڄي پاسي مڙيون... جو منزل ته اُن پاسي ئي هئي پر (VIGO) کاٻي ڏي مڙي وئي جو منزل تي تڪڙو پڄائڻ لاءِ مستريءَ جو آسرو وري هُن پاسي هو.
خواري بس ايتري ئي لکيل هئي... سڀئي هوٽل تي ويهي منرل واٽر جون بوتلون پيئڻ ۽ چانهه بسڪيٽن سان ناشتو ڪرڻ لڳاسين. جيڪو گذري ويو سو خواب هو... وسري ويو. هوٽل ۾ ٽهڪ ٻُري اٿيا... خيال سڀني جو اهو هو ته هاڻي مستري ايندو ۽ ڪلاڪ اڌ ۾ جمني ٺهندي ۽ بهارن جا مزا ماڻيندا هلنداسين.
بلڪل ايئن ٿئي ها... اگر عيد جو ٽيو ڏينهن نه هجي ها ۽ مسترين کي اسان وانگر گھر گھاٽ پيارا نه هجن ها ته بلڪل ايئن ئي ٿئي ها. پر حقيقت اها هئي ته عيد جو ٽيو ڏينهن هو ۽ واهي پانڌيءَ ۾ جيڪي اڀرا سڀرا مسترين جا دڪان هئا، سي به بند هئا.
(VIGO) وارا مايوس موٽي آيا... مستري ته ٺهيو پر ڪا رسي به نه ملي سگھي هئي. جنهن سان هن جنازي کي آسانيءَ سان ڌڪي سگھجي ها.
ذهن ۾ NCC واري دؤر جو فوجي آرڊر گونجڻ لڳو... جیسے تھے ۔۔۔

