گورک جو ڪارپيٽ ـ ڪيٽ واڪ ۽ وڏا وڏا ٽهڪ
اسان جي مٿان گورک جو وشال آسمان هو.
اسان سڀ پاڻ سان گڏ آندل قالينن تي ليٽيل هئاسين ۽ مٿان اوڍڻ لاءِ هر ڪنهن وٽ پنهنجي پنهنجي شال هئي. سڀني جون اکيون آسمان ڏانهن هيون. شايد آسمان ڪجھه هيٺ لهي آيو هو يا اسين ڪجھه مٿي چڙهي آيا هئاسين. ٽيٽيهر هجون ها ته ڊپ ۾ ٽنگون به آسمان ڏانهن اڀيون ڪري ڇڏيون ها. مگر انسان هئاسين... ان ڪري آسمان ۾ رڳو اکيون هيون.
پٿريلي زمين تي ننڊ ڪنهن کي نه پئي آئي... جڳهه مٽبي آهي ته ننڊ، نرم گاديلن تي به ناهي ايندي... هتي ته جڳهه به مٽجي هئي، بسترا به مٽيا هئا ته موسمون به مٽيون هيون. ان ڪري ننڊ ڪنهن کي نه پئي آئي... ها! لطيفا... سڀني کي آيا پئي... سو واري واري سان ڪنهن هڪ شال جي اندران ڪو ’ولگر‘ لطيفو نڪريو ٿي ۽ باقي شالن وارا ان تي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي کليا پئي.
۽ هي ٽهڪ ايترا وڏا هئا جو پاسي ۾ پکڙيل/ ستل سڀ ماڻهو اسان جي ان ٽرڙپائيءَ تي دل ۾ گاريون ڏيندا، پنهنجيون رليون ۽ ڪنبل لاهي اسان کي ڏسندا ٿي رهيا... پر لطيفن وارن انهن کي لفٽ نه ٿي ڪرائي ۽ شالن مان... لطيفي مٿان لطيفو نڪرندو پئي رهيو.
اسان ڪل ارڙهن ڄڻا هئاسين. انهن مان ٻه ــ ٽي VIGO جي سيٽن تي ستل هئا. (شايد.. عديل، فيصل ۽ دانش) عقيل VIGO جي ڇت تي.
باقي... منوج، ماجد، نويد، وقار، وسيم، راجا، جميل، ڀاءُ جاني، شعيب، شهزاد، علي ۽ آئون هيٺ قالينن تي... شالن ۾.
مظهر... اسان جي خدمت لاءِ. پاڻي پيارڻ... بوتلون کولڻ... قالين وڇائڻ ۽ وغيرهه وغيرهه لاءِ.
پهچندي پهچندي اڄ به اسان کي رات ٿي وئي هئي.
ظاهر آهي، هيترا سارا دوست جيسين عيد جي ٻئي ڏينهن سنڀري گھران نڪرن... ۽ انهن جي چرڪاڻ ۽ پاڻي وغيره جو بندوبست ٿئي... تيسين شام ٿي وئي ۽ هتي پهچندي پهچندي رات ٿي وئي هئي.
اسان جو خيال هو ته گورک اڪيلي هوندي... تنها هوندي. سڀ پنهنجي پنهنجي گھر عيدون ملهائي رهيا هوندا ۽ صرف اسان هونداسين جيڪي جڏهن گورک تي شهزادن وانگر وڃي لهنداسين ته گورک تي ٺهيل هوٽل جا اَٺ ئي ڪمرا اسان کي ملي ويندا ۽ اسان شهنشاهي طريقي سان گورک ياترا ڪري سگھنداسين.
پر... اهو خيال فقط اسان جو نه هو. اهو ساڳيو خيال گورک تي پهتل هزارين سياحن جو به هو. سو... گورک جي شهزادن کي ان هوٽل جا ڪمرا ته ڪو نه مليا پر هوٽل ۾ ٺهيل واش رومن جو به رڳو ديدار ئي نصيب ٿي سگھيو. ڇاڪاڻ جو قرار ماڻڻ لاءِ واش رومن ۾ پاڻيءَ جي ضرورت هئي ۽ پاڻيءَ جو ڦڙو نه نلڪين ۾ ميسر هو ۽ نه ئي وري لوٽن ۾ ان جو ڪو وجود باقي هو.
