اڃايل
هڪ ڏينهن هلندي هلندي ايٽ ۾ ٻڌل اٺ جا چپ سڪي ويا ۽ هو بيهي رهيو، گول ڦرندڙ ايٽ جي ڪينرين مان پاڻيءَ بدران واري ۽ ڌوڙ نيسر ۾ ڪري ۽ نخلستان جو سائو گلم ان ڌوڙ ۾ ميرو ٿي پنهنجو رنگ وڃائي ويٺو. آخر اهڙو ڏينهن به آيو جو ايٽ ۾ ٻڌل اٺ اڃ تي هيٺ ڪريو، ۽ مري ويو. ڪجهه ماڻهن ان کي ازل کان ٻڌل ايٽ جي طوق مان ٻاهر ڪڍي مالهه جي واڍ سان ويڙهي گهلي کڻي پري ڀٽ تي اڇلايو. ڳجهن ڊگهيون چهنبون وجهي اٺ جي جسم جي سڪل رت سان پنهنجي اڃ اجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي اٺ جو ڪاٺ جهڙو ڍانچو تپيل سج هيٺان سڙي خاڪ ٿي ويو. نخلستان جي کجين جا نرڄو ساوا پن ناسي ٿي لڙڪي پيا ۽ کجيون انهن پوڙهين جيان نظر اچڻ لڳيون جيڪي ڏيساور ويل پنهنجن جون ريگستان جي ڀٽن پويان بيهي راهون نهاري، اڻڀا وار کولي انتظار ڪنديون هجن. سج مان ڪرندڙ باهه ڪري واريءَ مان اٿندڙ ڄر ۾ هر شي زلزلي جيان لڏندي نظر اچڻ لڳي. ماڻهن پنهنجا گهر ڇڏيا ۽ انهن پريان ڀٽن تان بيهي ڪنڌ ورائي نخلستان کي ڏٺو، ته اهو نخلستان انهن کي ائين نظر آيو، جيئن صحرا جي سيني ۾ هڪ کڏ اندر سڀ دفن ٿي چڪو هجي ۽ کجيون ميرا وار کولي ماتم ڪنديون هجن.
جڏهن سڀ هليا ويا ته پوڙهي راهب سوچيو ڀٽن پويان ڀٽڪڻ مان ڇا ٿو حاصل ڪري سگهجي؟ انسان جيڪو ازل کان اڃيو آهي ان جي پياس صحرا جو ڪو به کوهه نه ٿو اجهائي سگهي، هو اڃايل آيو آهي ۽ هن کي خشڪ چپن سان دنيا کي الوداعي چمي ڏئي، آلين اکين سان واپس ورڻو آهي. راهب جون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي آيون ۽ هن پنهنجا پوڙها هٿ کڻي رب کي التجا ڪئي “اي رب مون کي مار.” هن چيو ۽ پوءِ هو سڏڪن ۾ مچي ويو. هن جي سڏڪن جو پڙاڏو خاموش صحرا ۾ ڄڻ ويچارا ڪڍي هن کي چڙائڻ لڳو. “اي رب هن حياتي جو ڪهڙو فائدو، جنهن ۾ انساني زندگي کي ڳوليندي موت جي منهن ۾ هليو وڃي. اي رب مان آپگهات ڪري تنهنجي امانت مليل چئن ڏينهن جي حفاظت نه ڪري، خيانت ڪرڻ بدران پنهنجي زندگيءَ جو بچيل هڪ ڏينهن واپس تنهنجي حوالي ڪرڻ چاهيان ٿو. اي رب مون کي موت ڏي، خودڪشي جي گناهه کان پناهه ڏي.”
پوءِ پوڙهي راهب سوچيو، هو پنهنجي زندگي جيڪا هن جي رب جي امانت آهي، اها ان کي واپس ڪرڻ لاءِ تيز سج هيٺان صحرا جي تپندڙ واريءَ تي بيهي، پنهنجا ٻئي هٿ کڻي رب کي التجا ڪندو ۽ هو ايستائين ان کي ٻاڏائيندو جيستائين هن جي موت لاءِ ڪيل التجا اگهامي نه ٿي ۽ رب ان کي قبول نه ٿو ڪري.
