سنڌ ۾ تحريڪ جا مرڪز
[b](1) ميرپورخاص:-[/b]
هن مرڪز جو روح روان شير سنڌ مير شير محمد خان ملڪاڻي هو. مير صاحب هڪ مدبر سياستدان ۽ محب وطن سنڌي هو، جنهن مياڻي ۽ دٻي جي جنگين ۾ انگريزن سان وڏيون چڪريون کاڌيون، جڏهن نيپئر سندس گوريلا جنگين مان تنگ ٿيو تڏهن هن کيس لکيو ته ” اي سردار تون اسان سان صلح ڪرته اسان توکي پنهنجو ساڳيو ملڪ موٽائي ڏينداسون.“ ( ماهوار نئين زندگي مارچ 1968ع ص نمبر 33) . پر مير صاحب کيس جواب ڏنو ته ”غير جي غلامي کان موت بهتر آهي.دشمنن جي موجودگي ۾ نه آزادي برقرار رهي سگهي ٿي ۽ نه سنڌ جي حاڪميت ئي شانائتي چئي سگهجي.“ ان کان پوءِ هن پنهنجي جدوجهد منظم نموني ۾ جاري رکي ۽ هر موڙ تي، ڪنهن نه ڪنهن طريقي ۾ انگريزن سان لڙندو آيو تان جو 1857ع ۾ جنگ آزادي شروع ٿي . هن جنگ ۾ مير صاحب جو مرڪز سان به واسطو رهيو.لارڊ ايلفنٽسن لکي ٿو ته ” مون کي اطلاع مليو آهي ته ميرپورخاص جي سابق امير، مير شير محمد ۽ ٻين سردارن پاڻ ۾ مشورو ڪيو آهي ته جيڪڏهن بغاوت سنڌ ۾ پيدا ٿي پوي ته ڇا ڪيو وڃي. هنن جو خيال آهي ته جيڪڏهن بغاوت سنڌ ۾ پيدا ٿي پوي ته ڇا ڪيو وڃي، هنن جو خيال آهي ته ميدان جنگ ۾ پيهي وڙهڻ مردانگي آهي، پر ڳجهه ڳوهه ۾ فريب سان زالن ۽ ٻارن کي قتل ڪرڻ گمراهي ۽ نامردي آهي . ( مير شير محمد ملڪاڻي – سه ماهي مهراڻ – 1/ 1968ع ). هن مان صاف ظاهر آهي ته مير صاحب جو تحريڪ ۾ هٿ ضرور هو.
مير محمد بخش خان ٽالپور لکي ٿو ته ” بهادر شاهه بادشاهه جنگ جي سلسلي ۽ شيرسنڌ کي امداد لاءِ خط لکي موڪليو. ان تي شير سنڌ نقد رقم سان گڏ ڪيترا بلوچ سپاهي به ڏانهس موڪليا. پر افسوس عين وقت تي حيدرآٻاد جي هڪڙي ٽالپر راز ظاهر ڪري وڌو ۽ سموري اسڪيم درهم برهم ٿي ويئي.“ ( شير محمد ملڪاڻي – سماهي مهراڻ 1/ 1968ع ) . ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته ” 1857ع ۾ ميرشير محمد خان زندهه هو. سندس وجود سنڌ جي ٻين سورهن لاءِ سهارو هو. ظاهري طرح هو خاموش هو، پر سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاهر، آزادي جي علمبردارن سان سندس سلام پيغام جو سلسلو هلندڙ هو.“ ( نئين زندگي – سيپٽمبر 1979ع - ص نمبر 13). هن مان صاف ظاهر آهي ته مير صاحب به هن عظيم تحريڪ ۾ پاڻ ملهايو ۽ مجاهدن کي ڳجهي طرح همٿايو.
