آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

رنگين بهارون

هي ڪتاب سائين عطا محمد جسڪاڻي جي يادگيرين جو ٽيون مجموعو آھي. عطا محمد جسڪاڻي بنيادي طرح تعليمدان آهي. هڪ فرض شناس استاد جي حيثيت سان هن سنڌ کي سوين لائق شاگرد ڏنا آهن. ڪتاب ”رنگين بهارون“ سندس قلمَ جي نڪور تخليق آهي، جيڪو سندس يادگيرين ۽ گڏوگڏ ڊائريءَ ورقن تي مشتمل آهي. ڪتاب جي آخر ۾ هُنَ ڪجهه ٻين ليکڪن جا چونڊَ مضمونَ به شامل ڪيا آهن جيڪي سندس مطالعي هيٺ آيا ۽ کيس وڻيا.
Title Cover of book رنگين بهارون

سمجھڻ واري ڳالهه

زندگي انسان کي گهڻا سبق ڏيندي آهي. زندگي ۾ هر روز اهڙا واقعا ۽ حادثا پيش ايندا آهن جن مان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي. دنيا جي عظيم ليڊر نيلسن منڊيلا پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکي ٿو ته آءٌ جڏهن ننڍو هوس ۽ اسان ننڍا ٻار راند ڪري رهيا هئا سون ته هڪ گڏهه مون کي تمام گهڻو سبق ڏنو. ٻارن شراررت ڪري گڏهه کي تنگ ڪيو، ۽ هن جي پٺي تي چڙهي جڏهن چڪر پيا ڏين ته مون به ان شرارت ۾ حصو ورتو ۽ گڏهه جي پٺي تي ويهي چڪر پيو ڏيان گڏهه وڏا وڏا ٽپ ڏنا ۽ مون کي وڃي هڪ اهڙي جاءِ تي ڪيرايو جتي ڪنڊا هئا منهنجي جسم تي ڪنڊا به لڳا ۽ منهن تي ڌڪ لڳڻ سبب اهڙو ته رهڙ جو نشان ٿي ويو جو سڄي زندگي ان کي ڏسي پڇتاءُ ڪندو هوس ته جيڪڏهن آءٌ گڏهه کي تنگ نه ڪريان ها ته مون کي ايتري تڪليف نه اچي ها ۽ شرمسار به نه ٿيڻو پوي ها. سوچڻ گهرجي ته هڪ عظيم ليڊر هڪ گڏهه مان ڪهڙو سبق ورتو.
ان لحاظ سان هي دور جنهن کي جديد دور سڏيو وڃي ٿو، انسان ڪوبه سبق وٺڻ لاءِ تيار نه آهي. انسان هڪ طرف چنڊ تي قدم رکيا آهن، ٻئي طرف ساڳيو انسان بگاڙ پيدا ڪري ٻن انسانن کي ويڙهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن دور جي زندگي جي مٿي تي گندگي، غلط فهمين ۽ شيطانيت جا اهڙا ڪارا ڌٻا لڳل آهن، جيڪي هرروز جسم ۾ نئين قسم جا زخم پيدا ڪري روح کي مرده ۽ من کي بيچين ڪري رهيا آهن. هن دور جي زندگي ايتري ته تڙپائيندڙ آهي جو هر انسان خوف مان راڪاس جي پاڇي ۾ پل پل ڇرڪ ڀري رهيو آهي، جڏهن ته سک، امن، انصاف ۽ سڪون صرف ماضي جا قصا ٿي ويا آهن. اڄ جي زندگي جو مطلب ڳوڙها وهائڻ ۽ سڏڪا ڀرڻ آهي هر طرف انسان افراتفري جو شڪار آهي ۽ ماضي جا قصا سنهري دور کي ياد ڪندي نظر اچي ٿو جتي زندگي ۾ سڪون ۽ انسان هڪٻئي سان محبت سان رهندا هئا. بحرحال انسان هن دور م جيترو ڪاهل، سست، مجبور، ۽ محتاج نظر اچي ٿو، اهڙو انسان تاريخ جي ڪنهن به دور ۾ نه ٿو ملي وسيلن جي ڳولا ۽ استعمال جي مقابلي ۾ آبادي جو وڌڻ ۽ سائنسي ايجادون جهڙوڪ موبائيل وغيره جو غلط استعمال ماحول ۾ بگاڙ ۽ انسان کي اصليت تان ڀلائي ڇڏيو آهي.
