پنهنجي پاران
اها هڪ حقيقت آهي ته مون جيڪي ڪجهه سوچيو آهي اُهو ڪتاب جي شڪل ۾ دنيا جي آڏو پيش ڪيو آهي. دنيا ۾ ڪتاب کي هر دؤر ۾ غير معمولي شهريت حاصل رهي آهي. جنهن ۾ معلومات سان گڏ زندگي گذارڻ جا آداب ۽ طريقا سمجھيا ويندا آهن.
مونکي خود ننڍپڻ کان وٺي ڪتابن پڙهڻ جو شوق هو. ڳولي ڳولي ڪتاب پڙهندو هوس. ڪتاب جي اهميت کي چڱيءَ طرح سمجھندو هوس. هڪ دفعي جي ڳالهه آهي آءٌ حيدرآباد مان ڪجهه ڪتاب خريد ڪري ٿيلهي ۾ وجھي جڏهن خيرپور ۾ اچي بس تان لٿس. هڪ دوست مليو جنهن پڇيو ٿيلهي ۾ ڇا کنيو اٿئي؟ مون کيس ٻُڌايو ته ڪتاب آهن. ان دوست طنزيه انداز ۾ مونکي چيو بس حيدرآباد صرف ڪتابن لاءِ ويو هُئين؟ اُتان ڪجهه سوکڙيون آڻجن يا ڪتاب وٺي اچجن!؟ ڪتابن جي ڄڻ هتي ڪمي آهي. جو حيدرآباد مان وٺي آيو آهين؟ مون کيس چيو منهنجي لاءِ هي بهترين سوکڙيون آهن. ڪتاب کان سواءِ مونکي وڌيڪَ ڪجهه به پسند نه آهي.
اگر ڪو ماڻهو ڪتابن جو مطالعو ڪري ٿو ته سندس اولاد ۽ نسل به مطالعي جو شوق رکندڙ هوندا. ڪو ماڻهو نشو يا سگريٽ واپرائيندو ته سندس اولاد به ائين ئي ڪندي. اگر ڪو ماڻهو چوري ڪندو هوندو ته سندس اولاد به چوري ڪندي ۽ اگر ڪو مذهبي انداز ۾ زندگي بسر ڪندو ته سندس اولاد به ائين ئي زندگي بسر ڪندي.
هن ڪتاب ۾ مون زندگي ۾ آيل سچن واقعن کي ڪهاڻي جي صورت ۾ پيش ڪيو آهي. ڇو ته زندگي خود به ته هڪ ڪهاڻي آهي. هتي لکيل هر هڪ ڪهاڻي ۾ زندگي جي جھلڪ، غم يا خوشي، پستي يا بلندي، سختي يا نرمي جي ترجماني آهي. اگر زندگي پياري آهي ته ڪهاڻي ڪيئن نه پياري لڳندي؟ زندگي تي ڪو بار هوندو ته ڪهاڻي لکڻ يا پڙهڻ سان ٻوجهه هلڪو ٿي پوندو آهي، ڪهاڻي جي اگر مختصر وضاحت ڪجي ته پنهنجي توڙي پراون مشاهدن جي تشريح کي ڪهاڻي چئبو آهي. يا وري زندگي جي تجربن جي لاهين چاڙهين ۾ ايندڙ ڪنهن انتهائي دلچسپ موڙ يا نڪتي جي ڇنڊ ڇاڻ ۽ کوجنا کي به ڪهاڻي چئبو آهي. سچين ڳالهين تي مشتمل ڪهاڻيون لکندي ڪن دوستن جو ناليوار ذڪر اچي ويو آهي. ڪنهن جي دل آزاري ٿي هجي ته انهن کان معذرت چاهيان ٿو.
مون هن ڪتاب ۾ ڪجهه ٻين دوستن جا مضمون۽ مقالا به شامل ڪيا آهن ان ڪري جو اهي منهنجي ذهن جي عڪاسي ڪن ٿا ۽ مونکي بيحد پسند آهن.