[b](2) حيدرآباد : - [/b]
سڀ کان پهرين حيدرآباد ۾ خطري جي گهنٽي وڳي، انقلابين چاهيو ٿي ته حيدرآباد تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ خيرپور، روهڙي، بهاولپور ۽ ملتان تي قبضو ڪيو وڃي. ان وقت سربارٽل فريئر وٽ سڄي صوبي سنڌ لاءِ 500 هٿيار بند انگريزي سپاهي هئا. انهن مان 350 بلڪل تندرست ۽ استعمال ڪرڻ جهڙا هئا. باقي ڪجهه بيمار هئا ۽ نوبل هئا. فريئر سڀني کي تيار رهڻ جو حڪم ڏنو. ان وقت توبخانه جي هڪ ديسي صوبيدار ميجر ڪمانڊنگ آفيسر ليفٽيننٽ بيٽس ڪامبي کي اطلاع ڏنو ته فوج ۾ مخفي ميٽنگون ٿي رهيون آهن ۽ ڪي رازدانه سرگرميون آهن، جن جي پرده واري ٿي رهي آهي. ترت توبن جي چارج انگريزي سپاهين جي حوالي ڪئي وڃي. انگريزي زالن ۽ ٻارن کي حفاظت سان قلعي ۾ داخل ڪيو ويو. پوليس ۽ 13 نيو انفٽري 100 صنعت ماڻهن کي پڻ قلعي جي اندر موڪليو ويو. اگرچ ڇانوڻي ۾ خاموشي هئي، پر ڪنهن ايندڙ خطري جو خوف هر انگريز تي ڇانيل هو. فريئر ڪرنل هٽ جي صلاح سان توبخاني جي 60 نون ڀرتي ٿيل سپاهين ۽ 50 والنٽئيرن کي، ليفٽيننٽ هئرس سان گڏ حيدرآباد موڪلڻ جو اهتمام ڪيو. ڪرنل هٽ سارو بندوبست صبح کان اڳ ڪري ورتو ۽ هي ننڍو دستو سج اڀرڻ کان اڳ ئي حيدرآباد پهچي ويو. 10 سيپٽيمبر انقلابين جي عملي ڪاروائي لاءِ مقرر ٿيل هئي. انگريزي مهندارن اڳ ۾ ئي منصوبي جو خاتمو آڻي وڌو. 13 نيٽو انفنٽري اڳ ۾ ئي نه رهيو هو. ان هوندي به انگريزي فوجي علمدارن جو شڪ ۽ شبهو بدلجي نه سگهيو، هئرس کي فريئر هدايت ڪئي هئي ته هو وڃڻ سان انقلابين کي ڳولي ۽ کين عبرتناڪ سزائون ڏي. ان ڪري انقلابين جي تفشيش ٿيندي رهي. 13 پيادل فوج جي هڪ بدنصيب حوالدار ۽ پنجن سپاهين کي بغاوت جي جرم ۾ گرفتار ڪيو ويو. سمورو فيصلو ڪورٽ مارشل جي حوالي ڪيو ويو. جنهن انهن بدنصيب انسانن مان هڪ حوالدار کي توب جي منهن ۾ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ باقي سندن دوستن کي جنم ٽيپ جي سزا ڏني ويئي. 11 سيپٽمبر تي هن خوني منظر جي لاءِ پريڊ جي ميدان کي تيار ڪيو ويو. حوالدار کي توب جي منهن ۾ مضبوطي سان پڪڙيو ويو. سندس نيڻ آسمان جي طرف اٿي ويا. توب جي لبلبي کي دٻايو ويو. خطرناڪ آواز سان گڏ قيدي جو جسم ٽڪرا ٽڪرا ٿي. آسمان ڏي اڏاڻو زمين تي رت جي بارش ٿي ۽ فضاتي خاموشي ڇائنجي ويئي. ( سنڌ ۾ آزادي جي جدوجهد – نئين زندگي نومبر 1987ع). ” سنڌ قاصد“ اخبار لکي ٿو ته ” 11 سيپٽمبر تي پريڊجي ميدان تي فوج ڪٺي ٿي. حوالدار کي توب جي طرف، پٺي ڏياري بيهاريو ويو. توپجي کي اشارو ٿيو. 6 ڌڪي توب جو ڌڌڪو ٿيو ۽ حوالدار جو جسم ٽڪرا ٽڪرا ٿي اڏامي ويو. سندس ڪرنگهي جو هڏو پر وڃي اٺ تي چڙهيل ڊپٽي ڪليڪٽر کي لڳو. جنهن املاڪ اچي پٽ تي ڦهڪو ڪيو. ڪمشنر صاحب کي بروقت اطلاع ڏنو ويو.جنهن حيدرآباد ڏانهن 60 انگريز سپاهي مدد لاءِ موڪليا.“ ( سنڌ ۽ 1857ع جي جنگ آزادي – نئين زندگي مئي 1957ع) . اهڙي طرح هڪ حوالدار جي موت ۽ ٻين سپاهين جي گرفتاري سان حيدرآباد ۾ تحريڪ دٻجي ويئي.
[b](3) ڪراچي : - [/b]
13 سپيٽمبر جي رات جو 11 بجه 21 نمبر پيادي فوج جي ٻن ديسي آفيسرن ميجر ميڪ گريگو کي چيو ته هڪ حوالدار وڏن آيو ۽ چيائين ته ”اوهان ڪيستائين خاموش رهندا. هيءَ وقت آهي ته اسان ڪجهه ڪوشش ڪريون نه ته ٻين هندوستاني فوجين وانگر اسان کي به توبن سان اڏايو ويندو.“ اها خبر جڏهن ڪراچي فوج جي هڪ انگريزي آفيسر باب جانٽن کي پئي، تڏهن هو ان وقت بارٽل فريئر وٽ آيو ۽ کيس چيائين ته ” 21 نمبر پلٽڻ بغاوت ڪئي آهي ۽ اهي پنهنجي ڪاروائي 2 بجه صبح جو ڪندا. باغين کي اميد آهي ته ڪراچي جي مسلمانن کان کين خاطر خواهه امداد ملندي.
