سفرناما

خانه بدوش جو خواب..... گورک

ڪتاب ”خانہ بدوش جو خواب ... گورک“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب سھيل ابڙو پاران سنڌ جي سونھن گورک ھل بابت لکيل ٻن سفرنامن تي مشتمل آھي.
گورک سنڌ جي سونھن آھي جيڪو گرم ڏينھن ۾ بہ مريءَ جھڙي ٿڌاڻ جو احساس ڏياري ٿو. سنڌ جي ان خوبصورت ماڳ کي سھيل ابڙي ٻہ دفعا ڏٺو، پرکيو، سکيو ۽ ان جي سونھن سان گڏ بيوسي ۽ لاچاريءَ تي بہ لکيو آھي. سندس لکڻ جھڙو نثري نظم ھجي. اسان سڀني کي سنڌ جي سھڻن ماڳن بابت ايئن ئي سفرنامي جي صورت ۾ لکڻ گھرجي.
  • 4.5/5.0
  • 2689
  • 706
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • سهيل ابڙو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book خانه بدوش جو خواب..... گورک

گورک جو صبح

صبح جو هتي چيئر لفٽون هلن ٿيون

ٿڌي پاڻيءَ سان ڌوتل منهن کي اسان جيسين ٽوالن سان اگھون... تيسين گورک جي ڇڙواڳ ٿڌين هوائن... ان کي خشڪ ڪري... چهرن کي يخ ٿڌو ڪري ڇڏيو.
اسان جا منهن... ٺوس ٿي ويا هئا ۽ اسان جا وات... پاڻي پيئڻ لاءِ به نه پئي کلي سگھيا. اهي ڄمي ويا هئا ۽ جيسيتائين اهي ڳريا نه ٿي... اسان ڪجھه کائي نه ٿي سگھياسين... نه بسڪيٽ... نه چپس... نه سوپاري. جو وات ۾ اندر برف موجود هئي... ته جيسين اها برف وگھري ۽ اسين ڳالهائڻ ۽ کائڻ جهڙا ٿيون... اسين نڪري پياسين انهن پاسن ڏانهن... جتان کان هي ٿڌيون هوائون آيون ٿي.
گورک جي هن مقام تي جتي اسان هئاسين... ان کان ٿورو ئي پوءِ... هيءَ ٽڪري ختم ٿي پئي وئي... ۽ هيٺ مسلسل کاهي هئي. جتي هي روڊ اچي رڪيو ٿي... ۽ اسان لهي پروگرام ڏٺو هو... بس! ان کان ٿورو اڳيان رستو ختم ٿي پئي ويو ۽ اڳيان کاهي هئي... ۽ گاڏيون اونداھ ۾ يا تڪڙ ۾ اڳيان اچي ان کاهيءَ ۾ ڪري نه پون... ان لاءِ هتي (گرلون) لوهي ڄاريون لڳايون ويون هيون.
سو جيسين... اسان جي اندر جي برف ڳري ئي ڳري... اسان ان گرل تائين وياسين ۽ هيٺ جو نظارو ڪرڻ لڳاسين. گرل تي بيهڻ کان پوءِ... اسان جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي... جيستائين نظر وئي ٿي... هزارين فوٽ اونهي کاهي هئي، جتي ڌنڌ لهي آيل هئي. سامهون بلڪل سامهون... پري... ڪجھه ننڍيون... پوءِ آهستي آهستي وڏيون ٿيندڙ ٽڪريون نظر پئي آيون... جيڪي خضدار جي خبر ڏئي رهيون هيون. مگر... اهي پري هيون... خضدار پري هو... گھڻو پري هو... ۽ مون هتان کان خضدار وڃڻ ٿي چاهيو... اڏامي. جو منهنجي گوڏن ۽ چيلهه ۾ ايتري طاقت نه هئي جيڪا خضدار جي ماڻهن ۾ هوندي هئي ۽ هو اهو سڄو سفر طئي ڪري... هيءَ هيڏي اُڀي پهاڙي به چڙهي ايندا هئا... جتي ان وقت اسان بيٺا هئاسين... ۽ پوءِ گورک کي لتاڙي هيٺ به لهي ويندا