آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

رنگين بهارون

هي ڪتاب سائين عطا محمد جسڪاڻي جي يادگيرين جو ٽيون مجموعو آھي. عطا محمد جسڪاڻي بنيادي طرح تعليمدان آهي. هڪ فرض شناس استاد جي حيثيت سان هن سنڌ کي سوين لائق شاگرد ڏنا آهن. ڪتاب ”رنگين بهارون“ سندس قلمَ جي نڪور تخليق آهي، جيڪو سندس يادگيرين ۽ گڏوگڏ ڊائريءَ ورقن تي مشتمل آهي. ڪتاب جي آخر ۾ هُنَ ڪجهه ٻين ليکڪن جا چونڊَ مضمونَ به شامل ڪيا آهن جيڪي سندس مطالعي هيٺ آيا ۽ کيس وڻيا.
Title Cover of book رنگين بهارون

مُهاڳ : تحريري بصيرت وارو ليکڪ

چوندا آهن ته ڪتابن کان سواءِ تاريخ انڌي ۽ گونگي هوندي آهي. ڪتاب تاريخ جي زبان ۽ اکيون هونديون آهن. سنڌي ٻولي پاڪستان جي سڀني علاقائي ٻولين ۾ ان حوالي سان به اهم ۽ نمايان آهي ته سنڌيءَ ۾ اخبارون به ٻين (علاقائي) ٻولين جي مقابلي ۾ تمام گهڻيون- رسالا به سڀ کان وڌيڪ ۽ ڪتاب به سڀ کان گهڻا ڇپيا ۽ پڙهيا وڃن ٿا جيڪا ڳالهه اسان سنڌين لاءِ نهايت قابل فخر ۽ اتساهيندڙ آهي. اسين ان ڳالهه تي بجا طور تي فخر ڪري سگهون ٿا ته سنڌي ادب اها نثر جي دنيا هجي يا شاعريءَ جي ان ۾ پيڙهي وڇوٽي.
“Generation Gap” ڪڏهن به ناهي رهي.
زير مطالعه ڪتاب جنهن جو نالو ”رنگين بهارون“ آهي، اها محترم استاد تعليم دان، ليکڪ ۽ ڏات ڌڻي سائين عطا محمد جسڪاڻيءَ جي تاليف آهي. ليکڪ ساڳئي وقت هڪ استاد به هجي ۽ جنهن سڄي زندگي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ۾ گذاري هجي ته تخليق سون تي سهاڳ بڻجي ٿي وڃي جسڪاڻي صاحب هن کان اڳ به ٻه ڪتاب سنڌي ادب جي دامن ۾ وڌا آهن. هي سندن ٽيون ڪتاب آهي جيڪو مواد جي حساب سان نهايت ڪارائتو، فڪرانگيز، دلچسپ ۽ ذاتي تجربن سان سرشار ۽ ٽمٽار لڳي رهيو آهي.
سائين عطا محمد جسڪاڻي ڪتاب جي آغاز ۾ پنهنجي ننڍپڻ کان ويندي رٽائرمينٽ تائين، عمر جي انهن سٺ سالن جي مشاهدن، تجربن، حاصلات، ڏکن ڏاکڙن، سير ۽ سفرن، تعليم ۽ تربيت جي پيرائتي حال احوال کان پڙهندڙن کي نهايت سچائي ۽ ايمانداريءَ سان آگاهي ڏني آهي. هونئن به رائيٽر جو کرو ۽ ايماندار هجڻ اولين شرط هئڻ گهرجي. سائينءَ ڏاڍي سٺي ۽ سبق ڏيندڙ ڳالهه ڪئي آهي. لکي ٿو ته ”هر انسان جي زندگي مختلف مرحلن تي مشتمل هوندي آهي. هڪ مرحلو پورو ٿيندو آهي ته ٻيو شروع ٿيندو آهي. مثلاً ننڍپڻ، جواني، شادي، اولاد جو ٿيڻ ۽ وري پوڙهائپ ”اهڙيءِ طرح اسڪول، ڪاليج نوڪري ۽ وري رٽائرمينٽ“.
