سفرناما

خانه بدوش جو خواب..... گورک

ڪتاب ”خانہ بدوش جو خواب ... گورک“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب سھيل ابڙو پاران سنڌ جي سونھن گورک ھل بابت لکيل ٻن سفرنامن تي مشتمل آھي.
گورک سنڌ جي سونھن آھي جيڪو گرم ڏينھن ۾ بہ مريءَ جھڙي ٿڌاڻ جو احساس ڏياري ٿو. سنڌ جي ان خوبصورت ماڳ کي سھيل ابڙي ٻہ دفعا ڏٺو، پرکيو، سکيو ۽ ان جي سونھن سان گڏ بيوسي ۽ لاچاريءَ تي بہ لکيو آھي. سندس لکڻ جھڙو نثري نظم ھجي. اسان سڀني کي سنڌ جي سھڻن ماڳن بابت ايئن ئي سفرنامي جي صورت ۾ لکڻ گھرجي.
  • 4.5/5.0
  • 2689
  • 706
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • سهيل ابڙو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book خانه بدوش جو خواب..... گورک

گورک ـ هڪ گورک ڌنڌو

اسين سڀئي گاڏيءَ مان لهي آياسين.
پاڻيءَ جي بوتل کڻي... ته جيئن منهن کي ڇنڊو هڻي سگھون... گرڙي ڪري سگھون.
صبح جون تازه دم ٿڌيون ڇڙواڳ هوائون گورک تي گھمي رهيون هيون. ڪڏهن اهي ان روڊ کان ٿي آيون جتان کان اسين آيا هئاسين ۽ ڪڏهن وري کاٻي پاسي کان... جتي پري کان مون کي ڪارا وڏا داغ نظر پئي آيا.
موسم ٿڌي هئي... بوتل ۾ پاڻي ٿڌو هو.
اسان جنهن رستي کان مٿي آيا هئاسين... ان پاسي پهاڙ هئا. سج به شايد انهن ئي پهاڙن جي پويان طلوع ٿيڻو هو... مگر اڃان سوير هئي.
رات جيڪي ماڻهو پروگرام ۾ هئا... اهي نظر نه ٿي آيا. جتي پٽ پيل شاميانا هئا... اتي شاميانا ته هئا... پر جيڪي ماڻهو انهن تي ستل هئا... نه اهي هئا ۽ نه ئي وري انهن جا بسترا. گورک جڏهن سرمون پائي سينگار پئي ڪيو ته هي ماڻهو لهي ويا هئا... شايد.
يا شايد... گورک... پنهنجو اصل روپ ڌاري بگھڙ بڻجي کين کائي وئي هئي... هضم ڪري وئي هئي.
چون ٿا... هڪ ڪٿا آهي.
گورک... بلوچي لفظ ’گرک‘ مان ورتل آهي. جيڪو فارسي لفظ ’گرگ‘ جي بگڙيل صورت آهي. جنهن جي معنيٰ آهي... بگھڙ. ۽ ان بنياد تي شايد پوءِ ايئن به چئي سگھجي ٿو ته ماضيءَ ۾ بگھڙن جو ڪافي تعداد ڪاڇي ۽ کيرٿر ۾ موجود هوندو ۽ هيءَ ٽڪري سندس دارالخلافه هوندي... ۽ جيڪي رڍون ۽ ٻڪريون ٽهل ٽڪور ڪندي گاديءَ واري هنڌ اچي پهچنديون هونديون ته پل ۾ هڙپ ٿي وينديون هونديون. يا... پراڻن زمانن ۾ جيئن ’رياست نگر جا ماڻهو بک ۾ پاھ هوندا هئا... نه وٽن ڪجھه کائڻ لاءِ هوندو هو ۽ نه ئي سندن ڍور ڍڳن لاءِ... ته هو ’اسڪولي‘ جي پُر امن واديءَ تي يلغار ڪندا هئا... اتي جي معصوم، حسين ۽ پُر امن ماڻهن وٽان ماکي ۽ جانورن جو کلون ۽ ٻيون به جياپي جون ضروري شيون لُٽيندا هئا جن جو تصور به ڏڪار واري موسم ۾ نگر جي ماڻهن لاءِ ممڪن نه هوندو هو.‘ تيئن ئي شايد هتي به ’گرگ آشتيءَ‘ واري موسم اچڻ کان اڳ هتي جا بگھڙ، پيٽ جي دوزخ کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ آخري ڪوشش طور... انهن رڍن، ٻڪرين ۽ ڍڳين جي پر امن ديس ۾ حمله آورن جي صورت... لهي پوندا هئا ۽ پنهنجو پيٽ ڀرڻ کان پوءِ بچيل سچيل ڪُوت پنهنجي ٻارن لاءِ به کڻي ويندا هئا.
