شاديءَ کان اڳ ۾ ٿيلسميا جي چڪاس لازمي ڪرايو ـــ عبدالحفيظ لغاري
اها التجا ملڪاڻي ۾ موجود ”آزاد“ نالي ٿيلسيميا ميجر ٻار جي هُئي، جنهن جي عُمر هن وقت 3 سال آهي، پر ٿيلسيميا جهڙي موذي مرض سبب سندس جسم ۾ رت ٺاهڻ جي قوت ناهي رهي. هو سالن کان پرائي رت تي جي رهيو آهي ۽ اڃان به جيئندو رهندو، ٿيلسيميا هڪ موروثي بيماري آهي، جنهن جو شڪار ٿيڻ سان جسم ۾ ايبنارمل هيموگلوبن ٺهڻ لڳندي آهي، جنهن سان رت جي آڪسيجن جي رسد تي منفي اثر پون ٿا ۽ رت جا ڳاڙها جزا سڙڻ لڳن ٿا، جن لاءِ آڪسيجن جو هڪ مخصوص مقدار لازمي هوندو آهي. ٻين لفظن ۾ چئجي ته ٿيلسميا جي شڪار مريض جو جسم رت جي گهربل مقدار ٺاهڻ کان قاصر هوندو آهي،. ان جي نتيجي ۾ هڏن جي ڪمزور ٿيڻ، آئرن جو وڌڻ ۽ دل جي بيمارين جهڙا خطرناڪ نتيجا پڻ سامهون اچن ٿا.
جيئن ته انسان جي جسم جا سڀ سرشتا ۽ جوڙجڪ ماءُ ۽ پيءُ جي جين مان جڙي عمل ۾ اچن ٿا، جنهن جي تي ئي جسم جا اندروني عمل توڙي ظاهري بناوتي انحصار ڪن ٿا. جيڪڏهن عورت يا مرد ٻنهي مان ڪنهن جي جسم ۾ معمولي قسم جو مسئلو آهي، جنهن سان سندن جسم ۾ رت جي ٿوري گهڻي کوٽ (Anemic) رهي ٿي ته ان کي ٿيلسيميا ڪيريئر يا مائنر چيو وڃي ٿو. اليڪٽرو فورسز ٽيسٽ سان اها خبر آساني سان پئجي وڃي ٿي ته ڪو ماڻهو مائنر ٿيليسميا جو شڪار آهي يا نه؟ جيڪڏهن زال يا مڙس ٻنهي مان ڪو مائنر آهي ته ان سان ڪو ايڏو مسئلو ناهي، پر جيڪڏهن ٻئي مائنر آهن ته پوءِ انهن جي ٻارن ۾ به هيموگلوبن ٺاهڻ واري جين جي منتقلي ٿي سگهي ٿي، جنهن سان رپئي مان چار آنا پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته سندن ٻار ٿيلسيميا ميجر جو شڪار هوندو. جنهن جي جسم ۾ رت ٺهڻ جي قوت نه هوندي ۽ سندس علاج بس ايترو ئي ته، هو پرائي رت تي جيئندو رهي، جيسين حياتي آهي.
ڪنهن خاندان ۾ ٿيليسيميا ميجر ٻار جي پيدائش سندس چوٿين کان ڇهين پيڙهي ۾ ٿئي ٿي. ٻين لفظن ۾ ان جي پيدائش جو سبب ٿيڻ لاءِ انهي خاندان ۾ 80 کان 120 سال پهريائين صرف ڪنهن هڪ ٿيليسيميا جي ڪيئرر ماڻهوءَ جي موجودگي ئي ڪافي هجي ٿي. هن وقت سنڌ جي ڪُجهه فعال ترين ٿيليسميا ڪيئر سنيٽرز مان هڪ، ٿيليسميا ڪيئر سينٽر بدين ۾ ڪل 518 ٿيلسميا ميجر جا ٻار رجسٽرڊ آهن، انهن سڀني ٻارن جي خاندانن جي سروي دوران معلوم ٿيو ته انهن سان لاڳاپيل ويجهن رت جي رشتي وارن مائٽن جو ڪل تعداد 12500 آهي، جن مان 35 سيڪڙو يعني 4375 ماڻهو ٿيلسيميا ڪيريئر مائنر آهن. جيڪڏهن احتياط کان ڪم نه ورتو ويو ته ايندڙ 80 کان 120 سالن ۾ انهن خاندان ۾ ڪيترن ٿيليسميا ميجر ٻارن جي پيدائش جو خطرو موجود آهي. اهو تصور ئي ڀيانڪ آهي.