اهو سوچي هو اٿيو ۽ ان برباد نخلستان کي الوداع چئي، هو صحرا طرف وڌيو هو تپندڙ سج هيٺان واريءَ جي گرم ڀٽن تي هلندو، هڪ تمام اوچي ۽ وڏي ڀٽ تي چڙهي بيهي رهيو. هن هيٺ ڏٺو سمورو صحرا ڄڻ پاتال ۾ دکندڙ دوزخ جيان هيو، جنهن مان ڄر گناهگارن جي روح جيان پئي اڀري. اوچائي تي هجڻ ڪري هن جي نظر پري پري تائين ٿي پئي، اتي رڃ ۽ سڃ هر طرف واڪا ڪري رهي هئي. اتي ڄڻ اڃ جو شينهن خشڪ چپن سان رت چوسڻ لاءِ جاندارن کي ڳولهي رهيو هيو. هن ڪنڌ مٿي ڪري سج کي ڏٺو، هن محسوس ڪيو سج هن جي دماغ ۾ ٻري رهيو هيو، جنهن جا تيز ڪرڻا هن جي اکين مان نڪري ڌرتيءَ کي روشن ڪري رهيا هيا. هن جون اکيون ٽانڊن جيان دکي رهيون هيون، هو رنو ته هن پنهنجي ڪنن ۾ باهه تي پاڻيءَ ڇنڊا پوڻ ڪري پيدا ٿيندڙ آواز ٻڌا، هن روئي پنهنجا هٿ مٿي کنيا ۽ وري رڙ ڪري رب کي ٻاڏايو “اي رب مون کي مار هيءُ بدحال اڃايل بکايل زندگي مون کان واپس وٺ. اي رب اي جهان جا مالڪ تون مون تي ڪرم ڪر، ٻاجهه ڪر. مون کي پاڻ وٽ گهراءِ مان هن پياس سان ڀريل پاپي دنيا ۾ جيئن نه ٿو چاهيان.”
هو رڙيون ڪري رب کي ٻاڏائيندو رهيو، پريان ڪا ڳجهه اڏامندي ظاهر ٿي ۽ اها ڊيڄاريندڙ سيٽين جهڙا آواز ڪڍندي هن مٿان ڊگها پر کولي ائين هلي وئي جيئن سج اڳيان ڪو ڪاري جهڙ جو ٽڪر لنگهيو هجي، جنهن کن پل لاءِ هن مٿان ڇانو ڪئي هجي. ڳجهه پنهنجن تيز آوازن سان صحرا جي سانت کي ٽوڙي ڇڏيو ۽ پوءِ اها گول چڪر لڳائيندي پر هڻندي پري هلي وئي.
هن سوچيو ڳجهه هن جي مرڻ جو انتظار ڪري رهي آهي، اها وري ضرور موٽندي ۽ هن کي پڪ هئي ته جڏهن اها واپس ورندي ته هو مري چڪو هوندو، هن اڃايل دنيا مان موڪلائي چڪو هوندو ۽ صحرا جي سڀ کان وڏي ڀٽ تي هن جو لاش نيزي پانڌ لٿل سج هيٺان ڳوڙهن کان پاڪ خشڪ کليل اکين سان پيو هوندو ۽ پوءِ اها ڳجهه هن جي پيٽ تي هن جو جيرو کائي هن جي موت جو غم محسوس ڪرڻ بدران خوشي محسوس ڪندي.