جسڪاڻي صاحب هن ڪتاب ۾ ”امير ۽ غريب ۾ فرق“ جي عنوان سان جنهن بيباڪيءَ ۽ حقيقت پسنديءَ واري انداز سان لکيو آهي اهو نهايت ساراهڻ جوڳو آهي. سائين ڳالهه مان ڳالهه ڪڍندو وڃي ٿو پر مقصديت کي هٿان نه ٿو وڃائي. سندس ان تحرير مان ان نتيجي تي پهچڻ ڪو مشڪل ڪم ڪونهي ته جسڪاڻي صاحب کي سفر جي روئداد لکڻ جو وڏو ڏانءَ آهي. سفر نامو ضروري ناهي ته آمريڪا، ايران يا جاپان جي سفر تي ئي ٻڌل هجي پر جيڪڏهن ڏسڻ واري جي لکڻ واري حُسُن پاورفل آهي ته ”دٻيءَ کان خيرپور تائين به سفرنامو لکي سگهجي ٿو.“ سائينءَ جي تحرير مان ائين ٿو لڳي ڄڻ پڙهندڙ جسڪاڻي صاحب سان گڏ گهمندو ٿو وتي. هن ليک ۾ سماج جي اڻ برابري ۽ امير ۽ غريب جي زندگيءَ ۾ زمين آسمان جي فرق کي عطا محمد صاحب پنهنجي قلم ذريعي واضع ڪيو آهي. ساڳئي وقت ان ليک ۾ اسان سنڌين جي مهمانوازيءَ جو ذڪر به اثرائتي انداز ۾ ڪيو ويو آَهي.
زماني جي بدلجندڙ حالتن کي هر ڪو ڏسي به ٿو، محسوس به ڪري ٿو ۽ ان صورتحال جو حصو به بڻجي ٿو پر ليکڪ ڇاڪاڻ ته عام ماڻهوءَ کان وڌيڪ حساس ٿئي ٿو ان جي محسوس ڪرڻ ۽ پرکڻ واري حِس وڌيڪ تيز ۽ حساس ٿئي ٿي ان ڪري سندس دل ۽ ذهن تي حالات زمانه جو گهرو اثر ٿئي ٿو. ٻهراڙيون ڪنهن به ملڪ جي اصل تهذيب و تمدن، ثقافت جو امين ۽ نقيب هونديون آهن. شهر ۽ زندگيءَ جي ملاوٽ ڀريل ماحول کان ٻهراڙيءَ جو ماحول وڌيڪ خالص، آبهوا ڀلي ۽ ريتون رسمون وڌيڪ شانائتون ۽ مانائتون هونديون آهن پر اڄ جي دؤر ۾ ٻهراڙين ۾ به جيڪا منفي تبديلي اچي چُڪي آهي انهن جي اپٽار جسڪاڻي صاحب پنهنجي هڪ ليک، ”ٻهراڙيءَ ۾ تبديل ٿيندڙ ماحول“ ۾ ڏاڍي سهڻي ۽ اثرائتي پيرائي ۾ ڪئي آهي. هُن ماضيءَ کي قابل فخر ڪوٺيو آهي. مان سندس مؤقف سان 16 آنا سهمت آهيان. اسان جون تابناڪ روايتون ــــ شاندار ريتون رسمون ڏينهون ڏينهن ختم ٿينديون ٿيون وڃن ــــ هوٽلن ۽ ڊش تي ماڻهو اڌ رات تائين ويٺا آهن. اوطاقن وارو ڪلچر ختم ـــ اجتماعي معاشرو ڍير ٿي چڪو آهي. هر ڪو انفراديت ۾ گم ــــ برداشت ختم ــــ انهن سڀني سماجي براين جي سادي ۽ سهڻي انداز ۾ ليکڪ شڪايت ڪئي آهي. ۽ ٻيو جيڪو تمام وڏو سماجي مسئلو اسان کي درپيش اهو آهي ننڍن ۽ نوجوان طبقي جي اخلاقي هستي ـــ اڳ پرائي ٻار کي ماربو هو ته ان جا وڏا اچي ٿورائتا ٿيندا هئا ته: ”ادا تو چڱو ڪيو“ اڄ پنهنجي ٻار کي ڪجهه نٿو چئي سگهجي ـــ اڳ والدين استاد وٽ ٻار داخل ڪرائڻ يا ڇڏڻ وقت چوندا هئا ته: ”استاد! ٻار جو ڄم تنهنجو آ، دم اسان جو آ“. اڄ استاد ٻار کي هٿ ته لائي ڏسي ـــ عجيب دؤر ٿي ويو آهي. وڏا ننڍا ٿي ويا آهن ۽ ننڍا وڏا ٿي ويا آهن. بي راهه وردي ـــ بد اخلاقي زور ٿيندي ٿي وڃي، رشتن جو تقدس ۽ احترام ختم ٿيندو ٿو وڃي ــ اخلاقياقت ناپيد ۽ اڻ لڀ وکر مثل ٿيندي ٿي وڃي. عطا محمد جسڪاڻي صاحب پنهنجي ليک ”اسان جا وڏا ۽ اسان جا ننڍا“ ۾ واهه جو سماجي ۽ معاشرتي عڪاسي ڪئي آهي.