هن کان اڳ لکيل ٻن ڪتابن (زندگي جو ساٿ ۽ منهنجو ماڳ منهنجون يادون) تي تنقيد به ٿي آهي ۽ ساراهه به ڪئي وئي آهي. تنقيد جو احترام ڪرڻ گهرجي. جڏهن ڪو به لکيل خامين جي نشاندهي ڪندو آهي ته ان ۾ فائدو حاصل ٿيندو آهي. تازو سنڌي ساهت گهر حيدرآباد طرفان هڪ ڪتاب آتم ڪٿائون ڀاڱو چار جيڪو هڪ نالي واري ليکڪ ناز سنائي لکيو آهي. جنهن کي آءٌ ڪافي سالن کان سڃاڻندو آهيان. هي صاحب ماهوار ڪينجھر ۽ ماهوار گلستان جو ايڊيٽر هجڻ سان گڏ سندس سون جي تعداد ۾ تحريرون ۽ ڪتاب لکيل آهن، ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته ناز سنائي صاحب تمام وڏو ليکڪ آهي. هن صاحب منهنجي ٻنهين ڪتابن تي سخت تنقيد ڪئي آهي. سندس تنقيد صحيح آهي. ليڪن رابعه اسڪوائر حيدر چوڪ حيدرآباد ۾ مون ان صاحب سان اتفاقي ملاقات ۾ ڪتاب پيش ڪندي واضح طور ٻُڌايو هو ته پبلشر ۽ ڪمپوزر جي غلطين سبب هي غلطين وارو ڪتاب ڇپيو آهي. پبلشر وٽ اي ميل تي منهنجا ٻئي ڪتاب رکيل هئا. غلطي واري ڪاپي ۽ غلطي کان صاف ڪاپي پر پبلشر کان ڀل ۾ پريس ڏانهن غلطين وارو ڪتاب ڪلڪ ٿي ويو. جنهن لاءِ بعد ۾ پبلشر اعتراف ڪندي سخت افسوس به ڪيو، بحرحال جيترو باريڪ بينيءَ سان سنائي صاحب فل اسٽاپ، زير زبر ۽ نقطن جي هيٺ مٿي ٿيڻ جي حوالي کان تنقيد ڪئي آهي ايترا الفاظ ته سندس ڪتاب ۾ به غلط لکيل آهن. جيئن هڪ ئي صفحي تي خالد چانڊيو کي غلط به ۽ برابر به لکيو اٿس (صفحو 10) ٿلهيون کي ڀليون (صفحو 85) چيائين کي چي (صفحو 167) وري چيائين کي چي (صفحو 202) پر اهڙن لفظن کي صرف ڪمپوز ڪرڻ واري جي نظر چوڪ سمجھڻ گهرجي ۽ غلط سمجھڻ نه گهرجي.
ان سڀ ڪجهه هوندي به تنقيد جو احترام به ڪيان ٿو ۽ ناز سنائي جو ٿورائتو به آهيان جو هن صاحب ڪتاب پڙهيا آهن تڏهن ته ڪتابن ۾ غلطين جي نشاندهي ڪئي آهي. ورنه اڄڪلهه ڪتاب لکيا ته وڃن ٿا پر پڙهيا تمام گهٽ ٿا وڃن. اڃا به وڌيڪَ سنائي صاحب جو ٿورائتو آهيان ته سندس لکيل ڪتابن ۾ ڏهن يا ٻارهن صفحن تي منهنجي هيڻي حال کي جاءِ ڏني اٿن. پر هڪ ڳالهه ضرور چوندس. لفظ استاد تي ڇوهه ڇنڊڻ سنائي صاحب کي زيب نٿو ڏئي ڇا لاءِ ته ناز صاحب خود به ته اسان جهڙن استادن وٽ پڙهيو هوندو. سندس تنقيد ۾ ڪٿي همٿ افزائي به نظر نه آئي ته اڳتي وري راهه تان ڀٽڪيل مسافر سڌو رستو ڏيئي هلي. ڇو ته ڪاميابي جو بنياد ناڪامين وارين ڪهاڻين تي ٻڌل هوندو آهي، آءٌ هتي هڪ تمام مختصر ڪهاڻي جو ذڪر ڪندس.
