اسان جا وڏا ۽ اسان ننڍا
سو اڄ مون کي ذهن ۾ هڪ اهڙي عجيب و غريب ڪهاڻي اڀري آهي جيڪا ٿوري وقت بعد وري هميشه لاءِ گم ٿي وسري ويندي. سوچيم ته ڇو نه ذهن جي ڪهاڻي کي هميشه لاءِ پنن ۾ قيد ڪري ڇڏيان.
اسان جڏهن ننڍا هوندا هئا سون ۽ ذهن به تمام ننڍو هوندو هو. ٻاراڻي فطرت موجب هر ڳالهه تي پيا روئندا هئا سون. اسان جا مائٽ وري اسان کي چپ ڪرائڻ لاءِ اهڙا نفسياتي دڙڪا ڏيندا هئا جو روئڻ ته مڪمل طور وسري ويندو هو پر مائٽن جي انهن نفسياتي دڙڪن تي سوچي سوچي يا ننڊ اچي ويندي هئي يا اهي خيال وسري ويندا هئا جن لاءِ روئندا هوندا هئا سين. مثال طور نه پر حقيقت ۾ مونکي ياد آهي جڏهن ننڍپڻ ۾ اسان روئندا هئا سون ته امان اسان کي چوندي هئي چُپ ڪر خير ٿي اچي جيڪا روئندڙ ٻار کي کڻي ويندي آهي. اسان تي نفسياتي اثر ٿي ويندو هو ۽ چپ ٿي ويندا هئا سون ۽ پڇندا هئا سون ته خير ڇا آهي؟ امان چوندي هئي خير رات جي آهي جيڪا روئندڙ ٻارن کي ڳولي ڳولي کڻي ويندي آهي، ان کان علاوه ٻيون ڳالهيون به ڪندا هئا. خير بخت ٿي اچي،روچي ٻورو ٿو اچي، راڪاس ٿو اچي. وغيره وغيره. اهي سڀ وقت وقت جون ڳالهيون آهن ۽ جڏهن وڏا ٿيا سون ته اصل خبر پئجي ويئي ته خير ڇا آهي، خير بخت ڇا آهي، روچي ٻورو يا راڪاس ڇا آهي؟ اُهي هيون اسان جي وڏن جون ڳالهيون. جڏهن اسان ننڍا هوندا هئا سون ۽ هن وقت اسان خود وڏا ٿي ويا آهيون ۽ ننڍن لاءِ اسان جا ڪهڙا خيال آهن پر جيئن جو وقت تبديلي آڻيندو آهي اهو فرق ضرور آهي اسان جي وڏن وارو وقت ٻيو هو ۽ هاڻي اسان وڏا آهيون اهو وقت ٻيو آهي. پر وڏن ۽ ننڍن جو وجود ته هر زماني ۾ موجود آهي ۽ هلندو رهندو ڇو ته هر زماني ۾ ان وٿي کي ختم نه ٿو ڪري سگهجي.
جڏهن اسان ننڍا هوندا هئا سون ۽ جيڪي ڳالهيون وڏا ڪندا هئا سي هاڻي اسان سڀ ڪجهه سمجهي ويا آهيون ته حقيقت ڇا هئي وقتي لحاظ کان فرق ضرور معلوم ٿئي ٿو. جيئن مثال طور اسان ننڍا هوندا هئا سون ته اسان جي وڏن وٽ پئسو ڳوليو نه لڀندو هو ۽ اسان کي خرچي به نه ملندي هئي ۽ هاڻي اسان وڏا آهيون اسان وٽ پئسو به جام آهي ۽ اسان جي ننڍن لاءِ خرچي به جام ڏني ويندي آهي.
مون کي ياد آهي پراڻي زماني ۾ حجم ڳوٺن ۾ سيرب ٺاهڻ لاءِ ايندا هئا، ڊکڻ ڪاٺ جو ڪم ڪري ويندا هئا يا ڪنڀر ٺڪر جا ٿانوَ گهر ويٺي ڏيئي ويندا هئا پر ان جو معاوضو فصل لهڻ وقت آهت جي نالي تي وٺي ويندا هئا. پر هن وقت ايئن ڪٿي به نه آهي هر شيءَ جنهن کي ضرورت پوي، پئسي سان وٺي اچي، مطلب ته اڳ ۾ زندگي سادي هئي ۽ هاڻي اوچي زندگي گذاري پئي وڃي. البت ان سڀڪجهه جي باوجود اسان جا وڏا ڪجهه اهڙيون ڳالهيون ڪندا هئا جيڪي سچ، حقيقت، خالص ۽ ملاوٽ کان پاڪ هيون، جيئن اسان جا وڏا پنهنجي زماني کي ياد ڪري پنهنجا تجربا ۽ مشاهدا اسان آڏو پيش ڪندا هئا ته اسان وڏا وڏا پهلوان هئا سون، وڏيون وڏيون وزني شيون کڻندا هئا سون، ڪوهن جا ڪوهه ڀڄندا هئا سون ته به ٿڪ ڪونه ٿيندو هو، اسان صحت مند هوندا هئا سون، سادي ماني کائيندا هئا سون پر خالص کير، مکڻ، ڏُڌ اسان جي غذا هئي هاڻي واري ملاوٽ واري دور سان پيا ڀيٽ ڪندا هئا.
بحرحال اسان جا وڏا جيڪي پنهنجو وقت گذاري ويا ۽ اسان جيڪي انهن واري وقت ۾ ننڍا ۽ هاڻي وڏا ٿي ويا آهيون، اسان ۽ انهن وڏن جي وقت ماحول کائڻ پيئڻ، صحت، سنڀال، اٿڻي ويهڻي، آڻڻ نيئڻ، بلڪ هر شيءَ ۾ فرق آهي. اڄ جي اعليٰ قسمن جي کاڌن کان ان وقت جي سادن کاڌن ۾ وڌيڪ لذت هئي. اڄ جي ڪارين، موٽرسائيڪلن ۽ ريل جي سفر کان ان وقت جي پيادل پنڌ ۾ وڌيڪ صحت هئي. ان وقت جي نقلي قصن ۽ ڪهاڻين ۾ اڄ جي ڊرامن ۽ فلمن کان وڌيڪ دلچسپي هئي. بلڪ اڄ جي غير محفوظ زندگي کان جيڪا عياشي سان گذاري وڃي ٿي، ان وقت جي سادي زندگي بلڪل محفوظ ۽ بهتر هئي.