آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

رنگين بهارون

هي ڪتاب سائين عطا محمد جسڪاڻي جي يادگيرين جو ٽيون مجموعو آھي. عطا محمد جسڪاڻي بنيادي طرح تعليمدان آهي. هڪ فرض شناس استاد جي حيثيت سان هن سنڌ کي سوين لائق شاگرد ڏنا آهن. ڪتاب ”رنگين بهارون“ سندس قلمَ جي نڪور تخليق آهي، جيڪو سندس يادگيرين ۽ گڏوگڏ ڊائريءَ ورقن تي مشتمل آهي. ڪتاب جي آخر ۾ هُنَ ڪجهه ٻين ليکڪن جا چونڊَ مضمونَ به شامل ڪيا آهن جيڪي سندس مطالعي هيٺ آيا ۽ کيس وڻيا.
Title Cover of book رنگين بهارون

امير ۽ غريب ۾ فرق

7 جون 1991ع جو ڏينهن هو. تمام گهڻي گرمي هئي. مان پنهنجي هڪ دوست نثار حسين رند سان گڏ ڳوٺ کان لاڙڪاڻي باڊهه پنهنجي دوست قمرالدين ساريو سان ملڻ لاءِ وڃي رهيو هوس، ان وقت خيرپور لاڙڪاڻو واري پُل ڪانه هئي. سکر کان ڦري وڃي رهيا هئا سون. رستي جا سڀئي مرحلا پار ڪري ٽاڪ منجهند جو هڪ بجه ويگن اسان کي باڊهه ۾ ڇڏيو. سائين قمرالدين جو گهر اڃان ٻه ڪلوميٽر پري اتر طرف هو. گرمي ايتري هئي جو تمام وڏي آبادي واري شهر باڊهه ۾ ڄڻ سانت لڳي پئي هئي. ماڻهو گهرن، دڪانن ۽ هوٽلن ۾ ڄڻ پناهه ورتيون ويٺا هئا. بازار خالي لڳي پئي هئي. اسان ڪنهن ٽانگي جي تلاش ڪئي پر ملي نه سگهيو. بس الله کي ياد ڪري مٿي تي ڪپڙو رکي اوڏانهن پنڌ ڪرڻ شروع ڪيو سين. هڪ ڪلوميٽر پنڌ ڪيو سين ته پويان هڪ وڏي لينڊ ڪروزر گاڏي آئي ۽ اسان کي ڪراس ڪري هلي وئي. گاڏي اڳتي هلي رستي کان انهي ڳوٺ ڏانهن مڙي جيڏانهن اسان کي وڃڻو هو. اسان به پنڌ پورو ڪري دوست جي اوطاق ۾ ويا سون ته اها گاڏي به ان اوطاق ۾ اچي بيٺي هئي جتي اسان جي منزل هئي. گاڏي ۾ اسان جي دوست جو وڏو ڀاءُ قربان علي ساريو ڪراچي کان آيو هو. جيڪو اسپيشلي طور ڪراچي جي هڪ مهمان کي وٺي هت آيو هو. اسان سان ملندي چيائين رستي تي توهان کي ڏٺو سين پر سڃاڻي نه سگهيا سين نه ته کنيو اچون ها. اسان به پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو. گهڙي کن ويهڻ بعد اسان سان پنهنجو دوست مليو ۽ ڏاڍو خوش ٿيو. مختصر ڪچهري ۾ جيڪا معلومات ملي ان مطابق قربان صاحب جيڪو سيمينٽ فيڪٽري ٺٽي ۾ اعليٰ آفيسر هو، ساڻس گڏ دوست ڪراچي جو دولت مند ۽ ٽرانسپورٽ جو مالڪ هو. سندن هتي اچڻ جو خاص مقصد اِهو هو ته ان جو هڪ وڏو آئل ٽئنڪر جيڪو تيل کڻي ڪنهن شهر ڏانهن وڃي رهيو هو. لاڙڪاڻي ڀر سان ان جو موٽرسائيڪل سان حادثو ٿي پيو ۽ ان آئل ٽئنڪر کي