فونو
يادون من ۾ سمايل آهن،
جيئن
پاڇا ڇانو ۾ لڪيل آهن.“
موچي بازار جون سوچياڻيون ست رنگي گهگها پائي دڪانن ٻاهران قطارن ۾ ايئن ويٺل هونديون هيون، جيئن ڪيئي رنگن وارا پکي ڍنڍ تي لٿا هجن. بازار ۾ ماڻهن جي اچ وڃ لڳي پئي هوندي هئي. بازار جي بلڪل وچ تي هڪ پراڻي وڏي دڪان ۾ پوڙهو جيٺا نند ڪنهن مفڪر جيان ويٺل هوندو هيو. هن جي ٺوڙهه جي پاسن کان اڇا وار ڪنن تائين ڪريل هوندا هيا، سدائين اڇي ڪڙتي ۽ پاجامي ۾ ملبوس هوندو هيو. اسٽول تي ويٺي هر ايندڙ ويندڙ کي ايئن پيو ڏسندو هيو جيئن هر ڪو هن لاءِ اوپرو هجي ۽ هو ان کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪندو هجي. هو ڳالهائيندو گهٽ هيو ۽ ڪنن تي هٿ رکي پوءِ ٻڌندو هيو. هن جي وڏي دڪان ۾ ڪاٺ جي ٺهيل خانن اندر گرامو فون ريڪارڊ بي ترتيبيءَ سان رکيل هوندا هيا ڪيترائي رڪارڊ دڪان جي فرش تي هيٺ مٽيءَ ۾ پيل هوندا هيا، ان پراسرار پوڙهي سان ماڻهو گهٽ لهه وچڙ ۾ ايندا هيا ۽ هو به ڪن خاص گراهڪن کي پنهنجا رڪارڊ وڪڻندو هيو. سانجهيءَ جو جڏهن وهيا سنڌوءَ پار کان کارڪون کائي شهر مٿان ولر ڪري اڏامندا لنگهندا هيا، ته شهر جون چمنيون روشن ڪيون وينديون هيون. پوڙهي وٽ دخل تي هيڊي شعلي وارو پراڻو جست جو چراغ ٻرندو هيو، جنهن ۾ هن جي منهن جون ريکائون گهريون ٿي وينديون هيون.
غريب آباد محلي جو ماستر محمد بخش راڄ گهاٽ واري پاسي کان وکون کڻندو ان وٽ پهچندو هيو ۽ پوءِ رڪارڊن جي ڏي وٺ ٿيندي هئي. جيٺانند هن لاءِ خاص رڪارڊ سڀ کان هيٺين دراز ۾ رکندو هيو. جنهن کي کولي هو ريپر ڇنڊي سليٽ جهڙو ڪارو رڪارڊ هن کي ڏيندي چوندو هيو ”ماستر خيال سان.“
ماستر محمد بخش ان رڪارڊ کي ايئن وٺندو هيو جيئن کيس انعام ۾ مليو هجي. هو ٻئي هٿ ورائي ان ۾ وجهندو هيو ۽ پوءِ گهر روانو ٿيندو هيو. هن جي وڃڻ کانپوءِ پوڙهو جيٺانند اسٽول تي ويهي لڪيل مرڪ سان من ۾ شرارتي ٽهڪ ڏيندو هيو.