ته ڪٿي... هي ستل ماڻهو اتر تهذيب جي آخري ڳوٺ ’اسڪولي‘ جا باشندا ته نه هئا... جن کي نگر رياست وارا ازلي دشمن... هتي به لٽڻ لاءِ پهچي ويا هئا... ۽ هي ماڻهو هميشہ وانگر ماٺ ميٺ ۾ لٽجڻ کان پوءِ سج نڪرڻ کان اڳ واپس اسڪردو ۽ ان کان پوءِ پنهنجي ڳوٺ ’اسڪولي‘ لاءِ نڪري پيا هئا. شايد ايئن هجي...
يا شايد ايئن نه هجي ۽ پهرين روايت بلڪل صحيح هجي ۽ اهي خونخوار بگھڙ ان ڏينهن به گورک تي موجود هئا ۽ جنريٽر جي بند ٿيڻ کان پوءِ غارن مان نڪري آيا هئا ۽ پٽ تي ڪري پيل شاميانن جي مٿان ستل ماڻهن تي حملا آور ٿي... کين ڳڙڪائي ويا هئا.
مگر جي ايئن به ناهي... ته پوءِ هي ماڻهو صبح صبح ڪيڏانهن گم ٿي ويا هئا...؟؟

ڪجھه مقامي ماڻهن جي چوڻ مطابق... هڪ هندو جوڳي ’شري گورکناٿ جِي‘ هنن علائقن ۽ هنن ٽڪرين ۾ جوڳ پچائڻ لاءِ ايندو رهندو هو. پاڻ هڪ ٻڌسٽ جوڳي هو. جنهن جا پوئلڳ نه فقط ٻڌ هئا پر مسلمان توڙي غيرمسلم به هئا. گورکناٿ؛ ڏهين صدي (ڪن روايتن ۾ يارهين يا ٻارهين صديءَ) ڌاري پنجاب ۾ پيدا ٿيو. جنهن نه فقط سڄي هند جا سفر ڪيا پر هن سنڌ کان بنگال ۽ نيپال کان سري لنڪا تائين به پنهنجي فڪر جي پرچار ڪئي. نيپال جي ’گورڪ‘ شهر جو نالو به گورکناٿ جي نالي پٺيان ئي رکيل آهي ۽ اتر پرديش جي علائقي ’گورک پٽ‘ ۾ سندس نالي سان هڪ وڏو مندر به اڏيل آهي ۽ سندس سماڌيءَ تي مقبرو پڻ جڙيل آهي. گورکناٿ جو هندي نالو ’گورڪشا‘ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ’ڳئونءَ جو رکوالو‘. هو هندو يوگي هو... جيڪو عام طور تي ’ڪن ڦٽا يوگي‘ / ڪن ڪٽيل يوگي طور سڃاتو ويندو هو ۽ جسم تي ضابطي ۽ روحاني تقويت حاصل ڪرڻ لاءِ يوگا جون مشقون ڪرائيندو هو... سندس پوڄاري اڄ به هماليا جي پهاڙن ۾ رهن ٿا.