باغين جو ارادو آهي ته هتي يورپين جي قتل عام کان پوءِ هو هٿيارن ۽ خزاني سان دهلي هليا ويندا. هو حيدرآباد جي خزاني تي به قبضي ڪرڻ جو ارادو رکن ٿا. فريئر اها ڳالهه ٻڌي بروقت تياري ڪرڻ جو حڪم ڏنو. هن پهريائين انگريزي عورتن ۽ ٻارن کي مسز ويدر جي حوالي ڪري کين کاڌي واري ڪوٺي ۾ رهائي ٻه بلوچ گهوڙي سوار ۽ ٻه چوڪيدار مقرر ڪيا. ميجر مئڪديگر سيڪنڊ يورپين ۽ توبخاني کي گهرايو. ڪرفيو گهنڊ جو آواز 12 بجه بلند ٿيو. ستن منٽن ۾ ڇهن پائونڊن جون توبون ۽ ٻه نون پائونڊن جو توبون پهچي ويون. سيڪنڊ يورپين فوج جون چار ڪمپنيون بگل جي آواز کان سواءِ اچي موجود ٿيون. خزاني تي محافظ دستي رکڻ کان پوءِ، توبن کي قطار ۾ رکيو ويو. 14 نيٽوانفٽري جي آفيسر ڪيپٽن ليٿ پنهنجي ديسي فوج کي پريڊ گرائونڊ تي وٺي آيو، جتي 21 يورپين فوج جا سپاهي سندن قطار ۾ گهڙي آيا. جن جي هٿن ۾ ڀريل بندوقون هيون، ديسي فوج کي پوءِ جلدي هٿيار رکڻ جو حڪم ڏنو ويو، جن کي هنن بنا ڪنهن چون چران جي قبول ڪري، هٿيارن کي زمين تي رکڻ شروع ڪيو جن جو وڏو ڍير بڻجي پيو، ان بعد سندن حاضري ڀري ويئي ته ڏٺو ويو ته فوج مان 21 سپاهي گم هئا. گولڊ سمڊ سپاهين جي وچ ۾ هڪ موثر تقرير ڪئي ۽ کين وفادار رهڻ جي تلقين ڪئي. ديسي فوج کي پوءِ واپس پنهنجن بئنڪن ۾ موڪليو ويو ۽ اهڙي طرح هي خطرو ختم ٿي ويو. انقلابين جي پروگرام کي اهڙي طرح ناڪام بنايو ويو جو ڪراچي جي رهندڙن کي به خبر نه پئجي سگهي ته ڪهڙي ريت آزادي جي تحريڪ وجود ۾ اچڻ واري هئي ۽ ڪهڙي نموني ان کي ختم ڪيو ويو. ( سنڌ ۾ آزادي جي جدوجهد – احسان بدوي – نئين زندگي نومبر 1957ع) .
ڀڄي ويل سپاهين جي ڳولا ۾، ان وقت ئي پوليس کي روانو ڪيو ويو. درياهه جي پتڻن ۽ گهيرن تي چوڪسي جا حڪم موڪليا ويا ۽ گهوڙي سوارن کي ٻن ٻن ۽ ٽن ٽن جي جدا جدا ٽولن ۾ ڳوٺن ۽ ٻهراڙي ۾ موڪليو ويوته هو ماڻهن کي انهن جي ڀڄي وڃڻ کان آگاهه ڪن ۽ جيڪڏهن سندن ڪو سراغ ملي ته سرڪاري چوڪي تي انجو اطلاع ڏنو وڃي. هن ڳولا جو نتيجو اهو نڪتو جو ٿوري وقت ۾ خبر ملي ويئي ته انهن مان ڪيترن کي ڏٺو ويو آهي. نون ماڻهن جو هڪ ٽولو لس ٻيلي جي رستي تي نظر آيو هو، جن پنهنجي رات جبلن جي وچ ۾ گذاري هئي. انهن جي پويان ماڻهو موڪليا ويا هئا، پر هو اتان نڪري چڪا هئا پيرو کنيو ويو ۽ هڪ گهاٽي جهنگ ۾ کين سوگهو ڪري، گهيري ۾ ورتو ويو. آزادي جي هنن پروانن کي آخرڪار گرفتار ڪيو ويو. سندن ٻيا اٺ ساٿي ڪراچي جي اولهه ۾ ڪن ٽڪرين ۾ پنجاهه ميلن جي فاصلي تي وڃي پهتا. کين بچاءُ جي چڱي جاءِ هٿ آئي هئي. هو وڏي همت سان مقابلي لاءِ تيار ٿي ويٺا هئا. انگريزي جاسوسن هي خبر فوج ۾ پهچائي ڏني ۽ انهن جي گرفتاري لاءِ فوج ۽ پوليس کي موڪليو ويو. سرڪاري طرف کان يقين هو ته هو به پنهنجن اڳين نون ساٿين وانگر پيش پوندا، پر هنن سرويچن ذلت جي زندگي تي عزت جي موت کي وڌيڪ ترجيح ڏني. سڄي ڏينهن جي مقابلي ۾ هو آهسته آهسته هڪٻئي پٺيان مرندا رهيا. غروب آفتاب جي وقت، سندن تنها ساٿي، سيني تي زخم کائي ڪريو. آزادي جي امنگ رکڻ وارن جو اهڙي ريت خاتم باالخير ٿيو.