مون هڪ ڪتاب ۾ پڙهيو آهي ته هڪ ماڻهو جيڪو ايڪيهن سالن جي عمر ۾ پنهنجي ڪاروبار ۾ ناڪام ٿيو. ٻاويهن سالن جي عمر ۾ اليڪشن ۾ شڪست کاڌائين. چوويهن سالن ۾ وري ڪاروبار ۾ ٽوٽ لڳس. ڇَويهن سالن ۾ سندس گهر واري وفات ڪري وئي. ستاويهن سالن ۾ (نروس بريڪ ڊائون) فالج جو شڪار ٿيو. چوٽيهن سالن جي عمر ۾ ڪانگريس جي اليڪشن ۾هارائي ويو. پر ٻاونجاهه سالن جي عمر ۾ آمريڪا جو صدر چونڊجي ويو جنهن جو نالو ابراهام لنڪن هو. ڇا توهان لنڪن کي ناڪام ماڻهو چوندؤ؟ سندس ناڪاميون کيس ٻڌائين پيون ته ڪاميابيءَ جو رستو بند نه آهي.
ٻي طرف منهنجي ڪتابن کي تمام گهڻو ساراهيو به ويو اهي. ٿورين ٿورين غلطين کي نظر انداز ڪري اصلي مقصد کي ڏٺو ويو آهي. جيئن جنت السنڌ جي ليکڪ مولائي شيدائي مير علي شير قانع ٺٽي واري جي لکيل پراڻي تاريخ تحفة الڪرام ۾ غلطين جي نشاندهي به ڪئي آهي ۽ ساڳئي وقت پنهنجي لاءِ اُنَ تاريخ کي اونداهي ۾ روشني طور به ظاهر ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح ”ڪجهه نه هئڻ کان هئڻ وڌيڪَ بهتر آهي“ واري بنياد تي ڪافي دوستن مونکي ڪتابن لکڻ تي مبارڪون پڻ ڏنيون آهن. ڪي ڏٺل ۽ اڻ اٺل دوستن به پري پري کان فون ڪري همت افزائي ڪئي آهي. ملتان، شيداڻي شريف، رحيم يار خان، گھوٽڪي، شڪارپور، شهدادڪوٽ، بدين، دادو، سانگھڙ، ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپور خاص کان به همت افزائيون مليون آهن. مان انهن ماڻهن جو به بيحد احسانمند آهيان جن منهنجي ڪتابن کي مختلف لائبريرين ۾ رجسٽر ڪرائي شامل ڪيو آهي، ۽ انهن دوستن جو به جن روزانو سوڀ ۽ روزانو ڪاوش ۾ ڪتابن کي متعارف ڪرايو. ۽ ها مان ان اڻ ڏنل دوست محمد سليمان وساڻ جو به ٿورائتو آهيان جنهن وڏي دلچسپيءَ ۽ قدر سان منهنجي ڪتابن کي ڪمپيوٽر تي نئين ڊزائين ڏئي انٽرنيٽ تي رکي وڏو قدر ڪيو.
پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور جي چيئرمين محترم قربان منگي ۽ ”پوپٽ“ ميگزين جي اعزازي ايڊيٽر محترم امر اقبال جا به ٿورا، جن جون محبتون ۽ محنتون به هِنَ ڪِتابَ جو حصو آهن. آءٌ پنهنجي پٽ وحيد علي جي پياري دوست آصف نظاماڻي جو به ٿورائتو آهيان، جنهن حد کان وڌيڪَ همت افزائي ڪري ڪتابَ کي خوبصورت بنائڻ ۽ پايئه تڪميل تي پهچائڻ ۾ به مدد ڪئي.
مونکي خوشي سان گڏ فخر به آهي ته هي ڪتاب منهنجي ننڍي عمر واري پٽ (ڏوهٽي) ڪاشف حسين ڪمپوز ڪيو آهي. جنهن جي ڊگهي ڄمار لاءِ دُعاگو آهيان.
مونکي اُميد آهي مُنهنجا مانوارا پڙهندڙ منهنجي هن محنت کي مان ڏيندا. سندن صلاحون هميشه منهنجي رهنمائي ڪنديون رهنديون.
عطا محمد جسڪاڻي
خيرپور
1 مارچ 2016ع
0300-3115194
0306-3641367