صحرا تو بوند کو بھی ترستا دکھائی دے۔۔۔
۽ هتي ته: لوٹا بهی بوند کو ہی ترستا دکهائی دے۔۔۔
ها! مگر هوٽل شاندار هئي.
وسيع، ڪشادي ۽ ڦهليل... ڪريم ڪلر جي ٽائيلز سان ڪريم ڪلر ٿيل ڪنهن پئلس وانگر. جنهن جي ورانڊي ۾... اڱڻ ۾... ماڻهو ئي ماڻهو هئا. پاڻ سان گڏ تڏا ۽ تؤنريون کڻي آيل سنڌي سياح.
اسان گاڏيون، هوٽل جي پارڪنگ ۾ پارڪ ڪيون ۽ سامهون اڱڻ ۾ پکڙيل تڏا ۽ تؤنريون ڏسي، اهو انومان ڪيو ته هي هوٽل وارن جي پاران وڇايل آهن. سو اسان تڪڙا تڪڙا ٻه خالي تڏا ڏسي پهرين ته انهن تي ويهي رهياسين پر پوءِ نويڪلائيءَ واري هنڌ وڃي ويهڻ لاءِ جڏهن تڏا ويڙهڻ لڳاسين ته انهن جا مالڪ اچي پهتا.
’سائين! انهن تي ويهو ته ڀلي ويهو... باقي اهي کڻي ڪيڏانهن ٿا وڃو؟‘
سڀئي لڄي ٿياسين. جن جي هٿن ۾ تڏا هئا... انهن معذرت ڪئي ۽ جن تڏن کڻڻ جو آرڊر ڏنو... انهن اک ٽيٽ ڪئي.
مون هن پئلس جو مشاهدو ڪيو. هي پئلس وڏن گول پلرن سان ٺهيل هو ۽ ڪريم ڪلر جو هو. جنهن جي وڏي ڪشادي ورانڊي ۾ هڪ جنرل اسٽور... جيڪو پاڻي، بوتلن، سگريٽن ۽ ٻين گذران جي شين سان سٿيل هو ۽ ان تي خريدارن جي بي انتها رش موجود هئي.
پئلس جي ساڄي پاسي پڪين سرن سان ٺهيل وڏو اڱڻ هو جنهن ۾ ڪرسيون، ٽيبلون پيل هيون ۽ ان ئي اڱڻ جي آخر ۾ کاٻي پاسي هوٽل جو بورچي خانو هو.
ارڙهن ڄڻن جي جٿي کي بورچي خاني جي ڀرسان ڪجھه ڪرسيون ملي ويون ۽ آهستي آهستي سڀ ڪو هِتان هُتان ڪرسي ريڙهي گڏجي اچي اُتي ويهي رهيو.
بنا ڇت جي ٺهيل بورچي خاني ۾ دونهون هو... چڪن ڪڙهائين ۽ دال فرائين جو دونهون.
اسان تائين چانهن آئي.
پر چانهن پوءِ آئي ۽ اسان کي ڪرسيون پوءِ مليون. دراصل هوٽل جو اڱڻ ۽ بورچي خانو جتي ختم ٿيو ٿي، اتان کان هوٽل جي پوئين پاسي وڃڻ لاءِ ويهه، پنجويهه فوٽ ويڪريون چار يا پنج وڏيون چاڙهيون هيون.
سو جيسين ڪرسيون خالي نه هيون. اسان انهن چاڙهين تي ئي ويٺاسين.
Steps ۾...
۽ هاٽ پاٽس، ڪيڪن، ڪيڪ رس جا دٻا ۽ بريڊ کولي ڊنر ڪئي سين... جيسين ڪرسيون خالي نه هيون... اسان انهن ئي چاڙهين تي چانهن به نوش ڪئي.
سڄي اڱڻ ۾ هُل هو... هُوڪِريا هئا.
پاڻيءَ جي قِلت هئي ۽ واش روم وڃڻ لاءِ سڀ تيار هئا.
هيءَ هوٽل پهاڙيءَ تي هئي پر پهاڙي نه هئي... پئلس هو.
هي چاڙهيون... جن تي اسان ويٺل هئاسين... اهي هوٽل جي پوئين پاسي واري پهاڙيءَ تي لٿيون ٿي.
لائيٽون... هوٽل جي طرف هيون... پهاڙيءَ جي پاسي، ان جا پاڇا هئا.
