پرشوتم
ڪي ڪٿان اچن ٿا،
دائري جا سڀ رستا،
مرڪز ڏي وڃن ٿا.
پرشوتم پيرين اگهاڙي اونڌي لڪ وٽ بيهي عرش کي ڏٺو. آرهڙ جي اس ۾ ان جي اکين اندر تيز تروار تيرن جيئن لهي ويا. هن کي ڦوهه تجلا ڏيندڙ سج چوڌاري ڄڻ تارا چمڪندي نظر آيا. هن اکيون هٽائي نظر کي ڦيريو ته اس هن کي اوندهه جيئن نظر آئي. هن اڪ جي ڦلڙين ۾ ڏٺو ۽ هيٺ ڌرتيءَ جي ڌوڙ ۾ ڏٺو. پري تائين ڀٽن تي گاهه جهڳٽن ۾ ايئن ڇڙوڇڙ هيو، جيئن اتي لاوارث لاش پيا هجن.
گرو هيٺان پاتال مان اونڌي لڪ وٽ بيٺل پرشوتم کي بي چينيءَ مان ڏسي پنهنجي لٺ جي ڇيڙي سان ڌرتيءَ جي ڌوڙ کوٽي رهيو هو، ڄڻ هو بي چين ٿي چريائپ جي حد کي پهچي ويو هجي.
”پرشوتم“ پوءِ هن مٿي ڪنڌ ڪري زور سان چيو ”ڇا تو رب ڏٺو؟“ هن جا لفظ اڃايل پکيءَ جيان مٿي اڏاڻا ۽ ڄڻ پاڻيءَ بوند جي ڳولها ۾ پر هڻندا پري هليا ويا.
پرشوتم مايوس هيو، ان هيٺ ڀٽ جي پاتال ۾ پيل گروءَ کي ڪنڌ نوائي ڏٺو.
”نه گرو، اهو ڪٿي به نه آهي. هن ڀر هن پاسي هتي يا هتي، عرش ۾ يا فرش هو ڪٿي به نه آهي.“ پرشوتم وجداني ڪيفيت ۾ چوندو ويو.
گرو جيڪو بي حد ٿڪل هو، جنهن جي پيرن جون لڦون ڦاٽي پيون هيون، ۽ انهن مان پاڻي اک جي ڳوڙهن جيان پئي وهيو. ان ڌرتيءَ جي هر حصي ڪنڊ ڪڙڇ ۽ ڳجهه ڳوهه ۾ رب رب ڪندي زندگي بسر ڪئي هئي. هن جي من ۾ ڪا مونجهه هئي هڪ آنڌمانڌ هئي، هڪ اضطراب هيو، هڪ بي چيني هئي. هن جي هر آهه ۾ دانهن سمايل هئي. ڪي ئي شڪايتون هيون، مونجهارا هيا، جيڪي هو رب کي ٻڌائڻ پيو چاهي، ان سان سلڻ پيو چاهي، هن هر هنڌ رب کي ڳولهيو هو، ڌرتيءَ تي ڊڪندو ڀڄندو پري پري تائين هليو ويو، هن کي رب ڪٿي نظر نه آيو.
گرو وقت سان پوڙهو ٿي ويو. هن جا وار وقت جي واءُ ۾ بي رنگ ٿي ويا. هن جي طاقت هن جي جستجو ۾ سلب ٿي وئي. ڌرتي جي ڌور ۾ هن جي اگهاڙن پيرن جا نشان ماضيءَ جي مينهن ۾ ڌوپجي صاف ٿي چڪا هئا. هو هاڻي هليو پئي ته لڏيو پئي، هن ڏٺو پئي ته ڏڪيو پئي.
گرو هڪ ڏينهن جڏهن رب رب ڪندي رڪجي ويو ۽ هن جا چپ چرڻ کان جواب ڏئي ويا ته پرشوتم هن کي سهارو ڏنو، ڳاڙهي ڪارونجهر جي چوٽيءَ تي لهندڙ سانوري سانجهه جهڙو پرشوتم، جنهن اڃان زندگيءَ جا پنجويهه سانوڻ گهاريا هيا، جنهن جو جوڀن ڳاڙهي ڪارونجهر جيان سگهارو هو، جيڪو ٿڪل گروءَ جي شڪتي هو.