سو... شاميانن تي ستل هي ماڻهو ڪٿي ’شري گورکناٿ جِي‘ جا ته پوئلڳ نه هئا... جيڪي گورک تي مرشد جو تڪيو پسي صبح ٿيڻ کان اڳ ئي هماليا جي جبلن ۾ موٽي ويا هئا...!
ماڻهو... ڪيڏانهن ٿي وڃي سگھيا...؟؟
چون ٿا... ته سنسڪرت ٻوليءَ جي هڪ ماهر ’نندو‘ جو چوڻ آهي ته گورک... سنسڪرت جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ’ريڍار يا ٻڪرار‘... سو لُڪن ۽ جھولن واري مُندَ ۾ هيٺ واهي پانڌي، جوهي يا دادوءَ جا ريڍار ۽ ٻڪرار پنهنجو مال هڪلي... هتي چڙهي ايندا هئا ۽ مال چاريندا هئا. يا ته پوءِ انهن ئي هن علائقي کي پنهنجي جاگير سمجھي... ان کي پنهنجي نالي سان منسوب ڪري ڇڏيو هو.
ته ڀلا... پاڻ کڻي ان ڳالهه کي ئي مڃي وٺون ته گورک جي معنيٰ ريڍار يا ٻڪرار آهي... ۽ هي ماڻهو پنهنجي ئي جاگير ۾ بسترا لڳائي سمهي رهيا هئا ته پوءِ صبح ٿيڻ کان اڳ ايئن چورن وانگر واپس هيٺ ڀڄي وڃڻ لاءِ سندن وٽ ڪهڙو جواز هو...؟؟
مگر ترسو...!!!
گورک ته بلوچستان جي بارڊر سان به لڳي ٿي... ۽ خضدار جي ڳوٺاڻن لاءِ سنڌ ۾ داخل ٿيڻ جو آسان دروازو به ته رهي آهي... ته ڪٿي... هي پراڻي زماني جا اهي ڳوٺاڻا ته نه هئا... جيڪي خضدار مان آيا هئا ۽ واهي پانڌيءَ مان بصر، پٽاٽا، ٿوم، ادرڪ ۽ اٽو وٺڻ لاءِ... مارڪيٽ کلڻ کان اڳ ئي هيٺ لهي ويا هئا.
پر هي سڀ... محظ ڳالهيون هيون/ آهن... ۽ اڃان ته ڪئين ڳالهيون آهن. حقيقت ڇا آهي...؟ خبر ناهي.
خبر ڪنهن کي آهي...؟؟ سا به خبر ناهي.
جو گورک... بس... گورک آهي.

۽ گورک کي جڏهن مون پهرئين دفعا نصرت فتح علي خان جي آواز ۾ ٻڌو ته مون کي اهو احساس ٿيو ته هي ڪو فقط عام لفظ ناهي... پر ان ۾ ضرور ڪا ڳجھي ڳالهه يا اونهو اسرار رکيل آهي. نصرت فتح علي پنهنجي طويل قواليءَ ۾ بار بار ان ’ٿلهه‘ کي ورجايو ٿي ته...

تم اک گورکھ دھندا ہو۔۔۔

۽ پوءِ مون سنڌيءَ جي لغت کولي ان لفظ جي معنيٰ ڏٺي... جيڪا هئي... ڏکيو... وڏو... لٽڪيل... مشڪل... نه حل ٿيندڙ مسئلو... وغيرهه.
سو... منهنجي نظر ۾ گم ٿي ويل ماڻهو به ڏکيو... مشڪل ۽ نه حل ٿيندڙ مسئلو هئا... ۽ گورک... بس گورک ئي آهي.