ہم تو جیسے تھے۔۔ اب بھی ویسے ہیں۔۔۔

اسين ته ايئن ئي هئاسين ۽ هريل به هئاسين... اسان سان هيءَ ويڌن ڪا پهريون دفعو ته نه ٿي رهي هئي... اسان ته الائي ڪهڙا ڪهڙا ڇڪڙا، ناراڻ... ملتان ۽ ايبٽ آباد کان هالا تائين پهچايا هئا. هيءَ ته جمني هئي ۽ سنڌ ۾ هئي... سو اسان لاءِ خير هو. پر هاڻي ان ڌڪ ڌڪان ڪري ڊبل ڪئبن به گرم ٿيڻ لڳي. شايد جيڪي وهاڻا بانيٽ سان ٻڌل هئا انهن جي ڪري انجڻ کي پوري هوا نه پئي پهچي سگھي... سو انجڻ گرم ٿيڻ لڳي هئي.
جميل... (A.C) بند ڪري ڇڏي ۽ ان جي بند ٿيڻ سان يڪدم ئي خبر پئجي وئي ته ٻاهر ڇا حالت هئي. شيشي کولڻ سان شديد لُڪَ اندر ڌوڪي ٿي آئي ۽ شيشن بند ڪرڻ سان هڪ ٻئي جي اُٻس ۽ پگھر جي بوءِ ۾ ساھ ٿي منجھيو... سو جڏهن اُٻس ۽ بوءِ ۾ مرڻ ٿي لڳاسين ته شيشا ٿي کولياسين ۽ جڏهن لُڪَ ۾ ڪوسا ٿي جلڻ ٿي لڳاسين ته واپس اُٻس ۽ بوءِ ۾ عافيت ٿي ورتيسين.
ڊبل ڪئبن جي گرمي پد جو ڪانٽو مسلسل مٿي چڙهي ٿي آيو... ۽ اهوصرف ڪانٽو ڪونه هو جيڪو چڙهي ٿي آيو. اهو هڪ گھنڊ هو... جيڪو وڄي رهيو هو. هڪ نغارو هو... جيڪو گونجي رهيو هو. هڪ نوبت هئي... جيڪا بلند ٿي رهي هئي. هڪ آزمائش جي صورت ۾... ۽ اسان مان ڪير ڪير هو جيڪو ان آزمائش کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار هو..؟
بس! ماجد ۽ وسيم... يا ڪٿي ڪٿي آئون.
ڊبل ڪئبن گرم ٿي وئي...
جميل... وچ جهنم ۾ گاڏي بيهاري ڇڏي.
اُس... تتل اڱارن وانگر وسي رهي هئي... هرطرف ٻرندڙ شعلا هئا... تؤ يا تاءُ نه هو... پورو مچ هو، جيڪو ٻري رهيو هو. بٺي تيار هئي... بس! اٽو ڳوهي... پيڙو ٺاهي هٿ ۾ جھلڻ جي دير هئي... ڍوڍو پاڻهي پچي پوي ها. اهڙي مهل ۾ اسان کي پچڻ جي لاءِ جميل گاڏي بيهاري ڇڏي هئي.
هُو پاڻ به لهي ويو ۽ آئون ۽ وسيم به لهي پياسين. ريڊايٽر جو ڍڪ کلڻ سان ٽهڪندڙ پاڻي تيز اڇل ڏئي پري وڃي پيو هو ۽ رهجي ويل پاڻي اندر گڙ گڙ ڪري ٽهڪي رهيو هو.
شايد اهڙو ئي پاڻي جهنمين کي پياريو ويندو. يا الله! اسين جهنم جي عذاب کان پناهه ٿا گھرون ۽ يقين ٿا رکون ته تنهنجي راحمين ذات اسان کي ان عذاب کان پناھ ۾ رکندي.
اُتي... مٿي ته... پڪ سان فضلِ خدا جي ڪري ڇٽي پونداسين... پر هتي همٿ ڪرڻي آهي... ڪمائي ڪرڻي آهي... محنت ڪرڻي آهي... ۽ اسان همٿ ڪئي. گرم پاڻي ته ڍالي ۾ پيل ڪولرن جو به هو پر اهو ٽهڪندڙ نه هو... چپن کي ساڙڻ جهڙو نه هو ۽ نه ئي هٿن کي ساڙي ٿي سگھيو... جسم جلائڻ وارو پاڻي ريڊايٽر جو هو... جيڪو اندر گندرف جي چشمي مان نڪرندڙ پاڻيءَ وانگر ٽهڪي رهيو هو.
اسان ڪولر کنيو ۽ ان جي ٻنجي، ريڊايٽر جي سوراخ مٿان رکي... زور ڏيئي پاڻي لاهڻ شروع ڪيو... ريڊايٽر اوور فلو ٿي وهڻ لڳو... اسان ان کي تيسيتائين وهڻ ڏنو جيسين گندرفي بڙ بڙ ختم نه ٿي... ۽ پوءِ ڪولر جو ڪجھه پاڻي، ريڊايٽر جي جسم تي لائي ان کي به راحت وٺائيسين.
اسان ٽنهي پنهنجا مٿا، اُڀي ٿيل بانيٽ جي اندر ڪري ڇڏيا هئا... باھ جا گولا اسان جي پٺن ۽ باقي جسم تي پئجي رهيا هئا. جيڪي (VIGO) جي اندر هئا، اُهي ’عشره مبشره‘ واري لسٽ ۾ هئا... انهن اهو پئي سمجھيو ته اسان حساب ڪتاب کان آجا آهيون ۽ اهي واقعي به آجا هئا. ها! ڊبل ڪئبن وارا هلڪي عذاب ۾ هئا... قبر جي عذاب ۾... جو (A.C) به بند هئي ۽ شيشا به بند هئا... اندر حبس هو ۽ ڇت جي مٿان سج جي سختي ڀرپور هئي.
اصل مامرو اسان جي مٿان هو... اسان منهن ڏيئي رهيا هئاسين. گاڏي ٿڌي ٿي... اڳيان وڌي ۽ وري جمنيءَ جي پٺ سان پنهنجو اڳ ملائي، ان کي ڌڪڻ لڳي. اڳ ۾ اهو سفر ٻڪر ۽ ٻڪريءَ واري راند جو لقاءُ ڏئي رهيو هو... ۽ هاڻي اها ڪرت ڪڪڙن جي ٽپن ۾ بدلجي وئي هئي. جميل جو خيال هو ته ٿورو ڌڪو ڏئي ڊبل ڪئبن جي بانيٽ کي پري ڪرڻ سان انجڻ کي هوا ملي سگھندي ۽ هوءَ تڪڙي گرم نه ٿيندي.
مگر... اهو جميل جو خيال هو. گاڏيءَ جي مرضي اها قطعاً نه هئي. ان ڪري هوءَ بار بار گرم ٿي پئي وئي ۽ کيس ٿڌو ڪرڻ لاءِ ماجد ۽ وسيم مٿن کي رومال ٻڌي سربسته ٿي ويا هئا ۽ نظر ايندڙ هر پاڻيءَ جي آسري واري جڳهه تي بيهي سندس هانوَ تي ڇنڊو هڻي... هلڻ لاءِ آماده ڪري رهيا هئا.
واهي پانڌيءَ کان جوهيءَ تائين جي ان سڄي رستي تي پاڻيءَ جي به شديد قلت هئي. سڄي واٽ تي ڪو هئنڊ پمپ ۽ نه ئي ڪو ڇانورو نظر ٿي آيو... ها! وچ تي هڪ هنڌ آبادي ۽ ٽيوب ويل جي حوضيءَ ۾ بيٺل پاڻي ملي ويو هو. جتي گاڏيءَ سان گڏ پنهنجي چهرن کي به ڇنڊو هڻي سگھيا هئاسين ته ماٽن ۾ پيل پاروٿو پاڻي پي سيراب پڻ ٿياسين.
جنهن کان پوءِ وري هڪ ننڍڙي اسٽاپ تي هڪ ڪمري واري مختصر هوٽل نظر آئي... جنهن جي ٻاهران پاڻيءَ جون ڀريل ٻه ناديون ڏسي، ماجد ۽ وسيم کان پوءِ آئون به لهي پيس... جو هوٽل جي مالڪ نادين مان پاڻي کڻڻ جي منع ڪري ڇڏي هئي... پر پوءِ منهنجي ريجھائڻ ۽ سمجھائڻ کان پوءِ پنج ڪلو جون ٻه چؤنريون ڀرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي هئي. سنڌ ۾ اها ڪربلا هرگز نه هجي ها پر هي ٻئي ناديون درياءِ فرات ان ڪري هيون جو منجھن موجود اهو پاڻي جوهيءَ مان گڏھ گاڏين جي وسيلي وڏي مشڪل سان هن هوٽل تائين پهچايو ٿي ويو ۽ هڪ نادي هڪ سؤ رپين ۾ ڀرائي ٿي وئي. هوٽل جي ارڏي مالڪ ٻڌايو ته ڳالھ پئسن جي به ايتري ناهي، پر مون يزيد بڻجي پاڻي ڏيڻ کان انڪار ان ڪري ڪيو جيئن اهو پاڻي گاڏيءَ جي بدران ڪنهن ساھ واري جي ڪم اچي سگھي... پر چاچا! گاڏيءَ ۾ ساھ هوندو ته اسين اڳتي وڌي سگھنداسين، نه ته هتي جهنم ۾ بيهي بيهي ست جيئرا جاڳندا ساھ به ڪوئلا ٿي وينداسين... چاچي کي خدا سمجھ ڏني ۽ هو ٻه چؤنريون پاڻي ڏيڻ لاءِ راضي ٿي ويو.
کيس ڳجھارتن سان دلچسپي هئي... سو مون کيس ڳجھارت ڏئي، ماجد ۽ وسيم کي پاڻي ڀرڻ لاءِ هَڪل ڪئي. چاچو ڳجھارت ڀڃڻ لڳو ۽ دوست پاڻي ڀرڻ لڳا... ۽ جيسين ڳجھارت کي سنڌائتا ڌڪ لڳن تيسين ماجد ۽ وسيم مڙسي ڪري پنج ڇهه چؤنريون پاڻي ڀري ورتو... ۽ پوءِ... پوءِ ان کان پهرين جو چاچو جوتي ۾ هٿ وجھي... اسان ٽئي ڊوڙي اچي گاڏيءَ ۾ ويٺاسين ۽ پويان چاچو... ڳجھارت کي ڌڪ هڻڻ بدران اسان سڀني کي ڪچين ڪچين گارين جا دس ڏيڻ لڳو.
جوهي... ڏاڍو پري ٿي پئي هئي... نه فقط پري ٿي پئي هئي... پر وڌيڪ پياري به ٿي پئي هئي. جوهيءَ سان منهنجي شناسائي تڏهن ٿي هئي جڏهن ڪجھه سال اڳ عقيل هتي مختيارڪار ٿي آيو هو ۽ ان سان گڏ هتي اچڻ وڃڻ شروع ٿيو هو... ۽ جوهي... جنهن لاءِ ته منهنجي محبوب مضمون نگار اعجاز منگيءَ پنهنجي طويل نظم ’جوهي‘ ۾ هي سٽون به لکيون آهن...