پوليس لاڙڪاڻي آڻي چالان ڪري ڇڏيو هو. ان جي ضمانت ڪرائڻ لاءِ ان پٺاڻ قبيلي جي ٽرانسپورٽر ڪراچي مان ٺٽي اچي قربان علي ساريو صاحب کي ساڻ ڪري هتي آيو هو. بحرحال منجهند جو ٽائيم هو، مختصر کائڻ پيئڻ بعد اهي پنهنجي گاڏي ۾ لاڙڪاڻي هليا ويا. شام جو دير سان موٽي آيا. ڳوٺ جو چڱومڙس حاجي الهجڙيو جي به ان ڪراچي واري ماڻهو سان ڄاڻ سڃاڻ هئي. وقت جو فائدو وٺندي ان چڱي مڙس سندس خوشامد خاطر ٻئي ڏينهن تي پٺاڻ ٽرانسپورٽر جي شام جي ماني جي دعوت ڪئي. جيڪان هن قبول ڪئي. اسان کي پڻ ان دعوت ۾ شرڪت لاءِ چيو ويو. ٿوري دير کانپوءِ قربان صاحب ان ڪراچي واري سيٺ کي ڪنهن نامعلوم جاءِ تي رهائي ڇڏيو، اسان ان سان رات جو ڪچهري ڪرڻ پئي چاهي. پر اچي نه سگهيو. صبح جو حالتن ٻه رخ اختيار ڪيا، هڪ طرف سائين قمر الدين کي چيو ويو ته جلدي تيار ٿي ڍل جون رسيدون کڻي لاڙڪاڻي ڪورٽ ۾ ان آئل ٽئنڪر ۽ ڊرائيور جي ضمانت ڪرڻي آهي. سائين قمرالدين چيو منهنجا ٻه دوست دريا پار کان مون وٽ آيل آهن، مان انهن جي مهمان نوازي ڪيان يا لاڙڪاڻي هلان. سندس ڀاءُ چيو ته مهمانن کي لاڙڪاڻي وٺيون ٿا هلون. ٻئي طرف ڳوٺ جي نيڪ مرد دعوت جي تياري شروع ڪئي. ۽ ڪجهه ٻين دوستن کي به ان دعوت ۾ شرڪت جي دعوت ڏنائين ته جيئن شان ۾ واڌارو ٿئي. بحرحال اسان سڀ صبح جو ناشتو ڪري ان گاڏي ۾ لاڙڪاڻي ڏانهن روانا ٿيا سون. گرمي ايتري هئي جو ان گاڏي جي ايئر ڪنڊيشن پڻ گرمي آڏو مفلوج بڻيل هئي. لاڙڪاڻي پهچڻ بعد اسانکي هڪ عاليشان هوٽل ۾ ترسايو ويو، چانهه، ٿڌو ۽ ماني جو بهترين بندوبست هو. سڄو ڏينهن اسان هوٽل ۾ ترسيل هئا سون ۽ ٻين ضمانت ڪرائڻ ۾ سڄو ڏينهن گذاري ڇڏيو. ضمانت ٿي وئي گاڏي ۽ ڊرائيور کي پنهنجي منزل ڏانهن روانو ڪيو ويو. اسان ساڳي لينڊ ڪروزر گاڏي ۾ لاڙڪاڻي کان باڊهه آيا سون. جيئن ئي اوطاق ۾ پهتا سون قربان صاحب ان ڪراچي واري مهمان کي وري ڪنهن نامعلوم هنڌ تي رهائي ڇڏيو. اسان پڇيو مهمان ڪٿي آهي؟ ساڻس اڄ رات ڪچهري ڪندا سون. قربان صاحب وراڻيو ته نه سائين ڪالهه کان وٺي هتي اهڙي گاڏي کي ماڻهن گهمندي ڦرندي ڏٺو آهي، بدامني جو علائقو آهي اگر ڪنهن رات جو مهمان کي اغوا ڪيو ته بي، بي، سي کان اورتي خبر نه هلندي ڇو ته ڪراچي جي چوٿين حصي جي ٽرانسپورٽ جو مالڪ آهي، تنهن ڪري آءٌ کيس هرگز ٻاهر نه آڻيندس. ايتري ۾ شام جو ڳوٺ جو نيڪ مرد اچي پهتو ته مهمان کي پنهنجي بنگلي تي وٺي وڃان. سندس بنگلو اسان واري اوطاق