ٻهراڙيءَ ۾ تبديل ٿيندڙ ماحول
سچ پچ مونکي جڏهن اهڙا واقعا ٻڌڻ ۾ ايندا آهن ته دل ۽ دماغ تي وڏو اثر ٿي ويندو آهي. منهنجو واسطو به سڄي ڄمار ٻهراڙي سان رهيو آهي ۽ تقريبن سڄو جيون اتي گذاريو اٿم. جڏهن اهو وقت ياد ايندو آهي، جڏهن روڊن رستن ۽ واهن تي خوبصورت وڻن جون قطارون امن جو پيغام ڏينديون هيون. هاڻي نه اهي قطارون آَهن ۽ نه امن رهيو آهي. ماحول تمام تيزي سان تبديل ٿي رهيو آهي. خبر نه آهي اڳتي اِهو ماحول ڪٿي دنگ ڪندو. مونکي ياد آهي اسان جڏهن اسڪول ۽ ڪاليج واري زندگي ۾ هئا سون بلڪل امن ۽ سڪون هو. پري پري تائين ماڻهو پيادل، بيل گاڏي يا سائيڪل تي سفر ڪري هفتن بعد به سلامتي سان گهر موٽي ايندو هو. اڄ ڪلهه صرف چند ڪلاڪن لاءِ ماڻهو ڪيڏانهن وڃي ٿو ته پويان ان جو وڏو انتظار ڪرڻو پوي ٿو ته شل سلامتي سان واپس اچي.
جٿي ڪٿي محبت ۽ پيار بدران نفرت نظر اچي رهي آهي اڳ ۾ هڪ ويڙهي جو صرف هڪ وڏو دروازو هوندو هو ۽ سڀ ماڻهو قرب ۽ همدردي سان گڏ گذارڻ پسند ڪندا هئا. اڄ ڪلهه اهو ماحول الائي ڪيڏانهن هليو ويو آهي، جو هڪ ويڙهي ۾ جيترا گهر هوندا اوترا الڳ الڳ مختلف طرفن کان دروازا ۽ الڳ ڀتيون هونديون. سهپ بلڪل گهٽ ۽ نفرت تمام گهڻي ٿي وئي آهي. اخبارن ۽ ميڊيا تي رڳو جهيڙن، ڦرون ٿيڻ، تشدد ۽ خون ريزي جون خبرون آهن.
اهو وقت مونکي چٽو ياد آهي، جڏهن اسان اڃا ٻار هئا سون. ٽريڪٽر يا ڪا ٻئي زرعي مشينري متعارف نه ٿي هئي هاري ويچارا اڌ رات جو اٿي ڏاندن کي هرن ۾ جوٽي رات جي پوئين پهر ۾ جريب يا ان کان مٿي زمين هر ڪاهي ڇڏيندا هئا. اسر ويل جيڏانهن ڪيڏانهن رڳو هارين جي هونگار ٻڌڻ ۾ ايندي هئي فصل به ڀلا ۽ برڪت وارا هوندا هئا. هن وقت مشينري دور آهي، ڪيتري به پيداوار گهڻي هجي پر برڪت کان خالي هوندي. رڳو پوري نه پوڻ جون دانهون هونديون.
ٻهراڙين ۾ سياري جي راتين ۾ باهه جو وڏو مچ ٻاري گهر ڀاتي چوڌاري ڦري ويهي رهندا هئا ساڳي ريت اوطاقن ۾ انهي مچ تي اوڙي پاڙي جا ماڻهو ويهي شاعري، بيتن، ڳجهارتن ۽ پرولين سان گڏ خيالن جي ڏي وٺ ڪندا هئا. پر وقت گذرڻ بعد هن وقت مچ ڪچهرين وارو سلسلو ختم ٿي ويو آهي. ذهني ۽ روحاني نشو نما واري مشق هاڻي ختم ٿيندي نظر اچي رهي آهي.