پوڙهو راهب پنهنجا ٻئي هٿ مٿي ڪري پوءِ ان ڀٽ تي بيهي روئي رب کي پڪاريندو رهيو. ڪيترائي سج لٿا ۽ چڙهيا، ڪفن ۾ ويڙهيل ڪيترين راتين جا جنازا تارن جي ڪلهن تي چڙهي هن آڏو لنگها، اڃايل چنڊ زرد چهري سان هن مٿان پيلي چانڊوڪي جون الٽيون ڪندو اڀريو ۽ الوپ ٿيو، تپندڙ صحرا جي ڄر ۾ عرش تي تارا پگهر جي بوندن جيان نروار ٿيا ۽ سج آسمان ۾ اڃايل پکيءَ جيان صحرا جي سج ۾ سهڪندو هڪ ڪنڊ کان ٻئي ڪنڊ ڏانهن ڏامندو رهيو. وقت سان گڏ اڻ لڀ ٿي ويل پاڻيءَ ڪري هر شي اڃ جي آتش ۾ جلندي رهي. هن کي ان وڏي ڀٽ تي بيٺي ڪئين ڏينهن لنگهي ويا. هو هر هر رب کي موت لاءِ ٻاڏائيندو رهيو پر موت هن جي ويجهو نه آيو ۽ گرمي ۾ هن جو ماس رجندو پگهرجي بوندن جيان ٽمندو هيٺ ڪرندو رهيو. هن جي منهن جا هڏا ٻاهر نڪري آيا ۽ جسم سڪل ڪاٺين جي ڍانچي ۾ تبديل ٿي ويو. ڪڏهن هن جي من ۾ اهو خيال پئي آيو ته هو توبهه تائب ٿي رب کان معافي وٺي، انسانن جيان نخلستان کي الوداع چئي، اهڙي وسندي طرف نڪري وڃي جتي ڪنهن گهاٽي وڻ هيٺان ويهي کوهه جو ٿڌو پاڻي پي وري زندگيءَ جي وهڪري ۾ شامل ٿي وڃي. وري ڪڏهن هو سوچڻ لڳو اهو سڀ فضول آهي، جڏهن موت هڪ ڏينهن اچڻو آهي ته پوءِ زندگي کي ڊيگهه ڏيڻ مان ڇا فائدو؟ وري هڪ نئين پيڙا ۾ مبتلا ٿي ڪشالن ڪڍڻ مان ڇا هڙ حاصل ڪري سگهجي ٿو؟
هو سوچي ئي رهيو هيو ته هن مٿان هيٺ گرميءَ ۾ چانديءَ جيان چمڪندڙ واريءَ جي ڀٽن کي ڏٺو، هڪ هرڻ پنهنجي ڌڻ کان وڇڙجي رستو ڀلجي اڪيلو ان صحرا جي ڀٽن تي ڊوڙي وائڙن جيان چوڌاري ڏسي سهڪي رهيو هيو. اڃ کان ان جو وات خشڪ هيو. سندس جسم هيڻو ۽ ڪمزور جيئن ڪيترن ڏينهن کان ان کي کائڻ ۽ پيئڻ لاءِ ڪجهه به نصيب نه ٿيو هجي. اهو هرڻ هر هر ناسون هڻي هيڏانهن هوڏانهن نهاري وائڙن جيان ڪنڌ کڻي عرش ڏانهن ڏسي رهيو هيو.