وقت ۽ حالتون هميشه تبديل ٿينديون رهنديون آهن. پراڻي وقت ۾ سڄو ڏينهن مٽي سان کيڏڻ جي باوجود جسم ۽ من ميرو نه ٿيندو هو ۽ هاڻي صابڻ ۽ سرف يا اجالن سان ڌوئڻ جي باوجود جسم ۽ من ميرو ٿي وڃي ٿو. وقت ۽ حالتون ماڻهو کي ڪيڏو نه بيگانو بڻائين ٿيون پنهنجي اندر جو آواز به ويراني جو آواز لڳي ٿو. پر جيڪڏهن ڪو ڳالهه سمجهي سگهي. ماڻهو با اختيار هوندي به ڪيترو نه بي اختيار آهي. هو جيئن چاهي ٿو تيئن نٿو ڪري سگهي. کلڻ کان وٺي روئڻ تائين پنهنجو پاڻ تي اختيار نه آهي.مجبوراً ٻهروپيائي اختيار ڪري ٻين کي ۽ آخر پاڻ کي ڌوڪو ڏئي ٿو.
انهن سڀني ڳالهين کان متاثر ٿي مان سوچيندو آهيان ته مون ۾ جيڪي اميدن جون روشنيون ۽ رنگ هئا سي ويڳاڻجي ويا آهن. انڪري ته آءٌ پنهنجو اصلي آستانو ڇڏي صرف ۽ صرف سڪون خاطر پري وڃي سڪونيت اختيار ڪئي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته مون کي پاڻ تي به گمان ٿيندو آهي ته مان ڪير آهيان؟ ڇا ۽ ڇو آهيان؟ صرف اها هڪڙي ئي ڪيفيت آهي جيڪا مونکي پنهنجو پاڻ کان جدا ڪندي آهي. هن ذهني ڪيفيت ۾ ننڍيون ڳالهيون به تمام وڏيون لڳنديون آهن.
مان هڪ لمحي لاءِ پوري انسانيت کي هڪ آئيني ۾ ڏسڻ چاهيو پر ڪجه به نظر نه آيو جيڪي ڏسڻ ۾ آيو سو منهنجي سمجهه کان ٻاهر هو، اهي ڳالهيون ته اسان گهڻي وقت کان ٻڌندا پيا اچون ته انسان جي صورت سٺي هئڻ سان گڏ سيرت جو سٺو هئڻ به ضروري آهي. اها چوڻي به مشهور آهي ته ٻاهر ٻولي هنجهه اندر ڪارو ڪانءُ، ان مان اها مراد آهي ته ڪي ماڻهو ظاهري طور ٻولي هنجهه جي ڳالهائيندا آهن ۽ اندر انهن جو ڪارو ئي رهندو آهي. ساڳي ريت ڪي ماڻهو هڪڙن جي سامهون هڪڙا هوندا آهن ۽ ٻين جي سامهون ٻيا نظر ايندا آهن. ڪي ماڻهو ته پنهنجي منهن کي خوبصورتي واري ڍڪ سان ڍڪي پنهنجي بدصورتي کي لڪائن جي ڪوشش ڪندا آهن پر حقيقت ۾ انهن ماڻهن جي اندر جي ڪاراڻ گهڻي دير تائين لڪي نه سگهندي آهي. وقت جو آئينو سڀڪجهه ظاهر ڪري ڇڏيندو آهي اهڙن ماڻهن کي ٻن روپن وارا ماڻهو چئبو آهي. هر ماڻهو پنهنجي ڪارڪردگي ۽ ڳالهائڻ وارن لفظن سان سڃاتو ويندو آهي. لفظ تير کان تکا، زهر کان ڪؤڙا ٿيندا آهن. ته وري ماکي کان مٺا به ٿيندا آهن. لفظ من کي چيري ٽڪرا ٽڪرا به ڪندا آهن ته وري اندر جي ناسور جهڙن زخمن جو علاج به ڪندا آهن. لفظ اکين ۾ لڙڪ به آڻيندا آهن ۽ چهري کي مسڪراهٽ به بخشيندا آهن. اهي لفظ ئي آهن جيڪي آٿت به ڏيندا آهن ته وري نااميدي واري واچوڙي ۾ به ڦاسائيندا آهن. تنهن ڪري لفظن کي سوچي سمجهي استعمال ڪرڻ گهرجي. هر هوشيار ۽ ذهين ماڻهو تڏهن بيوقوف ٿي ويندو آهن جڏهن هو سمجهندو آهي ته مان وڏو ذهين آهيان ۽ وري بيوقوف ماڻهو تڏهن ذهين بڻجي ويندو آهي جڏهن هو سمجهندو آهي ته آءٌ بيوقوف آهيان.