گرو پنهنجي زخمي وجود سان ڌرتي تي ٿڪجي رڻ جي ريتي تي ويهي رهيو. پرشوتم اونڌي لڪ کان ڪنهن پکي جيان اڏامندو هن وٽ آيو.
”پرشوتم ڇا تو رب ڏٺو؟“ گرو وري هن کي سهڪندي چيو ”تون رب ڏٺو؟ ڪنهن هيٺائين تي، ڪنهن مٿاهين تي، بر جي ڪنهن وسندي ۾، ڪنهن اسندي ۾؟”
پرشوتم گرو اڳيان ڪنڌ هيٺ ڪري ائين ويهي رهيو جيئن اڃايل پکي مرڻ کان اڳ واريءَ تي چهنب رکي پاڻ کي سهارو ڏيندو هجي.
”نه گرو هو ڪٿي به نه آهي.” پرشوتم مايوس لهجي ۾ چيو، “مون تنهنجي ٻڌايل هر گس هر گام تي ان کي پرکيو هو اتي نه آهي، چوڏس رجندڙ صحرا جي واريءَ ۾ وسيل مينهن جي چيڪي مٽيءَ ۾ چڪور ۾، چانڊوڪي ۾، رات جي ستل هستي ۾، ڏينهن جي مستي ۾، هو ڪٿي به موجود نه آهي، گرو رب ڪٿي به نه آهي!”
پرشوتم جي ڳالهه تي گروءَ جي نڙي مان سڏڪي گجگوڙ جيان نڪري هن جي اکين مان آب جاري ڪري ڇڏيو.
”نه پرشوتم نه.“ گروءَ من ۾ ڪنهن اٿندڙ آنڌي کي دٻائيندي چيو هو آهي. ”هو ڪٿي نه ڪٿي موجود آهي، پنهنجين اکين سان ڪنن سان پنهنجي زبان ۽ دماغ سان، هو آهي ضرور هو ڪٿي آهي؟ ان جي وجود کي پسڻو آهي ڳولهڻو آهي.”
گرو ميرن هٿن سان پنهنجا شفاف ڳوڙها اگهيا.
”گرو اهو سڀ تنهنجو وهم آهي.” پرشوتم اتي ئي پٽ تي گرو اڳيان گوڏن ڀر ويٺي چيو ”اهڙي ڪنهن به هستي جو ڪائنات ۾ ڪو به وجود نه آهي جنهن کي ڳولهي ان آڏو دانهين دل جو درد هلڪو ڪجي، اهو نه آهي جنهن جي حسرت تنهنجي من اندر موجود آهي.”
گرو محسوس ڪيو جيئن رجيل شيهي جهڙي اس هاريندڙ سج هن جي دماغ ۾ ٻرندڙ هجي، هن جي من ۾ ڪروڌ ۽ نراسائي ڀرجي آئي.
”پرشوتم“ گرو چيو ”منهنجي اندر جي پڃري ۾ بند گهايل پکي جيان ڦٽڪندڙ صدائون آهن، جيڪي ڪنهن هستي اڳيان آزاد ٿي نروار ٿي اهو سڀ افشان ڪرڻ چاهين ٿيون، جيڪو صدين کان صدائن جي صورت ۾ اتي دفن آهي من جي مقبري ۾ مدفون آهي.”
گرو پنهنجي خشڪ ڦاٽل چپن سان ڳالهائيندو ويو، پوءِ هن ڪنڌ مٿي ڪري اڇي اس ۾ ڌوتل آسمان ڏانهن نهاريو ۽ رڙ ڪري چيو ”ڪٿي آهين اي رب، اي پالڻهار، اي اکين کان اوجهل موجودات جي ڳجهه ۾ موجود، اڻ ڏٺل تون پاڻ ڏيکار ۽ منهنجي اڳيان عيان ٿي ته توکي اندر جا اهي گهاءَ پسايان جن مان رت بوند بوند ٿي وقت جيان وهي رهيو آهي. توکي اهو ڪجهه ٻڌايان جنهن کي ٻڌائڻ لئه منهنجي زبان پاڻي ٻاهر مڇي جيان ڦٿڪي رهي آهي. اي رب تون ڪٿي آهين ؟ مون کي سڏ ڏي ۽ منهنجي سڻ.”
