رايا ناھيد مغل-طارق قريشي
اُڻ تُڻ جي اهڙي جهان ۾ جيڪو سڀ کان وڏو عام سوال هوندو آهي، سو پنهنجي هجڻ جي متعلق آهي، مان ڇا آهيان، ڇو آهيان، ڪيئن آهيان، ڪنهن لاءِ آهيان، ڇا ڪري رهيو آهيان ۽ جيڪو ڪري رهيو آهيان اُن لاءِ آهيان به الائجي نه؟
جيون جي بي_معنويت جو بکيو پيٽ، ڏينهن جي هڻ هڻان ۽ رات جو اوجاڳن سان چٽيل ڪارن پنن سان ڀرجي سگھي ٿو؟ ڇا زندگيءَ جي معنيٰ پروڙي سگھجي ٿي؟ ڇا هجڻ جو سبب ڄاڻي سگھجي ٿو؟ ڇا پنهنجو پاڻ لڀي سگھي ٿو. جيڪو نڄاڻ آهي به يا آهي ئي ڪونه... اگر ناهي ته ڪڏهن هو ۽ اگر هو ته ڪيڏانهن گم ٿي ويو؟ ڪٿي، ڪهڙي جنم ۽ ڪهڙي جوءِ ۾، هٿن جي آڱرين مان واريءَ جيان ترڪي ويو.
...يا شايد ذات جي وجود ۾ هجڻ باوجود ڪنهن وڏي اڪثريتي حصي کانسواءِ هلي رهي آهي، جيڪو ڪٿي ڇڄي ڌار ٿي چڪو آهي، پر اُن جي نه شڪل آهي، نه نالو آهي، نه ئي ائڊريس آهي.
مٿين احساسن وارو هڪ شخص ضراب حيدر زندگيءَ جي الائي ڪهڙن پيج و خم کي پار ڪري ”انگن چڙهيو انگ“ (سندن پهريون ڪتاب) کان وٺي ”سرحدن کان اڳتي“ جو سفر ڪري چڪو آهي، پر انهن ٻن ڪتابن جي وچ ۾ اٽڪل ستن ورهين جو ويڇو آهي، جيڪو يقينن هڪ اهڙي قلم ڪار لاءِ فڪر انگيز عرصو آهي، جيڪو نمائنده ليکڪ سڏائي.
هونئن ته اسان وٽ ضراب حيدر کان به وڏا وڏا ليکڪ گمناميءَ جي راهن ۾ صاحب ڪتاب ٿيڻ کانسواءِ دفن ٿيا آهن / ٿين ٿا / ۽ نڄاڻ ڪيسين ٿيندا رهندا. انڪري اسان انهن امرن factors کي سوچڻ ۽ خارج ڪرڻ جي تڪليف فرمايون ئي ڇو؟
بهرڪيف، ضراب حيدر جي نئين جستجو، محنت ۽ نون تجربن ڏانهن قدم وڌائڻ تي کيس اتساهيندڙ آجيان ضرور پيش ڪجي ٿي.
جڏهن مون ضراب حيدر جي ڪتاب (سرحدن کان اڳتي) جو مواد پڙهي ختم ڪيو : تڏهن تنقيدي تاثرات جي ايڏي ڀرپور يلغار مون تي غالب پئي، جو مون مهاڳ لکڻ کان ئي معذرت ڪرڻ چاهي (مون لکڻين جي اهڙي انداز کي ٿورو به encourage ڪرڻ نه چاهيو) پر ٻيو خيال ذهن ۾ اِهو آيو ته اسان وٽ غلطين جي پرورش جو هڪ وڏو سبب تنقيد ۽ resistance نه هجڻ به آهي، غلط عمل کان ڪبوتر جيان اکيون ٻوڙي نظرون چورائجن، ان کان بهتر آهي ته اُن عمل کي اُتي ئي نِندجي.
مغربي ادب جن هٿڪنڊن جو محتاج ٿي معذور معاشري جو اپاهج reflection ٿي پيو آهي، ڇا ان جو اثر وٺي (سڄو ڌيان گند کوٽي کوٽي بيان ڪرڻ لڳائي) پنهنجي معاشري کي ان طرف گهلڻ ۾ مدد نه ڏئي رهيا آهيون؟
بيحد ڏک جو مقام آهي جو ضراب حيدر، سنڌي ادب جي بابنياد ۽ گھري پاڙ واري عمارت کي اهڙن اجاين هٿڪنڊن، سهارن ۽ بي ساکين ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
اهو خيال به ذهن ۾ اچي ٿو ته ڇا ضراب حيدر پنهنجي ڪهاڻيءَ جي لاءِ ايترو پر اعتماد ناهي، جو اهڙن برهنه (گھٽيا) پلسترن جو استعمال ڪرڻ ضروري سمجھيو اٿس؟.
فڪرانگيز آهي هيءُ موڙ جڏهن اهڙا وريا نظر اچن ٿا، جيڪي ڏس ئي ڏين ٿا اهڙي معاشري جو، جنهن جا بگڙيل نسل بڪ_اسٽالن تي به اهڙن ئي ارادن سان ويندا جهڙن ارادن سان وڊيو، سينٽرز تي ويندا هجن، اهڙي موڙ تي ڪتاب سان متعلق مقدس تاثر، سوال بڻجي وڃي ٿو. جنهن جو جواب تلاش ڪرڻ وارن مان پاڻ ضراب حيدر ۽ ان جهڙا ٻيا ليکڪ به شامل هوندا آهن.
اهڙن ليکڪن وٽ جواز هيءُ هوندو آهي ته جيئن ته معاشرو گندو آهي، انڪري ان جو عڪس يعني ادب به ساڳيو ئي ڏيک ڏئي ته ڪهڙي قباحت آهي؟ ته اُن مسئلي جو حل به اسان وٽ موجود آهي، جيڪو ڪيترائي (بلڪه majority) اديب استعمال به ڪندا آهن، جو، وڏي کان وڏي انڌي، ڪاري حقيقت تان پردو به کڻندا آهن (علامتي يا اڻ سڌي انداز ۾) ۽ ڪتاب جي تقدس کي ڇيهو به رسڻ نه ڏيندا آهن، سو اسان وٽ طريقا ۽ trends موجود آهن مسئلو چونڊڻ جو آهي.
..... ۽ چونڊ ڪرڻ وقت، صاحب ڪتاب ٿيڻ جو اعزاز حاصل ڪرڻ واري اهو ضرور سوچڻ کپي ته جيڪڏهن هو سچي ليکڪ جيان پنهنجي ڪتاب کي هر گھر ۽ هر طبقي جو ڪتاب بنائڻ چاهي ٿو ته ان لاءِ هُن کي سڀني معاشرتي فردن جو خيال ڪرڻو پوندو. ان معيار کي سامهون رکندي، مان دعويٰ سان چوان ٿي ته ضراب حيدر جو هي ڪتاب، ڪو مرد ته خريد ڪري وٺندو، پر ڪو پيءُ، ڪو ڀاءُ يا پُٽ ان کي (مواد بابت ڄاڻڻ کانپوءِ) خريد نه ڪندو.
ڇا انهن سببن ڪري ڪي ضروري پيغام ڪنهن ضرورتمند قوم تائين پهچڻ کان رهجي ته نه ويندا؟
مون کي اِن حوال سان هڪ ڳالھ ياد ٿي اچي ته جڏهن عصمت چغتائي ۽ منٽوءَ کي فحاشي لکڻ جي جرم ۾ قيد ڪيو ويو هو ته عصمت چغتائي چيو هو ”سولي پر بهي چڙها دين ليڪن حلق سي انا الحق هي نڪلي گا“ (اهڙو ذڪر ”عصمت ڪي بهترين افساني“ ڪتاب ۾ ڪيل آهي.)
سو ناجائزي ڪرڻ وارن کي به حق جو نعرو لڳائيندي ڏسي کِل آئي هُئي.
اهڙي طرح ضراب صاحب جي به مرضي آهي ته هو انهن غلط trends کي تسليم ڪري يا انالحق (بي حسي سان) نعرو لڳائي، ڇو ته اسان وٽ لاقانونيت سببان هر آزادي حاصل آهي.
ضراب حيدر جون اڌ کان مٿي ڪهاڻيون اعتراض جوڳي مواد سان ڀريل آهن، جن ۾ هي ڪهاڻيون شامل آهن : ”ڪارا ناسي ڪنگڻ“، ”.... ۽ وڇ ڀڄي وئي.“ ”ڪوجھائپ کي ڪوملتا جي ڳولها“، ”سگريٽ کي ڪٿان دکائجي“، ”فخروءَ جي ڌيءَ جو گڏو“، ”محبتن جي ديس مان جلاوطن شخص“ ۽ ”پيرن ۾ ڪريل آسمان.“
سوچ ۾ آيو ته جيڪڏهن اِهي ڪهاڻيون يا اهڙو مواد خارج ڪري ڇڏجي ته ضراب حيدر وٽ ڇا بچندو؟ ڇا اِهو بچيل مواد هڪ ليکڪ يا ڪتاب لاءِ ڪافي هوندو؟ قطعي نه....