کان ٻن يا ٽن سون فوٽن جي مفاصلي تي هو. قربان صاحب ان نيڪ مرد کي چيو ته ماني ڪونه کائيندا سون بس اوهان کائي ڇڏيو. ان ماڻهو ماني تي چڱو ڀلوخرچ ڪيو هو. ٻڪر، مڇي کان وٺي دال، سبزي ستن قسمن جا کاڌا تيار ڪرايا هئا. سندس چوڻ موجب ته اگر توهان کي دعوت کائڻي نه هئي ته صبح جو دعوت قبول ڪري ايترو خرچ نه ڪرايو ها، ڪجهه بحث کانپوءِ فيصلو ٿيو ته بنگلي جي ٻاهران سرچ لائيٽون لڳايون وڃن چئو طرف سڪيورٽي گارڊ مقرر ڪريو ته مهمان کي ٻاهر وٺي ايندس آخر ائين ئي ٿيو سرچ لائيٽون آنديون ويون هٿيارن سان گارڊ مقرر ڪيا ويا، پوءِ به چيائون ته کاڌو ميز تي لڳايو وڃي ته پوءِ اچون. مان پنهنجي حساس طبع ڪري هر ڳالهه ذهن نشين ڪندو ويس. ماني لڳائن بعد ان مهمان کي سخت حفاظتي انتظامن هيٺ ٻاهر آندو ويو ۽ چيو ويو ته جلدي ماني کائي وٺو ته هلون.
ماني بعد ٿڌين بوتلن ۽ مشروبات جو انتظام ڪيل هو پر انهي لاءِ به نه پيا ترسن. سندن چوڻ موجب بوتلون ڪونه ٿا پيون، ليڪن کين بوتلون پياريون ويون ۽ جلدي جلدي اصل رهائش گاهه ڏانهن منتقل ٿي ويا. صبح جو سوير اٿندي ڪراچي ڏانهن روانا ٿي ويا. مونکي اوطاق ڏي ٻاهر ننڊ تمام گهٽ آئي ۽ رات جو دير کان ئي سوچيندو رهيس ته هي ڇا مسئلو آهي اسان به مهمان آهيون ليڪن اسان لاءِ ڪابه سڪيورٽي وغيره نه آهي. عجيب قسم جا خيال اڀرن ۽ لهن پيا. جيئن سانوڻ جي مند ۾ هڪ ڪڪر ٺهندا آهن ۽ ٻيا ڊهندا آهن منهنجي ذهن ۾ به ڪيترائي افسانا ٺهن ۽ ڊهن پيا. مون سوچيو ته هي سڀ ڪجهه ڇا آهي. غريب لاءِ ڪابه سڪيورٽي نه آهي ۽ امير لاءِ ايڏي وڏي سڪيورٽي آهي. غريب کي گهر نه هوندو آهي ته به کليل ميدان ۽ پڌر ۾ پڻ وقت گذاريندو آهي ڪکن ۽ ڪانن جو گهر ٺاهي مٿي تي ڇانءَ ڪري وقت گذاريندو آهي. کائڻ لاءِ هڪ ويلو کائيندو آهي ٻئي ويلي لاءِ جڏهن آڻي. رات ڏينهن محنت ڪندو مزدوري ڪري گذر ڪندو. بسترو نه هوندس ته پٽ تي پڻ سمهي پوندو. کٽ نه هوندس ته پڻ زمين تي ليٽي آرام ڪندو وهاڻو نه هوندس ته ٻانهن سراندي ڪري سمهي پوندو. پيرين توڙي مٿي اگهاڙي پيو وقت گذاريندو. ايتري هوندي به ڇهه مهينا ڪمائي جيڪو به قرض ۾ هليو ويندو، اگر ڪجهه داڻا بچندا ته گندي ۾ رکي ڇڏيندو، ان لاءِ به نه پهرو نه سڪيورٽي، بس الله تي ڀروسو ڪري رکي ڇڏيندو، رات، ڏينهن، تتي توڙي ٿڌي پيو محنت ڪندو رات جو ٻني ۾ پاڻي ڀرائڻ ويندو ته صرف ڪوڏر ۽ لٺ ساڻ هوندي، نه دشمن جو ڊپ نه بلا ڀتر جو فڪر سڀ ڪجهه الله تي توڪل.
