ڪھاڻيون

سرحدن کان اڳتي

ضراب جون ڪهاڻيون سراسري ڏسجن ته ڏاڍيون سٺيون ڪهاڻيون آهن. ضراب جون ڪهاڻيون، پنهنجي ٽائٽلس مان ئي پڌريون آهن، ته ڪيتريون نه آرٽسٽڪ آهن. ضراب وٽ فن آهي، ڳالهه پيش ڪرڻ جو ڍنگ آهي، ضراب پنهنجي مشاهدي کي ڏاڍي فنڪاراڻي انداز ۾ ايئن لاهيندو آهي، جو ڄڻ پڙهندڙ پاڻ پيو مشاهدو ماڻي، اِهو ئي سبب آهي جو ضراب، منظرنگاريءَ ۾ ڏاڍو پختو آهي، ضراب جي ڪهاڻين جي اها خوبي آهي ته ڪابه ڪهاڻي فڪري توڙي فني حوالي سان ٻي ڪهاڻيءَ سان مشابهت نه ٿي رکي.
  • 4.5/5.0
  • 4071
  • 580
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ضراب حيدر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سرحدن کان اڳتي

پنھنجي پاران

ڪنھن به لِکڻي جي مڃتا اِن ۾ آهي ته اُن کي پڙهندڙن وٽان ڪيتري موٽ ملي ٿي. لکڻي تحقيقي هُجي يا تخليقي ليکڪ لاءِ وڏي اهميت واري هوندي آهي.
دنيا جهان ۾ ڄاڻ ۽ علم جي واڌاري لاءِ ڪتابن جي اهميت کي رد نٿو ڪري سگهي، شروعات کان ڪتاب انساني علم ۾ واڌاري جو سبب ۽ وندر جو سامان رهيا آهن.
جڏهن کان پرنٽنگ پريس جو بُڻياد پيو تڏهن کان ڪتاب جي اهميت اڃا وڌي وئي ويتر جديد دور ۾ انٽرنيٽ ڪتاب جي اهميت کي نه صرف وڌائي ڇڏيو پر اُن کي ابلاغ لاءِ سولو ۽ آسان ڪري ڇڏيو. جنھنڪري سموري دنيا هڪ ٻئي سان ڳنڍجي وئي.
سنڌي ادب جي ابلاغ لاءِ جتي مختلف ادارن پنھنجو پاڻ ملھايو آهي اُتي انٽرنيٽ جي دنيا ۾ انفرادي طور ”سنڌ سلامت“ تمام وڏو ڪم ڪيو آهي، جنھنڪري ڪيترائي ڪتاب جيڪي يا ته وڃائجي چُڪا هئا يا وري اَڻ لڀ هئا سي هميشه هميشه لاءِ سنڀالجي ويا ۽ پڙهندڙن کي پڙهڻ لاءِ مُھيا ٿي سگهيا.
مون لاءِ وڏي خوشي جي ڳالهه آهي ته منھنجي ڪھاڻين جو ٻيو مجموعو ”سرحدن کان اڳتي“ جيڪو 1996 ع ۾ ڇپيو هو سو اڄ اٽڪل ٻاويھن سالن کان پوءِ ’سنڌ سلامت‘ تي رکيو پيو وڃي. منھنجو هي ڪتاب پڻ ڪيترن سالن کان اَڻ لڀ هو، ۽ ڇپائي واري اداري جي مخصوص انگ واري ڇپائي سبب پڙهندڙن جي وڏي انگ تائين پھچي نه سگهيو هو ، سو اڄ کان نه صرف سنڌ ۾ پر سموري دنيا ۾ پڙهندڙن تائين پھچي سگهندو. مان اڄ تمام گهڻي سرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان. مان تمام گهڻو شڪر گذار آهيان ’سنڌ سلامت‘ سٿ جو جن منھنجي هِن پورهيي کي پنھنجي ويب سائيٽ تي رکي ڪتاب جي زندگيءَ کي وڌائي ڇڏيو ۽ پڙهندڙن کي منھنجي ڪتاب پڙهڻ جو نئون موقعو فراهم ڪيو.

ضراب حيدر
12اپريل 2019
حيدرآباد

ڪتاب ۾ ڇپيل
منهنجي ڪهاڻي
ضراب حيدر

نه ٿا ڪڇ تو خدا ٿا، ڪڇ نه هوتا تو خدا هوتا،
ڊبويا مجھ ڪو هوني ني، نه هوتا ۾ تو ڪيا هوتا.

جڏهن ”ڪن فيڪون“ جو آواز ٻُريو، جڏهن ”الست بربڪم“ جو ناد عالم ارواح ۾ گونجيو، ان ويل ”قالوبليٰ قلب سين“ چئي ويڙهيچن سان ڪيل وچن واري ڪتاب جي لکڻين، ڪروڙين، اربين ڪهاڻين جنم ورتو ۽ هن ڪائنات جي ڪهاڻي لکجڻ شروع ٿي ۽ ان ڪتاب جو ليکڪ ڪو ٻيو نه هو، پر ڪائنات جو ئي تخليقڪار خود خدا هو.
انسان جي محدود علم ۽ عقل جي اک پنهنجي محدود نگاهه، ٻه ارب کن سال پوئتي وڌي ته ڏسڻ ۾ آيس ۽ اندازو ٿيس ته هن ڪائنات جي باقاعدي ڪا ڪهاڻي لکڻ شروع ٿي آهي ته اها شايد پري ڪيمبرين (Pre-Cambrian) دؤر کان ٿي آهي، اهو ئي سمئه هو، جڏهن ڌرتي جي وجود سان ٻين گرهن پنهنجو پاڻ سلهاڙي، پنهنجو پاڻ کي فنا ڪري، ،ڌرتيءَ کي هڪ شڪل عطا ڪئي، ڌرتي جيڪا ان وقت ڪنهن ننڍڙي نينگري جي جسم جيان هئي، ان جي ڇاتيءَ کي ڪي اُڀار به گھرجندا هئا ۽ اهو ڪم خالق ڪائنات جبلن کان ورتو، جبلن کي ڌرتيءَ جون ميخون بڻائي ڇڏيائين ۽ پوءِ ڌرتي هڪ ڇيڳري ڇوڪريءَ مان ڦري هڪ مڪمل عورت بڻجي وئي ۽ عورت جو هڪڙو روپ ماءُ جو روپ به آهي ۽ پوءِ ان ڌرتي ماءُ تي حيات جا درخشان اُهڃاڻ نمودار ٿيا، زندگيءَ جي نه ڏسڻ ۾ ايندڙ مادي Invisible matter الجي ۽ پروٽوزا منهن مهانڊي، نڪ نقشا، صفتون ۽ وصفون وٺڻ شروعن ڪيون.