ڪجھ ماڻهن جو خيال هوندو آهي ته ليکڪ معاشري جي سڌاري جو ٺيڪيدار ناهي هوندو. مڃون ٿا ته جيڪو به فرد پاڻ کي ان ذميداري کان آجو تصور ڪري ٿو، اهو اهڙي ”ڪوشش“ کان به آزاد آهي، پر گھٽ ۾گھٽ ليکڪ کي معاشري جي ”گندگي“ جو ٺيڪيدار به نه هجڻ کپي.
وڌ ۾ وڌ معاشري جي اونداهن پهلوئن تان (ڪتاب جي تقدس کي مجروح ڪرڻ بغير) پردو کڻڻ جو حق هجڻ کپي، نڪي گند مان گند کوٽي يا پيدا (تخليق) ڪري غلاظت ۾ اضافو ڪجي.
مان شدت سان اِن عمل کي نِنديان ٿي، جيڪي انهن منزلن ڏانهن ”مائل“ ڪن، جن تي انسانيت حيوانن کان به بدتر قسم جي موت وگھي مري رهي آهي.
سمجھ ۾ نٿو اچي ته، ڇو ضراب حيدر جا گھڻائيءَ ۾ ڪردار هڪ ”خاص“ طرف ڏانهن جُھڪيل ۽ هڪ ساڳئي قسم جي اخلاقي بيماريءَ جا مريض ٿا محسوس ٿين. ڇو سندس ڪافي ڪردار typical قسم جي دماغيءَ بيماريءَ جو شڪار آهن؟ انڪري ضراب جي هر ٻي ڪهاڻي يڪسانيت جو شڪار آهي.
اسان، جيڪي، غريب، جهالت ۽ ظلم جي ڪشمڪش مان لنگھي رهيا آهيون، اُتي شعور، آزادي، تعليم ۽ خوشحالي ڏانهن وکون کڻڻ جي ضرورت آهي. جنهن لاءِ هر فرد خصوصاً پڙهيل لکيل رڪن ۽ بالخصوص اديب هلندي گھمندي، اُٿندي، ويهندي، لکندي، پڙهندي اهڙين فرضن (شعور ڦهلائڻ) جو ذميدار آهي. انڪري هن دور جي قلمڪارن لاءِ لازم آهي ته انهن جون لکڻيون سڌي يا اڻ_سڌي طرح سبق آموز ۽ بامقصد هجن.
پر ضراب حيدر جي ڪهاڻين ۾ اعتراض_جوڳن حرفن کان علاوه اڪثر جاين تي ان ڳالھ جو گهرو احساس ٿئي ٿو ته هي شخص زندگيءَ جي نازڪ، پاڪ ۽ سندر احساساتي لفظن کان ناواقف ناهي، بلڪه ڪٿي ڪٿي سندس ڪردار اصل حسن، پاڪ، نازڪ ۽ سچن جذبن لاءِ ايئن واجھائيندي نظر ٿا اچن، جيئن سسئي ڏونگرن ۽ جبلن ۾ پنهونءَ لاءِ واجھايو. اهڙو مثال ڪهاڻي ”ڪوجھائپ کي ڪوملتا جي ڳولها“ ۾ ملي ٿو جيئن :
• ”صفائي ۽ سٺائي ڪٿي آهي، مون لاءِ ته ڇا پر ڪنهن لاءِ به نه، جتي ڏس گندگي، ڪوجھائپ، روڊن تي اڇلايل ڪوجھائپ، اسپتالن ۾ ڦهلايل ڪوجھائپ، ڳوٺن ۾ وسايل ڪوجھائپ، اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پڙهايل ڪوجھائپ، دفترن جي دستاويزن ۾ داڦيل ڪوجھائپ..“
يا وري مثال آهي :
• ”مان ... مان به ته محبت لاءِ جيئڻ ڪاڻ اڄ تائين ڪوڙو موت مرندو پيو اچان، ڪوڙن، فريبي ڪاسميٽڪس سان ڀرپور چهرن تي، جن جي ڪوجھائپ مون کي پڻ ڪوجھو بڻائي ڇڏيو.“
ٻئي هنڌ آهي :
• ”مان چهرن ۾ چاهت جي حقيقي ڪوملتا ڳولهڻ لاءِ ڀٽڪندو رهندو آهيان.“
ضراب حيدر جو رومانيت بيان ڪرڻ جو سڀ کان سٺو انداز ”ڪارا ناسي ڪنگڻ“ ۾ ملي ٿو، جنهن ۾ گهرائي آهي، سچائي آهي ۽ ڪندن پڻو آهي.
جيستائين لفظن جي ذخيري جو سوال آهي ته ان معاملي ضراب حيدر غريب ناهي، امير آهي، وٽس اثرائتا، ڪلاسڪ ۽ جھجھا لفظ موجود آهن. جن ۾ ورائٽي به موجود آهي. ان کان علاوه ڪُجھ جاين تي الفاظن جي خوبصورتي سچ پچ پاڻ مڃايو آهي .
مثال :
• ”وڇوڙو، نڄاڻ، ڪٿان جيل جي ڪال ڪوٺڙيءَ جون پٿريليون ديوارون اورانگھي سڪينا بنگالڻ جي سورن ۾ ڪاهي پيو.“
• ”بني آدم جي چهرن تي لڳل غم جا بخيا اڊڙڻ لڳا ۽ خوشيون سندن ڪم سان گڏ رڌجي معتبر ٿيڻ لڳيون.“
هڪ اهڙو ماڻهو جنهن کي ليکڪ تسليم يا label ڪرڻو هجي، ان لاءِ، مشاهدو، مطالعو ۽ تجربو قدرتي ڏات (potential) کان پوءِ جا لازمي جُز ڳڻڻ کپي. هڪ ليکڪ ننڍپڻ کان ئي اڪثر ڪري اهڙيون نشانيون ظاهر ڪرڻ ٿو لڳي، ايئن جو اهو قدرتي طور تي ايترو حساس ٿئي ٿو، جو هوا به لڳي ٿي ته هو ٻين عام ماڻهن کان وڌيڪ ان کي محسوس ڪري ٿو يا ڪنهن خزان جهڙي سمي ۾ ٻين کان وڌيڪ اداس ٿي پوي ٿو.
اهڙيون نشانيون ضراب حيدر ۾ يقيناً موجود آهن، ان لاءِ اسان وٽ خصوصاً ٻن ڪهاڻين جا مثال واضح آهن. جيئن ”آئوٽ بيڪ“ ۽ ”سنڌ جو مجاور“ آهي، انهن ڪهاڻين جو حقيقت سان ويجھو تعلق محسوس ٿئي ٿو، جيڪي ليکڪ جي مشاهدي ۾ آيون هونديون ۽ انهن ليکڪ تي ايترو اثر وڌو جو هو مجبور ٿي پيو، ان لاءِ قلم کڻڻ تي، جيڪو عام ماڻهو نٿو ڪري سگھي. ليکڪ هڪ پل ۾ اهڙا مشاهدا وساري به ويهي ٿو.
هڪ ٻي اهم ڳالھ مان ليکڪ جي شعور جي حوالي سان ”شاباس“ طور ضرور چوندس ته ليکڪ جي ذهن ۾ انسانيت لاءِ احساس، ظلم خلاف نفرت، سرحدن، زبانن، قومن ۽ علائقن جي حد بندين ۾ محدود ناهي. هن لاءِ سڀ کان وڏو حوالو/ سڃاڻ انسانيت آهي، ان جو چٽو مثال ڪهاڻي ”سرحدن کان اڳتي“ ۾ ملي ٿو.
نه رڳو قتل و غارت (آئوٽ بيڪ ۽ سنڌ جو مجاور) عصمت دري (پيرن ۾ ڪريل آسمان) وغيره جهڙن ظلمن لاءِ حوالو ڏنل ڪهاڻين ۾ نفرت، جوش ۽ ڪاوڙ ملي ٿي، پر غلاميءَ خلاف به شعور جو ڏس موجود آهي جيئن :
”نالو ته ديس سان هوندو آهي، پرديسين جو ڪهڙو نانءُ.“
.... سو، اسان جيڪي پنهنجي ئي ديس ۾ پرديسي ۽ ڏتڙيل بڻجي رهيا آهيون، تن کي اهڙي تعليمات ۽ شعور جي سخت ضرورت آهي، جو بي_نانءُ بڻجڻ خلاف ويڙھ ڪيون.
اديب طبقو قوم مان بي بنياد اعتقاد ۽ غير سياسي رويا ٻهارڻ لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪري سگھي ٿو.
ڏنل مٿيون مثال (سٽ) معاشري آڏو هڪ چئلينج جيان آهي.