بهرحال ايڪٽيهن فرار ٿيل ماڻهن مان اٺ شهيد ٿي چڪا هئا، اوڻيهه قيد ۾ هئا ۽ چئن جو سراغ ملي نه سگهيو. ديسي ماڻهن فوج ۽ پوليس سان پورو پورو تعاون ڪيو. جيڪڏهن هنن جي سرڪاري ماڻهن سان مدد نه هجي ها ته هي ايڪٽيهه سپاهي ملڪ ۾ وڏو رڻ ٻاري ڏين ها. ( سر بارٽل فريئر – لطف الله بدوي مهراڻ 1967ع/ 1). سنڌ قاصد لکي ٿو ته ” ٻن يورپين جي پهري هيٺ ڏهه باغي ” رات جو فوج مان هٿيارن سميت بنا اطلاع غائب رهڻ ۽ ٻئي ڏينهن پوليس جي حڪم تي واپس نه اچڻ“ جو الزام بلند آواز ۾ پڙهي ٻڌايو ۽ ان بعد ڪورٽ مارشل جي فتوى ڏني، جنهن موجب ستن ڄڻن کي ڦاهي ۽ ٽن ڄڻن کي توب جي منهن ۾ ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو. حڪم ملڻ تي يورپي سپاهي ملزمن ڏانهن وڌيا ۽ ملزمن کي سوري جي سامهون آندائون ۽ کين تختن تي بيهاريائون سندن هٿ ٻيئي طرف ٻڌا ويا ۽ سندن اکيون بند ڪرڻ کان سواءِ حڪم ملڻ تي ڦاسي جي تختن کي ٿڏو هنيو ويو ۽ بدنصيب باغين جا جسم سورين تي لٽڪڻ لڳا. باغين ڦاسي وقت ڪابه چرن چران ڪونه ڪئي هو سمورو وقت چپ چاپ رهيا، جڏهن سندن دم نڪري وڃڻ جي خاطري ٿي، تڏهن يورپي سپاهين کين سوري تان هيٺ لاهي، زمين تي ڍڳ ڪري، ترارين سان ٻڪري جي گوشت وانگر ٽڪر ٽڪر ڪري، بعد ۾ کين پري کڻي وڃي، هڪ وهندڙ نالي ۾ ڦٽو ڪيو. ان بعد ٽي بچيل ملزم توب جي اڳيان آندا ويا. هو بلڪل بي ڊپا ٿي لڳا ۽ رئڻ بجاءِ مرڪي رهيا هئا. ميجر هڪ هٿ جو اشارو ڏنو . توبچين جي منهن اڳيان اماڙِ آندي، باغين آسمان ڏانهن نيڻ کڻي نهاريو ۽ ڌڌڪو ٿيو. باغين جي جسم جا ٽڪرا ٽڪرا فضا ۾ اڏامڻ لڳا. سڄي زمين تي، سندن رت جو ڇڻڪار ٿي ويو. بچيل باغين کي يورپي سپاهين جي نگراني هيٺ ڪاري پاڻي موڪليو ويو. ( ماهوار نئين زندگي – مئي 1957ع).جناب عبدالڪريم گدائي لکي ٿو ته ” فرار ٿيل سپاهين جي ڳولا ۾ فوج سان گڏ ڪئپٽن پيئري ۽ خانصاحب غلام حسين به شامل هئا. ڏهه باغي سپاهي انهيءَ ڏينهن گرفتار ڪيا ويا ۽ وڌيڪ يارهن باغي ٽن ڏينهن جي اندر هٿ ڪيا ويا. رامدين پانڊي ۽ ان جا ٻه ساٿي 16 ۽ 17 سيپٽمبر تي گرفتار ڪيا ويا. 20 سيپٽمبر تي سندن ڪورٽ مارشل ٿيو ۽ انهن مان ڇهن ڄڻن کي ڦاسي تي لٽڪايو ويو ۽ ٽن کي گولين سان اڏايو ويو ۽ وڌيڪ پنجن ڄڻن کي ڦاسي جي سزا ڏني ويئي سڀني جي لاشن ۽ هڏين کي گڏ ڪري هڪ کڏ ۾ دفن ڪيو ويو. اهڙي ريت انهن جا نفروشن وطن دوستن کي هميشه لاءِ خاموش ڪيو ويو. ( ماهوار نئين زندگي - مارچ 1968ع).