ڌرتي ماءُ جي سيني تي حيات جي ڪاروان جو ابهم معصوم ۽ ٻالڪ جو سفر جاري هو، جيڪو پنهنجي بانبڙن پائڻ واري ڄمار کي پهتو جنهن کي پاڻ پاليئوزائڪ دور سمجھون ٿا، ان مرحلي تي ڪهاڻيءَ ۾، سمونڊ مڇين، ٻوٽن وڏن وڻن وارن ٻيلن ۽ ڪوئلي جا ڪردار متعارف ٿيا، ۽ وقت جو وهڪرو لکين سالن جو مفاصلو طئه ڪندو رهيو، ان مفاصلي دوران ڌرتيءَ جي ڪهاڻي ۾ ميزوزائڪ دور به اچي شامل ٿيو. جنهن ڌرتيءَ جي ڪهاڻي کي ريڙهيون پائيندڙ جانور ڊائنوسار ۽ اڏامندڙ پکي عطا ڪري، نئين منظرنگاري شروع ڪئي، ڪهاڻي پنهنجي ڪلائيميڪس ڏانهن وڌي رهي هئي، پر اينٽي ڪلائيميڪس کان گھڻو پري هئي ته انهن ورهين ۾ ڪينوزائڪ دؤر اچي شامل ٿيو، هن دور ۾ ٻه چٽا ڏيک ڏيکارڻ شروع ڪيا، هڪڙو ”ڏيک ٽير ٽائيري“ ڏيک هو جنهن ۾ نوان نوان ٻوٽا، وڏا کير پياريندڙ جانور نظر آيا ۽ ٻئي ڏيک ڪوارٽرنري ۾ جيوگھرڙي ارتقا وٺندي، ماڻهوءَ جي غير واضح شڪل اختيار ڪئي، ان ماڻهوءَ جي اچڻ کانپوءِ، ڌرتيءَ جي ڪهاڻي پاڻ ۾ کوڙ شيون سمائي ورتيون ۽ پوءِ وقت جا الاهي ڪهڙا وهڪرا وهي ويا.
جيئن ڌرتيءَ جو گولو، ڪائنات ۾ ٽٻڪي وانگر آهي ۽ ڌرتيءَ تي ننڍڙو کنڊ تهذيبي حوالي سان ڌرتي ماءُ جي نڪ تي نٿ آهي، تيئن ئي مهراڻ جي وادي اُن نٿ جو جرڪندڙ سونهري ٻُڙو آهي، ان جي سونهري خطي ارتقائي مرحلن مان هڪ مرحلي تي تهذيب ۽ تمدن جو هڪ عظيم عروج ۽ ڪمال ڏٺو. ”هرڪمال را زوال است“ وانگي مهراڻي جي تهذيب تي به زوال آيو، ان وچ دوران تهذيب جيڪا ثقافتن جو مرڪب هوندي آهي، ان ۾ ڪيتريون ئي ثقافتون شامل ٿيون هيون، جهڙوڪ: جھڪار ڪلچر، جھگار ڪلچر، آريا ڪلچر، موريا ڪلچر، ڪول ۽ سنٿيان ڪلچر، پرٿيان ڪلچر، ڪوشان ڪلچر ۽ سنيان ڪلچر شامل هئا /رهيا.
۽ پوءِ راءِ سلطنت جو پايو پيو، هڪڙي برهمڻ زادي پنهنجي سياسي تدبر ۽ ڏاهپ سان، پنهنجي پيار جي طاقت کي ٻانهن جو ٻل بڻائي، برهمڻ سلطنت قائم ڪئي... ۽ پوءِ ڪهاڻيءَ اچي چچ نامي وٽ بيهي ٿي، ان وقت ڪهاڻيءَ ۾ چچ نامي ڪيترو فڪشن وڌو ۽ ڪيتري حقيقت نگاري ڪئي، اهو ڪم مورخن تي ڇڏيون ٿا.
عرب آيا، غزنوي آيا، غوري آيا، غورين کان پوءِ سومرن جو غور ۽ ويچار شروع ٿيو، انهن جو غور ۽ ويچارو پورو ٿيو ته سمن جو آچار شروع ٿيو، سمن جو آچار اچي ارغونن کاڌو، انهن جا ڀائيوار اچي ترخان ٿيا.. ارغونن ۽ ترخانن جو سرپرست مغل ٿيو.. ۽ پوءِ اهي ٽيئي به هن تاريخ جي ڌوڙ ٿي ويا، پوءِ ڪهاڻيءَ جي صفحي تي ڪلهوڙن جو ڪردار اُڀريو ۽ گم ٿي ويو.. ٽالپر نمودار ٿيا، ٽالپرن جو دؤر محلاتي سازشن جو دؤر هو، جنهنڪري ڪهاڻيءَ هڪ نئون موڙ اختيار ڪيو ۽ ڏسڻ ۾ آيو ته انگريز صاحب لوڪ پوري ننڍي کنڊ تي ڇانئجي ويا، انگريز ڪردار پنهنجا اڻ مٽ نقش ڇڏي ڪهاڻي کي پاڪستان جي نالي هڪ دين دار ۽ جمهوريت جي علمبردار شخص کي 1947ع ۾ هينڊ اوور ڪيو ويو.
پاڪستان جو ٽيڪ آف ٿيو ۽ پاڪستان سان گڏ الائي ڪيترين شين ٽيڪ آف ڪيو، انهن ڏينهن ۾ ايئن لڳندو هو، (۽ اڄ به ايئن لڳندو آهي) ته هر زميني ۽ هر آسماني آفت کي رڳو سنڌ ۾ ئي لينڊ ڪرڻ جو آرڊر ملي ٿو.
