سنڌ شناسي

1857ع جي جنگ آزادي ۽ سنڌ

ڪتاب ”1857ع جي جنگ آزادي ۽ سنڌ“ نامياري ليکڪ، محقق ۽ تاريخدان دادا سنڌي جو لکيل آهي. 1857ع جي جنگ، جيڪا ننڊي کنڊ جي آزاديءَ لاءِ پهرين ۽ اهم جنگ هئي، انهيءَ ۾ سنڌ جو ڪهڙو ڪردار هو، تنهن کان گهڻن ڀائرن خاص ڪري نوجوان نسل کي واقفيت نه هوندي. انهيءَ ڪري سنڌ جي تاريخ تي دادا سنڌيءَ جي هيءَ تخليق نهايت معلومات ڀريل ثابت ٿيندي ۽ تاريخ سان دلچسپي رکندڙ ۽ ٻيا عام ماڻهو به جيڪي سنڌ سان دلچسپي رکن ٿا تن جي معلومات ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيندو.

  • 4.5/5.0
  • 3169
  • 1028
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • دادا سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book 1857 Ji Jang Azadi & Sindh

تعارف

سنڌ سوڍن ۽ سورمن جي سرزمين آهي. سنڌ دولهن ۽ دلاورن جو ديس آهي. وطن جي آزادي ۽ خودمختياري سان سنڌين لانئون لڌيون آهن. ساڻيهه سان سڪ ملڪ جي مٽي سان محبت پنهنجن ملير ڄائين سان پيار سنڌين جو شيوو رهيو آهي. ڪيترن ئي ايامن ۽ جُڳن کان هوس پرستن، پئسي جي پوڄارين، اقتدار جي بکين ۽ ظالم ڦورن سنڌ تي پئي ڪاهيو آهي ۽ قبضو ڪيو آهي، پر هتان جي سورهين ۽ سرويچن هر وقت پئي سندن مقابلا ڪيا آهن. سوري کي هنن سيج بنايو آهي، موٽڻ هنن لاءِ مهڻو هوندو آهي. آزادي هنن جي ساهه پساهه ۾ هوندي آهي. تاريخ شاهد آهي ته آرين کان وٺي انگريزن تائين سنڌين وڏيون قربانيون ڏنيون. لال لهو وهايو . رت جا نذرانا ڏنا. جانيون قربان ڪيون. سسين کي ڪنڌ کان ڪٽرايو. ڪاتن هيٺ آيا. پر وطن تي آنچ آڻڻ نه ڏنائون . پوءِ ضرور سون ۾ ڪوڪاڻو به ٿيندو آهي ۽ اهي ڪاڻا ئي اگهاڻا آهن ۽ وطن وڪڻي پنهنجي انا کي سالم رکندا آهن. تاريخ گواهه آهي ته سنڌين انگريزن کي پنهنجي ”جنم ڀومي“ سڙي ڪانه ڏني هئي. مياڻي ۽ دٻي جي جنگين ۾ جي پنهنجا هزار ماڻهو مرايا هئائون ته دشمن جابه ڪجهه سئو ماڻهو ماريا هئائون. ائين ڊڄي گهرن جا ڪنڊا کولي، فرنگين جي آجيان لاءِ گلن جون ڪنڊيون کڻي ڪونه بيٺا هئا. ان ڪري انگريزن به سنڌي عوام کان مڪمل پلاند وٺڻ لاءِ نوان طريقا ايجاد ڪيا. پهريائين هنن سنڌ ۾ انگريزي راڄ قائم ڪيو ۽ سرچارلس نيپيئر کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو، جيڪو 1847ع تائين رهيو. هي دور سنڌ ۾ فوجي راڄ هيو. جنهن ڪري هتان جي ماڻهن کي هڪ عجيب استبدادي دور مان گذرڻو پيو. ان کان پوءِ سنڌ جي صوبائي حيثيت کي ختم ڪري مسٽر آر ڪي پونگل کي سنڌ جو پهريون ڪمشنر مقرر ڪيو ويو.