[b](4) سکر ۽ شڪارپور؛ - [/b]
هي شهر اتر سنڌ ۾ تحريڪ جا ڳڙهه هئا. مارٽينو لکي ٿو ته ”هت ڪراچي ۽ حيدرآباد کان به حالتون وڌيڪ خراب هنيون“ . ان جا ڪارڻ هيئن هئا. پهريون ته شڪارپور جي چوڌاري ٻن سون ميلن ۾ ڪوبه انگريز سولجر موجود نه هو. ميريويدروٽ ”سنڌ هارس“ جو هڪ مختصر دستو موجود هو. اهو سنڌ جي اتر اولهه واري سرحد تي قبضي رکڻ لاءِ ڪافي هو. خودنمبر 6 بنگال گهوڙيسوار فوج تي به نظر رکڻ وارو هي دستو هو. ٻيو سبب هي هو ته جان جيڪب مذهبي رسومات ۾ دست اندازي ڪندي، عشره محرم جي ڪاروائين مثال طور تابوتن جي کڻڻ، دهلن جي وڄائڻ ۽ مرثين جي پڙهڻ تي پابنديون وجهي ڇڏيون هيون ۽ ٻن سالن کان اهي مقامي بندش پنهنجي جاءِ تي قائم هئي. ان ڪري 6 بنگال گهوڙي سوار فوج هن پابندي بابت شهر جي ڪوٽوال وٽ پنهنجي شڪايت ڪئي. هوڏانهن ميريويد بنگالي فوج کي مشڪوڪ نگاهن سان ٿي ڏٺو. بنگالي فوج جي ڪن اڳواڻن، سنڌ فورس جي هڪ پرائي رسالدارن وٽ هي شڪايت پيش ڪئي، پر ان پوڙهي رسالدار کين جواب ڏنو ته ” هي هڪ حڪم آهي ۽ چڱو حڪم آهي. پر هي برو هجي ها ته به حڪم هو ۽ ان جي پوئواري ضرور ڪرڻي آهي.“
پوڙهي رسالدار جي جواب کان بنگالي فوجين ۾ نه فقط بددلي پئدا ٿي پر ناراضپو به سندن مخفي گڏجاڻيون ٿينديون هيون، جن کا ميريويدر به غافل نه هو. ( سر بارٽل فريئر – لطف الله بدوي مهراڻ 1967ع / 1).اوچتو 11 نمبر پلٽڻ جي سپاهين هٿيارن تي قبضو ڪيو ۽ هڪ چورس مورچو ٺاهي يورپي فوجن جي پلٽڻ ڏانهن وڌيو ٻنهي طرفن کان رات جو 16 بجه دوبدو گوليبازي ٿي، جنهن ۾ ٽي يورپي عملدار موت جو شڪار ٿي ويا ۽ باغين مان هڪ جمعدار ٻه سپاهي مئا.“ جان ماريٽنو لکي ٿو ته” 20 سيپٽمبر شام جو، پوليس جي سپاهين کان اطلاع مليو . شڪارپور ۾ 16 ديسي فوج ۽ ديسي توبخاني جي سپاهين مان ڪن جون صوبيدار ۽ هڪ حوالدار جي سرڪردگي مخفي گڏجاڻيون ٿي رهيون آهن. ظاهر ظهور باغي جملا به ڳالهايا وياآهن. اهڙن ماڻهن مان ٽن چئن کي گرفتار به ڪيو ويو آهي. پر 24 سيپٽمبر جي اڌ رات جو توبن جي اوچتي ٺڪائن کان سڄو شهر جاڳي پيو. ڪن گولا اندازن بغاوت ڪئي هئي. سندن هٿن ۾ چار توبون اچي ويون هيون، جن سان هو فوجي بئرڪن ۽ توبن جي جاين کي برباد ڪري رهيا هئا. رات ايڏي ته اونداهي هئي جو توبن جي جاين گاڏن جي صحيح مقام کي دريافت ڪرڻ نهايت مشڪل هو. ان وقت شڪارپور جي فوجي ڪمانڊنٽ مانٽگو مري، 16 ديسي فوج جي رهيل سپاهين ۽ پوليس وارن سان گڏجي وطن پرستن تي بندوقبازي شروع ڪري ڏني. پر سخت اونداهي سبب ڪابه خبر نٿي پئجي سگهي ته مدافت وارن جو حملو ڪيتريقدر ڪامياب ٿيو آهي. ٻن ڪلاڪن جي سخت بندوقبازي کان پوءِ مخالف ڌر جا ٽي ماڻهو مري ويا ۽ ڪيپٽن مانٽگومري مٿن چڙهي ويوو ۽ سندن هٿن مان توبون کسي ورتائين، مخالف ڌر جا ماڻهو رات جي اونداهي ۾ ڀڄي نڪتا، بعد ۾ انگريز ڪمانڊنٽ کي معلوم ٿيو ته هي سڀ يارهن ماڻهو هئا. جيئن پوءِ معلوم ٿيو ته انهن ماڻهن کي اميد هئي ته 16 ديسي فوج ساڻن شامل ٿي ويندي.“ سکر ۾ به ساڳي رات آڌي جو شڪارپور جي باغين جو هڪ قاصد پهتو، ڏيهي فوج ۾ ٿرٿلو مچي ويو. پر فوج جي ڪجهه ڪرڻ کان اڳ ۾ يورپي سپاهين، قاصد کي نديءَ جي ٻئي ڪناري تان گرفتار ڪري ورتو ۽ کيس اتي جو اتي ڦاسي ڏني ويئي. 25 وڌيڪ حريت پسند باغين کي خيرپور جي رياستي پوليس گرفتار ڪرايو. تاريخ 9 ۽ 10 آڪٽوبر تي ڪورٽ مارشل ڪري، چئن گولنڊيزي سپاهين کي گولين سان اڏايو ويو ۽ هڪ صوبيدار ۽ هڪ حوالدار کي ڦاسي ڏني ويئي. اهڙي طرح سکر، شڪارپور ۽ خيرپور ۾ هي تحريڪ ختم ٿي ويئي. شڪارپور ۾ جڏهن تحريڪ شروع ٿي، تڏهن مير علي مراد جي پٽ ميرشاهنواز خان انگريزن جي وڏي مدد ڪئي. خانبهادر خداداد خان لکي ٿو ته ” خيرپور جي قائم مقام امير ابن الامير شاهنواز خان، انگريزي حڪومت جي مدد لاءِ، افغانن ۽ پنجابين جي فوج وٺِي شڪارپور ۾ وارد ٿيو ۽ فسادين تي قبضو ڪري ورتائين، انگريزي حڪومت سندس قدر شناسي فرمائي کيس ٻه هزار ماهيانو مواجب انعام طور ڏنو، مگر مير چشم امير ان کي قبول نه ڪيو.“ ( حواله سنڌ ۾ آزادي جي جدوجهد – نئين زندگي نومبر 1957ع).