هوڏانهن امير جي گهمڻ لاءِ وڏيون وڏيون گاڏيون ۽ گڏ ٽي چار هٿيارن سان پهريدار، بئنڪن ۾ لکين ۽ ڪروڙين رپين جا بئلنس هوندا آهن صرف هڪ بئنڪ ۾ نه پر ڪيترن ئي شهرن ۾ جدا جدا کاتا ۽ وڏا وڏا بئلنس هوندا، رهائش لاءِ وڏا وڏا عاليشان بنگلا جن کي وڏا وڏا ٻه ٻه مين گيٽ، جن تي پهريدار بيٺل هوندا، امير ماڻهو جڏهن ايندو ته دروازا خودبخود کلي ويندا ۽ اندر داخل ٿيڻ بعد دروازا خودبخود بند ٿي ويندا، هر جڳهه ڪئمرائون لڳل هونديون، جيڪي چوويهه ڪلاڪ پيون رڪارڊنگ ڪنديون، اندر ڇا ڇا هوندو؟ بنگلو ٽائيلس ۽ ماربل سان سجايل هوندو، آرامده ڪمرا ۽ وڏا وڏا هال هوندا جن ۾ ايئرڪنڊيشن لڳل اعليٰ قسم جا عاليشان صوفا ۽ بيڊ لڳل هوندا. جن ۾ ايترا ته آرامده فوم لڳل هوندا جن ۾ ويهڻ سان ماڻهو گم ٿي ويندا باقي پئي منڍي ڏسبي. عمدي قسم جا باٿ روم هوندا، صاحب جي ماني ڄڻ ڏهن ماڻهن جي ماني جي مقدار ۾ هوندي، صاحب ماني کائي اٿندو ته صرف هٿ ڌوئڻ لاءِ ايترو خرچ ٿيندو جو چار غريب ماني کائي وڃن، صابڻ، شمپو، ٽشو پيپر ۽ ٽوال حرڪت ۾ اچي ويندا، بعد ۾ عملي کي خبر ئي نه هوندي ته صاحب ڪيڏانهن ويندو ڊرائيور، نوڪر، گارڊ سڀ تيار هوندا، جيستائين صاحب نڪري ايستائين سڄو ماحول مصيبت ۾ هوندو. هزارين ايڪڙ زمينون، انهن جا ڪمدار ۽ هارين کي اهو وڏو ماڻهو سڃاڻي به نه سگهندو صرف وقت تي پيدائش ۽ مال پيو ملندو، سامان رکڻ لاءِ وڏا گودام ۽ ڪاروبار لاءِ ڪاخانا ۽ مختلف فيڪٽريون هونديون جيڪي بنا تڪليف جي پيون پئسا ڪمائي ڏينديون. سڀ ڪجهه ايترو هوندو جو غريب ماڻهو خواب يا تصور ۾ به نه ڏٺو هوندو، پر هڪ ڳالهه جيڪا ڪم ازڪم منهنجي ذهن ۾ آئي ته هن دنيا ۾ سڀ ڪجهه امير لاءِ ٿيو آهي ۽ غريب لاءِ ڪجهه به نه ٿيو آهي ليڪن هڪ اهڙي شيءَ به آهي جيڪا غريب وٽ ته آهي، پر امير وٽ بلڪل نه آهي، اها شيءَ غريب کي ته مفت ۾ ملي ويندي آهي، پر امير کي ڪروڙن ۾ به نه ملندي آهي. اها آهي سڪون!
امير سڄو ڏينهن عيش ڪري رات جو سمهندو ته کيس آرام جي ٽڪين کان سواءِ ننڊ نه ايندي پر غريب ماڻهو سڄي ڏينهن جي محنت کانپوءِ رات جو سمهندو ته کيس پَٽ تي ئي ننڊ اچي ويندي ۽ دنيا کان بي خبر ٿي پيو سڄي رات گوگهرا هڻندو. ڇا جو ٽڪيون، ڇا جو فڪر. اهو آهي امير ۽ غريب ۾ فرق.