ماستر محمد بخش ڏينهن جو ٻار پڙهائي شام جو گهر موٽندو هيو ته گهر ٻاهران ٺهيل اوطاق ۾ سندس پوڙهو پيءُ کٽ تي ويهي حقو ڇڪيندو هيو. جڏهن هو نڙ ۾ وات وجهي ٻاڦ وٺڻ لاءِ مٿي ڇڪيندو هيو، ان مان گڙ گڙ جا آواز ايئن نڪرندا هيا، جيئن ڪنهن بکايل جي پيٽ ۾ پيدا ٿيندڙ هجن. ماستر اوطاق ۾ وڃي پيءُ سان حالي احوالي ٿي گهر ۾ گهڙندو هيو ۽ پوءِ جڏهن رات ايندي هئي ته روڊ پريان شيدي بادشاهه جي مزار تي ڌمال لڳندي هئي، جنهن جو آواز شهر جي هڪ ڪنڊ کان ٻئي ڪنڊ تائين پيو ٻڌبو هيو. ان ڌمال تي ماستر جي گهر اندر اڱڻ ۾ بيٺل نم جي وڻ تي ويٺل پکي ائين چپ ٿي ويندا هيا جيئن سرور ننڊ جي صورت ۾ انهن جي کنڀن اندر واسو ڪيو هجي. اتي ئي وٿاڻ تي مينهن پڇ لوڏي بيٺي اوڳاڇيندي هئي ۽ ان جو ڪونر سدائين خالي هوندو هيو. ڪچي جاءِ جي مٿين منزل تي ماستر جو فونو هڪ ڪاري چوڪور آبنوسي ٽيبل تي رکيل هوندو هيو. ڀرسان ئي چانديءَ جيان چمڪندڙ سيون هڪ دٻي ۾ پيل هونديون هيون ۽ ڪارا رڪارڊ فوني ڀرسان رکيل هوندا هيا. ماستر رات جي ماني کائي اڇي فتي ۽ گوڏ ۾ اچي فوني مٿان بيهندو هيو. هو هيٺ جهڪي جڏهن وڏي احتياط سان فوني جي چاٻي ڦيرائيندو هيو ته هن جا اگهاڙا ماس سان وٽيل ڏورا ڀرسان ٻرندڙ هٿ بتيءَ جي روشني ۾ ڪنهن ناهموار رستي جي کڏن کوٻن جيان ڏسبا هيا جن تي هن جون سيٽيل رڳون نانگ جيان گهمندي نظر اينديون هيون.
ماستر جڏهن فوني کي چاٻي ڏئي رڪارڊ رکي سئي بدلائيندو هيو ته اتان پاتال مان ڪنهن دفن ٿيل اڃايل آواز ۾ ڪو ڪلام شروع ٿي ويندو هيو. ماستر ڀرسان ئي پيل بيد جي آرام ڪرسي تي ويهي اکيون ٻوٽي اڳتي پوئتي ائين لڏڻ لڳندو هيو جيئن فوني مان نڪرندڙ آواز تي هو وجد ۾ اچي ويو هجي. جڏهن آواز فوني مان نڪري ڪمري ۾ ڦهلجي ويندو هيو ته پوءِ اهو دروازي مان نڪري ٻاهر وڌاوڙي مان ٿيندڙ ڏاڪڻ مان هيٺ لهي اڱڻ ۾ اچي ٽن بند ڪمرن اڳيان لنگهي پريان دالان ۾ داخل ٿيندو هيو ۽ اتي جاري ۾ رکيل هٿ بتي کي روشن ڪري ڇڏيندو هيو. ان جي هلڪي روشني ۾ ڪجهه ڊگها پاڇا چرپر ڪرڻ لڳندا هيا، اتي هڪ ماءُ هوندي هئي ۽ ان جا ٻار هئا، جيڪي پراڻين واڻيل کٽن تي اکيون کولي ليٽيل هوندا هيا. هيڊي بتي جو عڪس هر ٻار جي اکين ۾ الڳ شعلي جيان لڏندو هيو. ماءُ جيڪا بي حد ٿڪيل هوندي هئي، اها ڪمري جي پرئين ڀت ڀرسان پيل کٽ تي ليٽي ٻارن کي ڪهاڻيون ٻڌائيندي هئي.
شهزور بادشاهه ۽ لال بادشاهه جا قصا، روپ ۽ بسنت جون ڳالهيون، اهڙيون انيڪ ڪهاڻيون جن جا ڪاردار جيئرا ٿي هٿ بتي جي سامهون واري ڀت تي پاڇن جي صورت ۾ نروار ٿيندا هيا، ٻارن جون اکيون ڪردارن جي چرپر سان حرڪت ڪنديون هيون.
ماءُ چوندي هئي ”پوءِ هوا لڳي ۽ اها واچوڙي ۾ تبديل ٿي وئي، گول ڦرندي مٿي اڏامي ۽ مينهن سان گڏ گجگوڙ ٿيا، کنوڻ کلي، ته روشنيءَ ۾ هڪ ديو ظاهر ٿيو شهزادي مياڻ ماڻ تلوار ڪڍي ۽ ديو تي حملو ڪيو.“
ماءُ ٻڌائيندي هئي ۽ ٻار چادرن ۾ سوڙها ٿيندا ويندا هيا، ڪو وقت ايندو هيو جو ڳالهه ٻڌائيندي ٿڪيل ماءُ کي ننڊ جو گهيرٽ اچي ويندو هيو ۽ اها چپ ٿي ويندي هئي، هر طرف سانت ڇائنجي ويندي هئي ڄڻ ڪائنات رڪجي وئي هجي. ڪو ٻار رڙ ڪندو هيو.