ايئن ٿو لڳي ته خدا جهڙي مهان ڪهاڻيڪار جي ڪهاڻي سندس ئي گرپ (Grip) مان نڪري چڪي هئي. ڇوته ان وقت سندس ڪردار (اسان سنڌي ماڻهو) هڪ نهايت بدفضيلتي دور مان گذريا رهيا هئاسين، ان قسم جي بدفضيلتي ۽ افراتفري مون عالم ارواح مان ڏٺي پئي ۽ ڪهاڻي ۾ هڪ نيئن ڪردار جو واڌارو ڪرڻ لاءِ ٻڏتر ۾ هئس، سوچيندو هئس.
شوري شد از خواب عدم، چشم ڪشوديم،
ديديم ڪه باقي شب فتنه غنوديم،
(گوڙ ٿيو، عدم جي خواب مان اک کوليم، ڏٺم ته اڃا فتني جي رات باقي آهي. سمهي رهيس.)
پر وقت مونکي سمجھايو ته هاڻي ڪنهن به سرمد کي اک کولي ٻوٽڻي ناهي، پوءِ مون ڏٺو ته فضائن تان جنگ جا ڪارا ڪڪر ٽري ويا آهن ۽ 1965ع جو پاڻي پٽ ميدان هاڻ ڪُجھ رت جي دٻن کان آجو ٿيو آهي، ته پوءِ مون ٺيڪ ٻن سالن کانپوءِ 1967ع ۾ پنهنجي وجود جي اچڻ جو اعلان ڪيو. انهن لکن ڪروڙن سالن کان هلندڙ ڪهاڻيءَ ۾ منهنجي ڪهاڻي به شامل ٿي وئي.
منهنجي ڪهاڻيءَ 12 اپريل 1967ع، مشن اسپتال سکر ۾ جنم ورتو، منهنجي ڪهاڻي منهنجي زندگي هئي، جنهن کي بچائڻ لاءِ مشن اسپتال جي نرسن ٻارنهن ڪلاڪ برف جي بلاڪن تي رکيو ۽ منهنجي ڪهاڻي برف ۾ ٿڌي ٿيڻ بدران ڊي فراسٽيڊ ٿيڻ شروع ڪيو هو منهنجي ڪهاڻيءَ کي بچائڻ لاءِ هندستاني ڊاڪٽر مس ٺاڪرداس ۽ سندس عملو وڏا جتن ڪري رهيو هو ۽ ان سمئي امان ۽ بابا منهنجي ڪهاڻي کي بچائڻ لاءِ ڪائنات جي ڪهاڻي لکندڙ، ڪائنات کي تخليق ڪندڙ، ان مهان ڪهاڻيڪار اڳيان ٻاڏائي رهيا هئا، سندس مقدس ڪتاب (قرآن مجيد) پڙهي کيس راضي ڪري رهيا هئا.. ۽ پوءِ ان ڪائنات جي مهان ڪهاڻيڪار تخليقڪار، منهنجي ڪهاڻي انهن مسيحائن هٿان بچائي ورتي هئي.
مان جڏهن ڇهن ڏينهن جو ٿيس ته منهنجي ڇٺي شڪارپور شهر جي هڪڙي پاڙي هزاري در، جي مرزا گھٽيءَ جي هڪ واڻڪي جاءِ جي ٻي ماڙ تي ڪئي وئي، ان ڏينهن، لاڏن ۽ سهرن جي گونج ۾ منهنجي نانءُ ”ابوضراب حيدر“ بڻجي پنهنجي ڳولا شروع ڪئي، بابا ۽ امڙ منهنجو عجيب ۽ انفرادي نانءُ رکي مونکي به عجيب بڻائي ڇڏيو.
درد، عذاب ۽ اضطراب منهنجي قسمت ۾ لکيل هئا يا منهنجي نالي سان گڏجي آيا هئا، اها ته صرف کي خدا کي ئي ڄاڻ آهي. مونکي جيڪو ملندو رهيو، مرڪي قبوليندو رهيس ۽ سنڀاليندو رهيس. منهنجي جنم جي ٻن سالن کان پوءِ مان ڪنگيءَ جي مرضي ۾ مبتلا ٿي ويس، ان سمئه بابا سائين حيدرآباد ۾ رهندو هو، اهو دور 1969ع جو دور هو. بابا سائين حيدرآباد جو ڪوبه ڊاڪٽر ڪونه ڇڏيو هو، حيدرآباد جي سمورن روڊن تي سائيڪل جي پيڊلن کي ڦيرائيندي ڦيرائيندي بابا منهنجي ڪهاڻيءَ کي بچائي ورتو. ٺيڪ ويهن سالن کانپوءِ 6 ڊسمبر 1989ع تي بابا سائين، اسلاميه ڪاليج بدين جي آڊيٽوريم هال ۾ منهنجي ڪهاڻين جي پهرينءَ مجموعي ”انگن چڙهيو انگ“ جي مهورت تي ڳالهائيندي چيو هو ته، ”مون ڪڏهن به نه ڄاتو هو ته ضراب حيدر جيڪو مشن اسپتال سکر ۾ پنهنجي جنم کانپوءِ موت ۽ زندگيءَ جي ڪشمڪش ۾ هو.. ۽ ان کانپوءِ ٻه سال به مس گذريا هئا ته وري ڪنگيءَ جي مرض ۾ مبتلا ٿي هڏائون پڃرو بڻجي ويو هو.. سو اڄ جسماني طور ۽ ذهني طور ايڏو پختو ۽ خو بصورت نوجوان ثابت ٿيندو، ان جو يقين نه هئم..“ ان لمحي بابا سائين جي اکين ۾ خوشين جا بي بها لڙڪ تري آيا هئا.
مونکي ياد آهي ته جڏهن مان پنجن سالن جو ٿيو هئس ته مونکي وحدت ڪالوني حيدرآباد جي هڪ ننڍڙي ڪوارٽر جي ورانڊي ۾ هڪ ڊاڪٽر کي ماءُ ڀيڻ تي ڪچيون ڪچيون گاريون ڏنيون هيون. ڇاڪاڻ جو هن منهنجو طهر ڪيو هو، مون کي ان ليک جيتري کل ڪپجڻ ۾ جيڪو عذاب ۽ ڪرب محسوس ٿيو هو، ان جو رد عمل مون پهريون ڀيرو رڙيون ڪري ۽ ڊاڪٽر کي گاريون ڏئي ڪيو هو. اهو منهنجو، پنهنجو پاڻ سان ٿيندڙ جُٺ جو شايد پهريون احتجاج هو.
