آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

رنگين بهارون

هي ڪتاب سائين عطا محمد جسڪاڻي جي يادگيرين جو ٽيون مجموعو آھي. عطا محمد جسڪاڻي بنيادي طرح تعليمدان آهي. هڪ فرض شناس استاد جي حيثيت سان هن سنڌ کي سوين لائق شاگرد ڏنا آهن. ڪتاب ”رنگين بهارون“ سندس قلمَ جي نڪور تخليق آهي، جيڪو سندس يادگيرين ۽ گڏوگڏ ڊائريءَ ورقن تي مشتمل آهي. ڪتاب جي آخر ۾ هُنَ ڪجهه ٻين ليکڪن جا چونڊَ مضمونَ به شامل ڪيا آهن جيڪي سندس مطالعي هيٺ آيا ۽ کيس وڻيا.
Title Cover of book رنگين بهارون

معصوميت ـــ پڙهڻ، پڙهائڻ ۽ رٽائرمينٽ

وقت جي باري ۾ عام طور چيو ويندو آهي،وقت وقت جي پنهنجي ڳالهه ۽ پنهنجو الڳ رنگ هوندو آهي، جيئن ڪڏهن ڏينهن،ڪڏهن رات،ڪڏهن سيارو ڪڏهن اونهارو،ڪڏهن ڀريل ته ڪڏهن خالي. انسان جي باري ۾ نه صرف چيو ويندو آهي پر حقيقت آهي ته انسان کي وقت جي لحاظ سان نه ڄمڻ ياد هوندو آهي نه مرڻ ياد هوندو آهي،باقي ٻنهين مرحلن جي وچ وارو عرصو جنهن کي زندگي چئبو آهي، ان جا مرحلا عجيب قسم جا هوندا آهن،جيئن ننڍپڻ،جواني،پوڙهائپ،پر ان ۾ به هر هڪ انسان جا نصيب موجب الڳ الڳ مرحلا هوندا آهن،ڪي هاري،ڪي زميندار،ڪي واپاري، ڪي مزدور يا ڪي نوڪري وارا،پر هر هڪ ۾ هڪ ڳالهه ضرور شامل هوندي آهي ته ڪي پڙهيل ڪي اڻ پڙهيل هوندا آهن.
تمام وضاحتن کي ڇڏي آءٌ صرف پنهنجي زندگي جي مختلف مرحلن ۽ تجربن جو مختصر ذڪر ڪندس. معصوميت واري دور ۾ اسان جا گهر ميرواهه واري ڪناري جي ڀر ۾ هوندا هئا.جيڪو 1960ع وارو دور هو، اسان جا مائٽ اسان کي واهه تي وڃڻ کان روڪڻ لاءِ اهڙا ته ڊيڄاريندڙ ۽ نفسياتي دڙڪا ڏيندا هئا جيئن اسان واهه تي نه وڃون.ڪنهن به امڪاني نقصان کان بچڻ لاءِ چوندا هئا ته واهه ۾ واڳون، سيسر، ڪڇون يا ڪنهن به نقصانڪار بلا جو نالو وٺي ٻڌائيندا هئا ته ننڍن ٻارن کي کڻي وڃي کائي ڇڏن ٿا. محدود سمجهه جي ڪري اسان ڊپ وچان واهه تي نه ويندا هئا سون، صرف ڪڏهن ڪڏهن وڏن سان گڏجي وهندڙ واهه جو پاڻي ڏسندا هئا سون، پر اسان کي اها به خبر نه هوندي هئي ته واهه ڪٿان وهي اچي ٿو ۽ ڪيڏانهن وڃي ٿو، ۽ سندس وهڻ جو مقصد ڪهڙو آهي؟ جڏهن ڪنهن وقت واهه بند ٿي ويندو هو ۽ پاڻي سڪي وڃڻ ڪري عجيب لڳندو هو،واهه جي تري ۾ ڊڄي ڊڄي راند کيڏندا هئا سون متان اوچتو واهه وهي اچي ۽ اسان پاڻي ۾ ٻڏي وڃون.انهي دوران واهه جي پرين ڀر ٽارين جا وڻ،پڪو بند ۽ ان کان به اڳتي فصل ۽ گهر ڏسي عجب وچان نئين دنيا جو احساس ٿيندو هو ته اڃان اڳتي به ڪا دنيا آهي.
هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته واهه سڪل هو، وڏن ڀائرن سان گڏجي واهه ڪراس ڪري پرين ڀر حاجن شاهه جي ميلي تي گهمڻ ويا سون،ميلي ۾ گهمڻ دوران ڪنهن ڀوڳ ڪيو يا ڪوڙ هنيو ته واهه وهي آيو آهي،اسان جي ميلي گهمڻ جو مزو پريشاني ۾ تبديل ٿي ويو، ته هاڻي گهر ڪيئن پهچندا سون؟ اڃان ذهن پل يا ٻيڙي وسيلي پار ڪرڻ جي سمجهه جي لائق نه هو،ميلو ڇڏي وٺي ڀڳا سون ۽ واهه تي پهچي ڏٺو سون ته واهه سڪل آهي ڊپ وچان گهر پهتا سون،ٻئي ڏينهن تي وري ميلي ته نه ويا سون متان واهه وهي اچي. ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون هيون جن کي ذهن اڃان ڪجهه نه سمجندو هو.
اسڪول دٻي ۾ پري کان استاد پڙهائڻ لاءِ ايندا هئا. عثمان رند يا سوڍڙن کان استادن کي واهه کان لهندي ۽ اسڪول ڏانهن ويندي صرف پري کان ڏسندا هئا سون ۽ انهن کي ايندو ڏسي پري ڀڄي ويندا هئا سون ته متان اسان کي مارين ڇو ته انهن کي اسان جو ذهن الڳ مخلوق سمجهندو هو صرف اهو ئي سمجھندا هئا سون ته اهي استاد ٻارن کي پڙهائڻ نه پر صرف ،مارڻ لاءِ ايندا آهن.ذهن اهو به نه مڃيندو هو ته اسان کي به اتي وڃڻو آهي.اسان صرف اهو سمجهندا هئا سون ته جيڪي ٻار اسڪول ويندا آهن صرف اهي ئي اسڪول ۾ ويندا ۽ اسان ڪڏهن به اسڪول نه ويندا سون.
وقت ته تبديلي آڻيندو آهي. وڏن ڇوڪرن سان گڏجي ڪڏهن ڪڏهن ٻيرن کائڻ جي لالچ ۾ يا ڪنهن دڪان تان شيءَ وٺڻ جي بهاني اسڪول جي پسگردائي ۾ وڃڻ ٿيندو هو.پري کان اسڪول ڏسندا هئا سون ۽ ڊپ کان ويجهو نه ويندا هئا سون ته متان استاد مارين.موڪل واري ٽائيم جڏهن اسڪول بند هوندو هو،ان وقت اسڪول ۾ ويندا هئا سون، بورڊ، بنئچون ۽ استاد جي ميز ڪرسي ڏسي حيرت ٿيندي هئي.آهستي آهستي عمر جي لحاظ سان وڏن ڇوڪرن سان اسڪول ۾ اچڻ شروع ٿي ويا سون،پر جيڪڏهن اسان جي روبرو استاد ڪنهن شاگرد کي مار ڏيندا هئا ته ڊپ وچان وري هفتن جا هفتا اسڪول نه ويندا هئا سون. بحرحال اهو وقت اچي ويو جو اسان کي هر روز لازمي اسڪول اچڻو پوندو هو. سليٽون نه هيون ۽ زمين تي اکر لکندا هئا سون. اهڙي طرح سمجهه ۾ اضافو ٿيندو ويو ۽ مڪمل شاگرد جي حيثيت سان اسڪول ۾ باقاعدي پڙهڻ شروع ٿي ويا سون.