اهو ننڍڙو شهر
ڪجھه ڪردارن جو ڪتاب آهي
عقل ۽ عشق جي وچ ۾
آيل هڪ حجاب آهي!
عمر جو احتساب آهي
۽ ڪجھه سادن سوالن جو
ڄڻ ڪو منجھيل جواب آهي!...
اهو هڪ شهر
هڪ جذبو!!
تمنا جي اداسين ۾
رٺل سينگار جهڙو هو
وساريل پيار جهڙو هو
اهو ئي شهر جنهن وقت سان
ويڇو وڌايو هو
اهو ئي شهر
جنهن ڪن ۾
ڪري ڀڻڪو ٻڌايو هو
’محبت مختصر آهي
جدائي جلد ايندي آ‘
اهو هڪ خواب جهڙو هو
چريي مهتاب جهڙو هو...
اهو ئي شهر هو جنهن کي
بڊي جي راتڙين ۾
برهه جو هڪ خواب ايندو هو
جنهن جي مرڪندڙ اکڙين ۾
گوهر ناياب ايندو هو!
اهو ئي شهر هاڻي
ڪنهن ڪجل جي اک مان
ترڪندڙ هڪ لڙڪ جهڙو آ
اداسيءَ ۾ اچي جيڪا
چپن تي ها! انهيءَ هڪ
مرڪ جهڙو آ
سوائي سُرڪ جهڙو آ!!...