ملڪاڻيءَ جي هڪ خاندان ۾ پڻ ٿيلسيميا مائنر جا انيڪ ڪيس موجود آهن، جن مان هڪ ميجر ڪيس به موجود آهي. ٿيليسميا ڪيئر سينٽر بدين پاران اهڙن خاندانن وٽ هلي وڃي اها آگاهي مُهم سالن کان هلائي پئي وڃي ته، اوهان نه رڳو اليڪٽرو فورسز ٽيسٽ ڪرايو، پر ٻن متاثر مائنرز جي پاڻ ۾ قطعي شادي نه ڪرايو، بيخبري ۾ اهڙا رشتا ٿي به ويا آهن. سي ٽوڙي ڇڏيو، پر اسان وٽ اها ئي روايتي سوچ ته، ”ٻي ذات يا ڌارين ۾ ته ڇا، پر پنهنجي ڳوٺ ۾ به پنهنجي ويجهي مٽ مائٽ کان پري رشتا نه ڪبا“ سبب به ڪو معقول نه، بس اهو ته، ”سڀاڻي ان رشتي جي ڪري هڪ ٻئي جي گهر اچ وڃ ٿيندي، جيڪا اسان کي پسند ناهي.“ اهڙن هٿ گهڙيل سماجي مسئلن جي ڪري اکيون پوري لڪي شادي ڪرايون وڃن ٿيون.
هن جديد دور ۾ پاڻ ڄاڻ يا لاعلمي ۾ اهڙي جوڙي جي شادي جيڪڏهن ٿي به وڃي ٿي، ته ان جو هڪ ٻيو حل آهي. ان حل جي معلومات پهچائڻ لاءِ ٿيليسميا ڪيئر سينٽرز وارا ڳوٺن ۾ وڃي آگاهي مهم هلائي رهيا آهن. ڇو ته اهو هڪ بهتر حل آهي، جنهن سان ٿيلسيميا کي ايندڙ نسلن ۾ منتقل ٿيڻ کان روڪي سگهجي ٿو. حامله عورت لاءِ CVS نالي هڪ ٽيسٽ ٿيندي آهي، جيڪا هن مهل تائين ته سنڌ ۾ ڪراچي جي ڪجهه وڏين اسپتالن کان علاوه پنجاب جي وڏن شهرن ۾ ئي 15 هزار روپين کان 25 هزار روپين تائين ٿئي ٿي. پر تمام جلد بدين جي ٿيلسيميا ڪيئر سينٽر ۾ اها ٽيسٽ مفت ڪرائي ويندي. جنهن سان حمل جي پهرين ٽن مهينن دوران ٻار جا ٽشوز وٺي اها ٽيسٽ ڪئي ويندي ته هو ٿيليسميا ميجر جو شڪار ته ناهي. ڇو ته ماءُ ۽ پيءُ ٻئي ٿيلسميا مائنر جا آهن ته وڏو امڪان آهي ته سندن ٻار ٿيلسيميا ميجر هجي. جيڪڏهن اها ٽيسٽ پازيٽو اچي ته، فوري طور ايبارشن ڪرائي ڇڏجي. پر افسوس آهي ته اسان وٽ نه رڳو سڀ خبر هوندي به اهڙن جوڙن جون شاديون ڪيون وڃن ٿيون، پر حمل جي خبر لڪائي وڃي ٿي، ته جيئن وقت اوستائين ٽپي وڃي، جو ايبارشن ممڪن نه رهي.