هئا. پر... منهنجي گوڏن ۾ ايتري مِکَ نه هُئي... ان ڪري مون اُڏامي خضدار وڃڻ ٿي چاهيو. مگر مون وٽ ته اُهي پر به نه هئا... جيڪي هوائن ۾ پکيڙي آئون ان وڏي ۽ وشال کاهيءَ جي مٿان اڏي... اڏي... خضدار جي ڪنهن گھر جي ڇت يا ڀت تي لهي سگھان ها... مون وٽ ڪجھه به نه هو... آئون مجبور هئس... ان ڪري بيٺو رهيس... انهن ئي سوچن ۾ گم... ته... آئون خضدار ڪيئن ٿي وڃي سگھيس...؟؟
دراصل... کاهيءَ مون کي سڏيو پئي... ۽ مون به وڃڻ چاهيو پئي. جيئن پاڻيءَ ۾ ڪشش هوندي آهي... اهو اوهان کي پاڻ وٽ گھرائيندو آهي... زور زور سان سڏ ڪندو آهي... ۽ جيڪي اهو آواز ٻڌندا آهن... اهي پاڻيءَ ۾ خوشي خوشي ڪڏي پوندا آهن ۽ پوءِ پاڻيءَ جا ئي ٿي ويندا آهن. ايئن ئي هيءَ کاهي به مون کي سڏي رهي هئي ۽ مون وڃڻ ٿي چاهيو.
هيءَ کاهي ڏاڍي شاندار هئي... پرڪشش، حسين ۽ وسيع. هيءَ سامهون به هئي... ساڄي به هئي ۽ کاٻي به هئي... ۽ مون باز وانگر ان جي مٿان اڏرڻ ٿي چاهيو... پر آئون اڏامي نه ٿي سگھيس. پر پوءِ مون کي اچانڪ هڪڙو خيال آيو... جنهن سان آئون هتان کان اڏي خضدار پهچي پئي سگھيس... ڀلي جو اهو به منهنجي وس ۾ نه هو پر خيال هو... جيڪو اڏامي اچي منهنجي پلڪن تي ويٺو هو ۽ آئون خضدار جا خواب ڏسڻ لڳس.
مون ڏٺو ته... جتي اسان جي جمني بيٺل هئي... اتي هڪ وڏو گول... لوهي چرخو لڳل آهي... جيڪو ڦري پيو... چرخي جو لوهي پلر زمين ۾ پيوسط آهي ۽ 5 ــ 6 فوٽ مٿي اهو چرخو ڦري پيو... ۽ چرخي جي کانچي ۾ لوهي مضبوط تار آهي... جيڪا به چرخي ڦرڻ سان گڏ ڦري پئي ۽ ان لوهي تار ۾ مضبوطيءَ سان چيئر لفٽن جون سيٽون ٻڌل آهن... جيڪي چرخي وٽان گول ڦري... سواري ويهاري... منهنجي ڀرسان گذري... هيٺ کاهيءَ ڏانهن لهنديون ٿيون وڃن... ڪجھه وڏا پلر مختصر مختصر مفاصلي کان پوءِ کاهيءَ ۾ کتل آهن... جيڪي چيئرلفٽ جي وزن کي سهارين ٿا... ۽ سامهون... جتي خضدار جون پهاڙيون هيون... اتي ٻيو چرخو هو... جيڪو به ڦريو پئي... ۽ اتي ئي وري سواريون لهي ۽ چڙهي رهيون هيون. چيئر لفٽ جون رنگارنگي ڪرسيون انهن ٻن چرخن جي سهاري مسلسل اچي وڃي رهيون هيون. گورک کان خضدار تائين چيئرلفٽ هلي رهي هئي جيئن... پنڊي پوائنٽ... پيٽرٽيا... ايوبيه... ۽ حنا ڍنڍ جي مٿان هلندي آهي... منهنجي خيالي دنيا ۾ به چيئرلفٽ هلي رهي هئي ۽ آئون ان ۾ ويهي خضدار وڃي چڪو هئس.
ڏينهن جو ڏٺل خواب جي ڪا به تعبير ناهي ٿيندي... منهنجي خواب کي به ڪا تعبير نه ملندي... يا شايد ملي ويندي...؟؟ شايد... نه!!!
آئون مسلسل کاهيءَ ڏانهن گھوري رهيو هئس ۽ سوچن جي پينگھي ۾ لڏي رهيو هئس. سوچون مون کي لوڏي رهيون هيون... ڪڏهن خضدار واري پاسي ته ڪڏهن گورک واري پاسي. سوچن مون کي لوڏيو پئي ۽ آئون لڏي رهيو هئس.

