آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

رنگين بهارون

هي ڪتاب سائين عطا محمد جسڪاڻي جي يادگيرين جو ٽيون مجموعو آھي. عطا محمد جسڪاڻي بنيادي طرح تعليمدان آهي. هڪ فرض شناس استاد جي حيثيت سان هن سنڌ کي سوين لائق شاگرد ڏنا آهن. ڪتاب ”رنگين بهارون“ سندس قلمَ جي نڪور تخليق آهي، جيڪو سندس يادگيرين ۽ گڏوگڏ ڊائريءَ ورقن تي مشتمل آهي. ڪتاب جي آخر ۾ هُنَ ڪجهه ٻين ليکڪن جا چونڊَ مضمونَ به شامل ڪيا آهن جيڪي سندس مطالعي هيٺ آيا ۽ کيس وڻيا.
Title Cover of book رنگين بهارون

ڊائريءَ جو وسريل ورق

مان شروع ۾ هر ڳالهه تي نه رڳو لکڻ پر گهڻو لکندو آهيان. مون کي ياد آهي 1969ع ۾ (نائنٿ دوران) پهريون مضمون ” انسان ويچارو“ تي لکيو هيم. جيڪو وقت جي ڌارا ۾ وڃائجي ويو. ڪاش! اهو موجود هجي ها ته اڄ ڪتاب ۾ لکان ها. بحرحال 1978ع ۾ جڏهن جواني دوران سنڌ يونيورسٽي مان ايم، اي، جو امتحان ڏنو هيم. اخبار ۾ رزلٽ اچڻ سان خوشي ۾ هيٺيون مضمون لکجي ويو هو.جيڪو ڪجهه سالن کان هڪ بوڪ تي محفوظ ٿيل هو. ڪاغذ پراڻو ٿي ويل وارو احساس ٿيو ۽ ان مضمون کي اکر به اکر هيٺ لکي رهيو آهيان.
اڄ منهنجي امتحان ايم، اي، (M.A) جو نتيجو آيو آهي. عبرت اخبار تاريخ 19 مئي 1978ع منهنجي اڳيان موجود آهي. منهنجو نتيجو سيڪنڊ ڪلاس ۾ آهي. جنهن ڪري ڏاڍي خوشي اٿم. ايم، اي، مون تاريخ جي مضمون ۾ ڪئي آهي. تاريخ جو سبجيڪٽ مون لاءِ هڪ دلچسپ سبجيڪٽ آهي. جنهن جا ڪتاب پڙهڻ خاص وندر اٿم. تاريخ گذريل وقت کي آئيني مثال اڳيان رکي ٿي. اڳ جا ڏک سک، ريتون رسمون، تهذيب ۽ تمدن ظاهر ڪري ٿي.
تاريخ زماني جا ساز نهايت پُردرد آهن. تاريخ جي ڳوڙهن جو پاڻي خشڪ ٿيڻ وارو نه آهي.انسان پنهنجي ڪم فهمي ۽ غلطين جو خود شڪار ٿي هر زماني ۾ پنهنجي هم جنس انسان جي گردنين کي خوشي يا مجبوري مان اڏائيندو رهيو آهي. انساني تاريخ جا ورق موت جي پرسوز بربادين ۽ ڳوڙهن سان ڀريل آهن. ڪٿي ڪنهن جي شڪست جي آهه زاري تاريخ کي ماتم ڪندي بڻايو ته ڪٿي ڪنهن جي فتح جي شادمانين جي آوازن جا پڙلاءَ انساني ڪن ٻڌندا رهيا آهن. پر فتح ۽ شڪست ٻنهين ۾ انساني بربادين جو سامان موجود پي رهيو آهي. فاتحن به عظيم نقصان سهڻ کان پوءِ ٻين جي آزادي جا ٻرندڙ چراغ گل ڪيا. فاتح جي فتح به غم ته شڪست واري شڪست به غم. البت اهي زمانا جنهن ۾ محدود عمر واري انسان کي جنهن جا ڏينهن ڏک سان ڀريل آهن، صلح سان گذارڻ جو موقعو نصيب ٿيو غنيمت سمجهيا وڃن ٿا. تاريخ لکڻ وارن جي قلمن کي انهي وقت ڪيترو سخت درد محسوس ٿئي ٿو جڏهن اهي هڪڙن جي تباهي ۽ ٻين جي آبادي جا چٽ تاريخ جي ورقن تي ڪڍن ٿا.
تايخ جي زماني جو ساز هاڻي گهڻو دلچسپ نه رهيو آهي، هاڻي ان جي سرن ۾ ڪو خاص سُرور ڪونهي ۽ باقي ڪشش رهي آهي. باريڪ مطالعي ۽ تجربن جيڪا پٽي اسان جي اکين تي هزارين سالن کان ٻڌل هئي تنهن کي کولي ڇڏيو آهي. پر زماني جا جاهل حاڪم اڃا تائين اونداهي جي غار ۾ ٿاڦوڙا پيا هڻن. کين اها خبر ڪانهي ته هاڻي تاريخ جي ورقن ۾ ڪهڙي قسم جا حروف لکيا ويندا. ڪهڙن قومن جي بدنصيبي ۾ اڃا رولڙا ۽ تبديليون لکيل آهن يا ڪنهن جي گردن تي ڪنهن جي تلوار جا سخت وار ٿيندا. ڪهڙا ڪهڙا ملڪ ڌرتي تان مٽجي ويندا. ڪيترا نوان تمدن ۽ تهذيبون پيدا ٿينديون. اهو هڪ اهم مسئلو تاريخ جي ورقن لکڻ وقت قلم آڏو رهي ٿو. منهنجي دل ته چوي ٿي انساني دنيا جي تاريخ لکي هڪ دم پوري ڪري ڇڏيان پر ايئن ڪري نٿو سگهجي. اهو اسان جي وس کان بلڪل ٻاهر آهي.

ـــ تاريخ 19 مئي 1978ع تي لکيو ويو