[b] (5) جيڪب آباد ؛ - [/b]
جيڪب آباد، جنگ آزادي جو سنڌ ۾ خاص مرڪز هو. جتي هڪ طرف کان بلوچ قبائل رهندڙ هئا ۽ ٻئي طرف کان وڏي تعداد ۾ مقامي ماڻهو به رهندڙ هئا. تن سڀني ۾ يورپ کان آيل فرنگين جي خلاف بغاوت جو سلو اڀري چڪو هو. ان وقت سنڌ ۾ انگريزن جون قائم ڪيل بمبئي انفٽري رجمنٽ، بلوچ بٽالين ۽ بنگال ڪئلولوي اهي ئي مکيه پلٽڻيون هيون، جيڪب آباد ۾ جدا جدا سنڌ هارس ريجمنٽ موجود هئي. هنن فوجين لاءِ انگريزن کي اميد هئي ته هنن ٽنهي ريجمنٽن ۾ جيڪي فوجي باقي وڃي بچيا هياسي هن علائقي ۾ بغاوت کي روڪڻ لاءِ ڪافي آهن. ان هوندي به سنڌ جي انگريز ڪمشنر موقعي جي نزاڪت خواهه انگريزن لاءِ هڪ وڏي خطري کي محسوس ڪري ترت ئي ايران سان سرجيمس آئوٽرام ۽ جنرل جيڪب کي مدد لاءِ گهرائي ورتو ۽ سنڌ جي جدا جدا علائقن جي فوجي ڪمان سندن حوالي ڪيو ويو. ( برڪت علي آزاد- هفتيوار آزاد – 7 اپريل 1975ع).هن ايراضي ۾ جنگ آزادي جا روح روان دريا خان جکراڻي ۽ دل مراد خان کوسو هئا. درياخان جکراڻي قبيلي جو رئيس هو. هو جانبداري جي آسپاس جو ويٺل هو. خانڳڙهه کي هن پوءِ پنهنجو وطن بنايو. سن 1840 ع ۾ جڏهن مير بجارخان ڊومڪي انگريزن جي خلاف ڪچيءَ ۾ بغاوت ڪئي تڏهن دريا خان ۽ سندس سوٽ ترڪلعي جکراڻي ان ۾ وڏو حصو ورتو. جنرل جيڪب لکي ٿو ته ” جکراڻي قوم جو مکيه سردار دريا خان آهي. هي قبيلو ڊومڪين کان نهايت پري آهي. پر جيئن ته هي ٻيئي قبيلا انگريزي حڪومت جي خلاف آهن. مير بجار جي سرڪردگيءَ ۾ وڙهي رهيا هئا. ان ڪري منجهن گهڻي هيڪڙائي اچي ويئي هئي.“ دريا خان 1840 ع تائين انگريزي فوج تي حملا ڪندو رهيو. سندس مقابلي ۾ هڪ انگريز ڪئپٽن ڪلارڪ نالي نفوسڪ لڪ وٽ، پنهنجي ساٿين سميت مارجي چڪو هو. سرجيمسن آئوٽرام هن کي پئسن جي لالچ ڏيئي سرڪاري نوڪري ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن آڇ کي هن نهايت ئي حقارت سان ٺڪرائي ڇڏيو. دلمراد خان کوسو به مير بجار خان جي آزاد فوج جي سپاهين مان هو. 1844ع ۾ جڏهن ميربجار خان دوباره بغاوت ڪئي. تڏهن دلمراد خان سندس ساٿي وڃي بڻيو هو. سر چارلس نيپئر کي مٿس بي حد ڪاوڙ هئي . 1854ع ۾ کيس انگريزن گرفتار ڪيو. پر پوءِ کيس معافي ڏيئي ڇڏيائون. هو پوءِ پنهنجي ڳوٺ ڳڙهي دلمراد ۾ رهڻ لڳو. (لطف الله بدوي – سه ماهي مهراڻ 1967ع / 1). جڏهن جنگ آزادي جي شروعات ٿي تڏهن جيڪب آباد ۾ هنن ٻنهي شخصن ان کي منظم ڪيو. دريا خان پنجاب جي بلوچ سردارن کي به انقلاب آڻڻ لاءِ لکيو، پر هو هميشه وانگر خاموش رهيا. هي ٻئي مجاهد بلوچن جي جدا جدا قبيلن ۾ انگريزن جي خلاف