آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

رنگين بهارون

هي ڪتاب سائين عطا محمد جسڪاڻي جي يادگيرين جو ٽيون مجموعو آھي. عطا محمد جسڪاڻي بنيادي طرح تعليمدان آهي. هڪ فرض شناس استاد جي حيثيت سان هن سنڌ کي سوين لائق شاگرد ڏنا آهن. ڪتاب ”رنگين بهارون“ سندس قلمَ جي نڪور تخليق آهي، جيڪو سندس يادگيرين ۽ گڏوگڏ ڊائريءَ ورقن تي مشتمل آهي. ڪتاب جي آخر ۾ هُنَ ڪجهه ٻين ليکڪن جا چونڊَ مضمونَ به شامل ڪيا آهن جيڪي سندس مطالعي هيٺ آيا ۽ کيس وڻيا.
Title Cover of book رنگين بهارون

مختلف قسمن جا شوق

خيرپور ۾ منهجي پاڙيسري دوست گلبهار ڪٽوهر وٽ وڃڻ ٿيو. سندس مامي جي آڱرين ۾ عجيب قسم جون منڊيون پيل هيون. سندس ٻڙا ايئن هجن ڄڻ جهرڪين جا آنا پيا آهن مان کانئس ان بابت وضاحت معلوم ڪئي. چيائين مان گهمڻ ڦرڻ جو شوقين آهيان. ڀٽائي، قلندر وغيره وغيره گهمندو آهيان ۽ اتان وٺي آڱرين ۾ وجهندو آهيان، بس شوق آهي. ڏاڍو کليا سون منهنجي دوست مونکي چيو شوق بابت مضمون لکو ۽ ڪتاب ۾ ڇپايو مونکي به ان مضمون لکڻ جو شوق پيدا ٿيو. رات جو ذهن کي ڊوڙايم ۽ بلڪل زندگي ۾ پيش آيل سچن ڪهاڻين مان مضمون تيار ڪيم جيڪو هتي لکي رهيو آهيان.
دنيا جي بگاڙ ۾ رڳو بيوقوفن جو ڪردار نه هوندو آهي پر ان ۾ سياڻن جو به ڪردار هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته شوق سياڻن ۽ بيوقوفن ۾ يڪسان موجود هوندو آهي. شوق هڪ عربي لفظ آهي جنهن جي معنيٰ ”خواهش تمنا يا چسڪو“ آهي.
هن جا ڪيترائي قسم ٿيندا آهن پر خاص ٻه قسم ٿيندا آهن هڪ سجايا شوق ٻيو اجايا شوق. پر شوق ته شوق هوندو آهي. چوندا آهن شوق جو ملهه ئي نه هوندو آهي. هڪ شيءَ اگر ٻن هزارن جي هوندي آهي ۽ شوق ڪلهي تي چڙهي ويو ته پنج هزار به ٿورا آهن. اگر شوق جي وڌيڪ وضاحت ڪندا سون ته ڪن کي ڪرڪيٽ کيڏڻ ۽ ڏسڻ جو شوق، ڪنهن کي ڳائڻ ۽ نچڻ جو شوق ڪنهن کي فوٽو ڪڍرائڻ جو شوق، ڪنهن کي اجاين سجاين ڳالهين ڪرڻ جو شوق، ڪنهن کي ٻني ٻاري جو شوق، ڪنهن کي ڪوڙ هڻڻ جو شوق، ڪنهن کي چوري ڪرڻ، جهيڙا ڪرائي ٻن کي ويڙهائڻ جو شوق،ڪنهن کي پکين مارڻ ۽ ڌارڻ جو شوق، ڪنهن کي وڏا وڏا وار رکرائڻ جو شوق، ڪن جو تعليم سان شوق، ڪن جو موالي ٿيڻ جو شوق بحرحال هزارين قسمن جا شوق آهن مضمون لکبو ته ڳالهه الائي ڪٿي وڃي پهچندي، پر منهنجو هڪ دوست آهي جيڪو اڪثر مون سان ڪراچي گڏ هلندو هو. انکي وري ريل گاڏي تي دري واري سيٽ تي ويهڻ جو وڏو شوق هوندو هو جيستائين دري واري سيٽ خالي ٿئي ايسيتائين انتظار ڪندو هو. مون ان کان ان جو سبب پڇيو ته چيائين سائيڊ سان بهترين نظارا ڏسندو آهيان، اسٽيشن تي گاڏي بيهڻ مهل مسافرن جو لهڻ ۽ چڙهڻ جو مزو ۽ وڌيڪ مزيدار ڳالهه ته کائڻ پيئڻ جون شيون به آساني سان وٺندو آهيان. وڌيڪ به گهڻو ڪجهه ٻڌايائين. هڪ ڏينهن ريل گاڏي ڪوٽڙي اسٽيشن کان هلي، جبلن جو پنڌ، اونهاري جي موسم، وري سامونڊي ٿڌيون هوائون ۽ همراهه مزي سان نظارا ڏسي رهيو هو. هڪ اهڙي جاءِ آئي جتان ريل گاڏي اسپيڊ ورتي ۽ منهنجو دوست نظارن ڏسڻ ۾ مست هجي، اوچتو خبر ئي نه پئي سندس مٿي تي پاتل شوق مان ٺهرايل سنڌي ٽوپي سندس مٿي تان آساني سان پرواز ڪري ٻاهر جا نظارا ڏسڻ هلي وئي. همراهه گهڻو ئي هٿ ڊگهيريا پر ٽوپي چيو منهنجو پنهنجو شوق آهي. اهو به هڪ عجيب قسم جو شوق آهي. مون کيس چيو سائيڊ واري سيٽ تي ويهڻ به توهان جو پنهنجو شوق آهي.