جھولا جھلاؤں میں تجھے جھولا جھلاؤں۔۔۔

۽ اُن پينگھي ۾ لڏندي جڏهن مون آواره گرديءَ واري ڪتاب جون يادگيريون ساريون ته محسوس ڪيو ته اهڙو منظر... جيڪو منهنجي سامهون هو... اهو مون ايئن اڳي ڪٿي به ناهي ڏٺو. جو هڪ پهاڙي وادي هلي هلي ايئن هڪ دم ختم ٿي وڃي... ۽ ان جي ٻئي پار لهڻ لاءِ ڪا به لاهي... ڪو گس... ڪو پيچرو نه هجي... ۽ هتي رکيل آخري قدم کان پوءِ... اگر ڪير اڳيون قدم کڻي ته سڌو کاهيءَ ۾ وڃي ڌڙام ڪري... ۽ اهو به ايئن... جهڙو هو ڪنهن هزارين فوٽ اوچي ديوار تان سڌو ڪري پيو هجي. ته ڪنهن به پهاڙي مقام جو ايئن ٿيندڙ اختتام مون کي ته نه ٿو سجھي. ها...! مٿي ٽاپ تي چڙهي اچڻ کان پوءِ ڪي جڳهيون يا گھڻيون جڳهيون ايئن هونديون آهن جو ان جي اڳيان وڃڻ جي واھ ناهي هوندي ۽ وڌڻ جي ڪوشش ۾ کاهيءَ ۾ ڪري پئبو آهي. پر پوءِ به... ڪٿان ڪو... هيٺ لهڻ جو گس... پيچرو... يا لاهي ضرور هوندي آهي جتان لهي... يا ترڪي... پر هيٺ پهچي سگھبو آهي. سو... خضدار وارا جڏهن سامهون کان نڪري هيڏانهن ايندا هوندا ته يا ته هنن وٽ Climbing جو سامان هوندو... يا انهن جا ننهن ۽ چنبا اهڙا هوندا... جيڪي هن اُڀي ٿيل ديوار ۾ گھپجي وڃڻ جي سگھ رکندا هوندا ۽ ايئن هو هن ڀت تي چڙهي سگھندا هوندا... يا ته پوءِ هيءُ گس اهو گس ناهي جنهن جي باري ۾ هڪ ڏند ڪٿا جو ذڪر پاڻ ڪري آيا آهيون.
سوچون... مون کي لوڏي رهيون هيون ۽ آئون هڪڙي ٽڪريءَ کان ٻي ٽڪريءَ تائين کاهيءَ جي مٿان لڏي رهيو هئس.
هيءَ کاهي ايتري گھري ڪا نه هئي جو نظر ۾ نه اچي سگھي. هيءَ نظر آئي ٿي... آئون ان کي مسلسل ڏسي رهيو هئس... ۽ اچو ته آئون اها کاهي اوهان کي به ڏيکاريان ٿو.
اوهان اچو... ۽ هن گرل تي جيڪا اوهان جي چيلهه جيتري آهي... ان تي پنهنجا ٻئي هٿ رکي بيهو... الهندو... اوهان جي سامهون آهي ۽ اڀرندو اوهان جي پٺئين طرف... اوهان جا پير مضبوط پٿريلي پهاڙ تي آهن. سامهون غالباً پنج ــ اٺ ڪلوميٽرن کان پوءِ... پهرين ڪجھه ننڍيون ٽڪريون ۽ پوءِ انهن جي پويان آهستي