ها... پر ڪجھه سُهائي هئي. جيڪا اڳيان هلي اونداهه ۾ گم ٿي پئي وئي.
چاڙهين تي ويهي اسان پهاڙيءَ کي ڏسي سگھياسين پئي... هوٽل جي پوئين حصي واري پهاڙيءَ کي... ۽ اتي بورچي خاني جو گند ڪچرو هو... بصر ۽ بيدن جون کلون هيون... هوٽل جي باٿ رومن جي ڊرينيج هئي.
ان سهائيءَ ۾ پهاڙيءَ تي گند ڪچري جا ڍير نظر آيا پئي.
اسان مان شايد ڪنهن جي به دلچسپي ان منظر سان نه هئي. اسان هڪ ٻئي جي ڪمپني ۽ موسم مان مزو وٺي رهيا هئاسين.
ٻه ڇوڪرا منهنجي ڀرسان گذري، چاڙهين تان هيٺ لهي... پهاڙيءَ ڏانهن وڃڻ لڳا... اوڏانهن گند ڪچري واري پاسي.
آئون انهن کي تجسس سان ڏسي رهيو هئس... جو، جڏهن سڀ ڇاڇر ۾ ڇيرون ڪري، مزا ماڻي رهيا هئا ته هي ڪير هئا جيڪي اونهي اوڙاھ ڏانهن راهي ٿيا هئا. هي جگنوئن جو جوڙو اوستائين ويو جتي اڃان روشنيءَ جو سايو پهتو پئي... اونداهي دنيا اڃان ان کان اڳيان پئي شروع ٿي.
ڇوڪرن جي هٿ ۾ پاڻيءَ جون خالي بوتلون هيون... ۽ روشنيءَ ۾ هو اوستائين ويا، جتي سيمينٽ جو ٿَلهو ٺهيل هو.
۽ رڳو سيمينٽ جو ٿلهو ٺهيل نه هو... اتي لوهي پائيپ هئا ۽ پائيپن ۾ پاڻي به هو.
جيتوڻيڪ اسان چاڙهين تي ويٺل هئاسين ۽ هوٽل کي پٺي ڏئي... پهاڙيءَ ڏي منهن ڪري ويٺل هئاسين. پر گند جي وڏي آهري جهڙي پهاڙيءَ ۾ اهڙي حسين سوغات جي موجودگيءَ جو ذرو پرزو شڪ به اسان جي گمان ۾ نه هو.
ڇوڪرا پاڻيءَ جون بوتلون ڀري مٿي چڙهي آيا.
اهو سڄو منظر منهنجي نظرن جي فوڪس ۾ هو... سڀ لاپرواهه هئا... پنهنجيءَ ۾ مگن.
آئون چوڪس هيس... ان ڪري ئي مون اهو سڀ ڪجھه ڏسي ورتو هو.
ٻئي ڇوڪرا مون کي ڪراس ڪري مٿي اڱڻ ۾ روشنيءَ واري پاسي چڙهي ويا.
مون سيمينٽ جي ٿلهي ۽ ان تي لڳل پائيپ ۽ نلڪيءَ کي ڏٺو. هي منهنجي کاٻي پاسي پنجاھ فوٽ کن پري هئا... ۽ پائيپ وري ٿَلهي وٽان شروع ٿي... اسان جي سامهونءَ کان چاڙهين وٽان گذري... ساڄي پاسي ڏانهن... اونداهه ۾ گم ٿي ٿئي ويو. منهنجن نظرن ان جو پيڇو ڪيو... پر اونداهه جي ڪري اڳيان نه وڃي سگهيون ۽ واپس موٽي آيون.
پاڻي واٽر سپلائي جو هو يا ڪنهن چشمي جو. اها خبر نه پئي... پر پاڻي ڏسي اکين ۾ چمڪ اچي وئي.
جت نه پکيءَ پير، تت ٽمڪي باهڙي.
اونداهه واري پاسي اميد جو ٽانڊاڻو ٽمڪي پيو.
آئون به خالي بوتل کڻي چاڙهيون لهي اوڏانهن وڃڻ لڳس.
پويان دوستن جا آواز آيا.
آوازن ۾ پڇا هئي... ٽوڪون هيون... جيڪي عام طور تي سنگت، اونداهه ۾ وڃڻ واري تي ڪندي آهي.