پرائمري اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران واري مرحلي جو ذڪر ڪندي آءُ مختصر تعليم بابت وضاحت ڪندو هلان ته وفاقي حڪومت طرفان 1962ع ۾ نئي تعليمي پاليسي جاري ڪئي وئي، جنهن ۾ سنڌي فائنل يعنيٰ سنڌي ست درجا ختم ڪيا ويا. پرائمري تعليم جيڪا چئن درجن تائين مشتمل هئي، ان کي وڌائي پنج درجا ڪئي وئي. پرائمري جا سڀ ڪتاب حڪومت سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپرائي خوبصورت انداز ۾ ڏنا. انهن ڪتابن ۾ تمام گهڻا معياري ۽ معلوماتي سبق ۽ بيت هئا جيڪي هن وقت به مونکي چڱي طرح ياد آهن. پرائمري تعليم لازمي يعنيٰ زوري قرار ڏيئي نافذ ڪئي ويئي. ايتري قدر جو اسڪول ۾ ڪوبه داخل شاگرد اسڪول کان گسائيندو هو ته هيڊ ماسٽر کي مختيار ڪار صاحب وٽ رپورٽ ڪرڻي پوندي هئي. گسائيندڙ ٻار جي سنڀاليندڙ کي مختيار ڪار صاحب گهرائي ڏنڊ ۽ سزا وجهندو هو. ان وقت استاد توڙي آفيسرن جي وڏي عزت ۽ مرتبو هوندو هو.آفيسر صاحب مرضي موجب اهليت تي امتحان وٺي پاس ڪندو هو.سفارش هرگز قبول نه ڪئي ويندي هئي.
پاليسي موجب ڇهين کان اٺين تائين مڊل ۽ نائين کان ڏهين تائين مئٽرڪ جو امتحان مقرر ڪيو ويو، مڊل جو اٺون ۽ هاءِ اسڪول جو نائون ۽ ڏهون ٻئي درجا بورڊ امتحان وٺندو هو. اسڪولن کي ٽن گريڊن ۾ ورهايو ويو.
(1) پرائمري پنج درجا (2) مڊل اسڪول ڇهين کا اٺين ڪلاس (3) هاءِ اسڪول ڇهين کان ڏهين تائين.
مون پرائمري جي تعليم پنجن سالن ۾ 1961ع کان 1965ع تائين واري عرصي ۾ حاصل ڪئي.لکڻ پڙهڻ ۾ هوشيار ۽ هر ڪلاس ۾ پهريون نمبر هوندو هوس الله سائين منهنجي نصيب ۾ لکڻ پڙهڻ نصيب ڪيو هو.
پرائمري بعد اسان جي علائقي ۾ نه اسڪول هو نه رواج هو.صرف ٺري ۾ هاءِ اسڪول هو ۽ بوزدار وڏا ۾ مڊل اسڪول هو.اتي پهچڻ لاءِ ڪا به سهولت ڪانه هئي. مان ٻه ٽي بوڪ ۽ لکڻ واري اسٽيل وٺي ڳوٺ ۾ استاد مرحوم غوث بخش ملاح وٽ ABC لکڻ ۽ پڙهڻ سکندو هوس. سوبه شام جي وقت ڇو جو استاد صاحب صبح جو ڊيوٽي تي ويندو هو. وقت گذرندو ويو ۽ مون ڇهين ڪلاس جو امتحان جلالاڻي ۾ ڏنو. استاد مون کي ملير پاتو تعلقه ڪوٽ ڏجي ۾ داخل ڪرايو ۽ جلالاڻي ان جي برانچ هئي.ڇهين ستين بعد 1968ع ۾ اٺين ڪلاس جو امتحان هاءِ اسڪول گمبٽ ۾ ڏنم.ان وقت اٺين ڪلاس جو امتحان به بورڊ وٺندو هو. ضلعه خيرپور ۾ صرف ٻه سينٽر هئا هڪ گمبٽ ٻيو ناز هاءِ اسڪول خيرپور. اسڪول مان صرف 25 ڇوڪرا امتحان ڏيڻ لاءِ گمبٽ ويا سون، جن مان تقريبن چوڏهن ڇوڪرا پاس ٿي آيا سون، پر دلچسپ ڳالهه اها هئي ته انهن پاس ٿيل شاگردن ۾ آءٌ پهريون نمبر هوس، خوشي جي حد ئي نه رهي، اٺين پاس جو سرٽيفڪيٽ وٺي ٺري ۾ نائنٿ لاءِ داخلا ورتم.غربت سبب اسڪول پنڌ وڃڻو پوندو هو، سائيڪل وٺڻ جيترا پئسا ڪونه هئا. ڪجهه وقت هاسٽل ۾ به رهيس، ٻه سال محنت ڪري مئٽرڪ جو امتحان گمبٽ سينٽر مان پاس ڪيم،حقيقت ۾ آءٌ پنهنجي اسڪول دُٻي جي تاريخ ۾ پهريون شاگرد هوس جنهن کي سرڪاري ڊيوٽي ملي.