چئلنجز ته پيش ڪيل آهن ڪهاڻي ”سگريٽ کي ڪٿان دکائجي“ ۾. صدي کان پيري مريدي، دنگي، جن، ڀوت، پَري ۽ درگاھ وغيره جهڙن Elements تي، حيواني روين تي، ايمان جي سرعام وڪري تي، جهالت تي، معاشري جي بدبوءَ ڏيندڙ عضون جي خراب ٿيندڙ گوشت تي.
چٿرون آهن 21 صديءَ جي دور ۾ هن معاشري ڏانهن هن نموني :
• ”مقبري جي ديوارن تي مٿو ٽڪرائڻ سان گڏوگڏ هيٺ سيمينٽڊ ٿلهي جي فرش تي دٻڪو ڪرڻ ۽ رڙين سان جيڪي آواز ماحول تي ڇانئجن پيا، انهن آوازن ۾ به هڪ عجيب وحشت ڀري دهشت هئي. ان گوڙ ۾ آسيه به شامل ٿي وئي.“ او جلالي! جوٺي...... ڇوڙ مار ديا ظالم مار ديا اتني تڪليف نه دو جلالي!.
”آسيه جي ڪرتين جي چٽا ڀيٽي ۾ ٻيون به کوڙ قلاباز ڇوڪريون ۽ عورتون جلالي جلالي ڪنديون پنهنجا ڪرتب ڏيکارڻ لاءِ وڌيڪ پرجوش ٿي ويون.“
• ”ڄڻ ته دنيا جون سڀ محروميون، ڪائنات سان بي انصافيءَ تي احتجاج ڪري رهيون هيون..“
ضراب حيدر جي قلم ۾ Nature کي به چئلينج ڪرڻ جي قوت آهي جيئن : ”هو، مايوس ٿي ننڍڙيون پتڪڙيون وکون کڻندو جيل جي شيخن وٽ آيو ۽ پنهنجا پتڪڙا هٿ، شيخن جي ٻاهران ڪڍي وسندڙ مينهن جي ڦڙين کي هٿ جي ترين تي کڻڻ لاءِ، پنڻ واري انداز ۾ جھلي آڪاش ڏي ڏٺائين ۽ سمجھ ۾ نه ايندڙ ٻاتن ٻولن ۾ ڪجھ چيائين، جيڪو جيل جي ديوارن کي ته سمجھ ۾ ڪونه آهي، پر ڪائنات جي خدا جي سمجھ کان به مٿاهون گذري ويو.“
ضراب حيدر ”تشبيھ“ جو هڪ انوکو ۽ ڀرپور انداز به ڏنو آهي، جنهن ۾ درگاھ جي مرگي جي ماڻهوءَ کي ”ڪڪڙ“ جو نانءُ ڏيڻ سچ پچ جس ڏيڻ جوڳو آهي. ان کان علاوه تشبيھ جا ٻيا به ڪيترائي خوبصورت انداز ملن ٿا جيئن :
”سانوڻ جا آگم ائين ڀريا بيٺا هئا، جيئن تازي وئايل مينهن جا ٿڻ، کڙ سان ڀريا بيٺا هوندا آهن.“
پر تشبيھ جو اڻ_ٺهڪندڙ ۽ هٿ ٺوڪيو، انداز ”فخرو جي ڌيءَ جو گڏو“ ۾ ملي ٿو، جنهن ۾ ٻڌايل ڪردار جي گڏي سان مشابهت نهايت اڻ ٺهڪندڙ محسوس ٿي رهي آهي.
ضراب حيدر جي ڪردار نگاري گھڻي سگھاري ڪونهي، البته منظر نگاري ۾ قلم مضبوط اٿس (حالانڪه ڪتاب ۾ گھٽ جاين تي منظر نگاريءِ جي ضرورت پيش آئي آهي، پر جت به آئي آهي، اُت ڀلي ڀت ملهايو اٿس.) اهڙو ثبوت گھڻي قدر ڪهاڻي ”سرحدن کان اڳتي“ ۾ ملي ٿو.
مثال : ”رات جي وسڪاري کانپوءِ سمورو شهر ڌوپجي ويو هو، ڪارونجھر جو ڌوتل ڪارو سينو سج جي ڪرڻن تي مينهن جي پٺي جيان جرڪڻ لڳو.“
ان کان علاوه ”سگريٽ کي ڪٿان دکائجي“ ۾ به درگاھ ۾ منظر_نگاري نهايت واضح ۽ اثرائتي نموني ڪيل آهي.
ضراب حيدر جي ڪهاڻين ۾ جيڪي خاص ڳالھ مون محسوس ڪئي، سا اها آهي ته ضراب جا ڪردار نه رڳو جيئرا جاڳندا هن دور جا ماڻهو آهن، پر ليکڪ انهن مقامي ڪردارن جي نفسيات جي تمام ويجھو آهي. حالانڪه نفسيات کي رائٽر جيترو سمجھيو آهي، ايترو واضح بيان ناهي ڪري سگھيو، پر پوءِ به اهو ثابت ڪيو اٿس ته هو سائڪالاجيءَ جي سمجھ ۾ به خاصو اڳتي آهي. مثال :
”گونگي سڪينا جي وسندڙ اکين ۾ سندس عصمت جي پائمالي جون رڙيون ٻن سالن تائين، سندس ٻالڪ جي معصوم شرارتن باوجود به بند ٿي نه سگھيون.“
نفسيات نگاري جا ٻيا به Positive مثال، ”مجسمو“، ”ڪارا ناسي ڪنگڻ“، ”سگريٽ کي ڪٿان دکائجي“، ”سنڌ جو مجاور“ ۽ ”آئوٽ بيڪ“ ۾ ملن ٿا. ان ئي حوالي سان وري جيڪو ڪمزور پهلو مواد ۾ موجود آهي، سو هي آهي ته هڪ طرف ليکڪ، جڳهه جڳهه تي عورت جي گھٽيل جذبن تي Sharply مشاهدو ڪندو نظر اچي ٿو (سگريٽ کي ڪٿان دکائجي، محبتن جي ديس مان جلاوطن شخص وغيره وغيره) ۽ پڻ انهن سڀني امرن (Factors) جي به نشاندهي ڪري ٿو، جيڪي نفسي گُھٽ جو سبب بڻيل آهن ( ڪڏهن ڪڏهن ته لڳاتار (سلسليوار) اهڙن ڪهاڻين جو مطالعو ڪندي انهن تي ڪنهن سروي _ رپورٽ جو گمان ٿئي ٿو، جنهن جو عنوان ”عورت جا گھٽيل جذبا ۽ نفسيات“ وغيره type هجڻ کپي) پر ٻئي طرف ڪنهن به هنڌ انهن اسباب، نفسيات ۽ امرن جو ذڪر ڪيل ناهي، جن جي زير اثر مسعود، ساحر، شهزاد ۽ (گرلز هاسٽل _ پاسي رُلندڙ) فياض جهڙا رولو ڪردار جنم وٺن ٿا.
ضراب جي ڪُجھ ڪهاڻين ۾ پلاٽ جي خوبصورتي فن جي پختگي جو احساس ڏئي رهي آهي. جنهن ۾ سرحدن کان اڳتي، سگريٽ کي ڪٿان دکائجي، ڪارا ناسي ڪنگڻ ۽ سنڌ جو مجاور وغيره شامل آهن.
پر ڪُجھ ڪهاڻين ۾ پلاٽ ايترو ته ڪمزور آهي جو ڪهاڻي بي سڌ مئل پئي آهي، مثال : ”مجسمو“ ”.... ۽ وڇ ڀڄي وئي“ ۽ ”پيرن ۾ ڪريل آسمان“.
ضراب جون اڪثر ڪهاڻيون مقصديت جي معاملي ۾ اڻ چٽيون يا خالي آهن. ڪجھ ڪهاڻين جو حاصل مطلب ڪُجھ به نٿو نڪري ۽ ڪجھ ڪهاڻين ۾ ايئن ٿو لڳي، ڄڻ ليکڪ وٽان ڪا خاص شيءَ پڪڙ کان نڪري وئي آهي. جن ڪهاڻين ۾ مقصد، مرڪزي خيال يا حاصل مطلب اڻ چٽو، غائب يا ڪمزور آهي سي هِي آهن .
”مجسمو“، ”فخرو جي ڌيءَ جو گڏو“، ”... ۽ وڇ ڀڄي وئي.“
ٻه ڪهاڻيون... ”۽ وڇ ڀڄي وئي“ ۽ ”پيرن ۾ ڪريل آسمان“ ڪهاڻي_پڻي کان پري ۽ اخباري سرخين جي ويجھو محسوس ٿيون، جيڪو ڪهاڻي_کيتر ۾ غير_عام تجربو به آهي ۽ مقبوليت جو اهل به نظر نٿو اچي.