1971ع واري جنگ ۾ مون وحدت ڪالوني جي ساڳئي ڪوارٽر ۾ بابا سان گڏ، کٽ هيٺان سمهي، لڪي جنگي جهازن جا پڙاڏا پنهنجي ڪنن ۾ گونجندا محسوس ڪيا هئا، منهنجي پتڪڙي ذهن ۾ اهي جنگي پڙاڏا ڄڻ ويهي ويا هئا، جيڪي اڄ سوڌو پنهنجي ذهن ۾ گونجندي محسوس ڪندو آهيان، مون بابا سائين سان گڏ سائيڪل جي ڏنڊي تي ويهي سموري حيدرآباد جا روڊ ۽ رستا ڏٺا هئا،۽ انهن رستن جا جھاڪا (لوڏا) محسوس ڪيا هئا. مون پروگرام ”کيتي سر سيتي“ جي ريڪارڊنگ ”ريڪارڊنگ بوٿ“ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ ويهي ڏٺي هئي. اهو پروگرام بابا سائين لکندو هو ۽ پروڊيوسر غلام حسين شيخ پيش ڪندو هو، مون بابا سائين جو ذڪر ان لاءِ به ڪيو آهي ته آئون ننڍپڻ کان ٺي ”ڏاچيءَ سان توڏي“ جيان هلندو رهيو آهيان، مون پنهنجي فنڪار پيءُ کان گھڻو ڪجھ سکيو آهي.
1972-73ع جو دؤر هو، هو منهنجي ٻالڪپڻي جو دؤر هو، اسان وحدت ڪالونيءَ ۾ رهندا هئاسين، اسانجي پاڙي ۾ هڪ طلاق يافته نرس مسز سيال پنهنجي ٽن ٻارن غزاله، شهزادو ۽ مون جيتري ننڍڙي ڌيءَ، گڏي عروج سان گڏ رهندي هئي، عروج کي پيار وچان روجي چوندا هئا. روجي ۽ مان راند روند کان وٺي اسڪول وڃڻ ۽ هوم ورڪ ڪرڻ ۾ گڏ هوندا هئاسين. پوءِ ڪڏهن هن جو ٻئين ماڙ وارو فليٽ هجي يا منهنجو ننڍڙو ڪوارٽر، اسين ٻئي جتي به هوندا هئاسين گڏ هوندا هئاسين. مونکي ياد آهي ته مون پنهنجي ڪچي پهرين درجي جا سمورا سبق، ڪتابن بدران سندس معصوم اکڙين ۾ پڙهيا ۽ پڪا ڪيا هئا ۽ روجي به پنهنجو هوم ورڪ، ڪاپي ۽ سليٽ جي بدران ڄڻ منهنجي روح جي ڦرحيءَ تي لکندي هئي، ٻارن جو پيار جنت جي حورن جيان مقدس ۽ فرشتن جهڙو نرالو هوندو آهي، گھر وارا جڏهن کيس روجي ڪري پڪاريندا هئا ته اهو پڙاڏو ”روح جي“ بڻجي محسوس ٿيندو هو ۽ مان جڏهن کيس جڏهن به سڏيندو هئس ته ”روجيءَ“ بدران ”روح جي“ ڪري سڏيندو هئس ۽ هوءَ مون کي ”ضراب“ بدران ضوبي ڪوٺيندي هئي. مونکي ايئن لڳندو هو ته آد جڳاد کان وٺي منهنجو اهو ئي نانءو آهي ۽ لطيف جي بيت وانگر ته :
حبيبن هيڪار منجھان مهر سڏ ڪيو،
سو مون سڀ ڄمار، اورڻ ئي اهو ٿيو.
روجيءَ جو مونکي ”ضوبي“ ڪوٺڻ، مونکي سندس ٻاتڙي زبان جي ڪري ”صوفي“ ٻڌڻ ۾ ايندو هو، يا مونکي ايئن محسوس ٿيندو هو. مونکي ضراب مان ”ضوبي“ ضوبيءَ مان ”صوفي“ منهنجي ”روجيءَ“ (روح_جي) بڻايو هو، منهنجي گڏڙين جهڙي روجي منهنجي اندر ۾ هميشه لاءِ...

منجھان منهنجي روح، وڃي ساجن وسري،
ته مر لڳي لوهه، ٿر ٻاٻيهو ٿي مران.
جھڙي دعا پيدا ڪري ڇڏي.
منهنجي روح جون وسعتون گواه آهن ته منهنجو ساڄن منهنجي روح مان نڪتو آهي.
