مهاڳ
هن جنگ ۾، سنڌ به هندستان جي ٻين صوبن کان پٺٽي نه رهي، هتان جي مقدس متبرڪ زمين به شهيدن جي خون سان رچي ريٽي بڻجي پئي. ان جي ناڪامي جو وڏو سبب چند ضمير فروش ۽ وطن جي ويرين جي ڪارڪردگي هئي سنڌ ۾ 1857ع جي واقعات کي هميشه وانگر، بعد جي مورخن ڪابه اهميت ڪانه ڏني، جيڪا سنڌ جي تاريخ سان کلم کلا مذاق آهي. هن وقت تائين، جيڪي به مفصل ڪتاب ڇپيا آهن، انهن ۾ سنڌ جي قربانين جو ڪوبه ذڪر نه ڏنو ويو آهي، پر هي حقيقت آهي ته خون ڪنهن جو به رائيگان نه ويندو آهي ۽ سنڌ وارن جون هي قربانيون تاريخ جي ورقن تي غير لافاني ۽ لازوال رهنديون.
جيئن هن موضوع تي اڳ سنڌي زبان ۾ ڪوبه ڪتاب ڪين لکيو ويو آهي، ان ڪري ڪوشش ڪئي آهي ۽ خاص ڪري انگريز حڪومت جي زيادتين جو وضاحت سان ذڪر ڪري، ان جي اسباب کي کولي بيان ڪيو آهي. ان کان پوءِ ٻئي ڀاڱي ۾ سنڌ طرفان 1857ع ۾ ادا ڪيل ڪردار کي مفصل لکيو اٿم. هن موضوع تي ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن تان وکريل مواد کي کڻي، گڏ ڪري، قارئين ڪرام، آڏو پيش ڪريان ٿو. اميد آهي ته اسان جا نوجوان دوست، هن کي پڙهي، پاڻ مان بزدلي، ڪانئري ۽ بي ستي کي ڪڍي ڦڙت، بهادر ۽ سجاڳ ٿي وطن ۽ قوم لاءِ ڪارگر فرد بنجي سگهندا. ٿي سگهي ٿو ته اڄ جي نونهالن ۾ به ڪي شاهه عنايت، دريا خان جکراڻي، دلمراد کوسو ۽ جانو جکراڻي جهڙا فرد هجن، جن جنگ آزادي ۾ حصو وٺي ثابت ڪري ڏيکاريو ته سنڌي چلهه جا مارنگ نه آهن ۽ گندي جي موت کي دشمن جي وچ ۾ مرڻ واري موت کان گهٽ ڄاڻيندا آهن. ساڳئي وقت هن ڪتاب لکڻ جو هي به مقصد آهي ته مان اڄ جي دانشور کي اهو ٻڌائڻ به ضروري ٿو سمجهان ته ڪجهه هن طرف به ڌيان ڪن. مثال سماهي مهراڻ جي ” آزادي نمبر“ ۾ هن موضوع تي ٻه اکر به ڪونه لکيا ويا. صرف پيرن، ميرن، سفيرن، وڏيرن ۽ وزيرن کي آزاد ي جي تحريڪ جو چئمپين ڏيکاريو ويو آهي، پر غريب سپاهي سنڌين جو نالو وٺڻ به جرم سمجهيو ويو آهي.
آخر ۾ مان محترم محمد عمر ميمڻ جو مشڪور آهيان، جنهن هن ڪتاب جي اشاعت جي زيور سان آراسته ڪري، اوهان جي هٿن تائين پهچايو ۽ ڊاڪٽر زرداري صاحب جو به ٿورائتو آهيان، جنهن پنهنجو قميتي وقت سيڙائي پيش لفظ لکي ڪتاب جي قدر ۽ قيمت ۾ اضافو ڪيو آهي.
ٿور انه ٿورا، مون تي ماروئڙن جا،
ڀلايون ۽ ڀيرا، ڳڻي ڳڻان ڪيترا
دادا سنڌي
داد لغاري
10 مارچ 1987ع