پوڙهي راهب محسوس ڪيو اهو هرڻ ڄڻ هن جيان هيو جيڪو پڻ رب کان ڄڻ موت لاءِ دعا گهري رهيو هيو. ان جي جسم ۽ منهن جون ٻاهر نڪتل هڙٻاٽون هن جيان هيون ۽ سنهڙين ڪاٺيءَ جهڙين ٽنگن جو پاڻي صحرا جي باهه ۾ سڪي ويو هيو، هرڻ حيرانگيءَ مان هڪ طرف ڏسي ننڍڙو پڇ لوڏي، پوءِ وٺي ڊوڙيو ۽ هو پري ڊوڙندو هليو ويو. پوڙهي راهب جون اکيون مٿان ڀٽ تان ان هرڻ جي ڊوڙن پويان ڀڄنديون ويون. هرڻ هڪ طرف ڊوڙندو پري وڃي بيهي رهيو ۽ پوءِ وري وائڙن جيان هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳو. ان ڪنڌ ورايو ۽ پوءِ وٺي واپس ڀڳو ۽ ڀڄندي ڀڄندي سهڪي پيو. اهو ائين ان صحرا ۾ ڪيتري دير هڪ پاسي کان ٻئي پاسي ڀڄندو سهڪندو رهيو. پوڙهي راهب سوچيو پڪ سان اهو هرڻ صحرا جي سڃ ۾ رڃ اندر ڦاسي پيو آهي. ان جون اکيون پاڻيءَ جي پاڇي ۾ پياس جي پناهه گاهه لاءِ تڙپي رهيون آهن، اهي موت جي منهن ۾ زندگيءَ جون ريکائون ڳولهي رهيون آهن، اهي جيئري رهڻ جي جستجوءَ ۾ موت جي وڇايل دوکي جي ڄار ۾ پاسي پيون آهن. پوڙهو راهب رڃ پويان اڃايل هرڻ کي زندگيءَ جي جستجو ۾ هڪ ڪنڊ کان ٻئي ڪنڊ تائين ڀڄندو ڏسندو رهيو. هن محسوس ڪيو اهو هرڻ جيئن هن جي پياسي روح جيان آهي، ان روح جيان جيڪو سوڪهڙي ۾ سڙي ويل جسم سان پرواز ڪرڻ لاءِ ته تيار آهي پر جيئري رهڻ جي جستجوءَ ۾ زندگي جي رڃ پويان ڊوڙي ٽانڊن جيان دکندڙ زندگيءَ تي پاڻيءَ ڇنڊڻ لاءِ بي تاب لڙڪندڙ خشڪ زبان سان واجهائي رهيو آهي.
پوءِ اهڙو وقت به آيو جو اهو هيڻو هرڻ صحرا جي رڃ پويان زندگيءَ کي ڳولهيندي ڳولهيندي هڪ هنڌ ماٺو ٿي بيهي رهيو، ان جون ٽنگون ساڻيون ٿي پيون ۽ اهو ٿيڙ کائڻ لڳو. اهو هيٺ گرم واريءَ تي ويهي رهيو ۽ پوءِ عرش ڏي اکيون کڻي پنهنجا خشڪ چپ چوريندو رهيو. هرڻ پوءِ نماڻا نيڻ کڻي پري صحرا ۾ ڏٺو ۽ ان جي اکين ۾ ڄڻ وري مٺي پاڻيءَ جو سمنڊ ڇوليون هڻڻ لڳو. اهو هرڻ همت ڪري اٿيو ۽ وري وٺي ڀڳو اهو ڊوڙندو ويو ۽ پوءِ ان جون ٽنگون هڪ ٻئي ۾ وچڙڻ لڳيون، اهو ٿيڙ کائي هيٺ ڪريو ۽ ان واريءَ تي مٿو رکي عرش ڏانهن ڏٺو، تيز اس ۾ ان جي اکين جو رنگ سائو ٿي ويو ۽ راهب ڏٺو ڪا ڳجهه هڪ دفعو وري ڪنهن ڪاري موت جي پاڇي جيان هن مٿان لنگهندي، وات مان تيز آواز ڪڍندي اوڏانهن اڏامندي وئي جتي هرڻ هيٺ ڪريل هيو. ڳجهه جڏهن تيز چهنب هرڻ جي ماس ۾ وڌي ته ان جي جسم مان رت جي ڪا به بوند ڇڻي اتي اڃايل واريءَ مٿان ڪا نه ڪري، ڄڻ هرڻ جو بت صحرا ۾ تبديل ٿي چڪو هيو، ان مان روح پاڻيءَ جي گرم ٻاڦ جيان اڏامي چڪو هيو.