مئٽرڪ بعد 1970ع ۾ ٽريننگ ڪاليگ خيرپور ۾ پي،ٽي،سي جي ٻن سالن واري ڪورس ۾ داخلا ورتم.وڏين تڪليفن بعد 1972ع ۾ پي،ٽي،سي پاس ڪيم جنهن ڪري هڪ مهيني بعد پرائمري استاد ڪري 150 روپيه پگهار تي مکڻ لاشاري ۾ رکيو ويو. اتي هڪ سال رهڻ بعد 1973ع ۾ پنهنجي اسڪول دٻي ۾ بدلي ڪرائي آيس جتي پرائمري جا سترنهن سال نوڪري ڪئي انهي دوران 1973ع ۾ انٽر پاس ڪيم. جڏهن ته 1975ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان B.A ۽ 1977ع ۾ ساڳي يونيورسٽي مان M.A جو امتحان پاس ڪيم.ان وقت بي.ايڊ ۾داخلا تمام ڏکي ملندي هئي. ٽن سالن تائين جدوجهد ڪرڻ بعد 1982ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج آف ايجوڪيشن سکر ۾ بي.ايڊ لاءِ داخلا ورتم.نوڪري کان هڪ سال موڪل ڪري ريگيولر ڪاليج ۾ پڙهيس. هي سال معلوماتي توڙي ترقي جي لحاظ کان منهنجي زندگي جو رنگين سال رهيو. هن سال پهريون دفعو ڪاليج طرفان سنڌ کان ٻاهر پنجاب ۽ سرحد ٽوئر لاءِ وڃڻ ٿيو. ڪافي معلومات حاصل ٿي.هڪ سال جو ڪورس ڪرڻ بعد واپس اسڪول ۾ اچي ڊيوٽي ڪيم.ڇهن سالن بعد 1989ع ۾ ترقي ڏيئي هاءِ اسڪول ٽيچر ڪيو ويو.مڊل اسڪول دٻي ۾ ئي هيڊ ماسٽر ٿي رهيس. جتي 2004ع تائين مقرر رهيس.پنهنجي پٽ وحيد علي جي تعليم جاري رکڻ لاءِ 2004ع ۾ دٻي کان ناز هاءِ اسڪول خيرپور بدلي ڪرائي آيس جتي 10 سال ڊيوٽي ڪيم. ناز هاءِ اسڪول ۾ مون ڪافي ڪجهه حاصل ڪيو. ڪيترن ئي اعليٰ درجي جي ماڻهن سان تعلقات قائم ٿيا. وڏي تعداد ۾ دوست ٺاهيم. پلاٽ وٺي پنهنجو ذاتي گهر ٺهرائي مستقل رهائش اختيار ڪيم.وقت گذرندو رهيو،عمر به 60 سالن تائين پهچي وئي.28 فيبروري 2014ع تي ناز هاءِ اسڪول مان رٽائر ٿيس.اسڪول جي آڊيٽوريم حال ۾ الوداعي تقريب منعقد ڪئي وئي.جنهن ۾ اسڪول جا ٽوٽل استاد، هيڊ ماسٽر صاحب، خصوصي مهمانن ۽ دوستن شرڪت ڪئي.200 کان 250 دوستن شرڪت ڪئي. ڪئميرا ۽ وڊيو کان علاوه کائڻ پيئڻ جو به شاندار انتظام ڪيو ويو. مونکي الوداعي تقريب ۾ گسٽا جي اڳواڻن، اسڪول جي هيڊ ماسٽر ۽ استادن طرفان منهنجي ڪيل خدمتن جي اعتراف ۾ تحائف ۽ خراج تحسين پيش ڪيا.آخر ۾ مون سندن شڪريو بجاءَ آڻڻ لاءِ هڪ مختصر تقرير ڪئي جيڪا ياد گار طور هتي اکر به اکر لکجي ٿي.