1974ع جي دوران بابا سائين جي بدلي پنگريو سيڊ فارم تي سپرينٽيڊنٽ جي حيثيت سان ٿي وئي، بابا سائين جي ٽرانسفر ٿيڻ سان مان پنهنجي روجيءَ کان جسماني طور ڌار ٿي چڪو هئس، پر روجي سدائين لاءِ پنهنجي نانءُ وانگر منهنجي (روح_جي) روجي بڻجي وئي. بابا سائين پروموشن ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ مونکي هڪڙي ننڍڙي ڳاڙهي پيڪو سائيڪل وٺي ڏني هئي، پر اها سائيڪل ڪنهن به ريت منهنجي روجيءَ جو نعم البدل ته ڪونه هئي.. پوءِ به مون پنگريو فارم تي پنهنجي اداسي، هيڪلائي ۽ روجيءَ جي جدائي پنهنجي سائيڪل سان شيئر ڪرڻ سروع ڪئي هئي، شايد اهو ئي سبب هو جو مون ڌيان اڪثر ان سائيڪل تي رهندو هو، مان صبح جو سويل اٿي سائيڪل صاف ڪندو هئس ۽ پنهنجي ننڍي ڀاءُ فياض حيدر ”فضلوءَ“ کي پويان ڪيرئل تي ويهاري، پنگريو شهر جي پرائمري اسڪول پڙهڻ ويندو هئس، جيڪو اسانجي فارم کان ڏيڍ ڪلوميٽر کن پري هو، رستي ۾ ماڪ تي آلي ٿي ويل ڪلراٺي مٽي، سائيڪل جي مڊگارڊز ۾ ڀرجي ويندي هئي، جنهن ڪري سائيڪل هلائڻ ۾ ڳوري ٿي پوندي هئي. سائيڪل جي ڳوري ٿيڻ ۽ مڊگارڊز ۾ ويل ڪلر جون ڪسرون پنهنجي ڀاءُ فياض مان ڪڍندو هئس. چڙ ۾ اچي کيس خوب دل کولي ماريندو هئس ۽ هو ويچارو منهنجي ۽ پنهنجي ڪتابن جو ٿيلهو ڀاڪر ۾ قابو ڪري، بيٺو روئيندو هو، تيستائين مان ڪا، ڪاٺي ڳولهي مڊگارڊز مان ڪلر واري مٽي کرچي ڪڍندو هئس ۽ پوءِ کيس ٿورو پيار ڪري، بابا ۽ امان کي نه ٻڌائڻ جو قسم وٺي، عزت سان ڪيرئل تي ويهاري وري سفر شروع ڪندو هئس. ان دؤر ۾ پنگريو شهر ۽ اسان جي سيڊ فارم تي بجلي ڪونه هئي، انڪري اڪثر گاسليٽ ۽ وَٽ واريون بتيون ئي استعمال ٿينديون هيون، مان روز رات جو گاسليٽ واري بتيءَ تي پڙهندو هئس ۽ پنهنجو سبق پڪو ڪندو هئس، بتيءَ جي روشني تي جيت اچي ڪٺا ٿيندا هئا، جيڪي پڙهائي دوران ڏاڍو پريشان ڪندا هئا، آئون اڪثر ڪيترن جيتن کي ڪتابن جي ورقن ۾ بند ڪري، انهن جيترن جو خاتمو آڻيندو هئس، منهنجي اها حرڪت هرروز صبح جو مونکي ڪتابن ۽ ڪاپين جي خراب ٿي ويل ورقن تي پادر کارائيندي هئي. ان دؤر ۾ بابا سائين بيٽري تي هڪ بليڪ ۽ وهائيٽ ٽيليويزن پڻ ورتي هئي، ٽي وي بوسٽر پري هئڻ ڪري اها ٽي وي، تصوير ڪونه ڏيکاريندي هئي، رڳو ترورا نظر ايندا هئا، مان روز رات جو ان ٽي وي تي ڪا تصوير پسڻ لاءِ، تسبيح کڻي، ذڪر ڪندي خدا کي ٻاڏائيندو هئس، پر ڪڏهن به ان ٽي وي ڪابه تصوير ڪانه ڏيکاري، منهنجو ذڪر هلندو رهيو، مان ذڪر ڪندو رهيس، پر مان ڪابه تصوير ان اڇي ڪاري اسڪرين تي پسي نه سگھيس.
مان پنگريو سيڊ فارم جي ٻارنهن سؤ ايڪڙن واري سرڪاري زمين جو ڄڻ وقتي شهزادو هئس، تنهنڪري منهنجي اها وقتي بادشاهي وڏي ٺٺ ۽ ٺانگر واري هئي. مان اتان جي زمينن مان وهندڙ واٽرڪورسز ۾ چڍي پائي وهنجندو هئس، مون ترڻ به اتان ئي سکيو هو. سارين جي فصل ۾ بيٺل پاڻيءَ مان ڊيڊ مڇيون ڦاسائيندو هئس. ليسوڙن جي وڻن تي چڙهي، منجھن گھگھ وارا ليسوڙا کائيندو هئس، ڦاروا پٽي ايندو هئس، کٻڙن مان پيرون چونڊيندو وتندو هئس، ڪرڙن مان ڏيلها پٽيندو هئس، ٻٻرن جي ٿڙن کي ڪهاڙي جا ڌڪ هڻندو هئس ۽ ٻئي ڏينهن انهن ڌڪن لڳل جاءِ تان نڪتل کونئر هٿن جي آڱرين تي کڻي چٽيندو ۽ کائيندو هئس. اسان وٽ مينهون به هونديون هيو، انهن مينهن جي کير جا گوها وات ۾ وجھي پيئندو هئس، ۽ انهن مينهن لاءِ گاه کڻي ايندڙ گڏهه تي چڙهي شهزادن جيان هڪ فاخرانه لوڏ سان اتان جا ٻنيون ۽ ٻارا گھمندو هئس ۽ اتان جي هڪ هاري ۽ سرڪاري بيلدار جي ڌيءَ زينا کي پويان ويهاري شهزادن ۽ پرين جون آکاڻيون ٻڌائيندو هئس... ”هڪڙو شهزادو هو ’ضوبي‘ ۽ هڪڙي شهزادي هئي ’روجي‘ انهن جي پاڻ ڏاڍي دوستي ۽ محبت هئي...“
مان زينا کي پنهنجو ۽ روجيءَ جو قصو تمثيلي ڪري ٻڌائيندو هئس، مونکي ياد آهي ته منهنجو ۽ روجيءَ جو اهو قصو الف_ليليٰ جي ڪنهن قصي جهڙو روپ وٺندو هو، شايد ان دور ۾ مون تي الف ليليٰ وارن قصن جو تمام گھڻو اثر هو، جيڪي اتان جو هڪڙو چوڪيدار جان محمد کوسو ٻڌائيندو هو، مون هڪ دفعو اسڪول کان موٽندي، رستي ۾ هڪ واٽر ڪورس مان هڪڙو ڪنگ پکي ڳوراهه نانگ کان بچايو هو، سندس ملم پٽي ڪئي هئم، پر اهو بچي نه سگھيو هو، ڪجھه ڏينهن کانپوءِ اهو ڪنگ پکي مري ويو هو، مان ڏاڍو رنو هئس، ان کان پوءِ روئڻ مون لاءِ نئون نه رهيو هو.. پوءِ آهستي آهستي منهنجي سائيڪل جي فرائي ويل به منهنجو ساٿ ڇڏي ڏنو، ان ڏينهن کان مون خوشيون ميڙن جو خيال ئي دل مان ڪڍي ڇڏيو.