مونکي ياد آهي جڏهن اسان ننڍا هوندا هئا سون، گهر جي اڱڻ مٿان رات جو آسمان تي تارا ٽانڊاڻن جيان ٽمڪندا هئا. انهي جهرمر دوران رات جو سمهڻ مهل بابا جي پاسي ۾ سمهي ان کان ڪهاڻيون ۽ قصا ٻڌندا هئا سون. ته هڪڙو هو بادشاهه، بادشاه ته خود خدا آهي پر زماني جو بادشاهه.... هڪ زماني جي ڳالهه ڪندا آهن ته ڪنهن جهنگ ۾ هڪ شينهن ۽ لومڙ رهندا هئا..... يا وري هڪ بادشاهه هو ۽ ٻي هئي ان جي راڻي....وغيره وغيره. اهڙا قصا هرروز ٻڌندا هئا سون. انهن کي قصو يا نقلي ڪهاڻي نه سمجهندا هئا سون. پر ان کي حقيقت سمجهي عجيب قسم جو تجسس ۽ سوچ پيدا ٿيندي هئي. ذهن الائي ڪٿي ڪٿي وڃي نڪرندو هو. ڪهاڻي خيالي صحيح پر ٻڌائيندڙ جي انداز کي ڏسي ايئن لڳندو هو ته اهو سڀ ڪجهه حقيقي دنيا جو حصو آهي. ڇو ته آکاڻي ۾ آيل ڪردار وڏي ڪمال جا بيان ڪيا ويندا هئا جن سان تجسس ۾ اضافو ٿيندو هو. مان به شايد اهي ڪهاڻيون نه ٻڌان ها ته هي ڪچيون ڦڪيون ڪهاڻيون لکي نه سگهان ها. هاڻي رات جو سمهڻ مهل اسان جي ٻارن وٽ ڪنهن به ڪهاڻي جو انتظار نه آهي. سندن والدين جا هٿ موبائيل سنڀالڻ ۾ پورا آهن. جيتوڻيڪ اهي قصا ۽ ڪهاڻيون اڄ به ڪتابن جي صورت ۾ موجود آهن پر ڪابه دلچسپي نه رهي آهي. جانورن، پکين، جنن، پرين، بادشاهن ۽ راڻين جي ڪردارن جون اهي آکاڻيون هاڻي اسان کان وسري ويون آهن. اسان وٽ ايترو وقت نه بچيو آهي جو پنهنجي ٻارن کي آکاڻيون ٻڌائي انهن ۾ تجسس ۽ سوچ پيدا ڪريون. هاڻي اسان اهڙي نسل جي تياري ۾ رڌل آهيون، جن کي آکاڻين بدران وڊيو گيم ۽ موبائيل ۾ مصروف ڪري ڇڏيو آهي.
ڪو وقت هوندو هو جو ماڻهن ۾ برداشت جو مادو ايڏو هوندو هو جو ڪنهن چڱي يا وڏي عمر واري ماڻهو ڪو فيصلو يا ڳالهه ڪئي ته ڄڻ پٿر تي ليڪو هوندي هئي. سڀ ڪو خوشي مان مڃي ويندو هو.ماڻهن ۾ وڏي محبت ۽ اڪير جي تمنا هوندي هئي. ڪابه لالچ نه هوندي هئي. خوشيون ۽ محبتون هونديون هيون. شادين مرادين ۾ هر ڪنهن کي خوشين ۾ شريڪ ڪرڻ اهم سمجهيو ويندو هو. اگر اتفاق سان ڪو نه ايندو هو ته سڀ پريشان ٿي ويندا هئا ۽ چوندا هئا ته فلاڻي کي پرچائي وٺي اچو ته جيئن اسان جي خوشين ۾ شريڪ ٿئي. هاڻي ڏٺو وڃي ٿو ته اها ساڳي ڳالهه نه رهي آهي.برداشت، ناتا، رشتا، مٽي مائٽي، خوشيون ۽ رونقون ايئن موڪلائي ويون آَهن ڄڻ سماج ۾ سندن نالو نشان ئي نه هو.مغروري ماڻهن کي ان حد تي اچي بيهاريو آهي جو رشتا، ناتا، پيار ۽ محبت جي ڪا حيثيت ئي نه آهي. اهي ڳالهيون اسان جي مستقبل واري نسل لاءِ تمام گهڻو نقصان ڪار آهن. اسان وري خاموش تماشائي وانگر هي سڀڪجهه ڏسي رهيا آهيون.