”امان پوءِ ڇا ٿيو اڳتي ٻڌاءِ؟“
ٻار جي رڙ تي ماءُ ڇرڪ ڀري جاڳندي هئي ۽ قصو وري شروع ٿي ويندو هيو. ڪو ٻار اڀو ٿي کٽ تي ويهي چوني ڇڻيل ڪچي ڀت تي هٿ ڦيري ڇڻيل چاپڙن جي نشانن ۾ چٽيل عڪسن اندر ماءُ جي ٻڌايل قصي جي ڪردارن کي مورتين جي صورت ۾ ڏسڻ شروع ڪندو هيو. چوني ڇڻيل ڀتيون لاتعداد عڪسن سان سٿيل هونديون هيون. هر رخ کان اتي مورتون پيون ٺهنديون ۽ تبديل ٿينديون هيون. ماءُ جي ڀڪ ۾ ستل ننڍو ڀاءُ ڀتين تي چرپر ڪندڙ وڏن ٻارن جي ڊگهن پاڇن کان ڄڻ ڊنل لڳندو هيو، ماءُ جي چولي سان چنبڙي ان جي ڇاتي ۾ منهن لڪائي ڇڏيندو هيو.
ماستر محمد بخش جو فونو رات جو دير تائين وڄندو رهندو هيو. ان جي ڀونپوءَ مان آواز ڪتي جيان نڪري ڄڻ گهر جي چوڪيداري ڪندو هيو. جڏهن فونو بند ٿيندو هيو ته اوندهه ڀونپوءَ مان نڪري ٻاهر وڌا وڙي مان ٿيندي ڏاڪڻ مان هيٺ لهي اڱڻ ۾ اچي ٽن بند ڪمرن اڳيان لنگهي پريان دالان ۾ داخل ٿي اتي جاري ۾ رکيل هٿ بتيءَ جي هيڊي شعلي کي وسائي ڇڏيندي هئي ۽ سڀ پاڇا اوندهه ۾ گم ٿي ويندا هيا.
پوءِ ماستر محمد بخش جو فونو وقت سان گڏ وڄندو رهيو، ان کي ڏنل هر چاٻيءَ تي هٿ بتيءَ جا ڪئين هيڊي روشنيءَ وارا شعلا ٻريا ۽ وسيا. اڱڻ ۾ ٻڌل ڪاري مينهن جي ڪونر هيٺان رهندڙ چٽڪٻرا نانگ راتين جو جاڳي اتي بيٺل سگهاري نم جي ٿڙ تي چڙهي سرسبز ڏارن ۾ لڏيا ۽ لٽڪيا، انهن جا سوين جيتن جهڙا ٻچا پيرن هيٺان لتاڙجي مئا. تازي پيتل مينهن جي کير جي گج ٻارن جي مٿين چپ تي اڇين مڇن جيان ٺهي ۽ تيز گرميءَ ۾ جڏهن ٻارن جون اکيون اٿلي پيون ته چيڪي مٽي جا پها ٺاهي اکين ۾ کنڊ ٻرڪي انهن تي رکيا ويا. قطار ۾ بيهاري انهن جا طهر ڪيا ويا ۽ ٻار ڳاڙهيون گوڏيون ٻڌي سور کان سٿرون کولي اتي اڱڻ ۾ گهميا.
مٿي ڪمري ۾ فوني تي رکيل رڪارڊ ڦرندو هيو ته ٻاهر وڌا وڙي ۾ رکيل جنڊ ڦرندو هيو. ڏاڏيءَ جا هٿ جنڊ کي ايئن ڦيرائيندا هيا جيئن اهي رب کان رزق کسيندا هجن. جنڊ جي ڪنارن تان اڇو ناسي اٽو ڏڏرجي سنهو ٿي هيٺ رڙهندو ان چوڌاري ڏنل ٺڪر جي ٻني اندر ڪٺو ٿيندو هيو. ڪڏهن ڏاڏي ننڍو ڦوٽو وجهي ڏڏريل ڪڻڪ جو ڀت پچائيندي هئي ته ٻار ان جا ڪوسا ڍڪ ڀري گيت ڳائيندا هيا. ٻار گاسليٽ جي هٿ بتيءَ جي روشنيءَ تي سمهندا ۽ جاڳندا هيا ۽ پوءِ اهي دونهين کان هڪ ٻئي جي ڪاراٽجي ويل ناسن تي ٽهڪ ڏئي تاڙيون وڄائيندا هيا.
