گورک ڪوھ مري آهي ـ هڪ استعارو
اسان جي اندر جيڪي برفاني واديون هيون... اهي وگهري چڪيون هيون. اسان جي وات ۾ حرڪت ڪرڻ جي قوت اچي وئي هئي... ۽ اسان هڪ ٻئي سان ڳالهائي سگھياسين پئي. اسان هڪ ٻئي سان گورک جي متوقع ڊيولپمينٽ بابت ڳالهايو.
اسان سڀئي گورک جي هن اختتام تي اچرج ۾ هئاسين. پر هيءَ ته End Point هئي... گورک رڳو هيءَ End Point ته نه هئي... ان کان پهرين به هئي... جيڪو رستو نخلستان جو رستو هو... اها به ته گورک هئي. جتي رات وارو پروگرام ٿيو هو... اها به گورک هئي. ته ان سڄي علائقي ۾ هوٽلون، شاپنگ سينٽر، برگرشاپ يا سنڌ جي هنرن جا اسٽال... سڀ ڪجھه ٺهي سگھي ٿو. هن End Point تان بيهي وري ههڙو حسين نظارو ڏسي سگھجي ٿو... ۽ چيئرلفٽ ۾ چڙهي هُن پار ويٺل ساجن يا ميهار سان به ملي اچي سگھجي ٿو. گورک جي ويڪر... مريءَ جي مال روڊ کان وڌيڪ هئي.
اسان ڳالهائيندا به رهون ٿا ۽ ان ئي شاندار کاهيءَ جو ڀر ڏيئي وڌندا به ٿا رهون... پر ڏاڍي احتياط سان... جو ان کاهيءَ ۾ ڪرڻ کان بچاءُ لاءِ گرل ڪا پنجاھ فوٽ لڳل هئي ۽ اسان ٻه سؤ قدم اڳيان نڪري آيا هئاسين.
گورک جي ويڪر... مريءَ جي مال روڊ کان وڌيڪ هئي. اسان گورک کي ڪوھ مريءَ سان ڀيٽيون ٿا.
مري... سطح سمنڊ کان 7500 فوٽ يعني 2286 ميٽر اوچائيءَ تي آهي. گورک کان لڳ ڀڳ 2000 فوٽ وڌيڪ مٿي... پر ڀوربن (جتي هوٽل پرل ڪانٽيننٽل PC ٺهيل آهي) اها گورک کان فقط 212 فوٽ مٿي آهي... پر فرض ٿا ڪريون ۽ تصور ٿا ڪريون ۽ ڪوھ مريءَ جي جيڪا موجوده ڪمرشل صورتحال آهي... ان کي بلڊوزرن سان ملياميٽ ڪري سڀئي هوٽلون، شاپنگ سينٽر، برگرشاپ، ڪلچرل شاپ، بئنڪون، ريسٽورنٽس، ڪافي ۽ آئس ڪريم ڪون جا دڪان ڊاهي پٽ ٿا ڪريون ۽ انهن جو ملبو پهاڙيءَ کان هيٺ ٿا اڇلايون ۽ خود مال روڊ... جيڪو ٻه ڪلوميٽر ڊگھو آهي... ان رستي جا به ڪارا ڇوڏا لاهي... جبل جو ڪچو پيچرو ٿا ڪريون ۽ مريءَ کي اهڙو ٿا بڻايون جهڙو هوءَ 1831ع ۾ هئي... جڏهن مهاراج رنجيت سنگھ مظفرآباد جي گورنر گلاب سنگھ جي وسيلي مريءَ جي لوڪل ماڻهن خاص طور تي (ڌوند) قبيلي جي نسل ڪشي پئي ڪئي ۽ پنهنجي سپاهين کي هڪ ماڻهو مارڻ جي عيوض هڪ رپيو انعام ٿي ڏنو... ۽ انعام جي لالچ ۾ سپاهين قبيلي جا ايترا ماڻهو ماري پئي آندا جو سرڪاري خزانو خساري ۾ اچي ويو. جنهن کان پوءِ اهو انعام پهرين اڌ رپيو (اٺ آنا) في ماڻهو... ۽ پوءِ اڃان گھٽائي چوٿو رپيو (چار آنا) في ماڻهوءَ تائين وڃي پهتو.