اسان جي علائقي جي هڪ ماڻهو کي وڻن تي چڙهڻ جو ڏاڍو شوق هو، ماڻهن کي ڪرتب ڏيکارڻ لاءِ هڪ وڻ تان چڙهي لامن وسيلي ٻي وڻ تي چڙهي وري ٽئين وڻ تي چڙهي هيٺ لهي ايندو هو. ماڻهو کيس واهه واهه ڪري بيوقوف بنائيندا هئا. سندس اها ورزش جاري هئي، هڪ ڏينهن اتفاق سان هڪ وڻ تان ٻي وڻ ڏانهن ويندي لام مان هٿ نڪري ويس ۽ هيٺ اچي ڦهڪو ڪيائين. سندس ٻانهه به ڀڄي پئي ۽ ٻيا ڌڪ به لڳس. ڊاڪٽر ۽ حڪيمن کان ٻانهن ٻڌرائي مهينن جا مهينا ٻانهن ڳچي ۾ ٻڌيون پيو آسيرو پاسيرو گهمندو هو. هي به هڪ قسم جو شوق آهي.
ذهن ۾ جڏهن شوق پيدا ٿيندو آهي ته نفعي ۽ نقصان جي ڪابه خبر نه پوندي آهي. اهڙي قسم جي هڪ پراڻي ڪهاڻي منهنجي ذهن ۾ اڃا تائين گردش ڪندي آهي. جنهن ۾ هڪ ماڻهو پنهنجي ذهني شوق پوري ڪرڻ لاءِ هڪ ڪنڀر جو وڏو نقصان ڪيو هو. 1972ع ۾ آءٌ جڏهن اسڪول مکڻ خان لاشاري ۾ نوڪري ڪندو هوس ۽ رهندو به اتي هوس. اتي ڪنڀر ٺڪر جا ٿانوَ ٺاهي، پچائي، وڪڻي گذر سفر ڪندا هئا. سٺي قسم جي نسل جون اسيل ڪڪڙيون به پاليندا هئا اٽڪل پنج ڇهه سوَ ڪچا دلا ۽ ٻيا ٿانوَ ٺاهي سڪائي رهيا هئا. ڪنڀر اهي ٿانوَ هڪ محفوظ جاءِ تي گڏ ڪري ٻن ڏينهن جي لاءِ پري ڳوٺ هليا ويا.هڪ ماڻهو جيڪو ذات جو جروار هو مون سان گڏ رهندو هو. ڪچن ٿانون جي اندر ڀت جي ڪنڊ ۾ هڪ ڪڪڙ آنن مٿان آري تي ويٺي هئي. مان صبح جو نماز پڙهڻ لاءِ ڏاڪڻ تان لٿس ته ڏٺم هڪ نانگ ڪڪڙ کي ماري سندس آنن جي وچ ۾ ويٺو آهي. مون جروار کي نانگ بابت ٻڏائي نماز لاءِ هليو ويس . جروار لٺ ڳولي نانگ کي به ماريو ۽ ڪجهه دلا به ڀڳائين.مان نماز پڙهي موٽي آيس ۽ جروار کي چيم دلا ڇو ڀڳا اٿي؟ چيانئين هڪ ته نانگ مارڻ لاءِ جڳهه هموار ڪيم ۽ ٻيو ته ڪچن ٿانون ڀڃڻ ۾ايترو ته هٿ کي مزو پيو اچي جو ڪجهه هرو ڀرو به ڀڃي ڇڏيم. هاڻي به دل ۾ شوق ٿي پيو آهي ته اڃا به ڪجهه وڌيڪ دلا ڀڃان. صرف توهان اجازت ڏيو ڇو ته بهانو به آهي ته نانگ کي پئي ماريو سون. مان ان مٿان ناراض ٿي ويس ۽ سختي سان کيس منع ڪيم ته هاڻي متان اهڙو ڪم ڪرين ڇو ته پورهيت جو پورهيو ٿيل آهي. اڳ ۾ ئي ڪافي نقصان ٿي چڪو آهي. ان ماڻهو پنهنجي شوق جي پورائي لاءِ دل ۾ پڪو ارادو ڪيو ته موقعي جو فائدو وٺي شوق پورو ڪندس. مان جڏهن اسڪول هليو ويس ته ان ماڻهو پنهنجو شوق پورو ڪرڻ لاءِ لٺ سان پنجاهه کن دلا ڀڃي ڇڏيا. پوءِ وري ڊپ مان اسڪول م مون وٽ آيو ۽ منٿون ڪرڻ لڳو ته ڪنڀر کي ڳالهه نه ٻڌائجان. مان مٿس ڪاوڙجي ويس. مون کي چيائين توهان صرف هڪ دلو ڀڃي ڏسو هٿ کي ايترو مزو ايندو جو ٻين جي ڀڃڻ جو شوق پيدا ٿي ويندو. نه کڙڪو نه آواز، لٺ ڄڻ پاڻي ۾ ٿي هلي ليڪن مون کيس زيان تان ڏاڍيون ڇڙٻون ڏنيون ۽ هو هليو ويو. پوءِ ته جيڪي ٿيڻو هو سو ٿيو ليڪن هي به هڪ عجيب قسم جو شوق آهي.