فونو هلندو هيو ۽ ماکيءَ جون مکيون فوني مٿان ويهي آوازن جي رس چوسينديون هيون ۽ اهي نم جي ڏارن ۾ ننڍڙي ڍولڪ جهڙا مانارا ٺاهينديون هيون.
موچي بازار جي جيٺانند ان رات جيڪو رڪارڊ ماستر کي ڏنو، اهو دڪان جي هڪ ڪنڊ ۾ ميري فرش تي پيل هيو. ان جڏهن اهو کڻي ڪپڙي سان صاف ڪري ماستر کي ڏنو ته ماستر ڪيتري دير ان کي اٿلائي پٿلائي ڏسندو رهيو جيئن سندس دل چوندي هجي ته هو ان کي بدلائي ان جي جاءِ تي ٻيو ڪو رڪارڊ ڏي. ”ماستر ڏسڻ ۾ پراڻو آهي پر اٿئي صفا نئون.“ جيٺانند دخل تي ٻرندڙ چراغ جي روشنيءَ ۾ پيلي پگهر واري پيشانيءَ کي کنهندي چيو.
ماستر ڏاڍي بي دليءَ سان رڪارڊ وٺي ريپر ۾ وڌو.
”چڱو ڄيٺانند جيڪا تنهنجي مرضي، ڀلا ڪڏهن پهريون تنهنجي هٿ جو ورتل رڪارڊ موٽائيو آهي.“
ماستر کليو ۽ ڄيٺانند جي چپن تي هڪ مرڪ نروار ٿي، جيڪا ڊگهي ٿيندي هن جي هڪ ڪن کان ٻئي ڪن تائين ڦهلجي وئي.
رات گهري ٿي ته ستارا مائيءَ جي داڻن جيان اڀ جي بدن تي نروار ٿي بيهي رهيا. ماستر چاٻي ڏئي سئي بدلائي فوني تي رڪارڊ رکيو ته ڀونپوءَ مان آواز نڪري ٺمريءَ ۾ تبديل ٿي ويو، ڇير وڄڻ لڳي ۽ مٿي ڪوٺي تي مجرو مچي ويو. آواز گهگهرو پائي ڪمري جي دروازي کان ٻاهر نڪتو، اهو وڌا وڙي مان ٿيندو ڏاڪڻ مان هيٺ لهي اڱڻ ۾ اچي ڇم ڇم ڪندو ٽن ڪمرن وٽان لنگهي دالان ۾ داخل ٿيو ۽ اتي جاري ۾ رکيل هٿ بتيءَ کي روشن ڪري ڇڏيو. شعلو ٻريو ته ڀتين تي پاڇا چرپر ڪرڻ لڳا. ان رات اتي ماتم متل هيو. پنجاهه کن ڪمزور چهري وارين عورتن جا پاڇولا هيا، جيڪي زارو قطار روئي رهيا هيا. اتي ماءُ هئي ۽ ان جا ٻار هيا، هڪ ٻار ويٺل عورتن جي وچ ۾ کٽ تي ليٽيل هيو ۽ اهو زندگي جا آخري ساهه کڻي رهيو هيو. روئندڙ عورتن جا پاڇا ڀتين کان ڊگها ٿي ڇت تي لڏندڙ لاٽ ڪري هلڪي هوا ۾ ڪاري ڪپڙي جيان لڏي رهيا هيا.