ٻيون به هڪجهڙي نوعيت جون ڪهاڻيون ”سنڌ جو مجاور“ ۽ ”آئوٽ بئڪ“ موجوده حالت جي اڌمن ۽ المين جي ڀرپور عڪاسي ڪن ٿيون.
ڪهاڻي ”مجسمو“ پلاٽ ۽ مرڪزي خيال جي آڌار کان ڪمزور ڪهاڻي ٿي لڳي، پر منجھس لفظن ۽ احساسن جي خوبصورتي ۽ نازڪ ڇُهاءُ يقيناً ذڪر جوڳو آهي.
ضراب جي هن ڪتاب ۾ خالص رومانوي ڪهاڻيون ڪافي گھٽ آهن، جيڪي هي آهن ”ڪارا ناسي ڪنگڻ“، ”محبتن جي ديس مان جلاوطن شخص“ ۽ ”ڪوجھائپ کي ڪوملتا جي ڳولها“.
ضراب حيدر جي ڪهاڻين مان خاصي مطالعي جو واضح اثر محسوس ٿئي ٿو، جنهن جي سندس پهرين ڪتاب ۾ کوٽ پئي محسوس ٿي. اها ڳالھ سندن ترقيءَ جو ڏس آهي، پر ڪٿي ڪٿي ضراب حيدر مطالعي جو ايترو گھڻو اثر ۽ استعمال ڏيکاريو آهي، جو اهو عام ڪردارن جي ڳالھ ٻولھ بجاءِ ڪو ليڪچر محسوس ٿي رهيو آهي، مثال ”سگريٽ کي ڪٿان دکائجي“ ۾ بيان ڪيل هسٽيرڪ بيمارين جي لسٽ.
ڪٿي ڪٿي مشاهدي کي به غلط_استعمال ڪندي پڪڙيو ويو آهي مثال طور : ”محبت جي ديس مان جلاوطن شخص“ ۾ اسپتالن جي حوالي سان ظلم جي ايتري گھڻي Intensity ڏيکاري وئي آهي، جو پڙهندڙ اجائي گھڻي فرسٽريشن جو شڪار ٿي سگھي ٿو. مان ليکڪ جي مشاهدي کان انڪار نٿي ڪيان، پر بيان جي وڌاَ تي تنقيد ضروري ٿي سمجھان، ڇو ته اهو Writing-pollution جو سبب ٿو بڻجي.
ليکڪن کي اجائي وڌائي سڌائي فرسٽريشن پيدا نه ڪرڻ کپي.. ڇوته روز منهنجي آڏو Majority ڊاڪٽرس، زندگي بچائڻ لاءِ سرگردان نظر ايندا آهن، نڪي ماڻهو مارڻ لاءِ يا مرڻ لاءِ ڇڏڻ لاءِ.
مجموعي طور تي مان ضراب حيدر جي ڪهاڻين کي مشاهداتي_اسٽوريز چونديس، جن کي مطالعي جو پاڻي به ڏنل آهي.
آخر ۾ ضراب حيدر مان ٻين اهڙن ڪتاب جي اميد جو اظهار ڪجي ٿو، جيڪي عام سنڌي معاشري ۾، هر گھر ۾ رکڻ جهڙا هجن ۽ هر عمل، طبقي ۽ اخلاقي معيار لاءِ قابل قبول هجن.
ڊاڪٽر ناهيد مغل
From the Desk of Lover / Beloved
هن کي ڏسي،
هن سان ملي،
منهنجي ڪيترن ئي بيجان نظمن ۾،
ساھ پئجي وڃي ٿو.!
(علي اظهار)
ضراب حيدر مون لاءِ هن وقت، هڪ گھڻ_پاسائون موضوع آهي، مون لاءِ.
هو، هڪ محبوب دوست آهي،
هڪ ڀلوڙ وڊيو گرافر آهي،
هڪ سعادت مند شاگرد آهي،
هڪ قابل استاد آهي.
سندس شخصيت جي ڪنهن به رخ کي سامهون رکي جيڪڏهن لکان ته پڪ سان ساڻس انصاف ڪري نه سگھندس.
هو هڪ دوست آهي، هڪ ڪهاڻيڪار آهي، وڊيو گرافر به آهي، ايئن چوڻ ۽ فقط ان تي ئي ڪفايت ڪرڻ عام رواجي ۽ بنهه مختصر ٿيندو، ضراب جون اُهي خوبيون ڄڻ ضراب جي شخصيت جون ننڍڙيون ڪهڪشائون آهن، ضراب جي اندر ۾ جيڪڏهن جھاتي پائجي ٿي ته اُتي الائي ڪيتريون ئي ڪائناتون آهن، انهن ڪائناتن جي ڊسڪوري جي دعويٰ ڪير ڪري؟ آئون ته پنهنجي پاڻ کي سڃاڻڻ جي دعويٰ نٿو ڪري سگھان ته ضراب جي پاتال ۽ پولار جي تسخير جون ڪهڙيون ٻٽاڪون هڻان؟
مونکي رڳو ايتري ڄاڻ / اندازو آهي ته ”چهرو ئي مهاڳ هوندو آهي.“ جي مطابق، مون جڏهن ضراب کي ٻاهران ڏٺو هوته، مونکي ڪپل وستوءَ جو اُهو اداس ۽ وياڪل شهزادو ڏسڻ ۾ آيو هو، جيڪو ڪنهن نرواڻ جي ڳولها ۾ نڪتل هجي.
ضراب جي ڀورين سهڻين اکين جي گهرائيءَ ۾ هڪ، سمجھ ۾ نه ايندڙ بي چيني، بي تابي، تڙپ، تانگھ ۽ اڻ لکو اضطراب ڏٺو هئم.
آئون، سوچيندو هئس ته هي سهڻو سيبتو ۽ بظاهر بي فڪرو ۽ لاپرواھ نوجوان جيڪو پنهنجي ٽوياٽا ڪرولا ڪار ۾ نوابشاھ جي روڊن ۽ رستن کان وٺي، سنڌ جي هر شهر ۾، هر ڳوٺ ۾، هر وستيءَ ۾، هر کنڊر ۾، هر مندر ۾، هر درگاھ تي، هر آشرم ۾، هر ڪليسا ۾، هر مڙهيءَ ۾، هر مئخاني ۾، هر اک ۾، هر هردي ۾ ۽ هر روح ۾ ڇا ڳولهيندو آهي؟
هي وڊيو گرافر، ڪيميرا جي اک سان ڇا ڇا نه ٿو ڏسي، پوءِ به هن جي اندر جي اڃ ۾ گھٽتائي ڇو نه ٿي اچي؟ آئون، جڏهن هن سان ڪنهن به فنڪشن/ پروگرام/ گيڌرنگ جي رڪارڊنگ ۾ گڏ هوندو آهيان ته مونکي هي بندو، ڏاڍو پر اسرار لڳندو آهي، ايئن لڳندو آهي ته ڪالي ديوي ماتا وانگر هن کي کوڙ ساريون ٻانهون آهن، سگريٽ جو ڪش هڻڻ کان وٺي، ايڊاپٽر سنڀالڻ تائين، مووي ڪيميرا جي ڊگھي اليڪٽرڪ وائر سنڀالڻ، ڪيميرا لائٽ ڏانهن ڌيان ڌرڻ، اوچتو کيسي مان ٽيسٽي ڪڍي سڄي وات وجھڻ، اڃ لڳڻ تي پاڻيءَ جو گلاس پي وڃڻ، چانهن جي ڪپ مان چسڪيون ڀري وٺڻ ۽ ٻين انيڪ ڪرتب بازين سان گڏ، نهايت مهارت سان آرٽسٽڪ انداز ۾ مووي ڪيميرا سان لمحن کي فِلمبند ڪرڻ ۽ انهيءَ فلمبنديءَ دوران هر ننڍي کان ننڍي ۽ وڏي کان وڏي چُرپُر ۽ آواز کي ڪيميرا ۾ محفوظ ڪرڻ واري خبرداري. مون لاءِ ته ڏاڍي حيرت انگيز هوندي آهي، حيرت انگيز حد تائين ته سندس ڊرائيونگ به هوندي آهي جو، اڻ ڄاتل ۽ نون رستن تي به ڪار ايئن ڊرائيو ڪندو آهي ڄڻ، رستن سان ڪا پراڻي آشنائي اٿس.
هن جي ٻين انيڪ خوبين ۾ هڪڙي هيءَ به خوبي شامل آهي ته هو، ڏاڍي صبر ۽ سڪون سان نهايت باادب قسم جي خاموشيءَ ۽ سنجيدگيءَ سان، ادب ۽ ڪهاڻيءَ تي منهنجا ليڪچرز به شوق سان ٻڌندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن بور ٿيڻ باوجود به ٻين مشغولين تي انهيءَ عمل کي ترجيح ڏيندو آهي.