1980ع ۾ بابا نوڪريءَ سانگي نوابشاھ آيو ۽ نوابشاھ ۾ ئي سيٽل ٿي ويو، مون به نوابشاھ جا اچي وڻ ڏٺا، نواب شاھ ۾ کوڙ سارا نوان ۽ انوکا تجربا منهنجا منتظر هئا، هي اهو دؤر هو جڏهن منهنجي جسماني ساخت ۾ تبديلي پئي آئي ۽ مون پنهنجي اندر ۾ عجيب قسم جون روشنيون ۽ رنگ ڦٽندي محسو ڪيا هئا.
مان جنهن جي اندر ۾ ازل کان هڪ ”صوفي“ ويٺل هو جيڪو آتما شڪتيءَ لاءِ :
نائي نيڻ نهار، تو ۾ ديرو دوست جو.
جو ورد ڪندو رهندو هو، انهن ڏينهن ۾ منهنجو سارا سان مکاميل ٿي ويو، مون سارا ۾ پنهنجي روجيءَ کي ڳولهڻ چاهيو، مونکي ڪڏهن به روجيءَ کي ياد ڪرڻ جي ضرورت انڪري به محسوس ڪونه ٿي جو روجي مونکان ڪڏهن به وسري نه هئي / ناهي، مون سارا جي روح ۾ ليئو پائي، پاڻ کان ڇڄي ويل روجيءَ کي ڳولهڻ شروع ڪيو، پر سارا منهنجي گهرائين ۾ گھڙي ئي ڪونه سگھي، هن جي چواڻي ته ”محبت ۾ ماڻڻ ئي محبت جو معراج هوندو آهي.“ ۽ ڪجھ وقت لاءِ مان هن جي رواجي ڳالهين جي سطحي پڻي تي ڀلجي پيو هئس. پر روح ۾ جيڪا روجي رهندي هئي، اها ته روح جي پوترتا گھرندي هئي، انهن ڏينهن ۾ رڳو اهو ٿيو هو ته مون دنيا کي پنهنجي حواسن سان ڏسڻ شروع ڪيو هو، مون تي اڳتي هلي جلدي ئي اهو انڪشاف ٿيو هو ته ماڻهوءَ کي پنهنجا حواس به دوکو ڏيندا آهن الهامي رنگ جي آفاقيت ئي روح جو پهريون ڏاڪو هوندي آهي ۽ ان پهرين ڏاڪي تي پهچڻ لاءِ ”حقيقت“ جي گھٽيءَ مان گذرڻو پوندو آهي ۽ حقيقت جي ڏاڪڻ، مجاز آهي، اهو مجاز جيڪو روجيءَ جي وجود جي حقيقت کان شروع ٿيو هو... جنهن کي مون پنهنجي حواسن سان ڳولهڻ شروع ڪيو هو، حقيقت جي مشاهدي ماڻڻ جي انڌي جنون ۾ منهنجا حواس دوکو کائي ويٺا ۽ مونکي نائلا جي صورت ۾ وري مجاز ڇهيو.
مان جيڪو روجيءَ کي ڳوليندي نائلا جکرو (جيڪا منهنجي مڱيندي پڻ هئي) جي پرت جي منڊ ۾ سراپجي ويو هئس ۽ مونکي اهو اڻ لکو احساس هوندو هو، ته اهو منهنجي من ۾ رهندڙ روجي جو راپ، طلسم، جادو ۽ سحر آهي، جنهن نائلا جي صورت ۾ مونکي عجيب بي خودي ڏني آهي.
حقيقت هڻي، منهنجي جان جدا ڪئي،
هڪو پساھ پرينءَ ريءَ، سگھان تان نه کڻي،
ڌڻي ئي ڌڻي، رهيو آهي روح ۾.
۽ مونکي لڳندو هو، ته مون پنهنجي معبود، مسجود سڃاڻي پرتو آهي ۽ ڳولي لڌو آهي، پر پوءِ مونکي جلد ئي پتو پيو ته کاهوڙين کي اڃا گھڻو پنڌ ڪرڻو آهي ۽ هي پرفريب ساعتون جيڪي نائلا وٽان مليون هيو، کن پل جو ڇانورو هيون، ڇوته هن ۾ منهنجي روجي ڪونه هئي. هوءَ ڏاڍي سطحي ڇوڪري هئي، جنهن ڪري هن جي محبت به سطحي رهي، هوءَ مون جهڙي محبت مونسان افروڊ نه ٿي ڪري سگھي ۽ مان سندس سطحي پڻي تي ڪنايت ڪري نٿي سگھيس... ان ڪري اسان ٻنهي خوشي سان مڱڻي جهڙي سطحي رشتي کي اتي ئي منقطع ڪري ڇڏيو. شايد هوءَ اڄ ۽ ان ڏينهن مونکان وڌيڪ خوش هئي ۽ آهي.
شايد روجيءَ جي ڳولا جا دروازا منهنجي آتما لاءِ بند ڪونه ٿيا هئا / ۽ ڪڏهن به نه ٿيندا، جو هڪ ڏينهن آئون پنهنجي هڪ واقف ڪار ڪوثر سان مليس، مونکي منهنجي روجيءَ جون کوڙ ساريون علامتون ڪوثر ۾ نظر آيون.. جيتوڻيڪ هوءَ جيڪڏهن روجيءَ جهڙي نه به هئي يا نه به هجي ها ته ته به ڪوثر جو ثاني ڪوئي به ناهي، ان لمحي ڀانيو هئم ته منهنجي تڙپ ۽ تانگھ، سوچ ۽ لوچ کي ڄڻ ڪو گس مليو آهي.