”جناب هيڊ ماسٽر صاحب،آيل سڀئي مهمان صاحبان ۽ منهنجا پيارا دوست استاد صاحبان اسلام عليڪم.
شڪر الحمدالله اڄ منهنجي رٽائرمينٽ جو ڏينهن آهي.آءٌ ڏاڍو خوش آهيان. ايترو خوش آهيان جيترو اڄ کان 42 سال اڳ 1972ع ۾ نوڪري ملڻ وقت خوش ٿيو هوس. هن ڏينهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ مون 42 سال جدوجهد ڪئي ۽ سدائين الله تعاليٰ کان دعائون گهرندو هوس ته يا الله مونکي رٽائرمينٽ نصيب ڪجان. شڪرالحمدالله.
هر انسان جي زندگي مختلف مرحلن تي مشتمل هوندي آهي.هڪ مرحلو پورو ٿيندو آهي ۽ ٻيو شروع ٿيندو آهي. جيئن ننڍپڻ، جواني، شادي جو ٿيڻ، اولاد ٿيڻ ۽ پوڙهائپ، يا وري ننڍپڻ، اسڪول ۽ ڪاليج جو مرحلو، نوڪري ۽ رٽائرمينٽ جو مرحلو.اهڙي طرح اڄ منهنجي زندگي جو به هڪ اهم مرحلو پورو ٿي رهيو آهي ۽ سڀاڻي کان ٻيو مرحلو شروع ٿي رهيو آهي.
بحرحال هي مقام آهي سوچڻ جو، ته مون ڇا سيکاريو ۽ ڇا سکيو؟ ڇا حاصل ڪيو ۽ ڇا وڃايو؟ ڪٿي ڪٿي ڪاميابي ملي ۽ ڪٿي ناڪامي؟ ان کان به وڌيڪ ماضي جون يادگيريون، حال تي عمل ۽ مستقبل جي سوچ ۽ اڃا به وڌيڪ ڪجهه.
اڄ مونکي 60 سالن جي عمر جو احساس ٿيو آهي. ارڙهن سال معصوميت ۽ پڙهائي + 42 سال نوڪري ڪئي. جن مان 30 سال دُٻي ۾ رهيس ۽ 10 سال هتي تاريخي ناز هاءِ اسڪول ۾ رهيس.جنهن تي فخر اٿم.اڄ مان اهو محسوس ڪري رهيو آهيان ته پڙهڻ يا نوڪري دوران سڄي عمر مان پابند قانون واري پڃري ۾ قيد هوس،جنهن مان اڄ مونکي آزاد ڪيو وڃي ٿو. تمام گهڻا دوست ٺاهيم، هتان جو اسڪول، پڙهائي، استاد، شاگرد ۽ ٻيو سڀ گلن وارو ماحول ذهن ۾ SAVE ڪري ڇڏيو اٿم. باقي زندگي ۾ هميشه ياد ڪندو رهندس.۽ وقت اجازت ڏني ته انهن يادن کي ورقن ۾ به قيد ڪندس. هيڊ ماسٽر صاحب ۽ ٻيا سڀ دوست جن جو مون سان سٺو سُلوڪ رهيو آهي ۽ مون لاءِ به سڀ قابلِ احترام آهن. سندن جدائي کي جڏهن تمام گهَرائي سان محسوس ڪندو آهيان تڏهن سچ پچ دل ڀرجي ويندي آهي ۽ پنهنجو پاڻ کي ڄڻ بيوسي جي ڀاڪر ۾ جهليو بيٺو آهيان.مون کان ڪا غلطي يا گستاخي ٿي وئي هجي ته سڀ دوست معاف ڪرڻ فرمائين.آخر ۾ آءٌ اردو شعر پڙهي پڄاڻي ڪريان ٿو.
تیری پلکوں پہ رکوں گا رات بھر کے لیے
میں ایک خواب ہوں صبح کو چلا جائوں گا
(خدا حافظ)