سکيا وٺڻ کان علاوه، سکيا ڏيڻ لاءِ به ايترو ئي بردبار هوندو آهي، مووي ڪيميرا جي اک سان، مونکي هر منظر جو پس منظر ۽ پيش منظر پسائڻ لاءِ، هو جيڪي جتن ڪندو آهي ۽ وڊيوگرافي جي هر ٽيڪنيڪ سيکارڻ لاءِ، هو جيڪي حيلا هلائيندو آهي، ان تي به حيرت ٿيندي اٿم.
شروع شروع ۾ ته هن جا اڪثر عمل مون لاءِ ڏاڍا حيرت انگيز هوندا هئا، هن جي انوالمينٽ ۽ محويت مون لاءِ سوال پيدا ڪندي هئي، آئون سوال جو سُٽ سلجھائڻ چاهيندو هئس، مون وٽ سڀ کان گھڻا ۽ وڏا سوال اِهي هوندا هئا ته هي ماڻهو، مونکي ايترو ڇو ٿو چاهي؟ مونکي ايترو ويجھو ڇو آهي؟ هن جا ڏينهن ۾ ٻه ٻه خط ڇو ٿا اچن؟ فون تي رات جو ٽين ٽين وڳي هو ڇو ٿو مون سان ڳالهائڻ چاهي؟ ۽ آئون اڪثر دوستن جي ڀيٽ ۾ هن جي ويجھو ڇو ويندو آهيان؟ هن ۾ ڪهڙي خوبي آهي، اُها ڪشش ۽ ڇڪ ڇا جي لاءِ آهي؟ مونکي، هُن جي سڪ ڇو لڳندي آهي؟ سوال ئي سوال هئا، پر جواب ۾ مطمئن ڪندڙ ڪوبه دليل، ڪوبه لاجڪ نه هوندو هو. ڇو ته اسان جي وچ ۾ ڪابه مادي غرض ۽ لالچ ڪونه هئي. نفسانفسي جي دور ۾، هَڻ وٺ ۽ ڀڄ ڊڪ ۽ ڇڪ ڇڪان جي عالم ۾، جڏهن هرڪوئي پاڻ کي سوا سير، بلڪه پوڻا ٻه سير سمجھندو آهي، تڏهن، اسان جڏهن ملون ٿا ته ڄڻ ”تراب في التراب“ ٿي ٿا وڃون، شايد اسان مان ڪوبه خچر يا گڏھ ڪونه هو. اسان ٻئي گھوڙا هئاسين. مختلف رنگن جا هوندي به هڪ نسل سان تعلق رکندا هئاسون. (گھوڙا به ته ملائڪ هوندا آهن نه؟ پر) اسان فرشتا نه هئاسين، هڪٻيئ سان ڪٿي به ڪا به حرامپائي نه ڪئي سين.
پر پوءِ مونکي پنهنجي سوالن جا جواب ملي ويا ۽ پڪ سان ضراب کي به ان واقعي ئي سڀ ڪُجھ سمجھائي ڇڏيو.
ها مونکي اُن رات سڀ جواب ملي ويا آئون اهو سوچي سوچي ٿڪجي پيو هئس ته هي، گوتم ٻڌ جي فڪر جهڙو لاطمع ۽ ميڊونا جي ناچ گاني جهڙو بيباڪ (بي حجاب) نوجوان، جيڪو مونکي محبوبائن جيان چاهي ٿو ۽ محبوب بڻجي، پاڻ وڻائي ٿو، منهنجي روح ۾ ڇو لٿل آهي؟ ان رات ضراب کي به اِدراڪ ٿي ويو ته هن جي اندر ۾ منهنجي محبت جون جيڪي ميخون کُتل آهن، اُهي ايڏيون مضبوط ڇو آهن.
اُن رات اسان جي ڪمپني ۾ سارنگ سهتو به، فياض چنڊ به، مراد قريشي به هو ۽ ڪُجھ ٻيا به دوست هئا، ضراب ڏاڍي ترنگ ۾ هو، دوستن ڏانهن خماريل ۽ ڪڪوريل نگاهون وڌائين، لڙکڙايل لهجي ۾ چيائين،
”جام مان ته هرڪو پيئندو آهي، اوهان مان آهي منهنجو ڪو اهڙو دوست جيڪو اڄ منهنجي چپن جي پيالي مان پيئي؟“ ائين چئي، ضراب پنهنجي مڌ ماتين اکين سان سڀني ڏي نهاريو، پنهنجي سڀني ويجھن دوستن تي واري واري سان نگاھ وڌائين، پوءِ وڌي هڪ ڍُڪ ڀري، پنهنجي چپن جو ساغر هن، هر دوست ڏانهن وڌايو، پر ڪنهن به هن جي چپن کي سويڪار نه ڪيو هو، آئون، بي اختيار اٿيو هوس ۽ سندس چپن جو جام پنهنجي چپن ۾ اوتيو هئم، ان ويل ايئن لڳو هو ڄڻ، ڪٿي ڪو جھونگاري رهيو آهي.
’مڌ پيئندي مون، ساجن صحيح سڃاتو.‘
وقت جو سفر هلندو رهيو آهي، محبتن جو ڪاروان به روان دوان آهي، ضراب جا پير، پاڻ مرادو سدائين ”سڀ رستا، ماروي ٽائون ڏانهن“(All the roads lead to the Marvi town Hyderabad) چوندا آهن ۽ منهنجون سڀ راهون ۽ شاهراهون ڄڻ ”سوسائٽي نواب شاھ“ ڏانهن وينديون آهن، پوءِ مون جڏهن به فون جو رِسيور کنيو هئو ته منهنجين آڱرين (زيرو ٽو فور ون) سڪس زيرو نائين ايٽ ٿري جا نمبرز (ڊجٽس) دٻايا هوندا / آهن.
ضراب، جڏهن به ڊائل گھمايو هوندو ته سندس آڱرين، پاڻ مرادو ئي (زير ڊبل ٽو ون) سڪس ون فور ٿري ٽو جي خانن ۾ حرڪت ڪئي هوندي.
پوءِ سلسلو شروع.
”هيلو!؟“
”ها، مان ضراب...“
”ضراب اڄ آئون ڏاڍو اداس آهيان.“
”پوءِ هليو اچ نه.“
”يار! نڪرڻ جي سگھ ، نٿو ساري سگھان.“
”ڀلا ترس ته مان ئي ٿو اچان.“
ملڻ کان پوءِ وسري وڃي ته ڪجھ ڪلاڪ اڳ ، درد جي وير، پسائي آلو ڪري ڇڏيو هو، روح جا سڀ غبار ڌوپجي وڃن.
يا وري ڪڏهن ايئن به ٿئي ته ڪا اويلي ۽ اوچتو گھنٽي وڄي، فون کڻان ته ضراب جو درد ۾ ٻڏل آواز ٻڌڻ ۾ اچي، ”طارق! ڇا پيو ڪرينءَ؟“
”اوڄاڳو پيو ڪريان.“
”اچ يار! مان ڏاڍو هيکلو ٿو پاڻ کي محسوس ڪريان.“
”هينئر اچان ڇا؟“
”ها، بس هينئر ئي نڪري پئه.“
”نوجوان! رات جا اڍائي ٿيا آهن!“
مان سامهون وال ڪلاڪ ۾ ڏسان پيو ۽ .......
”مون ته توکان ٽائيم ڪونه پڇيو آهي.“
”پر بابا هينئر ڪهڙي سواري ملندي؟“
”ڪيئن به ڪري، ٽن ڪلاڪن جي اندر پهچ.. سمجھئي.“
۽ پوءِ فون ڊس ڪنيڪٽ.....
ريلوي انڪوائري ڏانهن نمبر ڊائل ڪرڻ....
ڪابه ٽرين نه وڃڻ.....
سپر هاءِ وي تي نڪري پون...
پوليس جي موبائل وين... سوالن جا جواب ڏين... جند ڇڏائي، روڊ تي ٽرڪن ۽ مينگورا جي بسن کي هٿ سان روڪڻ جا اشارا ڪرڻ...
خدا خدا ڪري سڪرنڊ پهچڻ...
سڪرنڊ مان ڪنهن ڊاٽسن يا سوزوڪي ۾ لفٽ وٺڻ...
اينڊ ليٽ مي ريڪال فلئش بئڪ
آءِ ٿنڪ... واٽ شڊ آءِ ري ڪال اينڊ واٽ ناٽ! ڪهڙا ڪهڙا سين ري ڪال ڪجن ۽ ڪهڙا نه ڪجن؟...