منهنجون واٽون جيڪي ”ويھ“ ٿيل هيون ۽ منهنجي نهار جا رستا ”ڪوھ ڄاڻان ڪهڙا پرين“ چوندا هئا، ۽ منهنجو اندر مونکي سمجھائيندو هو، ”آيل آنءُ نه وسهان، هنجون جي هارين“ تنهنڪري ”آڻيو آب اکين ۾، ڏيھ کي ڏيکارين“ کان گھڻو پوري هئس، پر پوءِ به منهنجي روجي ”ڪوثر“ منهنجي اندر جي ويراڳيءَ کي سڃاڻي ورتو هو ۽ هن محسوس ڪري ورتو هو ته منهنجي روح ۾ جيڪي سڏڪا، واڪا، آنهون ۽ دانهون، سور ۽ سوز آهن، انهن مان جيڪو سنگيت ڦٽندو آهي، اهو آسماني موسيقيءَ سان هم آهنگ آهي... ڪوثر جي روح جون قربتون مون به محسوس ڪري ورتيون هيون، مان جڏهن به هن جي نيڻن ۾ نهاريندو هئس ته هن جون اکيون مونکي سدائين اهو جھونگاريندي محسوس ٿينديون هيون.
”سمن سائين، مان ته گوگلي غلام تنهنجي در جي..“
پر پيار تي پهرو ڏيندڙ پرمارن ڪوثر جي دادوءَ، ۽ ضراب حيدر جي نوابشاھ جي وچ ۾ پيار واري ”دادو مورو پل“ ڊاهي ڇڏي. اهو قسمت جو ڪيڏو نه بي هودو مذاق آهي، جو هن مونکي ايڏو لاچار ۽ مجبور ڪري ڇڏيو آهي، جو مان اڄ به پنهنجي اوسيئڙي ۾ ويٺل ۽ ڪنهن جي به نه ٿيڻ جو قسم کڻي ڇڏيندڙ، ڪوثر جا لڙڪ پنهنجي دامن ۾ ستارن وانگي سجائي نه ٿو سگھان ۽ سندس چپن جي گلدستي ۾ مرڪن جا گل سينگاري نه ٿو سگھان.
مان ڄاڻان ٿو ته منهنجي ڪوثر جي اڪيلائي هڪ اتهاس بڻجندي پئي وڃي، ۽ مان ان اتهاس جو اهو ميهار آهيان جيڪو هن کي لهرن ۾ لڙهندو ڏسي ايترو ئي چئي ۽ ڪري سگھندو آهيان،
اڀو تڙ ميهار، ملاحن سڏ ڪري،
آئون پڻ وجھان هٿڙا، اوهين پڻ وجھُ ڄار،
گھوريئون ڪارونڀار، ته مان ملنئون سپرين.
آئون پنهنجي عشق تي اروٽ هجڻ جا سڀ اروپ کڻان ٿو ۽ ڪوثر کي وفا جي ”سهڻي“ ڪوٺيان ٿو ۽ آئون دعويٰ ڪيان ٿو ته ڪوثر کي محبت جي ڪيوپڊ ديوتا، جيڪو ”ٻاڻ“ هنيو هو، اهو سندس هينئڙي ۾ قيامت تائين کتل رهندو، بلڪل ايئن جيئن لطيف جو بيت آهي.
ڪو جو لڳس ڪان، ڪيچين جي قرب جو،
ٿي نماڻي نيشان، سانگو لاهي سر جو.
پر ڪنهن منهنجي دل کان پڇيو آهي ته مان ڪوثر جي، اڻ مٽ، اڻ موٽ، اڻ ٽٽ، اڻ کٽ ۽ اجھل وفائن ۽ پيار جو بدلو نه ڏئي سگھڻ تي، پنهنجي ضمير جي اڳيان، پنهنجي روح جي ”انٽرپول پوليس“ کي مطلوب ”چارلس سوڀراج“ سمجھندو رهيو آهي ۽ زندگيءَ جي هر ”تهار“ جيل کان فرار هوندي به پڇتاءُ جا سنگھر ٽوڙي نه سگھيو آهيان. وقت مون جهڙو عام نه، پر هڪ تمام وڏو فارماسسٽ آهي، پر ڪو اهڙو مرهم ٺاهي نه سگھيو آهي، جيڪو روح جا زخم ڀري سگھي، ڪابه گوري ايجاد ڪري ناهي سگھيو، جو سڀ يادگيريون ذهن مان کرجي ڪڍي سگھي.
یاد ماضی عذاب ہے یا رب! چھین لے مجھ سے حافظہ میرا
ايئن چوڻ کانپوءِ به ڪابه يادگيري فيڊ آئوٽ نه ٿيندي آهي، شايد اهو ئي سبب آهي جو منهنجي درد اُٻڙڪو کائڻ چاهيو، اڌمن چشمن جيان ڦٽي نڪرڻ چاهيو، احساس جا لاوا ڦاٽ کائي ٻاهر نڪرڻ لاءِ آتا هئا، لفظ هئا، جن اظهار جو ذريعو بڻجڻ ٿي چاهيو. پر مونکي خبر نه هئي ته اها بي چيني مونکي ڪٿي ڪٿي رلائيندي ۽ ڪيستائين رلائيندي. مونکي ته اها به خبر نه هئي ته منهنجي اندر ۾ ڪٿي ڪو ڪهاڻيڪار ويٺل آهي، ڪو فنڪار ديرو ڄمايو ويٺو آهي، جيڪو مون ۾ هڪ مسلسل لوچ ۽ سوچ، تڙپ ۽ فڪر پيدا ڪندو رهندو هو، جنهن مون ۾ ڳولا جي اُڃ وڌائي ۽ مان جستجو ۾ جنبي ويس، هڪ Quest هئي، جنهن مونکي دنيا جي ٻئي مخلوق کان ڪجھ قدر منفرد بڻائي ڇڏيو.. انفراديت جي سفر ۾ مون ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون.. هڪڙي واقعي نما ڪهاڻي 1983ع ۾ لکيم. جيڪا اسڪول مئگزين ”سوجھرو“ ۾ ڇپي ۽ پوءِ ٻي ڪهاڻي، 1985ع ۾ انٽر ڪرڻ دوران لکيم، جيڪا ”الا ائين م هوءِ“ جي عنوان سان ”عبرت مئگزين“ ۾ ڇپي انتر ڪرڻ کانپوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي شعبي فارميسيءَ ۾ داخل ٿيس، ڄامشوري جون هوائون، ماڻهوءَ کي عاشق، عاشق مان شاعر ۽ پوءِ شاعر مان پاڳل بڻائي ڇڏينديون آهن. پر مان ته اڳ ئي جنون ۾ ورتل هئس، اهڙو جنون جيڪو خردمندي بخشيندو آهي.