پر... هي شهر ته سنڌ جي نرالي شاعر احمد خان مدهوش جو به شهر هو.

لڳا ٿم ڏنگ، انگ انگ ونگ، انهن جو دنگ ئي ناهي.

۽ مدهوش جي هيءَ سٽ ان وقت اسان جو حال بيان ڪري رهي هئي. اسان کي لڳل انهن ڏنگن جو مرهم هاڻي مدهوش جي شهر جوهيءَ ۾ ئي ممڪن هو.
فيض فرمايو آ...

لمبی ہے غم کی شام، مگر شام ہی تو ہے۔۔۔

۽ نيٺ شام اچي وئي هئي.
بشام نه هو... مورو هو. شام... موري ۾ لهي آئي هئي.
جمني ۽ ڊبل ڪئبن موري جي مين روڊ جي پيٽرول پمپ تي بيٺيون هيون. (VIGO) ، گاڏي ڇڪڻ جي پخته سامان جي تلاش ۾ نڪتل هئي.
پاڻي، نمڪو، بوتل ۽ جوسن جي سپلاءِ (TUC) شاپ تان جاري هئي. موري ۾ هئاسين... ماڻهن ۾ هئاسين... مزي ۾ هئاسين.
دراصل... جوهيءَ ۾ اسان مستريءَ کي نه ڳولهيو... رسي کي ڳولهيو پر رسو نه ملي سگھيو هو.
رسوائي اسان جو نصيب هئي، اسان سان گڏ هئي... چاهيندي نه چاهيندي اسان کي قبول ڪرڻي هئي... ۽ اسان جي وس ۾ ڪنڌ هيٺ ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڇا هو...؟ ان ڪري اسان ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو هو ۽ ايئن ئي هڪ گاڏيءَ کي ڌڪيندا... ٻي گاڏيءَ کي ٿڌو ڪندا... دادو ريسٽ هاؤس ۾ پهچي... وهنجي... ڪجھه دير (A.C) ڪمرن ۽ نرم گاديلن جو مزو وٺي... هوٽل جي شاندار ماني کائي... موري تائين پهچي ويا هئاسين ۽ دادوءَ مان ئي جيڪو اڀرو سڀرو رسو ميسر ٿي سگھيو هو... ان سان جمنيءَ کي ڇڪي موري پهتا هئاسين.

۽... ماڻهو جڏهن موري پهچندو آهي ته ان کي هالا نظر اچڻ لڳندو آهي. اسان کي هالا نظر اچي رهيو هو. ان ڪري هتي مستريءَ کي ڳولهڻ بجاءِ (VIGO)، گاڏي ڇڪڻ جي پخته سامان جي تلاش ۾ نڪتل هئي ۽ جلد ئي (ٽو ــ وائر ۽ ٽرن بڪل) وٺي پيٽرول پمپ تي پهچي وئي.