”اي الله منهنجي ٻار کي زندگي ڏي.” ماءُ روئي هٿ کڻي هر هر ساڳيو جملو ورجائي رهي هئي. هڪ ٻار ان جي ڪلهي ڀرسان هنجون هاري رهيو هيو ۽ ٻيو ان جي گوڏن تي مٿو رکي سڏڪي رهيو هيو. بيمار ٻار جون اکيون اڌ کليل هيون ۽ ان جي نڙيءَ مان هڏڪين جا آواز اچي رهيا هيا. اهو ڪجهه گهڙين جو مهمان هيو. اتي ٻاهر اڱڻ ۾ چٽڪٻرو موت ڪاري مينهن جي ڪونر هيٺان اکيون کولي جاڳي رهيو هيو. ڪي تيز قدمن وارا پاڇا ٻاهر اڱڻ ۾ ڊوڙندا ويا ۽ اتي روڊ تان ان ننڍڙي قد واري ڊاڪٽر کي ساڻ ڪري پاڻ سان گڏ وٺي آيا، جيڪو رات جو انگريزن جي زماني وارو اهو وڏو ٽوپ پائيندو هيو، جيڪو انگريز اس کان بچاءَ لاءِ پائيندا هيا. ان کي ڪنڌ ۾ ڪاري بَو پاتل هوندي هئي ۽ مٿين چپ تي نقطي جهڙيون مڇون هونديون هيون. ان جي ڀولي واري سئي ايتري ته مشهور هوندي هئي جو جڏهن شام ٿيندي هئي ته ننڍڙي شهر جا اڌ ماڻهو ان وٽ اچي ڪٺا ٿيندا هيا ۽ هجوم کي ڏسي شهر جا کدڙا کلندا هيا، وڏي ٽوپ وارو ڊاڪٽر جڏهن ان پيلي روشني واري دالان ۾ داخل ٿيو ته عورتن اٿي ان کي جاءِ ڏني ڊاڪٽر کٽ تي سمهيل ٻار کي تپاسيو ۽ پوءِ دوائن واري پيتيءَ کي کولي ان مان هڪ ننڍڙي بوتل ڪڍي وڏي آواز ۾ چيو ”بابا طبيعت ڏاڍي خراب اٿس، آخري سئي هڻانس ٿو، حياتي هوندس ته بچندو نه ته الله جي امانت.“
پوءِ ان سئي تيار ڪئي ۽ عورتن ۾ ريهٽ پئجي ويا.
”او منهنجا الله رحم ڪر.“ ماءُ ٻاڏائيندي چيو ”منهنجي ٻچڙي جي تڪليف معاف ڪر.“
ننڍا ٻار نڙي تي زور ڏئي تيز روئڻ لڳا.
ڊاڪٽر ٻار کي سئي هنئي ۽ پوءِ هو ڪجهه مردن سان ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو.
اتي ٻرندڙ هٿ بتيءَ جو شعلو وڏو ٿي ويو. جيئن گهر کي باهه لڳڻ واري هجي بيمار ٻار جو هڏڪيون بند ٿي ويون ۽ ان جو اڌ کليل اکيون مٿي ڇڪجي ويون، ساهه آهستي ٿي ويس ۽ اهو ڄڻ موڪلائڻ لڳو. ماءُ روئندڙ عورتن جي هجوم سان ٻاهر نڪري اڱڻ ۾ اچي سجدي ۾ ڪري پئي. ”مان نه ڏسي سگهنديس، منهنجا رب اهو سڀ مان نه ڏسي سگهنديس.“ ان وٺي دانهون ڪيون.
هلندي هلندي اوچتو ماستر جو فونو بند ٿي ويو، اسپرنگ ٽٽي پيس، ۽ چاٻي فرش تي ڪري پيس، ڀرسان بيد جي آرام ڪرسيءَ تي لڏندڙ ماستر حيرت ۽ خوف کان اڀو ٿي بيهي رهيو. فوني جو آواز بند ٿيو ته ڀونپوءَ مان اوندهه نڪري ٻاهر وڌا وڙي مان ٿيندي هيٺ ڏاڪڻ مان لهندي اڱڻ ۾ اچي ٽن بند ڪمرن وٽان لنگهندي دالان ۾ داخل ٿي ۽ اتي جاري ۾ ٻرندڙ هٿ بتيءَ جي هيڊي شعلي کي وسائي ڇڏيو، سڀ پاڇا اوندهه ۾ گم ٿي ويا.
رب ماءُ جي دعا اگهائي ورتي، فونو ڀڄي پيو ۽ اهو ڀڳل فونو ڪو به مستري نه ٺاهي سگهيو.
ساڳيو ڪٽ چڙهيل فونو اڄ به غريب آباد محلي جي بند پيل ڪچي جاءِ ۾ مٿي حوريءَ اندر ان ساڳي آبنوسي هڪ ٽنگ ڀڳل ٽيڏي ٽيبل تي رکيل آهي.