پوڙهو راهب هرڻ جي موت تي نه خوش هيو ۽ نه ڏکايل، هن سوچيو زندگي رڃ جيان آهي، جنهن پويان ڊوڙڻ سان موت کانسواءِ ڪجهه حاصل نه ٿو ڪري سگهجي. پوءِ هن کي خيال آيو ته شايد اها ئي بهادري آهي ته ڪمزور هرڻ جيان موت جو انتظار ڪرڻ بجاءِ جيئري رهڻ جي جستجو ۽ ڪجهه حاصل ڪرڻ جي حسرت ۾ هڪ جدوجهد کان پوءِ جسم کي ڪنهن ظالم ڳجهه حوالي ڪجي، پر موت برحق آهي. اهو ڪنهن به صورت ۾ اچڻو آهي. دنيا اڃايل آهي، بکايل آهي، ڏکايل آهي. پوءِ پوڙهي راهب جي اکين مان ڳوڙها وهي رب ڏانهن کنيل هن جي هٿن تي اچي ڪريا. هو سڏڪن ۾ مچي ويو ”اي رب منهنجي تپيندڙ من کي شانتي ڏي سڪون ڏي، اي رب مون کي موت ڏي.“
هن چيو ۽ هو صحرا جي اوچي ڀٽ تي بيهي، رب کي ٻاڏائي روئندو رهيو.
وقت سان وڏيءَ ڀٽ تي بيٺل هن جو جسم پري کان ائين نظر اچڻ لڳو ڄڻ اهو ٿوهر جو ٻوٽو هجي، جنهن جي شاخن تي ڪنڊا نڪري آيا هجن. هن جو جسم تپيل تيز سج مان نڪرندڙ گرميءَ ڪري سڪي ٺوٺ ٿي ويو ۽ دعا لاءِ کنيل هٿ اتي ئي ڄمي ويا. هن جي اداس اکين مان ڳوڙها اڃان به ڇڻي هن جي ٻڪ ۾ ٿي ڪريا ۽ چپن جي چرپر ۾ ساڳيون رب کان موت لاءِ التجائون هلڪن آوازن ۾ ٻڌجي رهيون هيون. هڪ سانجهيءَ جو جڏهن سج صحرا جي ڀٽ پويان ڌرتيءَ جي نه سهندڙ عذاب کي محسوس ڪندي پنهنجيون اکيون لڪائي رهيو هيو ته هن پنهنجي ٿوهر جهڙي جسم ۾ لڙڪندڙ نير وهائيندڙ اکين سان ڏٺو پريان ڪارو نانگ لهندڙ ڳاڙهي سج اڳيان واريءَ تي وڪڙ هڻندو، هن ڏانهن وڌي رهيو هيو، نانگ ڪڏهن رڪجي ڪنڌ مٿي ڪرڻ، ڦڻ ڪڍي زبان هوا ۾ لهرائي هيڏانهن هوڏانهن ڏسي جائزو وٺي رهيو هيو ۽ وري اهو هيٺ هلندو پوڙهي راهب ڏانهن اچي رهيو هيو.
پوڙهي راهب سوچيو نيٺ رب هن جي ٻڌي ۽ موت جي فرشتي کي هڪ نانگ جي روپ ۾ هن ڏانهن موڪليو جيئن اهو سندس زندگيءَ کان ڇوٽڪارو ڏئي سگهي.
پوڙهو راهب ڏاڍو خوش ٿيو ۽ اکيون ان نانگ جي چال ۾ اٽڪائي ان جي پاڻ ڏانهن پهچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو، نانگ وڌي هن ويجهو آيو ۽ ان ڦڻ کڻي هن جي جسم جو جائزو ورتو، پوڙهي راهب سوچيو سندس آخري وقت اچي چڪو آهي، هاڻي هن جون دعائون قبول ٿيڻ واريون آهن، هاڻي هو هن ڏکن ۽ پيڙائن سان ڀريل دنيا مان روانو ٿيڻ وارو آهي، هن موت جو انتظار ڪرڻ لاءِ جيئن ئي اکين کي بند ڪيو ته ٻه ڳوڙها انهن مان ڇڻي هن جي ٻڪ ۾ اچي ڪريا. جڏهن ڪجهه وقت کان پوءِ هن اکيون کوليون ته هن ڏٺو نانگ هيٺ هن ڀرسان موجود نه هيو اهو ٿورو پري نڪري ويو هيو ۽ بي تابيءَ مان هر هر ڪنڌ مٿي ڪري زبان هوا ۾ هڻي ڪجهه ڳولهي رهيو هيو. پوڙهو راهب مايوس ٿي ويو هن سوچيو جيڪڏهن موت جو اهڙو بهانو سندس هٿن مان نڪري ويو ته شايد وري موت هن ويجهو نه ايندو اهو سوچي هن وٺي رڙيون ڪيون.