منهنجو هڪ دوست خادم حسين ڪٽوهر جيڪو مون سان خيرپور ۾ گڏ رهندو آهي انکي وري شرط رکڻ جو وڏو شوق هوندو آهي. ڪنهن وقت ڪنهن سان ۽ ڪنهن وقت ڪنهن سان پيو شرطون رکندو آهي. هڪ دفعي ٽانگي واري سان ٻه سوَ رپيا واري شرط تي ڪجهه پنڌ تائين ڊوڙ پائڻ واري شرط رکيائين ٽانگي واري گهوڙي کي ڀڄايو ۽ مون واري دوست پاڻ ڀڄڻ شروع ڪيو. پويان موٽرسائيڪلن تي گهڻا ماڻهو شرط ڏسڻ پيا اچن. آخر ۾ ڏهن يا پنڌرهن سيڪنڊن جي فرق سان مون وارو دوست بازي کڻي ويو پر بيهوش ٿي ڪِري پيو. کيس جلدي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو سندس ٻه ڏينهن علاج ٿيو ۽ ٻه ٽي هزار رپيا خرچ اچڻ بعد هوش ۾ آيو کيس شرط وارا ٻه سوَ رپيا به ملي نه سگهيا. هي به هڪ عجيب شوق جو قسم آهي.
مالي فائدي لاءِ يا ذهني سڪون لاءِ ڪي شوق خاص عادت هئڻ سبب به ڪيا ويندا آهن. جيئن مثال طور ڪو ماڻهو هرو ڀرو ڪنهن مقصد کان سواءِ صرف عادت هئڻ سبب ٻين کي نقصان ڏيڻ يا ٻن کي ويڙهائڻ جو ڪردار ادا ڪندو آهي. هن شوق کي به عجيب شوق سمجهيو ويندو آهي.
ڪتابن ۾ پڙهيو آهي ته پراڻي زماني ۾ روم ملڪ جي بادشاهه وڏي شوق مان پنهنجي ئي ملڪ جي هڪ شهر کي باهه ڏياري. پاڻ جبل تي چڙهي ان جو نظارو ڏسندو رهيو ۽ لطف اندوز ٿيندو رهيو. کيس اهو شوق هو ته ڏسان شهر کي باهه ڪيئن ٿي ساڙي. هي وري بادشاهي قسم جو شوق هو.
اڄ کان سٺ، ستر، سال پراڻي وقت جي هڪ شوق واري ڳالهه ڪندو هلان ته هڪ ماڻهو جيڪو اسان جي علائقي ۾ ۽ روهڙي ۾ به رهندو هو. ان کي پراون گهرن ساڙن جو وڏو شوق هو. هرو ڀرو بنان ڪنهن مقصد جي صرف اهو شوق ته گهرن کي باهه ڪيئن ساڙي ٿي. رات جو چوري باهه ڏيئي ڀڄي ويندو هو. جرم ڪري مڃيندو به نه هو. کيس باهه ڏيڻ جو ايڏو ته شوق هو جو هڪ دفعي دادو کان ريل ذريعي هڪ ساٿي سان لاڙڪاڻي وڃي رهيو هو، وچ تي راڌڻ اسٽيشن ڀرسان جوئر جي ڪڙٻ جا ٺهيل ٻه کرا ڏسي پنهنجي ساٿي کي چيائين انهن کرن کي باهه واه جو لڳندي. ائين چئي پنهنجي ساٿي کي چيائين تون ڀلي لاڙڪاڻي وڃ، آءٌ هتي ترسي پوان ٿو، اڄ رات اهي کرا ساڙي صبحاڻي لاڙڪاڻي ايندس. ائين چئي راڌڻ اسٽيشن تي لهي پيو. رات جو اهي کرا ساڙي شوق پورو ڪري صبح جو لاڙڪاڻي هليو ويو. ائين ته چوندا آهن شوق جو ڪو ملهه ئي ڪونهي.
۽ ها! پنهنجي ذاتي شوق بابت لکندو هلان ته مون سڄو جيون لکڻ،پڙهڻ ۽ پڙهائڻ کان علاوه گل، ٻوٽا ۽ وڻن پوکڻ ۾ گذاريو آهي. باغ پوکڻ ۽ باغ ۾ رهڻ تمام گهڻو پسند آهي انب جي وڻ سان بيحد دلچسپي رکندو آهيان. گل پوکڻ به مجبوري ۾ شامل آهي.