اهڙي طرح سنڌ جي علحده پرڳڻي واري حيثيت ختم ڪري، سندس خودمختياري کسي سنڌ کي بمبئي صوبي سان لاڳو ڪري، سندس حيثيت مخض هڪ ڊويزن واري رکي، حڪومت ڄاڻي واڻي سنڌ جهڙي سکئي ستابي ملڪ کي بمبئي جي ماتحت بنايو ته جيئن سنڌ جي دولت، انگريز قوم جي ڀيٽ جو ٻل بنجي سگهي ۽ سنڌ جا ماڻهو پنهنجن مالي مشڪلاتن ۽ مصيبتن ۾ مبتلا هوندا ته آزادي وٺي نه سگهندا، ڇوته انگريز سرڪار کي ڊپ هو ته مبادا سنڌي قوم به افغانستان وانگر بغاوت ڪري، خودمختياري حاصل ڪري . ان ڪري انگريزن سنڌ کي ڦرڻ ۽ لٽڻ لاءِ انيڪ پروگرام بنايا. حڪومت سڀ کان اول سنڌ جي جاگيردارن، زميندارن ۽ پيرن سان اهڙو برتاءُ ڪيو. جيئن هو پنهنجي مان ۽ مرتبي کي سلامت رکڻ لاءِ، سرڪار جا خوشامدي ٿي رهن. انهن پاڻ کي سرڪار سان وفاداري جو ثبوت ڏيکارڻ لاءِ ڪيئي طريقا اختيار ڪيا. جنهن ۾ آفيسرن جو دعوتون، سرڪاري ڪامورن کي شڪار ڪرڻ، تحفا ۽ سوغاتون پيش ڪرڻ وغيره هو. انهيءِ ۾ جنهن به جاگيردار ۽ زميندار خودداري ٿي ڏيکاري ته ان کي هراسان ڪري، تڪيلفون ڏنيون ٿي ويون. زميندار کي پنهنجي عزت وڌائڻ لاءِ سرڪاري ڪامورن جنهن ۾ پوليس جي سپاهي کان ڪماني تائين . ڪوٽوار کان ڪليڪٽر تائين، بيلدار کان انجنيئر تائين آنڪي ڀرڻ لازمي هئي، مختيارڪار ۽ ڪليڪٽر جي درٻار ۾ ڪرسي حاصل ڪرڻ لاءِ علمدار جي خوشامد ڪرڻ ضروري هئي جنهن لاءِ ڪيترائي اجايا خرچ ڪرڻا پوندا هئا. مسلمان پورهيت ستر سيڪڙو هو. جيڪو زميندار ۽ جاگيردار جي چنبي ۾ قابو هو عدالتن جو نظام رائج ٿيو. وڪيل ملزم جا مددگار ٿيڻ لڳا. پوليس ۾ رشوت جو مرض وڌڻ لڳو. ڪوڙيون شاهديون شروع ٿيون . ڏوهي ۽ بي ڏوهي جي تميز مشڪل ٿي پئي. ڏوهه جي جانچ دوران ماڻهن جي ڌيئرن، زالن، ڀينرن ۽ مائن تي به ظلم ٿيڻ لڳو. سرڪار پرست زميندار، انگريز سرڪار جي خدمت ڪري وڏا وڏا انعام، لقب ۽ خطاب حاصل ڪيا. انگريز سرڪار کي ”فيل مست“ رجابر ۽ طاقتور سرڪار جو تصور ڏنو ويو. رسائي ۽ لاپي جو عام رواج پيو. جيڪڏهن ڪو ڪامورو ڪنهن هنڌ منزل ڪندو هو ته تر جو زميندار ان جو بندوبست ڪندو هو. ڪامورن جي گشت وقت زميندار جي طرف کير، ڇيلا، مکڻ ۽ ٻيو سامان ڏنو ويندو هو. عام ماڻهو رستا ٺاهڻ، تنبو کوڙائڻ، گاهه ميسر ڪرڻ. شڪار ڪرائڻ ۽ ٻين اهڙن ڪمن ۾ مصروف ٿي ويندا هئا. پٽيوالن، نائڪن ۽ ڪلارڪن کي خرچيون ڏنيون وينديون هيون. منزل تي شراب، ميوو ويندي برف تائين سڀ شيءَ جو انتظام روينيوکاتي جي مقامي ملازمن کي ڪرڻو پوندو هو. انهيءَ مقصد لاءِ هرهڪ آباد نمبر تان سرڪاري ڍل وٺڻ مهل، الڳ رقم لاپي جي نالي سان ورتي ويندي هئي. اها رقم تعلقي آفيسن ۾ گڏ ڪئي ويندي هئي، جنهنجو باقاعده حساب ڪتاب رکيو ويندو هو ته سنڌ سرڪاري ڪامورن جي شڪارگاهه ٿي ويئي. هر ڪامورو حاڪم هو. ڪاموري کي صاحب بهادر جي لقب سان مخاطب ڪيو ويندو هو.“ ( سنڌ جي سياسي جدوجهد – ڊاڪٽر محمد لائق زرداري ص – 38)