ڪٿي به ته اڃا فل اسٽاپ نه آيو آهي / نه ايندو... هر ڪاما ۽ هر ڪولون ۽ سيمي ڪولون کانپوءِ، جڏهن پيار جو، نه کٽندڙ جملو جاري آهي ته اسان ٻنهي لاءِ اها ڳالهه ڏاڍي عجيب آهي ته اسان ٻنهي جي محبت ۾ هر ڏينهن ۽ هرپل، هڪ نئين شدت ڪيئن / ڇو ٿي اچي؟
ماڻهو ته دوستيون، لباس وانگر بدلائيندا آهن ۽ اسان، هڪٻئي جو لباس بڻجي ويا آهيون. جڏهن پاڻ ۾ ملون ٿا ته پنهنجي وجود جي پورڻتا جو احساس ٿئي ٿو ۽ نه ٿا ملون ته اڌورو پڻ حاوي رهي ٿو، اهو ڪهڙو ڳجهه آهي اِها ڪهڙي Mystery آهي؟ بس ايترو آهي ته اهڙي قسم جي گهري لاڳاپي ۽ ويجھڙائيءَ کي آتمڪ سٻنڌ چئي سگھجي ٿو.
اهو ئي پيار آهي، جنهن مونکي، آپ گھات جي ڪوشش ۾ ناڪام ٿيڻ کانپوءِ به، مٽيرئلسٽ ٿيڻ نه ڏنو آهي. ها اهو ئي پيار آهي، جنهن ۾ ڪنهن به ڌوکي ۽ فراڊ ٿيڻ جو خطرو/ انديشو نه هرندو آهي.. ها اِهو پيار ۽ ان جو هڪ ڊگھو سلسلو شروع ٿئي ٿو، ان ۾ گل وساڻ، علي اظهار، جمن سوهو، ممتاز بخاري ۽ پوءِ اچي ضراب تي دنگ ٿئي ٿو. انڪري ئي شايد منهنجو تصوف ڏانهن لاڙو وڌندو پيو وڃي.
ضراب تي مون، پنهنجا رنگ ايئن چٽي ڇڏيا آهن، جو ضراب پنهنجي وڏي ۽ ويڪري گھر جو ويل_ڊيڪوريٽيڊ ڪمرو ڇڏي (جنهن مان هو گھٽ نڪرندو هو) پنهنجي ڪار بيهاري (ڇوته پنڌ هلڻ کانئس نه پڄندو هوندو) مون سان گڏ پيرين پيادو، دنيا کي منهنجي اکين سان ڏسڻ لاءِ نڪري پوندو آهي ۽ Mysticism جا مام پروڙيندو آهي.. مونکي ضراب ملندو آهي ته مون کان جڳ جهان وسري ويندو آهي.
ايئن به رڳو ڪونهي ته فقط، مون کي ئي ضراب سان پيار آهي، پر ضراب جو به مونسان پيار آهي ۽ اها اُن پيار جي شدت آهي، جو هن جي ذات جا سڀ اليڪٽران، پروٽان ۽ نيوٽران، منهنجي ذات جي نيوڪلئس جي چوڌاري گھمندا آهن، ايتري قدر جو ضراب جي وني ڀاڀي فرح، ضراب کي مذاق ۽ مصنوعي ڪاوڙ ۾ ڪڏهن ڪڏهن چوندي آهي ته : ”پوءِ ڀلا ڪرين ڇو نه ٿو، ،طارق سان نڪاح؟“
سو، جڏهن رشتا ايڏا ته گهرا ۽ وسيع ٿي وڃن، جڏهن روح، روحن جي جسمن جو ڇُهاءُ محسوس ڪرڻ لڳن، تڏهن عام ماڻهو ته ڇڏيو پر، مٽ مائٽ ۽ دوست احباب به، ڪُجهه عجيب محسوس ڪندا آهن.
ضراب ۽ مون ۾ هڪڙي ڳالهه هڪجهڙائي رکي ٿي ته ضراب باوجود هڪ ويل ٽو ڊو فيملي سان تعلق رکندي به پنهنجي روزي، پاڻ ڪمائيندو آهي ۽ اُن لاءِ پنهنجي ڪلهي تي، مووي ڪيميرا جي تغاري ڍوئيندو آهي ۽ آئون اڄ تائين پنهنجو پاڻ سان لاڳاپيل ماڻهن جون ذميواريون پنهنجي محنت ۽ پورهئي سان نڀائيندو رهيو آهيان.
ضراب به مون وانگي سڀ کان پهرين، پنهنجي گھروارن سان ڪميٽيڊ آهي. ڀاڀي فرح لاءِ سندس دل ۾ ڪيڏو پيار آهي، اُهو ڀاڀي فرح ڄاڻي ٿي، آئون ڄاڻان ٿو ۽ خدا ڄاڻي ٿو. هالار (وشال) ضراب جو ننڍڙو پتڪڙو پُٽ، جيڪو هوبهو ضراب جهڙو آهي، ان لاءِ ضراب جي پيار جي ڪٿ ڪرڻ، آسماني پيءُ جي پيار جي ڪٿ ڪرڻ جي برابر آهي. ضراب جي سادگيءَ جو عالم، اهو آهي ته سنڌ ۽ هند گھميو آهي، ڏيھ ۽ پرڏيھ رُليو آهي، هن جي چواڻي ته وڏا جسماني ۽ روحاني سفر طئه ڪيا اٿائين، پر جڏهن سندس ڀاڻج سنڌو، اچي کيس ٻڌائي ٿو ته :
”ماما! مونکي آپا. ڀرت ڊي تي ٻارنهن سو روپين واري سينٽ، تحفي ۾ ڏني آهي.“
ته ضراب هڪدم بي ساختگيءَ سان چوي ٿو. ”يار! وارو ڪر اِها ٻارنهن سؤ روپين واري پرفيوم کڻي اچ، اسان غريب ماڻهو به ڏسون ته اِها ٻارنهن سؤ روپين واري پرفيوم ڪيئن ٿيندي آهي.“
يا وري نوابشاھ ويندي ڪار جي ڊرائيونگ ڪندي مونکان پڇيائين ”اڙي مُڇون ڇو ٿو مروڙين؟“
بي اختيار چئي ويم، ”اڍائي لکن جي گاڏيءَ جي فرنٽ سيٽ تي ويٺو آهيان، مڇون به نه مروٽيان ڇا؟“
پنهنجي ڪلين شيو ٿيل چهري تي هٿ گھمائي هڪڙو ٿڌو ساھ ڀري چيائين، ”يار! پاڻ غريب ماڻهو آهيون، مڇون به نٿا پالي سگھون.“ سندس اِن معصوميت تي ڏاڍو پيار به ايندو اٿم ته کل به.
اسان رڳو، هڪٻئي سان پيار ناهي ڪيو، هڪٻئي جي هر ڳالهه هر ادا، هر شيءِ کي چاهيو آهي، اها ڳالهه ڪيڏي نه مون لاءِ اهم آهي ته ڀاڀي فرح، منهنجي نزيءَ (نزهت) جون تصويرون ڏسي، بي اختيار چيو هو، ته ”هيءَ ڇوڪري ته ڪٿي، ڪنهن ڪنڊ ۾، منهنجي اندر ۾ رهي آهي.“
مون جڏهن ضراب کي ڪهاڻين جو مجموعو ”پنجين موسم کان پوءِ“ گفٽ ڪيو هو ته ان ۾ لکيو هئم : ”اسان ڪهاڻيڪار نه هجون ها ۽ ڪهاڻين جي ذريعي نه ملون ها ته ڪٿي نه ڪٿي، ٻه ڪهاڻيون بڻجي ضرور ملون ها.“
ضراب، منهنجي ڪتاب جو مهاڳ ”ڪهاڻيءَ جي ڪهاڻي“ پڙهي ۽ پوءِ هڪڙي ڪهاڻي ”پڙ“ پڙهڻ کانپوءِ، مون ڏي خط لکيو هو ته : ”تو پنهنجي محبت وفائن تي ايڏا آروپ ڇو آندا آهن؟ پنهنجو پاڻ کي عشق ۾ صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ پنهنجي وفائن کي توڙ ڪرڻ لاءِ هِن (محبت) جو ڪردار ڊيميج ڇو ڪيو اٿئي؟ تنهنجو اهو عمل مونکي بنهه ڪونه وڻيو.“ مون اعتراف ڪيو ته ضراب درست ٿو چوي.
هونئن به آئون هجان، ضراب هجي يا ڪوبه سچو پيار ڪندڙ هجي، عشق ۾ سڀ رسوايون، ملامتون ۽ سمورا الزام پاڻ کڻندو آهي.