آهستي اوچا ٿيندڙ پهاڙ آهن... ۽ اهي ٽڪريون ۽ پهاڙ صرف اوهان جي بلڪل سامهون نه آهن... پر نظر ڦيرائڻ سان ساڄي پاسي به نظر اچن ٿا ۽ جيسين نظر وڃي ٿي تيسيتائين نظر اچن ٿا... ته کاٻي پاسي پڻ پکڙيل آهن... جيڪي کاٻي پاسي وڃي وري اولهه طرف مٿي ڏانهن مڙي ٿا وڃن... ۽ اوهان جتي بيٺا آهيو... اها گرل اوهان جي ساڄي پاسي (اتر طرف) پنجاھ ـــ سٺ فوٽ اڳيان تائين لڳل آهي. پر هيءَ ٽڪري... جتي اوهين آهيو... اها ان گرل جي ختم ٿيڻ کان پوءِ به ساڄي پاسي هزار فوٽ کن تائين پکڙيل آهي ۽ اها اڳيان هلي وري وڌيڪ ساڄي پاسي يعني اوڀر طرف مڙي ٿي وڃي... ۽ هن سڄي ٽڪريءَ سان لڳ کاهي بلڪل ايئن آهي جيئن اوهان جي گرل وٽ آهي... يڪدم. کاهي بلڪل صاف آهي ۽ نظر جي فوڪس ۾ ايندڙ ان سڄي پنج يا اٺ ڪلوميٽر ويڪري ۽ پندرهن ــ ويهه ڪلوميٽر ڊگھي ايراضيءَ ۾ رڳو کاهي ئي آهي... وچ ۾ ڪو دڙو... ڪا ننڍي ٽڪري.. ڪا رڪاوٽ نظر نه ٿي اچي. ان ڪري ئي مون کي هيءَ کاهي گھٽ ٿي لڳي... پر هزارين سال اڳ وهندڙ ڪنهن درياھ يا ٻوڙان ٻوڙ وهندڙ نئه جو لنگھ ٿو ڀاسي... جيڪو هيءُ رستو وٺي اتر کان ڏکڻ وهندو هو ۽ مستيءَ ۾ گجگوڙون ڪري وهندو هو ۽ پنهنجي رستي ۾ ايندڙ سڀ دڙا ۽ ٽڪريون مليا ميٽ ڪندو اڳيان وڌندو هو ۽ کيرٿر ۽ خضدار جي رستي کان ٿيندو وڃي ڪٿي ’ڪنڊ ــ ملير‘ وٽ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو.
هي منهنجو خيال آهي... جيڪو سؤ مان سؤ سيڪڙو غلط ٿي سگھي ٿو. پر اوهان جي سامهون ڦهليل کاهي بلڪل ايئن آهي... جيئن ڪنهن چشمي، نئه ۽ سڪي ويل درياھ جو لنگھ هوندو آهي.
۽... منهنجو هيءُ به خيال آهي ته هن کاهيءَ ۾ جيڪا ڪشش آهي... سا به شايد ان ڪري آهي ته سوين سال اڳ هتي به پاڻيءَ جو اهڙو ئي وهڪرو هوندو... جيڪو مٿي بيٺلن کي زور زور سان پاڻ وٽ سڏ ڪندو هوندو... ۽ ڪو آءِ. آءِ. قاضي يا عرفان مهدي سندس ڪشش ۾ قيد ٿي، زماني ۽ زلفن جا پيل سڀئي سنگھر ٽوڙي... سندس سڏ کي ورنائي هيٺ ٽپي پوندو هوندو ۽ هميشه لاءِ سندس ٿي ويندو هوندو.