آئون 1831ع جي مري ۽ 2008ع جي گورک جي ته ڀيٽ ڪري پئي سگھيس پر گورک کي مريءَ جهڙو نه ٿي مڃي سگھيس.
گورک... خشڪ پهاڙين جو مقام آهي... واهي پانڌيءَ کان شروع ٿيندڙ گورک جي هن سفر ۾ اسان کي ڪٿي به ڪو وڏو وڻ نظر نه آيو... جو اگر ڪٿي وچ رستي ۾ ڪنهن کاهي يا پهاڙ ڏسڻ جي آرزوءَ ۾ گاڏيءَ کي بريڪ هڻي تصويرون ڪڍرائڻ کان پوءِ. ان جي ڇانوَ هيٺ ويهي ڪجھه سڪون وٺي سگھجي. (ها! سڄي واديءَ ۾ ڪجھه بيدمشڪ ۽ ڄمونءَ جا... ۽ يا ته وري بادام جا چار عدد وڻ موجود آهن.) گورک جو سفر... رُکو سفر آهي... بي سوادو. جڏهن ته مريءَ ڏانهن ويندي ’بارا ڪهو‘ جي مقام کان پوءِ رستي جا منظر اوهان تي آهسته آهسته کلندا ويندا آهن... ۽ ان سڄي رستي ۾ هزارين... لکين شاھ بلوط ۽ چنار جا وڻ... ’جيڏانهن ڪريان نگاھ، تيڏانهن سڄڻ سامهان‘ وانگر جھولندي ۽ هوائن ۾ شرڙ... شرڙ... جا آواز ڪڍندا نظر ايندا آهن.
گورک جو اڪيلو... اڪلوتو چشمو ’هينگڻ‘ آهي... سو به هن مکيه رستي تي جھمريون هڻي ڪنهن پهاڙيءَ تان نه ٿو لهي... پر ان جي ديدار لاءِ به هڪ خاص تياري ڪري... ديوانِ خاص جي دروازي مان گذري سندس تائين پهچڻو ٿو پوي. جڏهن ته مريءَ جي رستي تي ڪئي پهاڙ پنهنجو پيار اوهان تائين پهچائڻ لاءِ چشمن کي جاري ڪريو بيٺا هوندا آهن... جنهن جي ٿڌن ڇنڊن سان من ۾ تازگي پيدا ٿي پوندي آهي.
آئون... گورک ۽ مريءَ جي ڀيٽ ڪري رهيو هئس.
توکي! ڪوئٽيا جا بيڪار پهاڙ ۽ حنا ڍنڍ وارا سڪل پهاڙ وڻن ٿا... باقي گورک جا پهاڙ نه ٿا وڻن...!! جميل کي منهنجن خيالن تي شايد ڪاوڙ لڳي هئي.
ڳالهه وڻڻ جي نه آهي... (مون کيس کلي جواب ڏنو)
وڻندو مون کي ڪوھ ِمردار به آهي ۽ ڪوئٽيا جا اهي پهاڙ به... جتي موسميات کاتي جي آفيس آهي ۽ پاڻ اسڪائوٽنگ ۾ (Hiking) دؤران انهن پهاڙن تائين پنڌ هليا هئاسين ۽ انهن تي چڙهي، اتان کان نڪرندڙ چشمي جو ٿڌو پاڻي به پيتو هئوسين. سو... گورک جا هي پهاڙ به مون کي پيارا آهن ۽ هيءَ جيڪا کاهي آهي... ڪشش ان ۾ اهڙي آهي جو منهنجي دل ته چوي ٿي ته ان ۾ کڻي ٽپو ڏيان... (۽ آئون سچي به وڌي پهاڙ جي بلڪل ڪناري وٽ وڃي بيٺس ۽ کيس چيم ته هتي منهنجي تصوير ڪڍ... ۽ عقيل اهو ڏسي رڙ ڪئي... اڙي ايڏو ويجھو ته نه وڃ) پر ڳالھ... هتي اها آهي ته هي جو چون ٿا ته گورک... ڪوھ مري آهي... سو اصل ۾ اها ڳالھ پاڻ مڃڻ جي لاءِ بلڪل به تيار نه آهيون ته گورک... ڪوھ مري آهي.