هن ڪتاب ۾ شامل ليک ”نصيب“ ۾ سائينءَ هڪ واقعو بيان ڪيو آهي ته سندس هڪ دوست، پکي پنهنجي آفيسر کي خوشامد طور موڪليا پر هن اهي شڪ جي بنياد تي واپس ڪري ڇڏيا ته پکي الائي حرام آهن الائي حلال؟ اهو واقعو يا قصو اسان جي خوشامد ڪلچر جي منهن تي چماٽ آهي ــــ عطا محمد جسڪاڻي صاحب جو Vision ۽ Folk Wisdom به ڪمال آهي. معاشري کي ڏاڍو باريڪ بيني ۽ گهرائيءَ سان ڏسي ٿو ۽ ان کي بيان ڪرڻ جي ڏات به اٿس ته ڏانءُ به. ان جي ثابتي پڙهندڙن کي هڪ ليک ”مختلف قسمن جا شوق“ ۾ ڀليءَ ڀت ملي سگهي ٿي. ان ۾ جسڪاڻي صاحب سماج کي واهه جو آئينو ڏيکاريو آهي. شوق هئڻ کپي پر اهڙو شوق جنهن سان ماڻهوءَ جي ذات ۽ عام خلق ــــ قوم ۽ ملڪ کي فائدو پهچي ۽ اهو شوق هاڪاري هئڻ کپي. اسان جي سماج ۾ فضول ۽ واهيات شوق به عام جام آهن جيڪي اسان جي معاشري جي اخلاقي ڏيوالپڻي جو مظهر آهن. هڪ ماڻهوءَ جو شوق باهيون ڏئي محض تماشو ڏسڻ ڪيڏو نه غليظ ۽ بدترين شوق آهي. ان ليک جي آخر ۾ جسڪاڻي صاحب هڪ ميسيج به ڏنو آهي ته: ”منهنجو شوق لکڻ، پڙهڻ، پڙهائڻ ۽ گل ڦل وڻ ٻوٽا لڳائڻ آهي“. واقعي وڻ لڳائڻ صدقئِه جاريه ۾ شامل آهي.
هن ڪتاب ۾ شامل ليک ”سمجھڻ واري ڳالهه“ اسان لاءِ تمام گهڻي اصلاح آهي ۽ ان ڪالم/ليک کي باريڪ بيني ۽ خاص توجهه سان پڙهڻ گهرجي. ان ڪالم ۾ اهڙين ماڻهن جي نندا ڪئي وئي آهي جن جو ظاهر ۽ باطن بلڪل مختلف ۽ ابتڙ هوندو آهي ۽ اهڙا ڪردار اسان جي سماجي قدمن ۽ فائديمند هئڻ بجاءِ هاڃيڪار ۽ نقصانڪار ثابت ٿيندا آهن. ان ئي ليک ۾ جسڪاڻي صاحب دوستن ۽ دوستيءَ جي ضرورت ۽ اهميت تي به ڏاڍي سهڻي انداز سان روشني وڌي آهي.
وڻڪاري زمين جي سونهن هوندي آهي. وڻ انسان جو بهترين دوست هوندو آهي جنهن مان اسان کي اڪيچار فائدا آهن پر اڄ ڪلهه روڊن تان ـــ رستن ۽ واهن جي ڪنارن تان ـــ ٻيلن مان با اثر ماڻهو جنهن بي درديءَ سان وڻ وڍي ڌرتي ماتا کي عيبدار ڪري رهيا آهن. عطا محمد جسڪاڻي صاحب هڪ ليک ۾ پيغام ڏنو آهي ته: ”وڻ پوکيو ۽ انهن جو نسل ختم ڪرڻ بدران برقرار رکون.“
ڪتاب ”رنگين بهارون“ کي نامياري معلم سائين عطا محمد جسڪاڻي ساهه ۾ سانڍڻ جهڙن قولن ـــ شاعري ـــ ۽ هڪ ٻن ٻين ڪارج ڀريل مضمونن سان وڌيڪَ رنگين ۽ خوبصورت بڻائي ڇڏيو آهي. سنڌ جي ثقافت وارو هڪ نظم جيڪو بلوچ صحبت علي جو لکيل آهي اهو به هن ڪتاب جي جان چئي سگهجي ٿو.
مطلب ته عطا محمد جسڪاڻي صاحب جيڪو صرف ڪتاب کي ئي بهترين تحفو سمجھي ٿو. هي ڪتاب اسان کي هڪ بهترين تحفي طور ڏنو آهي. مان سندس تحريري بصيرت کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهان. اسان کي هي ڪتاب آکر بَه اکر ضرور پڙهڻ گهرجي.

ڪوثر ٻرڙو
خيرپور