تاريخ جي ورقن ۾ جهاتي پائڻ سان خبر پوندي ته انسان جو هر دور حالات پٽاندڙ پي هليو آهي. جڏهن اسان ڪنهن جي ڳالهه ڪريون ٿا ته ان ۾ سندس عقل، علم، ادب، ڏاهپ ۽ برداشت مطابق هر ڳالهه ماپي ۽ توري سگهجي ٿي جنهن ۾ ان جي سوچ ۽ عمل جي مڪمل خبر پئجي وڃي ٿي. بحرحال اها هڪ تلخ کان تلخ ۽ نمايان حقيقت آهي ته ماڻهو کي سندس زبان سان ڳالهايل لفظن ۽ جسماني ڪردارن سان سڃاتو ويندو آهي.
ٻي طرف زندگي جي سفر ۾ دوستن جو ساٿ بهار جي بي پرواهه موسم جي پهرين گل ٽڙڻ جهڙو محسوس ٿيندو آهي. جنهن جي خوشبوءَ سان ساهه کي سڌيري ملندي آهي. اهڙي طرح دوست ۽ ان جي دوستي ۾ پڻ قدرتي راز هوندا آهن ماهرن ان کي نازڪ نينهن يا ڪچي تند ڪري ڪوٺيو آهي. لوهه واري زنجير سان به مشابهت ڏني آهي. انهي ٻنهين جو مطلب ته دوستي ٻن قسمن جي هوندي آهي، هڪ موافقت واري زندگي جيڪا هر لحاظ سان پائيدار هوندي آهي، ۽ ٻي منافقت واري دوستي جيڪا پائيدار نه هوندي آهي ۽ ان جو نتيجو دوستي جو ختم ٿيڻ هوندو آهي.
امام غزالي پنهنجي پٽ کي نصيحت ڪندي فرمايو ته ”پٽ دنيا ۾ ايمان کان پوءِ ڪا شيءَ ڳولجان ته سٺو ۽ سچو دوست. ڇو ته سچو دوست ان وڻ مثال آهي جو تون ويندين ته هو توکي ڇانوَ سان گڏ ميوو به ڏيندو“.
اها به عام چوڻي آهي ته غريب اهو آهي جنهن کي مخلص دوست نه هجن ۽ اهو ماڻهو ڪڏهن غريب هوندي به غريب نه آهي جنهن وٽ مخلص دوست آهن. منهنجي ذاتي نظر ۾ سچو دوست اهو آهي جنهن وٽ ٻئيءَ دوست لاءِ سچي محبت، ٻيائي کان پاڪ انسان دوستي ۽ اعليٰ انساني قدرن ۽ ڀائيچاري وارا گڻ هجن. درد جا ڀائيوار سچا دوست ٿيندا آهن ۽ سچي دوست جي پرک ڏکئي وقت ۾ ٿيندي آهي، باقي مطلب پرست ماڻهو رڳو پنهنجي مقصد تائين تعلقات رکندا آهن. اهڙي رشتي کان اڪيلو وجود بهتر آهي.
حضرت علي ڪرم الله وجهه جو فرمان آهي ته ”هميشه سچن دوستن سان دوستي رکو جيڪي سٺن ڏينهن ۾ سرمايو ۽ برن ڏينهن ۾ محافظ هوندا آهن“. پر اڄ ڪلهه لالچ ۽ ڪم ڪڍڻ واري دوستي آهي. جيئن عام چوڻي آهي ته ”ڪم لٿو، ڊکڻ وسريو“. ڪوڙا دوست انسان جي پاڇي وانگر هوندا آهن. اهي روشني ۾ ته انسان سان گڏ هوندا آهن پر اونداهي اچڻ تي غائب ٿي ويندا آهن. دوستي رکڻ تمام سولي آهي پر ان کي صحيح سمجهڻ تمام ڏکيو آهي.
سٺي صحبت جو به دوستي تي وڏو اثر ٿئي ٿو. سٺي صحبت سٺو ۽ خراب صحبت خراب ڪندي آهي. عام چوڻي آهي ته ڪارو ٻڌ ڪٻري سان رنگ نه مٽي ته عادت ضرور مٽي. ان کان سواءِ ڪافي اهڙا مثال سمجهڻ جهڙا دنيا ۾ موجود آهن جيئن پُل ۽ ديوار هڪ ئي مٽيريل مان تيار ڪيا ويندا آهن پر هر ڪنهن جو ڪم الڳ آهي، پُل ماڻهن کي هڪ ٻئي سان ملائيندي آهي پر ديوار وري الڳ ڪندي آهي. اها به هڪ حقيقت آهي ته شيشو ۽ رشتو اوچتو ٽٽي پوندا آهن. شيشو غلطي سان ۽ رشتو غلط فهميءَ سان پر خاص ڳالهه اها آهي جو اُهي جڙي ته ويندا آهن پر پهرين جيان مضبوط نه رهندا آهن.
آخر ۾ شيخ اياز جون ٻه سٽون ياد اچن ٿيون.

ماڻهو جيڪي منهنجي من کي وڌيڪ وڻيا،
سي ئي سبب بڻــيا، مــنهنجي مايــوسين جـو.