سعوديءَ جي صحرا ۾ چشمو ڦٽي نڪتو هو... زم... زم.
گورک جي پهاڙيءَ تي نلڪي ملي وئي هئي... جنهن چيو پئي... ڪَم... ڪَم.(Come…Come)
۽ آئون لبيڪ چوندو سيمينٽ جي ٿلهي تائين پهچي ويس.
منهنجو اندازو آهي ته هيءُ ٿَلهو، هوٽل جي ٿانون ڌوئڻ لاءِ تيار ٿيل هوندو... ٿلهي جي پاسي ۾ ڪجھه ڪنستر ۽ هڪ ڊرم رکيل هو.
لوهي پائيپ جي منهن تي نلڪي لڳل هئي... نلڪي کولڻ سان پاڻي وڏي پريشر سان بوتل ۾ داخل ٿيڻ لڳو... ۽ بوتل ڀري وهڻ لڳو.
آئون نلڪي بند ڪري، وڌيڪ اونداهه واري پاسي ويس... ۽ ’زوزاٽ‘ ڪڍي آيس... واپسيءَ ۾ منهنجي اکين ۾ چمڪ اڃان وڌيڪ هئي.
چاڙهين تي ويٺل سڀ دوست... اونداهه واري پردي تي هلندڙ سڄي فلم کي ڏاڍي مزي سان ڏسي رهيا هئا.
۽ پوءِ اسان مان سڀني هڪ هڪ ٿي، بوتل ڀري... اونداهه ۾ وڃي پنهنجو Scene فلم بند ڪرايو.
چانهه جو ٻيو دور ان فلم بنديءَ کان پوءِ ئي ڪرسين تي هليو هو.
هوٽل ۾ هُل هو... هُوڪِريا هئا.
ڪڙهائين مان دونهان بدستور نڪري رهيا هئا.
اسين ڪُل ۾ شامل ٿي ويا هئاسين... گم ٿي ويا هئاسين.
اسان پنهنجي ڪائنات مچائڻ جا عادي هئاسين. سو، جز ٿيڻ لاءِ اٿي وياسين.
گاڏيون اسٽارٽ ڪري... اڃان مٿي... اڃان پري... (جتي ڪنهن زماني ۾ شري گورک ناٿ اچي ويهندو هو) ۽ جتي هاڻي بجليءَ جو آخري پول لڳل هو.
مگر تنهائي... هتي به ڪانه هئي.
سوين ماڻهو، فوٽ پاٿ تي، گورک جي ٽيرس تي قطارن ۾ ستا پيا هئا. جتي ويڪرو ميدان هو... اتي به ماڻهو ستل هئا.
بجليءَ جي آخري پول وٽ ئي اسان جون گاڏيون پارڪ ٿيون.
قالين وڇايا ويا.
بوتلن جا ڍڪ کليا.
ڪچهريون ٿيون.
بجليءَ جو هي پول خالي نه هو... هن ۾ وڏو مرڪيوري بلب روشن هو... اسان ٿڪجي قالين تي ليٽي پياسين. مٿان شالون اوڍيل هيون.
پر... ننڊ... اڪثريت کي ڪا نه آئي.
يا شايد جيڪي قالين تي هئا... انهن کي ڪا نه آئي. جيڪي گاڏين ۾ هئا انهن کي اچي وئي.
۽ جن کي ننڊ نه آئي... انهن جي شالن مان ولگر لطيفا ۽ وڏا وڏا ٽهڪ ٻُرڻ لڳا.
سڀني ستلن کي اسان تي ڪاوڙ هئي... هو جڏهن ڪمبل ۽ رليون لاهي اسان کي ڏسي، وري سمهي ٿي رهيا ته اسان اڃان وڌيڪ ٽهڪ ٿي ڏنا. ڪچهري جاري هئي ۽ هوا ۾ هڪ خاص مهڪ ڦهلجي وئي هئي.
اسان مان ئي ڪنهن شوقين سگريٽ سَر ڪيو هو... اڪثريت شوقينن جي هئي ۽ ان خاص خوشبوءَ جي ڪري پريان ستل جوان به بي چين ٿي اسان ڏانهن وڌي آيو هو.
ادا، ڪولر ۾ پاڻي آهي..؟
ها ادا... آهي... پاڻي پيئندؤ..؟
ها...