گورک... کيرٿر جابلو سلسلي جو ٿڌي ۾ ٿڌو پهاڙ آهي. هن سلسلي ۾ اهڙيون ڪافي پهاڙي چوٽيون موجود آهن جن جي اوچائي 5500 فوٽن کان مٿي آهي ۽ جڏهن اڃان شادان شاھ پاران (Google Earth Telemetry) تي 27 12.35 10 اتر، 67 09.33 88 اوڀر جي پوري (Co ordinates) تي کيرٿر ۾ 7056 فوٽن واري اوچي ۾ اوچي چوٽي ڳولهي ان کي ’ڪوهِه بينظير‘ جو نالو نه ڏنو ويو هو، تيستائين کيرٿر ۾ سنڌ جي اترئين پاسي جي 6850 فوٽ اوچي چوٽي کي ئي سنڌ جي پهرين وڏي چوٽيءَ طور ليکيو ويندو هو. اڄ به اها چوٽي ’ڪتي جي قبر‘ طور مشهور آهي.
هن اهم چوٽيءَ يعني ’ڪتي جي قبر‘ جي باري ۾ به هڪ عجيب روايت گردش ڪري ٿي. چون ٿا ته ڪنهن ماڻهوءَ وٽ هڪ ڪتو هوندو هو، ان تي ڪنهن ٻئي همراهه جو سؤ رپيا قرض ٿي ويو. سو ان ماڻهوءَ گرويءَ طور پنهنجي ڪتي کي ان همراهه جي حوالي ڪيو. ڪجھه ڏينهن کان پوءِ جڏهن ان ماڻهوءَ وٽ پئسا ٿيا، تڏهن هُو فرض پورو ڪرڻ لاءِ اهو سوچي هن همراهه ڏانهن روانو ٿيو ته قرض ڏئي پنهنجو ڪتو ڇڏائي ٿو اچان. هي اڃان وچ رستي تي ئي هو ته واٽ تي کيس سندس ساڳيو ڪتو اچي گڏيو، جيڪو به ڏانهنس ئي واپس پئي آيو. مالڪ سمجھيو ته ڪتو ان همراهه سان بي وفائي ڪري واپس ڀڳو ٿو اچي. سو ڪاوڙ ۾ هن ڪتي کي بُجو ڏنو ۽ ٿڪ لعنت به ڪئي، جو سندس خيال ۾ ڪتو هُتان کان نافرماني ڪري ڀڳو ٿي آيو. مالڪ جو اهڙو بي عزتيءَ وارو رويو ڏسي ڪتو اتي جو اتي مري ويو. جنهن کان پوءِ جڏهن اهو ماڻهو پنهنجي قرض خواهه وٽ پهتو تڏهن خبر پيس ته جنهن همراهه وٽ اهو ڪتو گروي ٿيل هو ان جي گھر کي چور کاٽ هڻي تمام گھڻي ملڪيت کڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا هئا پر ڪتي جي باهوڙ ۽ ٻي ڏاهپ کان گھرڌڻين کي سجاڳي ٿي ۽ پوءِ هو ڪتي کي ساڻ ڪري چورن پٺيان ويا ۽ انهن کي پڪڙي پنهنجو مال به ڇڏرائي آيا. ڪتي جي ان عمل تي اهو همراهه ڏاڍو خوش ٿيو ۽ دل ۾ چيائين ته هن ڪتي قرض جي پئسن کان به وڌيڪ پاڻ نڀايو آهي. ان ڪري هن ڪتي کي آزاد ڪري موڪل ڏني ته ڀلي پنهنجي اصلي ڌڻيءَ وٽ وڃي. ڪتو اهڙو وفادار هو، جنهن پنهنجي ڌڻيءَ جو فرض موکيو هو. پر پوءِ رستي تي جڏهن کيس ڌڻيءَ پاران بي وفائيءَ جي تهمت ملي ته ان ڏک ۾ اتي جو اتي مري ويو. سندس مرڻ جو هنڌ اهو ئي آهي جتي ان کي پوري قبر ٺاهي ڇڏي اٿن.