گرو پٽ تان واري کڻي پنهنجن وارن ۾ وڌي ۽ سندس سامهون ويٺل پرشوتم هن کي ٻانهن کان پڪڙي پنهنجي سيني سان لائي ڇڏيو هو. ٻئي عرش مان وسندڙ اس هيٺان سڏڪا ڀري روئندا رهيا، هن سهارو ڏئي گرو کي اٿاريو ۽ پوءِ گرو پنهنجي لٺ سهاري هن سان آهستي قدم کڻندو اڳتي وڌيو، ڪنهن ٻئي هنڌ ڪنهن اهڙي آستان ۾ ڪنهن اهڙي مڪان ۾ جتي اهو موجود هجي، جنهن جي چاهت انهن جي اندر ۾ ڪنهن چوواٽي تي منجهيل ماڳ جيان موجود هئي.”
جڏهن سج ڪارونجهر پويان ڪني ڪڍي بيٺو هيو ته گرو جين مندر جي در تي اچي هيٺ ڪري پيو. پرشوتم سهڪندي هن کي سڌو ڪري ويهاريو ۽ ٺڪر جي ڀريل ٿانو سان گرو جي خشڪ چپن کي آلو ڪيو.
”اي مهاوير“ گروءَ در اندر ارٿي تي ويٺل مرڪندڙ مورتي ڏي منهن ڪندي چيو ”اي ايامن کان ارٿي تي ويٺل تراشيل ديوتا! اي جين مندر جي ديوارن تي اڪريل تاريخ جون تصويرون، توهان ئي ٻڌايو اهو ڪٿي آهي، اي تاريخ جا تراشيل صدين کان خاموش صدائن اندر بت بڻجي ويل ڀڳوان، ڇا رب جو روح تو اندر ڄمي يخ ٿي ويو آهي؟ ڇا تون اها شڪتي آهين، جنهن تحت ڪائنات جو ڪاروبار هلي ٿو ۽ هي شي روان دوان آهي؟ ته پوءِ تون ڳالهاءِ، جيئن منهنجي بي يقين من کي اهو اعتبار اچي ته تون موجود آهين ۽ هن ناانصافين، ظلم غربت ۽ جهالت سان ڀرپور دنيا جو رکوالو ۽ موت کان پوءِ جاڳائي جزائون ۽ سزائون ڏيڻ وارو والي وارث آهين.”
جين جون اڪريل مورتون چپ هيون ۽ ڪارونجهر تي مور ايئن رڙيون ڪري رهيا هئا جيئن اهي ڀڳوان جي ماٺ تي احتجاج ڪندا هجن.
پوءِ سج لڙي هيٺ ٿيو ته ڪارونجهر جو رنگ ڪارو ٿي هر شي تي حاوي ٿي ويو، پريان ڪوين جا نيرا گهر ڪاراڻ ۾ گم ٿي ويا ۽ ڪنهن ڪوي اوندهه ۾ پٿر تي ويهي تاريخ کي شاعريءَ جو روپ ڏئي ڇڏيو. تاريخ جيڪا ظلم ۽ بربريت سان ڀريل هئي، جنهن جي زخمي صفحن مان رت ڳڙي هيٺ واري ۾ جذب ٿي رهيو هيو، تاريخ جنهن جا لفظ ڳڀا ڳڀا ٿي ٽڙيا پکڙيا پيا هيا، تاريخ جيڪا رات جي انڌياري ۾ هڪ دانهن جو تسلسل هئي، جنهن ۾ امن جي خاموشي جي وٿي ڪٿي به سمايل نه هئي.
پرشوتم گروءَ کي سهارو ڏئي هيٺ ڳاڙهين سرن تي ڪريل برج تي ٽيڪ ڏئي وهاريو ته چنڊ آسمان ۾ نروار ٿي چڪو هو، رابيل جهڙن تارن جي سجايل سيج تي چنڊ مهڪندڙ منهن سان مرڪي رهيو هيو. اهو ايئن شانت هو جيئن امن ان جي ٻوٽيل اکين اندر قيد ٿي ويو هجي.