مون جڏهن ضراب کي پنهنجي ڪهاڻين جو مجموعو ”صديءَ جو سفر“ پريزنٽ ڪيو هو ته مونکان پاڻ مرادو ان ڪتاب تي لکجي ويو هو : ”هئا اڳئي گڏ، ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا...“
ضراب، طبعيت ۾ مونکي، مون جهڙو لڳندو آهي، هو مونکي ان ڳالهه ۾ پاڻ وانگر ئي لڳو هو جو، جڏهن منهنجو ڪتاب ”ٽين اک“ ڇپجي رهيو هو ته ان وقت (آگسٽ 1994 ۾) ضراب کان سندس ڪهاڻين جو (هي ساڳيو ئي) مجموعو، سهيڙائي، هيڪاندو ڪرائي مسودي جي شڪل ۾ وٺي ويو هئس، ضراب ڪيڏو نه لوڙايو هو، اِهو ٻڌائڻ غيرضروري ٿيندو، سو بهرحال اهو مسودو، زوريءَ ترتيب ڏياريو هومانس ۽ دڙڪو ڏنو هومانس ته : ”جيستائين تنهنجو ڪتاب، نه ايندو تيستائين منهنجو ڪتاب، به شايع نه ٿيندو.“
ضراب جيڪو ادبي دنيا ۽ ادب جي نالي ۾ ٿيندڙ بي ادبيءَ کان گھڻو پري آهي، شارٽ ڪٽس جو قائل ناهي ۽ فقيراڻي طبعيت اٿس، تنهن ڪري سدائين پاڻ کي Underestimate ڪندو آهي، منهنجي چوڻ تي 1994ع جي نومبر ۾ مسودو، ڪمپيوٽر ۾ ڏيڻ لاءِ آماده ٿي ويو هو. پر اوچتو هڪڙي ڏينهن آيو ۽ مسودو، زوريءَ واپس وٺندي چيائين، ”پهرين اهو ڪتاب ڇپراءِ، جنهن جو مسودو، سارنگ سهتو ڏئي ويو آهي.“
اُن وقت ضراب مونکي سچو سرجڻهار ۽ فنڪار لڳو هو. جيڪو به نه رڳو ٻئي فنڪار جي فن سان، پر ٻئي فنڪار سان به پيار ڪندو آهي.
پنهنجي همعصر ۽ هم شهر ڪهاڻيڪارن ناهيد مغل ۽ مراد قريشيءَ جي ڪهاڻين تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندڙ ۽ ساراهيندڙ ضراب، جڏهن ذوالفقار ڪانڌڙي (جنهن سان ڏيٺ ويٺ ئي ڪونهيس) جي ڪهاڻي، ”دريءَ وٽ بيٺل هڪ ڇوڪري“ پڙهي ٿو ته هڪدم چئي ٿو ته : ”ها، ڀائو! ڌڪ، دشمن جو به مڃجي، ڪهاڻيءَ ۾ دم آهي.“
ان کانپوءِ ضراب، منهنجي اها پيشڪش به خوشيءَ سان قبولي جيڪا، مون کيس سچائي اشاعت گھر دڙو طرفان نوجوان ڪهاڻيڪار ذوالفقار ڪانڌڙي جي ڪهاڻين جي مجموعي جي، بئڪ ٽائٽل لکڻ لاءِ ڪئي آهي.
ضراب جي ڪهاڻي طرف اچون ٿا، مختصر طور ايترو چوندس ته 1994ع ۾ نصير مرزا جي ادبي پروگرام ۾ مون جيڪو ڊاڪٽر محمود مغل صاحب کي ريڊيو انٽرويو ڏنو هو، ان جي رڪارڊ ٿيل ڪيسٽ ٻُڌم ته مونکي هي سٽون لکڻيون پئجي ويون، ان انٽرويو ۾ ڊاڪٽرمحمود مغل سوال پڇيو هو ته :”نون ڪهاڻيڪارن جي باري ۾ ٻڌايو؟“
مون جواب ڏنو هو ته : ”نون ڪهاڻيڪارن ۾ ممتاز بخاري ۽ ذوالفقار ڪانڌڙو لکڻ سان گڏ مطالعو به ڪن ٿا، ممتاز وٽ ڪهاڻيءَ جو ڪرافٽ اڃا ميچوئر نه ٿيو آهي، مراد ۽ مظهر ابڙي وٽ مطالعو بنهه گھٽ آهي، ذوالفقار ڪانڌڙو ۽ مراد هڪ ئي اسٽائيل ۾ لکندا آهن ۽ يڪسانيت جي ور چڙهيل آهن، جڏهن ته ضراب حيدر ۾ ڪهاڻيءَ جو ڪرافٽ (هنر) آهي.“
تقريباً ان قسم جي ويچار مون ٽي وي انٽرويو ۾ پروگرام ”سنڌ رنگ“ ۾ به اظهاريا هئا، پر اهو انٽرويو، ايڊيٽنگ جي ڪري پروڊيوسر جي ٻڪري کائي وئي. جيتوڻيڪ ڊاڪٽر محمود مغل کان ويهن منٽن جو انٽرويو ورتو هو.
ضراب جون ڪهاڻيون سراسري ڏسجن ته ڏاڍيون سٺيون ڪهاڻيون آهن. ضراب جون ڪهاڻيون، پنهنجي ٽائٽلس مان ئي پڌريون آهن، ته ڪيتريون نه آرٽسٽڪ آهن. ضراب وٽ فن آهي، ڳالهه پيش ڪرڻ جو ڍنگ آهي، ضراب پنهنجي مشاهدي کي ڏاڍي فنڪاراڻي انداز ۾ ايئن لاهيندو آهي، جو ڄڻ پڙهندڙ پاڻ پيو مشاهدو ماڻي، اِهو ئي سبب آهي جو ضراب، منظرنگاريءَ ۾ ڏاڍو پختو آهي، ضراب جي ڪهاڻين جي اها خوبي آهي ته ڪابه ڪهاڻي فڪري توڙي فني حوالي سان ٻي ڪهاڻيءَ سان مشابهت نه ٿي رکي. ضراب جون ڪهاڻيون ڊراماٽائيز به ٿي سگھن ٿيون.
ضراب حيدر، هڪ خاموش ۽ گوشه نشين ڪهاڻيڪار ڇو هئو؟ اهو سوال ضرور، پڙهندڙن جي ذهن ۾ اُڀرندڙو، جو، هو هن وقت تائين هروڀرو ”موهن جو دڙو“ ڇو بڻيل هو؟
هڪ ته ضراب حيدر جي، ڪنهن به ادبي انجمن سان باقاعدي وابستگي نه هئي. ٻيو ته هو، ”اديبن ۽ عالمن“ جي حاضري، گھٽ ڀريندو هو، ٽيون ته پاڻ کي هروڀرو مٿي نه ڪندو هو چوٿون ته هن باوجود هڪ ”ويل ٽو ڊو“ فيملي سان تعلق رکڻ جي، پاڻ کي، پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ ۽ پنهنجي اندر جي بي چيني ۽ بيتابيءَ کي اظهارڻ ڏيڻ لاءِ مووي ڪيميرا سان پيچ پائڻ کانپوءِ، باقي گھڻُ ڪُجھه وساري ڇڏيو هو....
بهرحال پوءِ ساڻس، مون باقاعدي زبردستي ڪئي ۽ کانئس ڪهاڻي جي معاملي ۾ ڪابه رعايت نه ڪئي/ ۽ نه وري ڪندس.
ضراب ۾ ڏاڍي ويرائٽي آهي، ضراب ڌئوس ڪهاڻيڪار آهي، هي، هرڳالهه / موضوع کي پنهنجي اينگل سان ڏسندو آهي۽ پوءِ هن جي پيشڪش، ٻين ڪهاڻيڪارن کان وڌيڪ نرالي ثابت ٿيندي آهي.
ٽائيٽل ڪهاڻي ”سرحدن کان اڳتي“ ۾ ڀرپور منظر نگاريءَ کان علاوه ضراب جي سوچڻ جو مختلف انداز سامهون اچي ٿو، هو ”تڙي پار“ بنگالين کي روايتي انداز ۾ گاريون ڪونه ٿو ڏئي، پر انهن سان ٿيندڙ اڪيچار عقوبتون بيان ڪري، پنهنجو به ڪيس پيش ڪري ٿو.
”سنڌ جو مجاور“ به بهترين منظرنگاريءَ سان گڏ، ڏاڍي جذباتي قسم جي لکڻي آهي، ڪهاڻي پڙهندي اکين ۾ لڙڪ تري ٿا اچن.
هرهڪ ڪهاڻي کي جانچي ڏسجي ته هر ڪهاڻيءَ ۾ ڪيتريون ئي خوبيون نظر اينديون، ڪٿي ڪٿي ڊائلاگز جي بي ساختگي ته جملن ۾ موجود، گھريون ۽ ذو معنيٰ ڳالهيون ڇرڪائي ٿيون وجھن، ڪهاڻين ۾ نفسيات (ماڻهوءَ جي اندر جي اپٽار) به ڏاڍي ڌيمي انداز ۾ ۽ تمام سادي طريقي سان ڪئي اٿس.
سندس مجموعي جي بهترين ڪهاڻين ۾ ”مجسمو“ اهڙي ڪهاڻي آهي، جيڪا سنڌيءَ جي ڪيترن ئي ناولن تي ڀاري آهي، ”مجسمو“ ڪهاڻي ۾، هن جو فن گهري انداز ۾ سوچڻ جو طريقو ٻڌائي ٿو ته: ضراب، ڪهاڻيءَ کي اندر ۾ پچائيندو به آهي جيئن جو تيئن، جيڪو اچيس ٿو اُهو ئي نٿو لکي.