روايتون پنهنجي جڳهه تي... پر اوچائين جي ان معيار سان اسان هتي دادوءَ کان تقريبن 93 ڪلو ميٽر... اتر اولهه طرف... کير ٿر جبل جي سنڌ واري حصي جي ٽين وڏي ٽڪريءَ تي موجود هئاسين ۽ اسان هي جيڪو صبح جو Nestley جي ٿڌي پاڻيءَ سان منهن پئي ڌوتو ته سنڌ ۾ ئي موجود عربي سمنڊ جي سطح کان 5688 فوٽ يا 1734 ميٽر بلنديءَ تي پئي ڌوتو. ان ڪري ئي هتي جو ٽيمپريچر به
کان هيٺ هو ۽ تڏهن ته اسان رات واري محفل به جسم تي رليون ويڙهي... گودڙيا فقير بڻجي پئي ڏٺي... ته مئي جي رات ۾ ئي گورک اگر (A.C) ۾ رکيل ٿڌي سوڙھ جيئن پئي محسوس ٿي ته ڊسمبر ۽ جنوريءَ ۾ هتي جو گرمي پد کان به هيٺ ڪري پوندو هوندو... ۽ ايتري اوچائيءَ تي ان موسم ۾ مينهن جي بدران برف باري ٿيڻ جون به اگر شاهديون ملن ٿيون ته انهن کي بلڪل پڪو ۽ پختو سمجھيو وڃي. ڇاڪاڻ جو هيءَ اوچائي لڳ ڀڳ ڪوھ مريءَ جي گليات جيتري آهي ۽ ڪوئٽيا هن اوچائيءَ کان هيٺ آهي ته... اهي ٻئي شهر سياري ۾ برف جا گهنگھرو پائي... سياحن کي پاڻ وٽ موهت ڪندا آهن ته گورک به پنهنجي پر ۾ اهڙي تياري ته ڪندي ئي هوندي... پر هن ڏهاڳڻ جو مقدر اهڙو ناهي جو هتي متارن جهڙا مئخوار هر سياري ۾ اچي هن موکيءَ جي مڌ جا مزا چکي سگهن. سو... سياري ۾ گورک جي اها سفيدي کيس بيواھ جي ساڙهيءَ وانگر ڀاسندي هوندي جنهن کي پنهنجي سهاڳ اجڙڻ جي پڪ ته هوندي آهي پر پوءِ به سندس واپسيءَ جي آس ۾ ڏيئا ٻاري راتيون جاڳندي آهي. گورک جو نصيب ان وڌوا جهڙو آهي.
گورک... خضدار جي مقامي ماڻهن لاءِ واهي پانڌي پهچڻ لاءِ آسان پيچرو هئي. هن ٽڪريءَ جو ڦهلاءُ تقريبن 2500 ايڪڙ آهي ۽ موجوده وقت جي حساب سان واهي پانڌيءَ کان 54 ڪلوميٽر پري آهي... ته گذريل زمانن ۾ جڏهن هتي سيارن ۾ ’گرگ آشتيءَ‘ جون موسمون لهنديون هيون ته ان موسم جي اچڻ کان اڳ خضدار جا بلوچ پنهنجي جياپي جي جنگ وڙهڻ لاءِ سيپٽمبر، آڪٽوبر ۾ پنهنجي ڳوٺن مان نڪري هي سمورو سفر طئي ڪري واهي پانڌي پهچندا هئا ۽ اتان کان پنهنجي گذران جو سامان ۽ جانورن لاءِ چارو وٺي... ظالم موسم اچڻ کان اڳ واپس هليا ويندا هئا ۽ سڄا سيارا... خندق نما گھرن ۾ لالٽين ٻاري گذارو ڪندا هئا ۽ وڏي احتياط ۽ ڪفايت شعاريءَ سان کائيندا پيئندا هئا... ڇو ته هنن وٽ کائڻ لاءِ بس ايترو ئي ڪجھه هوندو هو جيترو هو واهي پانڌيءَ کان پنهنجي گڏهن يا خچرن تي ڍوئي کڻي اچي سگھندا هئا.