تاريخ شاهد آهي ته سنڌ جي عوام منڍ کان ئي انگريزن کي صفا پسند نه ڪيو . سنڌي ڳوٺاڻا چوندائي ائين هئا ته ”اسان ٽوپلو ڄڻ ڪيهر شينهن ڏٺو“ . انگريزن جي پوليٽيڪل ايجنٽ آخوند لطف الله به پنهنجي ڊائري ۾ صاف لکيو آهي ته سنڌي ماڻهو انگريزن کي نفرت جي نظر سان ڏسن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو مياڻي ۽ دٻي جي جنگين کان پوءِ، حالانڪ سنڌ ۾ انگريزن جي حڪومت پختي ٿي ويئي هئي، پر سنڌي انگريزن جي فوجي ڇانوڻين تي ڇاپا مار حملا ڪري کين پريشان ڪندا هئا. خاص ڪري مير شير محمد ملڪاڻي سندن نڪ ۾ دم ڪري ڏنو.
نيپيئر لکي ٿو ته” مير شير محمد پاڻ کي، ڦورن جي وچ ۾ رهايو آهي ۽ هنن کي اشتعال ڏياري رهيو آهي ته هو سنڌ ۾ ڦرون ڪن ۽ کين اها به اميد آهي ته هو پنهنجي فائدي ۾ کين اها به اميد آهي ته هو پنهنجي فائدي ۾ کين بغاوت لاءِ همٿائيدو. مير شير محمد جي حڪم تي انهن مجاهدن خانڳڙهه جي نزديڪ، جتي برٽش فوج موجود هئي حملو ڪيو ۽ ڳاهين ۾ انگريزي فوج تي حملو ڪري، انهن کي تهس نهس ڪري ڇڏيو ۽ انهن جا ستر ماڻهو ماريا ويا. سندن هٿيار ۽ گهوڙا به کسيا ويا. ( تاريخ اميران سنڌ – مير محمد بخش ٽالپور ص 339). مولائي شيدائي صاحب لکي ٿو ته ” 1825ع تائين انگريزن سان گوريلا نموني جنگ ڪندا رهيا.“ هن مان صاف ظاهر آهي ته سنڌي برطانوي راڄ کي ڪنهن به صورت ۾ مڃڻ لاءِ تيار نه هئا ۽ هو ان جي پاڙ پٽڻ لاءِ سرگرم عمل رهيا. بئرسٽر محمود مرزا لکي ٿو ته ” جڏهن انگريزن پنجاب تي قبضو ڪيو ته اتي ان مهل سکن جو راڄ هو ۽ پنجابي مسلمان سکن کان بيزار هئا. نتيجو اهو نڪتو جو پنجابي مسلمانن انگريزن جي آجيان ڪئي ۽ انهن سکن کان چڱو ۽ نجات ڏياريندڙ ڪري سمجهيو. ان جي ابتڙ سنڌ ۾ انگريزن جي قبضي مهل هٽي ٽالپورن جو راڄ هو.سنڌي قوم نه رڳو فرنگي حڪومت کي دل سان قبول نه ڪيو پر انهن خلاف ويڙهه ڪيائون ۽ انگريزن جي فوجي ڇانوڻين تي حملا ڪندا رهيا، معنى انگريزن کي پنجابين جيان نجات ڏياريندڙ ڪونه ليکيو ويو. پر کين پرڏيهي قابض ۽ غير مهذب وارا حاڪم سمجهي کانئن نفرت ڪئي ويئي. “ ( اڄوڪي سنڌ – روزانه جنگ 23/ 02/ 1984ع).
هن مان صاف ظاهر آهي ته سنڌ جا رهاڪو، دلي طرح انگريزي حڪومت جي خلاف هئا ۽ هو هن تاڙ ۾ هئا ته ڪا ملڪ گير تحريڪ هلي ته هو هتان انگريزن جو تڏو پٽين.