”اي سانوري سانجهيءَ جهڙا موت جا فرشتا، مان هتي موجود آهيان، جنهن کي تون ڳولهي رهيو آهين. اهو مان ئي آهيان. جنهن رب آڏو زندگيءَ کان پناهه لاءِ موت گهرندي پنهنجو هيڻو حال ڪري ڇڏيو آهي. مون ڏانهن ڏس ۽ مون کي موت حوالي ڪري پوءِ روانو ٿي.“
پوڙهو راهب هٿ کڻي روئندو رهيو ۽ جوش کان هن جي ڳنڍيون ڏئي ويل جسم ۾ لرزش پيدا ٿي، نانگ هڪدم ڦڻ ڪڍي ڦوڪ ڏني ۽ هن جي زبان ڄڻ جوش ۾ ڏڪڻ لڳي، نانگ موٽيو ۽ هن جي ڀرسان اچي ڄنگهن ۾ وچڙيو. اهو هن جي جسم سان ويڙهجي مٿي هن جي چيلهه سان گسندو اچي ٻانهن تي ويٺو ۽ رب ڏانهن کنيل هن جي هٿن وٽ ڦڻ ڪڍي ڦوڪون ڏئي هن جي منهن سامهون اُڀو ٿي بيهي رهيو.
پوڙهي راهب کي هاڻي پڪ ٿي وئي ته سندس دعا قبول ٿيڻ واري آهي. ڪجهه وقت کانپوءِ هو موت جي منهن ۾ هليو ويندو. هن جو ڪارو نيرو مڙهه واريءَ جي ڍير تي پيو هوندو ۽ ڪا ڳجهه هن جو جيرو کائيندي. هن پنهنجي منهن سامهون هٿن وٽ ڦڻ ڪڍي ويٺل نانگ کي ڏٺو، جيڪو هن کي ڏنگڻ لاءِ ڄڻ بلڪل تيار هيو. پوڙهي راهب آخري دفعو روئي رب کان گناهن جي معافي ورتي ۽ پوءِ اکيون بند ڪري نانگ جي ڏنگڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو. نانگ ڪجهه دير هن جي هٿن وٽ ويٺو رهيو، پوءِ ان ڪنڌ مٿي ڪري پنهنجو وات کولي جهٽڪي سان هيٺ ڪيو ۽ ان جو وات وڃي پوڙهي جي هٿن تي ڪريو، نانگ ڏاڍو اڃايل هيو، ان ٻڪ ۾ پيل پوڙهي راهب جا ٻه چار وهايل ڳوڙها چپن سان چوسيا ۽ پوءِ ڄڻ خدا جو شڪر ڪري هو واپس هن جي چيلهه چوڌاري وڪڙ هڻي گول ڦرندو هن جي ڄنگهن وٽان لهي واريءَ تي هلندو پري اوندهه ۾گم ٿي ويو.
پوڙهي راهب جا ٺپ ئي ٺري ويا، هن اٻاڻڪين اکين سان ان موت جي فرشتي کي واپس ويندي ڏٺو، جيڪو هن کي مارڻ بنا موت ڏئي ويو هيو. هن گناهه جي محسوس ٿيندڙ شدت کان موت لاءِ مٿي کنيل هٿ پنهنجي منهن کي ڏئي ڇڏيا ۽ پوءِ هن انهن هٿن سان وهندڙ ڳوڙهن کي اگهي ڇڏيو.