”پرشوتم“ گرو ڌيمي آواز ۾ چيو ”ڇا رب اهو چندرما آهي جيڪو دنيا مٿان مرڪي انسانن جي ڦٽن تي مرهم رکي ٿو؟ مرهم جنهن جي زهر جهڙو ذائقو زخمن کي زندهه رکي ٿو. ڇا اهو ستارن جو رٿ ساڻ ڪري چانڊوڪي جي نور نروار ٿئي ٿو، شايد اهو ئي آهي جنهن جي جلوي جي روشني ۾ تون ۽ مان جاڳي جيئرا آهيون ۽ پسي پساهه کڻي رهيا آهيون.“
پرشوتم چندرما جي پيلي چهري کي ڏسي ڄڻ هيڊي هوا ۾ ساهه کڻندو رهيو، هن کي اعتبار نه آيو ته ڪو عرش ۾ بيٺل چنڊ انهن جي جستجو جي منزل آهي.
”اي گرو ڪائنات جي هر شي پٿر آهي.“ پرشوتم پوءِ چنڊ تان اکيون هٽائيندي چيو ”هر طرف پٿر جا روپ آهن. اهو ڪٿي چمڪي رهيو آهي، ته ڪٿي مدهم آهي، ڪٿي قدمن ۾ پيو آهي، ته ڪٿي عبادت لائق آهي.“
مور چانڊوڪي ۾ رڙ ڪري عرش ڏي اڏامندا ۽ ڪارونجهر تي لهندا رهيا. رات جي پوئين پهر جڏهن ٿڌ ۾ اضافو ٿيو ته گرو خواب ۾ رب کي ڏسي ڄڻ ڏڪندو رهيو.
صبح ٿيو ته هو ٻئي هڪ ٻئي کي دلاسو ڏيندا رب رب ڪندا ڀٽن طرف نڪري ويا.
پوءِ انهن هر هنڌ پڇاڻو ڪيو. ڌرتي جي هڪ ڪنڊ کان ٻئي ڪنڊ تائين، هر گهير هر گهاٽ تان، جتان هو لنگهيا جتان هو گذريا، جتي انهن راتيون بستر ڪيون، جتي انهن ڏينهن گهاريا، انهن مسجد جو در کڙڪايو ۽ رب جو روپ ڏسڻ لئي هيڏانهن هوڏانهن واجهايو. انهن ڪليسا جو رخ ڪيو ۽ ان جي بلند ايوانن ۾ جڏهن رب کي پڪاريو ته انهن جا سڏ هنن تي چٿرون ڪندا پڙاڏا بڻجي واپس موٽيا. ڪليسا جي ايوانن ۾ ابن مريم جو مجسمو وڏي اهتمام ۽ هنرمندي سان اکيون بند ڪري اٽوٽ ننڊ ۾ الوٽ هيو. انهن اتي بلند برجن تي بيهي رب کي پڪاريو ”اي رب تون ڪٿي آهين؟ تنهنجو جسماني احساس ڪٿي محسوس ڪري سگهجي ٿو؟ تنهنجي روح جي خوشبو ڪيئن محسوس ڪري سگهجي ٿي؟ تنهنجو آواز ڪٿي لڪيل آهي؟ تنهنجو پاڇو ڪائنات جي ڪهڙي ڪنڊ تي ٺهي ٿو؟“
گرو پنهنجي لٺ اٿي پراڻي پٿر جي فرش تي هڻي ڄڻ دنيا کي دلي جيان کڙڪائي جاچڻ لڳو ته اها ڪٿان ڏريل ته نه آهي. هن پنهنجا ٻئي هٿ مٿي کنيا ته ڳوڙها لار ڪري اچي هن جي ترين تي ڪريا. پرشوتم هن جي کاٻي ڪلهي پويان ڪنڌ جهڪائي بيٺل هيو.
”اي رب سزا نه ڏي، سمجهه ڏي. جيئن مان توکي سمجهي سگهان.“ گرو هڪ دفعو وري وجداني ڪيفيت ۾ ڳالهائيندو ويو. ”منهنجا مفلوج حواس محدود آهن، اي لا محدود، مون مختصر تي ڪهل ڪر، منهنجين ٿڪل بي نور اکين کي اهڙي روشني ڏي جنهن روشني جي دائري اندر تون جرڪندڙ هجين، پاڻ پساءِ ته من جا مونجهارا ڪاري جهڙ جيان هٽن ۽ مان چنڊ جيان چمڪي پوان.”