مطلب ته ضد ڪري اهو ڪم ڪيو وڃي ٿو، جنهن سان ان موذي مرض جي وڌڻ جا امڪان رهن ٿا. جڏهن اهڙن ادارن سان لاڳاپيل ماڻهو وٽن پهچن ٿا ۽ کين خطرن کان آگاهه ڪن ٿا ته، اهڙن خاندانن جي وڏڙن جا سمجهه ۾ نه ايندڙ هٿ گهڙيا دليل ٻڌڻ لاءِ ملن ٿا، جيڪي لکڻ ۽ ٻڌائڻ کان گهڻا آهن. انهن تي بس افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو، جيتوڻيڪ اهو ضد ڪجي ته نه رڳو ٿيلسيميا جي وڌڻ يا اڳين نسلن ۾ منتقل ٿيڻ کي روڪي سگهجي ٿو پر موجوده مريضن لاءِ رت جو انتظام ڪرڻ به سولو ٿي سگهي ٿو، جنهن جي طلب ڏينهون ڏينهن وڌندي پئي وڃي.
اسان جنهن معاشري ۾ رهون ٿا، اُتي اهو عام تاثر آهي ته ضرورتون، خواهشون ۽ مسئلا رڳو مردن سان آهن، ڪو پنجاهه سٺ ورهين جو پوڙهو هوندو، جنهن جي زال گذاري وئي ته، چوندا، ”ڀلي ٻي شادي ڪري وٺي. شادي ڪرڻ جي ڪا عمر ٿوروئي آهي.“ پر جي ڪا پنجٽيهه چاليهه سالن جي صحتمند عورت بيوهه ٿئي ٿي ته هوءِ همت ئي نه ساريندي ته شادي جو چئي سگهي. هن ڪيس ۾ به ائين آهي خبر هوندي به ته خاندان ۾ ٿيلسيميا مائنر موجود آهي، کيس ٻڌايو به وڃي ٿو ته اوهان ٻئي مائنر آهيو، شادي ڪندئو ته اوهان جي گهر ٿيليسميا ميجر ٻار جي پيدائش ٿي سگهي ٿي، پوءِ به ضد ڪندي شادي ڪندا ۽ نتيجا ڀوڳڻ کان پوءِ مرد هڪ دفعو وري آزاد ته هو ڀلي ٻي شادي ڪري وٺي ۽ اڳئين گهرواري سان جيڪو ٿيو، اهو ان جو نصيب چئي ڳالهه ڪئي ويندي آهي.
انهيءَ تناظر ۾ هڪ عورت کي نه رڳو انهيءَ کان باخبر ٿيڻو پوندو، پر پاڻ زور وٺي ٽيسٽ ڪرائي پنهنجي زندگيءَ جي فيصلي جو اختيار وٺڻو پوندو. هاڻ ته سرڪار به ان حوالي سان هڪ بل پاس ڪيو آهي، جيڪو قانوني شڪل ۾ اچڻ کانپوءِ جيڪڏهن اهڙي ڪا زبردستي شادي ڪرائي وڃي ته ان تي ڪيس به ٿي سگهي ٿو ۽ مائٽن کي سزا به اچي سگهي ٿي. عورتون چاهن ته اڳتي هلي ان جو فائدو (مٿن زور ڀريندڙن لاءِ تنبيهه جي حد تائين ئي سهي) وٺي سگهن ٿيون. يقيناً اسان وٽ مرد حاوي هئڻ واري هن معاشري ۾ هڪ عورت لاءِ اهو سڀ ڪرڻ ڏکيو آهي، پر ان کان قطعي ڏکيو ناهي ته، کيس هڪ اهڙي مرد سان پرڻايو وڃي. جنهن سان اڳتي هلي هن جان وٺندڙ بيماريءَ ۾ جڪڙيل ٻار جي پيدائش سان پنهنجي زندگي پريشان ڪجي ۽ ايندڙ نسلن ۾ به اهو مرض منتقل ڪجي. ڇو ته اها حقيقت آهي ته ٿيليسميا ميجر ٻار جو ڪارڻ مرد توڙي عورت ٻئي مائنر هئڻ آهي، پر اهڙي ڪيس ۾ وري به مرد هڪ ٻي نارمل (جيڪا ٿيليسميا ڪيريئر نه هجي) سان شادي ڪري سگهي ٿو. پر هن معاشري ۾ عورت لاءِ اهو ڏاڍو ڏکيو آهي ته هوءَ ڪو اهڙو فيصلو ڪري سگهي. تنهن ڪري پڇتاءُ کان اڳ ۾ احتياط هميشه بهتر هوندو آهي.
(مضمونَ جو ليکڪُ منهنجي پُٽَ وحيد علي جسڪاڻيءَ جو دوست آهي )