مظهر! پاڻي پيار ڀاءُ کي.
مظهر، گلاس ڀري کيس ڏنو... پر همراهه جو ارادو ٻيو هو.
مواليءَ جي مامَ موالي ئي سمجھندو آهي... سو جنهن سگريٽ سَر ڪيو، ان سندس اکين جي اڻ تڻ سمجھي کانئس پڇيو.
ادا! دم پٽيندين...؟؟
ها... ڀائو... مهرباني.
اچي... هي وَٺ. ڀلي کڻي وڃي، ايڏهين موج ڪر.
ڀائو سڄو سگريٽ وٺي هليو ويو.
اسان مان ڪنهن به نه ٿي چاهيو ته ڪير ٻيو اسان جي وچ ۾ اچي ويهي.
ڀائوءَ... موج ڪئي يا نه ڪئي... پر ان جي وڃڻ کان پوءِ اسان جو يار گاگن موج ۾ اچي ويو ۽ شال لاهي اٿي بيٺو... ۽ هڪ هڪ ڪري شرٽ جا سڀئي بٽڻ کولي پهرين شرٽ ۽ پوءِ وري بيلٽ کولڻ لڳو.
سڀ هن منظر کي ڏسڻ لاءِ تيار ٿي ويا.
گاگن... هي ڇا ٿو ڪرين...؟ راجا... پهرين رڙ ڪئي.
پر گاگن... بيلٽ لاهي ڇڏيو ۽ پينٽ جي سيفٽي بٽڻ کي کولڻ لڳو.
اڙي گاگن... ڏاهو... ڏاهو...
اسان سڀني جو خيال هو ته گاگن مڙئي نمونو ٿو ڪري.
پر... گاگن... بٽڻ ۽ زپ کولي... پينٽ به لاهي پَٽَ تي ڇڏي ڏني.
(ها... ها... ها... ها...) سڀئي وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳا.
واهه ڙي گاگن واهه... واهه ڙي گاگن واهه...
گاگن اڇي گنجي ۽ اڇي انڊرويئر ۾ اسان سڀني جي وچ ۾ بيهي رهيو.
گاگن... هاڻ ڪيٽ واڪ ٿي وڃي. (شايد وسيم چيو)
۽ گاگن... چيلهه تي هٿ رکي قالين تي هلڻ لڳو.
ٻين سڀني تاڙيون وڄائي موسيقيءَ جي لئه پيدا ڪئي.
گاگن... قالين تي تاڙين جي ردم ۾ ٻه ـــ ٽي چڪر ايئن لڳايا... جيئن رئمپ تي مشهور حسينائون پنهنجي مخصوص ادائن سان لڳائينديون آهن.
اسان سڀني کان بُت ۾ ڪجھه ڀريل گاگن... (لسن وارن ۾ وچان سينڌ ڪڍي ۽ نظر جو چشمو پائي هلندڙ جوان، جنهن جو شمار ماضيءَ ۾ شهر جي سهڻن ۾ ٿيندو هو.) گورک جي ڪارپيٽ تي ڪئٽ واڪ ڪري رهيو هو.
ردم رڳو تاڙين جو نه هو... ٽهڪن جا به ڦهڪا هئا. ڇو نه هجن... Scene ئي اهڙو هو.
۽... Scene ۾ وڌيڪ دلڪشي پيدا ڪرڻ لاءِ راجا سڀني جي دل وٽان ڳالهه ڪئي. گاگن... هاڻ انڊرويئر ۽ گنجي به لاهه.
۽ گاگن...
گاگن... انڊرويئر ۾ هٿ وجھي حاضرين ڏي نهاريو...
سڀئي تاڙيون وڄائڻ لڳا ۽ ٽهڪ ڏيڻ لڳا.
عين ان لمحي بجليءَ جي پول ۾ لڳل مرڪيوري بلب وسامي ويو.
گورک ٿيٽر جي لائيٽ مين... لائيٽ جو بٽڻ بند ڪري ڇڏيو.
جيڪي به ان Scene جي وائکي ٿيڻ جي آس ۾ گد گد ٿي رهيا هئا... مايوس ٿي ويا.
گاگن... تاڙين جي گونج ۾ واپس ويهي رهيو.
۽ جيسين صبح نه ٿيو... تيسين ايئن ئي ويٺو رهيو.