گرو روئندو رهيو ۽ پوءِ هن پويان بيٺل پرشوتم ڏي منهن ڪري پڇيو ”پرشوتم ڇا تون رب ڏٺو؟”
پرشوتم ڪنڌ هيٺ ڪري بيٺل هو.
هو پوءِ مندر، مسجدون، ڪليسائون پڇائيندا، آتش ڪدن جي اڳيان اچي بيٺا. اتي چڳون چڳون ٿي لهرائيندڙ هيڊن شعلن جي سامهون زر تشت جي بيٺل مجسمي کي ڏسڻ لڳا، ٻرندڙ باهه جي گرمي ۾ انهن رب جي وجود جي حرارت محسوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. زر تشت جي اکين اندر پٿر ٿي ويل عڪسن ۾ انهن رب جي شبيهه ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي، انهن کي اهو ڪٿي به نظر نه آيو. هو مايوس ٿي ڀڳا ۽ پنهنجي زخمي قدمن سان انهن عجائب گهرن کان پري ڪنهن ڏور ڏيهه ۾ پهتا، ڪنهن پيغمبرن جي وادي ۾، جتي نه ماڻهو هيو نه ڇيڻو، پاڻي هيو نه وڻ. پري پري تائين واري جا ڊهه، هڪ ٻئي کي ڪلهن جو سهارو ڏئي ڌرتي تي پکڙيل هيا. اتي اڃ هئي ۽ رڃ هئي، انهن محسوس ڪيو اهو ڌرتي جو انت آهي. شايد ڌرتي انهن جي پيرن هيٺان لتاڙجي کٽي چڪي آهي.
اوچتو گرو منهن ڀر هيٺ ڪريو، هن جي پيشاني ڪنهن پٿر سان ٽڪرائي ۽ هٿ هڻڻ سان رت هن جي آڱرين تي جرڪڻ لڳو.
”پرشوتم ڇا هيءُ رب آهي؟“ گرو آڱرين مان ٽمندڙ رت کي ڏسي چيو ”هيءُ جيڪو اندر ۾ ڊوڙي ٿو ۽ زندگي سان همڪنار ڪري ٿو؟”
هن گرو جي ڪنهن به سوال جو جواب نه ڏنو ۽ مايوسيءَ مان هن مٿان ويهي سڏڪندو رهيو. گرو وقت جي وهڪري ۾ هيڻو ٿي چڪو هو. هن جو پوڙهو جسم زخمي ٿي چڪو هو. پرشوتم محسوس ڪيو هي گرو جو آخري وقت آهي، هو هاڻي دنيا ڇڏڻ وارو آهي. اهو سوچي ڏک جي هڪ لهر هن جي من ۾ اڀامي هن هٿ سان گرو جي منهن تي پيل وارن کي هڪ پاسي ڪيو. گرو جي جسم جي شڪتي جواب ڏئي چڪي هئي. هو بي سڌ ليٽي آلين اکين سان عرش ۾ نهاريندو رهيو. مٿي اڏامندڙ هليون هن کي ڌرتيءَ تي پريشان انسان ذات جيان سرگردان نظر آيون. پوءِ گرو ڪنڌ لاڙي ڏٺو، پري کان هڪ پهاڙ تي بگهڙ موت جيان ڪَن ڪڍي انتظار ۾ ويٺل هو.
گرو پنهنجيون ڳوڙهن ڀريل اکيون پرشوتم ڏي ڪندي هن کان پيڇو ”پرشوتم ڇا تون رب ڏٺو؟“ پرشوتم ڪيتري دير گرو جي آلين اکين اندر ڏسندو رهيو پوءِ هڪ اداس مرڪ هن جي چپن تي نروار ٿي هن کي محسوس ٿيو جيئن اهو هن کي ملي ويو هجي، هن گرو جي آلين اکين اندر مسلسل نهاريندي ان عڪس کي غور سان ڏٺو ۽ سوچيو ها هي اهوئي آهي جنهن جي جستجو ۾ هو جاڳي صدين کان سرگردان رهيا.
”ها گرو مون رب ڏٺو.” پوءِ هن چيو
۽ هڪ هڏڪيءَ کانپوءِ گروءَ جون آليون اکيون بند ٿي ويون.