”سگريٽ کي ڪٿان دکائجي“ به شاهڪار ڪهاڻي آهي ان کان اڳ ان موضوع تي اهڙي انداز ۾ ڪنهن به ڪهاڻيڪار، ڪهاڻي نه لکي آهي. مجموعي طور سندس ڪهاڻي کي ويهي ڪٿ هيٺ آڻجي ته تقريباً سڀ ڪهاڻيون لاجواب آهن.
هن وقت ضراب جي ڪهاڻين جو تقابلي جائزو، ٻئي ڪنهن به ڪهاڻيڪار جي ڪهاڻين سان نٿا وٺون / ڪريون. هونئن به ضراب جي ڪهاڻين جو مقابلو، ضراب جي اڳ ۾ لکيل ڪهاڻين سان آهي، ضراب کي پنهنجي طرفان لاجواب ڪهاڻيڪار قرار ڏيڻ کانسواءِ ئي آئون اهو چئي سگھان ٿو ته جيڪڏهن ضراب ڪهاڻيءَ کان منهن نه موڙيو ته ڪهاڻي به ضراب کان منهن نه موڙيندي.
ضراب جي گھر يا مون وٽ يا ڪٿي ٻئي هنڌ جڏهن ڪجهه ڪهاڻيڪار دوست گڏ ٿيندا آهيون ۽ ڪهاڻين تي ڳالهائيندا آهيون ته ڪجهه دوست مون تي ۽ ضراب تي اِهو الزام ڌريندا آهن ته اوهان جي ڪهاڻين ۾ پورنوگرافي هوندي آهي. اوهان سيڪس کي اُڇاليو ٿا. خاص طور تي ضراب اِن الزام هيٺ گھڻو ايندو آهي، مڃجي ٿو ته ضراب ان ليول جي ڪرافٽنگ نه ڪندو آهي، جو هو اعتراض اٿڻ واري صورتحال پيدا ٿيڻ ئي نه ڏئي، پر اوهان جڏهن ضراب جون ڪهاڻيون پڙهندا ته اوهانکي اُهي الزام ايڏا وزن دار نه لڳندا، سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ بهادريءَ سان جنس جي نفسيات تي جن ڪهاڻيڪار لکيو آهي، انهن ۾ غلام نبي مغل، ماڻڪ، نورالهديٰ شاھ ۽ کوڙ سارن ڪهاڻيڪارن، گھڻو گھڻو اڳ پنهنجون تحريرون مڃرايون آهن. جيتوڻيڪ هاڻ اهو بحث، بحث ئي نه رهيو آهي، پر پوءِ به اعتراض ڪرڻ وارا دانهون ڪن ٿا. هن سيٽلائيٽ ٽرانسميشن جي دؤر ۾ ان قسم جا اعتراض هاڻ ڪُجهه وڌيڪ وائڙا به لڳن ٿا، ها ائين آهي ته اهي اعتراض هر دور ۾ ٿيندا رهيا آهن، هڪڙو وقت هو جو افلاطون جهڙي ڏاهي، پنهنجي يوٽوپيا ۾ شاعرن جي داخلا ٿيڻ تي پابندي وجھي ڇڏي هئي. انڪري ته متان شاعر عشق، محبت ۽ جنس جون ڳالهيون نه ڪن. مذهبن پڻ شاعرن کي شيطان جو پوئلڳ ڪوٺيو، ان جو سبب اسلام کان اڳ جي دور جي عربي شاعريءَ جو جائزو وٺڻ سان پئجي ويندو ڪو دؤر اهڙو به هو ته ماڻهو پنهنجي زال ڏي به اوندهه ۾ ويندا هئا ۽ ڪنهن لوڪ داستان ۾ عشق جو داستان ٻڌي، توبهه توبهه ڪندا هئا، سنڌ ۾ ڳچ عرصو اڳ شاعر، محبوب جو ذڪر، مذڪر طور ڪندا هئا، جو سندن خيال ۾ ادب جو اهو صالح رخ آهي. پوءِ جڏهن ان قسم جي شاعريءَ کي غيرصالح شاعريءَ مات ڏني ته اڄ صالح شاعري ۽ ادب نظر نٿو اچي ۽ نه وري صالح اديب.!
ٻيو، پاڻ وٽ اهو رواج به آهي ته هر روشن خيال سڀاءُ کي يورپ مان آيل فحاشي، بداخلاقي ۽ بي حيائي قرار ڏئي، ان کي مغربي پروپيگنڊا جو نانءُ ڏنو ويندو آهي. پر مغرب ۾ به هڪ اهڙو دور هو جو اتي فرانس جي بادشاھ لوئي (چوٿين) چواڻي ته : ”هن پنهنجي ڏهن ورهين جي ازدواجي زندگيءَ ۾، پنهنجي زال جي سٿر به ڏينهن جو ڪونه ڏٺي.“ ايتري قدر جو جڏهن هنري فيلڊنگ جو ناول History of Tom John پڌرو ٿيو ته سڄي انگلينڊر ۾ غوغاءُ مچي ويو ، ان حد تائين جو ان ناول کي ”انگلش تهذيب جو موت“ قرار ڏنو ويو، ان ناول جو هيرو هڪ ناجائز ٻار آهي ڳچ عرصو اڳ ڊي ايڇ لارينس جي ناولن تي به وڏي وٺ پڪڙ هئي، خاص طور تي ”ليڊي چيٽرلز لور“ ناول تي امريڪا ۾ منهن مٿو پٽيو ويو هو، منهنجي خيال ۾ اهو ناول ايڏو شاندار ناول نه هو، پر تڪراري ٿي وڃڻ سبب ان ناول کي چڱي شهرت ملي، ته چوڻ جو مقصد اهو آهي ته مغربي سماج ۾ به جتان جي ڇڙواڳي مشهور آهي، انهن ڳالهين تي اعتراض ٿيندا آهن، ان کان سواءِ اٽلي، امريڪا ۽ ٻين ملڪن جي اديبن خاص ڪري البرٽ موراويا (اٽلي) هيرالڊ رابنس (امريڪا) ۽ فرناسس ساگان (فرنس) ۽ ٻين ڪيترن ليکڪن لکيو ۽ انهن تي به وقت جي نقادن فحاشيءَ جون تهمتون مڙهيون. آسڪروائلڊ تي ته هم جنس پرستيءَ جا الزام هنيا ويا، وري اچو اردو افسانه نگارن ۽ شاعرن تي ته عصمت چغتائي، سعادت حسن منٽو، سارا شگفته ۽ نوشي گيلاني تائين کوڙ اديب ملامتن جو شڪار ٿيا آهن. ادب ۾ جيڪڏهن ذهني تسڪين لاءِ ۽ اگھاڙپ جي لست ماڻن لاءِ لکڻ جو ڪو ڪنهن ليکڪ طرفان عمل ٿيندو ته اها لکڻي وقت ۽ وقت کانپوءِ ڪوبه دوام ماڻي نه سگھندي.
مان نٿو سمجھان ته ضراب جو ڪوبه ڪردار جنسي جذبي جي تسڪين لاءِ گھڙيل آهي يا ڪو لقاءُ واردات ڪو واقعو ڪنهن خاص مزي ماڻڻ جي خيال سان، اڻت ڪاري هيٺ آهيو آهي، تنهن هوندي به منهنجو تجزيو آهي ته ليکڪ، جڏهن لکندو آهي ته هو لاشعوري طور تي مرد بڻجي لکي ويندو آهي ۽ جڏهن ڪا ليکڪا لکندي آهي ته ڪٿي نه ڪٿي، عورت پڻو، ان کي ڪي اسپيڊ بريڪرز ڏئي ڇڏيندو آهي، سو ممڪن آهي ته ضراب ۽ ضراب جهڙا اسان جا ٻيا نوجوان ليکڪ ڪجھه وڌيڪ ئي بيباڪيءَ سان لکي وڃن ٿا ان لاءِ پاڻ سان گڏ سڀني ليکڪ دوستن کي اها صلاح ضرور ڏيندس ته لکڻ دوران خاص طور تي ڪهاڻيءَ ۾، جذباتي قسم جي منظرنگاري ڪرڻ وقت اجاين ۽ ڊگھن تفصيلن کان پرهيز ڪرڻ گھرجي، منهنجو خيال آهي ته جنس جي نفسيات کي فڪشن ۾ آڻڻ، تعليم ڏيڻ جي برابر آهي ۽ اُها پورنوگرافي ناهي، ڪهاڻين ۾ نت نوان تجربا ٿيڻ گھرجن. اهو ڪهاڻيءَ جو اسان تي حق آهي.
طارق قريشي