پروپيگنڊا ڪري، تحريڪ کي منظم ڪندا رهيا. انگريز آفيسر ميريويدر کي هن هلچل جي خبر پئجي ويئي. انهيءَ کان اڳ جو هي محب وطن پنهنجي رٿيل پروگرام کي عملي جامو پهريائين . انگريز حڪومت ٻنهي سوڍن کي گرفتار ڪري ورتو. اهڙي طرح جيڪب آباد ۾ آزادي جي هي سڄي تحريڪ گويا ڊهي پئي. فريئر پنجاب جي گورنر جان لارنيس کي لکي ٿو ته ” 16 ديسي پيادي فوج جي صوبيدار جو هنن باغين جو رهنما هو. پنهنجي موت کان اڳ ۾ ٻڌايو ويو ته جيڪڏهن کيس ٻن ڏينهن جي مهلت ملي وڃي ها ته هو دنيا وٽ پنهنجن رٿن کي چڱي طرح ڏيکاري سگهي ها. سندس شريڪ جرم، جکراڻين جي سردار ٻڌايو هو ته لاهور ۽ ملتان ۾ وڏي سازش هئي. هو ملتان جي ٽپال کان پوءِ ئي گرفتار ڪيو ويو هو. ڇو ته باغين جو به اهو ارادو هوته ملتان جي اطلاع ملڻ کان پوءِ ئي بغاوت ڪئي ويندي. گوله انداز فوج کي به اهو ئي وقت ڏنو ويو. (لطف الله بدوي – سه ماهي مهراڻ 1967ع / 1).بهرحال جيڪب آباد جي انهن وطن پرستن مان ڪن کي توب دم ڪيو ويو ته ڪن کي ڦاسي تي چاڙهيو ويو. دريا خان جکراڻي ۽ دلمراد خان کوسي کي ڪاري پاڻي جي سنگين سزا ڏيئي کين انڊ مان يٽين ڏانهن موڪليو ويو، جتي هنن مجاهدن پنهنجي زندگي جا آخري پساهه پورا ڪري آزادي جي تاريخ ۾ پنهنجو نالو هميشه لاءِ روشن ڪري ڇڏيو. هن ايراضي جي ٻئي شخصيت جنهن انگريزن جو نڪ ۾ دم ڪيو سا هئي جاني پٽ قيصر جکراڻي. جاني جو قد ڊگهو جانٽو بدن، وڏيون ۽ چمڪندڙ اکيون سندس بهادرانه سرگرمين جو زندهه دليل هيون جاني جي تلوار هٿئي تائين رت سان رڱيل هئي ۽ ان جي وچ ۾ ڪيترن هنڌن تي انگريزن جي مٿي ۽ اکين جا وار چنبڙيل هئا. هن کي جڏهن گرفتار ڪيو ويو تڏهن پوسٽن لکي ٿو ته ”هن جا هٿ انگريزن جي خون سان رنڱيل هئا. پهريائين اهو فيصلو ڪيو ويو ته کيس عمر قيد جي سزا ڏني وڃي پر پوءِ مونکي حڪم ٿيو ته هن کي هٿڪڙيون هڻي رستي تي ڪم ڪرڻ لاءِ موڪليو وڃي، سدائين جاني خان ٻاهر مزدوري تي ويندو هو ۽ سدائين حوالدار مون وٽ هنجي شڪايت کڻي ايندو هو ته ”هو ڪم نه ٿو ڪري“ .مون هن کي چيو ته ” جيڪڏهن تون ڪم نه ڪندين ته تنهنجي سزا ۾ گهٽتائي نه ٿيندي“ . جاني جو جواب هوندو هو ته ” مون کي ڦاسي ڏي، قتل ڪر، جيئن توکي وڻي . پر مان ڪنهن به صورت ۾ ڪم نه ڪندس.“ تاهم به جاني هميشه غير مطمئن رهندو هو. هميشه انگريزن کي نفرت سان ڏسندو هو ۽ هن آزادي لاءِ مخلص ٿي جنگ جاري رکي، جڏهن جاني جيل مان آزاد ٿيو ته ايسٽ وڪ جي چوڻ موجب ته هن ٽن ڏينهن ۾ اسان جا اٺ گهوڙيسوار قتل ڪيا. ( نئين مصر جا ورق – مترجم ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ).