گورک... انهن جي لاءِ زندگيءَ جو دروازو هئي... ۽ هي دروازو نومبر ۾ برف باريءَ جي ڪري بند ٿي ويندو هو ۽ پوءِ مارچ ۾ جڏهن برفون ڳرنديون هيون ۽ ’هينگڻ‘ چشمو وهي ايندو هو... ۽ اها خبر ڪنهن به طرح خضدار واسين جي ڪنن تائين پهچندي هئي ته اتي شادمانا ٿيندا هئا ۽ بچي پيل سامان سان ٽيبلون سجائي دعوتن جا اهتمام ڪيا ويندا هئا.
ته اها به گورک هئي... خضدار وارن لاءِ خوشيءَ جي خبر... هڪڙي خوشخبري.
۽ پاڻ جنهن زمانن جي ڳالهه هتي ڪريون پيا... انهن زمانن ۾ سفر يا ته پنڌ ٿيندا هئا يا ته پوءِ گڏهن ۽ خچرن تي... ۽ جيتري حد تائين منهنجي معلومات آهي ته پهاڙن جي پنڌ لاءِ موزون ترين ۽ مضبوط ترين جانور به ’خچر‘ ئي آهي. اڄ به جن پهاڙي علائقن ۾ رستن جي سهولت موجود نه آهي ۽ پهاڙن جا پوڄاري پنهنجي پيار جي تسڪين لاءِ... ٿيلها ٻڌي سفر جا ڪشالا ڪاٽڻ لاءِ سنڀرندا آهن ته سندن سامان انهن خچرن تي ئي کنيو ويندو آهي... ۽ هي ويچارا خچر رڳو سامان ئي ناهن کڻندا... هي اسان جهڙن کي به کڻندا آهن... جيڪي پري پري جا پنڌ طئي ڪرڻ لاءِ ڪمربسته ٿي پوندا آهن پر پنڌ ڪندي ڪندي جڏهن سندن ڪمر جواب ڏئي ويندي آهي ته پوءِ لانگ ورائي... خچرن تي ويهي منزل تي پهچندا آهن. ايئن ئي هڪڙي خچر تي ويهي آئون به سيف الملوڪ جھيل جي مٿان پهاڙن ۾ واقع لڙڪ جي روپ جهڙي ’آنسو ــ جھيل‘ ڏانهن وڃي رهيو هئس ۽ خچر جي پير سلپ ٿيڻ تي پهاڙيءَ تي ڦهڪو ڏئي ڪري پيو هئس ته پوئين خچر تي ايندڙ جميل... وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي کليو هو ۽ زور زور سان چوندو رهيو... (ها... ها... ها...) سهيل! ٽٽوءَ تان ڪري پيو... سهيل! ٽٽوءَ تان ڪري پيو. (خچر کي اردوءَ ۾ ٽَٽُو چوندا آهن... ۽ اسان وٽ ته ان جانور لاءِ هڪ نعرو به مروج آهي ته... کرائے کے ٹٹو۔۔ ہا ئے ہائے)
سو... پهاڙيءَ جو سفر يا ته ڪرائي جي ٽٽوءَ تي يا پنهنجي خچر تي آسانيءَ سان ڪري سگھبو آهي. پر اتي... جتي روڊ ناهن... رستا ناهن... رڳو پهاڙي پيچرا آهن.
گورک... هاڻي پهاڙي پيچرو ناهي... اڀرو سڀرو رستو آهي. سو... اوهان وٽ ڪا به عام گاڏي آهي ته اوهان آسانيءَ سان دادو، جوهي يا واهي پانڌيءَ تائين پهچي... اها گاڏي اتي بيهاري ۽ ڪرائي جي فور ويل گاڏي ڪري گورک ياترا ڪري سگھو ٿا. پر جيڪڏهن اوهان وٽ پنهنجي پوٽوهار جيپ، جمني يا ٻي ڪا فور ويل گاڏي آهي ۽ اوهان وٽ خچر جيترو عقل ۽ عقيل جيترو ڊرائيونگ جو هنر آهي ته اوهان خود به گاڏي کڻي گورک تي ساڳي آسانيءَ سان پهچي سگھو ٿا... جهڙي آسانيءَ سان اسين پڄي ويا هئاسين.