ها...! گورک سنڌ جو ٿڌو مقام آهي... هتي جي موسم ٿڌي ٿانئري آهي... هي هڪ شاندار سياحتي مقام ٿي سگھي ٿو... جيڪڏهن هتي ڊيولپمينٽ ٿي پوي ۽ رات وارن مقررن جو ڳالهيون سچيون هجن ۽ امن امان جو واقعي به ڪو مسئلو نه هجي... ۽ هتي هوٽلون ۽ ريسٽورنٽس ٺهي پون... ته پاڻ ته جون ـــ جولاءِ جا سڀئي آچر هتي گذارڻ جو پلان ڪنداسين. باقي گورک ڪوھ مري آهي... منهنجي نظر ۾ اهو استعارو بلڪل غلط آهي.
عقيل... ٽهڪ ۽ ڀونڊو ڏيندي چيو... معنيٰ مڙندي اصل ڪونه. ڀلا... ايئن چئون ته گورک... سنڌ جي ڪوھ مري آهي...؟؟
(ها... ها... ها...) چوڻ تي ته توهان لاڙڪاڻي کي به پئرس چوندا آهيو... سو اوهان جي مرضي آهي... جيڪي چئو. باقي... ڪنهن وچئين ماڻهوءَ کي سنڌ جي ڪوھ مري ۽ پنجاب جي ڪوھ مري گھمائي فيصلو وٺندائو ته اهي پنج نه... پر پورا ويھ ئي اوهان جي منهن ۾ هڻندو. سو... هڪڙو مختيارڪار مرزا قليچ بيگ هو... جنهن ڏاڙهياري جبل جي سير کان پوءِ اسان کي روشناس ڪرايو ته سنڌ ۾ ڪجھه ماڳ اهڙا به آهن جتي جي موسم اونهاري ۾ ٿڌي ٿي رهي ۽ جتي سياري ۾ برف باري به ٿيندي آهي... ۽ تون... ان کان هڪ گريڊ مٿي آهين ته تون وري گورک کي سنڌ جي ڪوھ مري ٺاهڻ واري مڙسي ڪري ڏيکار.
اسان... کاهيءَ جو ڀر ڏيئي... چڱو خاشو اڳيان نڪري ويا هئاسين. صبح جا 7.00 ٿي ويا هئا... ٽائيم ڏسڻ لاءِ کيسي مان موبائيل ڪڍيم ته ان ۾ (Ufone) جا ٻه سگنل پڻ نظر آيا... سو موقعي جو فائدو وٺي... ابوءَ جو نمبر ڊائل ڪري ساڻس حال احوال ۽ خير خيريت معلوم ڪري شام تائين گھر پهچڻ جو ٻڌايم.
جميل به تڪڙو کيسي ۾ هٿ وڌو ۽ موبائل ڪڍي... نمبر ڊائل ڪيو.
گورک جي ڪوريج لاءِ پهتل ناز سهتو ۽ ان جي اداري جي ٽيم وارا به اتي ئي اچي پهتا... جتي اسان هئاسين.
سائين طاهر... ڪيمرائن کي ڏسڻ لڳو.
عقيل... جميل سان گڏ موبائيل تي وارو وٺڻ لاءِ بيٺو هو.
سڀئي پنهنجي ڪرت ۾ هئا.
گورک کان بي نياز...
يا شايد گورک جي سحر ۾ گم ٿي سڀئي گورک جا ئي راز نياز پنهنجن پنهنجن سان سلي رهيا هئا.
جو... ڪنهن انوکي... نئين... يا وڻندڙ شيء جو ذڪر پنهنجن سان ئي ڪيو ويندو آهي.
پهرين تاريخ جي چنڊ ڏسڻ جي نويد
پهرين دفعا بلوغت ظاهر ٿيڻ جي خبر
پهرين چٺيءَ ۾ بيان ڪيل ڪهاڻي
پهرين پيار جي رازداريءَ واري ڳالھ
پهرين ملاقات جي پيرائتي ماجرا
پهرين گذاريل رات جي روئداد
پهرين حمل جي خوشخبري
پنهنجن سان ئي سلبي آهي.
مون به هي سمورو ذڪر... اوهان سان ان ڪري ڪيو آهي جو اوهان کي پنهنجو سمجھيو آهي... ۽ اوهان به هي ذڪر فقط انهن سان ڪجؤ... جيڪي گورک کي دل سان پنهنجو سمجھن ٿا... ۽ پنهنجو مڃين ٿا.