[b](6) شاهپور ؛- [/b]
هي شهر جيڪب آباد کان چاليهن ميلن جي فاصلي تي قلات رياست جي حد تي هو. هت هن تحريڪ جو اڳواڻ سيد خاندان جو اعلى فرد سيد عنايت شاهه هو. شاهپور جي سيدن جي قلات، ڀاڳناڙي ۽ اپرسنڌ ۾ چڱي مڃتا هئي، خاص طرح غير بلوچ، ابڙن، سومرن، مرڪين، چاچڙن، ٻٻرن ۽ جتن وغيره قومن جي هنن سيدن سان وڏي عقيدتمندي ۽ روحاني رشتو قائم هو. لاشاري ۽ بگٽي قبيلي جا ماڻهو سيد عنايت شاهه جي جد امجد سيد حسن شاهه جا وڏي تعداد ۾ مريد هئا. مشهور ليکڪ محترم برڪت علي آزاد لکي ٿو ته ” جيڪب آباد جي مجاهدن کي، وقت به وقت، هن علائقي جي مکيه روحاني مرڪز شاهپور وارن سيدن کان اهي هدايتون ملنديون رهيون هيون ته ڪنهن به قيمت تي دين جي دشمن فرنگين کي هن سرزمين تي قدم رکڻ جي اجازت نه ڏني وڃي. شاهپور جي سيدن کي هن جهاد آزادي سان جيڪا نسبت هئي، ان جو اندازو هن مان لڳائي سگهجي ٿو ته جيڪب آباد ضلعي جي ٻنهي آزادي جي لڙائي جي اڳواڻن سردار دريا خان جکراڻي ۽ مير مراد خان کوسي جو فڪري ۽ روحاني پيشوا، شاهپور وارو سيد عنايت شاهه ئي هو. جيڪو اڳتي هلي نه رڳو هنن سان هن مقدس جهاد ۾ اچي هم شريڪ ٿيو. پر هنن سان گڏ گرفتار به ڪيو ويو.“ ان وقت انگريزي فوج جنهن ۾ ديسي سپاهه پڻ چڱي تعداد ۾ شامل هئي، تن سڀني گڏجي شاهپور جي درگاهه ۽ ڳوٺ کي گهيرو ڪيو. سيد عنايت شاهه، نهايت مردانگي سان مقابلو ڪيو. هن لڙائي ۾ ڪافي تعداد ۾ فوجي ۽ سندن گهوڙا موت جو شڪار ٿيا. آخر گهڻِ مقابلي بعد سيد عنايت شاهه گرفتار ٿيو. کيس توب جي سامهون هڪ وڻ سان ٻڌو ويو، پر توب نه ڇٽي. ان ڪري کيس آزاد ڪيو ويو. جيستائين هو مرد مجاهد جيات هوا اوستائين انگريزن جي خلاف پنهنجي جنگ جاري رکندو آيو. هن سلسلي ۾ هو سدائين پنهنجي گهرکان ٻاهر مهينن جا مهينا جهنگ جهاڳيندو وتندو هو ۽ آخر هن مقدس جهاد ۾ ئي 78 16 ۾ بگٽين جي علائقي سوئي لڳ هڪ ڳوٺ ۾ دم ڏنائين. هو پڇاڙي تائين پنهنجي مقصد سان سچو رهيو ۽ ڪنهن به قيمت تي پنهنجي ظالم ۽ جابر دشمن اڳيان جهڪڻ لاءِ تيار نه ٿيو. پنهنجي زندگي کي ڪنهن اعلى مقصد لاءِ وقف ڪرڻ خواهه ان تي ثابت قدم رهڻ سان ئي انسان پاڻ کي هميشه لاءِ امر ڪري وڃي ٿو ۽ اهڙي طرح ايندڙ نسلن لاءِ سندس برڪت ڀريو نالو رهبري ۽ رهنمائي جو ڪم ڏي ٿو. ( برڪت علي آزاد – هفتيوار آزاد 21 اپريل 1975ع).
هن آزادي جي جنگ ۾ سنڌ جي هڪ هندو سودي به وڏو ڪردار ادا ڪيو. سندس نالو گنگارام هو .ايلفنٽن لکي ٿو ته ”سنڌ جي هن بلوي سان هڪ هندو گنگارام جو گهڻو تعلق آهي. هو اصل دهلي جو ويٺل آهي، سندس عزيز روهڙي ۾ واپار سانگي اچي رهيا آهن. هن کي دهلي کان پوريون پوريون خبرون ملنديون رهن ٿيون ۽ اهوئي هن ملڪ ۾ شورش جو باعث آهي. مون کي يقين سان معلوم ٿيو آهي ته هو اسان جي مصيبتن لاءِ گهڻي قدر جوابدار آهي. گنگارام، آزار خان قلات جي هڪ امير جي خيالن ۾ انگريزن جي خلاف ايڏو ته نفرت جو جذبو پئدا ڪيو هو، جو هن سنڌ ۾ دلمراد خان ۽ دريا خان کي انقلاب آڻڻ لاءِ پنهنجي مدد جو يقين ڏياريو. بدنصيبي سان دلمراد ۽ دريا خان عين موقعي تي گرفتار ٿي پيا. جنهن ڪري سڄو پروگرام درهم برهم ٿي ويو. ( آزادي جي جدوجهد ۽ سنڌ – نئين زندگي ڊسمبر 1957ع) .