يونيورسٽيءَ ۾ مونکي ٻارهون ڏينهن هو، آئون ڪلاس ۾ ويٺو هئس، ڪلاس هلي رهيو هو، ته اوچتو منهنجي نگاھ ڪلاس روم جي دروازي ڏانهن کڄي وئي، ۽ منهنجون نظرون اتي کپي ويون. ان گھڙيءَ وقت ٿڌو ٿي ويو، هر لمحو جامد ۽ ساڪت ٿي ويو، منهنجي لاءِ عشق ۾ روح جون گهرايون ۽ خود سپردگي جون ڪيفيتون نيون هيون، پر پوءِ به دروازي تي بيٺل هڪ محشر سمان، طلسم هو شربا، آفت پرڪالا، مون لاءِ قيامت برپا ڪري رهي هئي، هن جون اکيون، اکيون نه هيون ڄڻ ”شاھ جو رسالو“ هيون، هوءَ سراپا روجي هئي. هن کي ڏسي دل جي ڌڙڪن تقدس ڀري ڌمال هڻڻ شروع ڪئي.
آئون واضح ڪندو هلان ته مونکي جوس مليح آباديءَ وانگي ”يادون ڪي بارات“ يا ديوان سگھ مفتون وانگر ”ناقابل فراموش“ لکڻ جو ڪوبه شوق ڪونهي، نه وري مونکي پنهنجي روحاني وابستگين کي تشهير ڏئي، پنهنجو پاڻ کي زيوس ديوتا سڏائڻ جي خواهش آهي. مونکي خبر آهي، ته مان جيڪا هيءَ پنهنجي ڪهاڻيڪار بڻجڻ جي ڪٿا ٻڌائي رهيو آهيان، ان لاءِ عجيب ريمارڪس پاس ٿي سگھن ٿا. پر مان ته ڪرشن ڀڳوان جو ڀڳت آهيان، ڪرشن ڀڳوان وانگر ننڍپڻ کان وٺي گوپين سان پريم ليلائون ڪندو رهيو آهيان ۽ مان سمجھان ٿو ته ڪرشن ڀڳوان هجي يا تخت هزاري ڇڏڻ وارو رانجھڻ هجي يا کڻي ايڊورڊ (اٺون) هجي، پريم هر جينيس جو ڌرم رهيو آهي، منهنجو ڌرم به پريم آهي، پريم، اڪرم کي ڪرم بڻائيندو آهي، منهنجو ڪرم، منهنجو ڌرم، ڪلاس روم جي دروازي تي بيٺل هو، منهنجون بي اختيار نگاهون هن ڏانهن کڄي ويون هيون اهي بي سبب ڪونه کڄيون هيون، مون ڏٺو ته هن جا نيڻ منهنجي ذات جو احاطو ڪري هريا هئا، هن کان به پنهنجو پاڻ وسري ويو هو. پروفيسر صاحب جو ڌيان جڏهن هن ڏانهن ويو ته کائونس پڇيائين،
What is matter with you girl?
هن جي محويت ٽٽي پئي، هن ڇرڪ ڀري پاڻ سنڀاليو، ”مي آئي ڪم_ان سر“ چئي بنا انتظار ڪرڻ جي ڪلاس روم ۾ گھڙي آئي ۽ پروفيسر صاحب سان پنهنجو تعارف ڪرايائين :
I am a student of this department, I am a new comer, sorry I am too late, my name is saly.
پروفيسر کيس ويهڻ لاءِ چيو ۽ هوءَ منهنجي ڀرسان رکيل خالي سيٽ تي ويهي رهي، ان وقت ايئن محسوس ٿيو هئم: ته ڄڻ آدم جي پاسيريءَ مان نڪتل حوا، ڪڻڪ جو داڻو واپرائڻ واري گناھ جي مغفرت کان پوءِ هڪ ڊگھي عرصي بعد وري، اچي آدم جي پاسي ۾ ويٺي آهي، هوءَ منهنجي ڀر ۾ منهنجي دل واري پاسي کان ويٺي هئي ۽ ان گھڙيءَ کانپوءِ هوءَ هميشه لاءِ منهنجي وجود جي دل واري (کاٻي) پاسي کان، مونکي محسوس ٿيندي رهي آهي. ان پهرئين لمحي کان وٺي، اڄ جي هر ساعت تائين دل جي انهي پاسي کان مونکي هوءَ پاڻ سان گڏ ويٺل ئي لڳندي آهي، تاريخ ڄڻ پاڻ ورجائي رهي هئي. وقت جي هڪ نئين خليل جبران لاءِ هڪ نئين سلميٰ ڪرامي نيرولي بڻجي آئي هئي ۽ سندس زندگي جي ڀريل پهراڻ تي ڪي نوان رنگ رنگي رهي هئي. سليءَ ۽ منهنجي وچ ۾ جيڪو روحاني رشتو جڙي چڪو هو، ان ازلي ۽ ابدي رشتي کي غير محسوس طريقي سان، اسان ٻنهي سمجھي ورتو هو، اسان ٻنهي جي وچ ۾ هڪ اڻ_لکو تعلق جڙي چڪو هو... مان ڊپارٽمينٽ جي نوٽيس بورڊ تي پنهنجا لکيل ۽ ڇپايل، ”ڊائريءَ جا ورق“ چنبڙائي ڇڏيندو هئس ۽ هوءَ انهن ورقن کي مون طرفان، پنهنجي لاءِ پريم پتر سمجھي پڙهندي هئي، هڪ ڀيرو وري زمانو ڄڻ اسان جي محبتن جي خانم گگوش لاءِ جلاد بڻجي ويو، هونئن ته هر آمر خزان جي سڪل زردس پتي وانگر هوا جي دوش تي اڏامي الائي ڪٿي گم ٿي غارت ٿي ويندو آهي، پر بهرحال موناليزا جي چپن تي لڳايل بيلاڊونا جو پلستر سندس مرڪ جي ڪرڻن کي ايئن لڪائي ڇڏيندو آهي، جيئن انگلينڊ جي آسمان تي ڪڪر، سج کي لڪائي ڇڏيندا آهن.
مونکي هڪ ڀيرو ٻيهر ملندڙ روجيءَ (سليءَ) جي ماسيءَ مهرين، جيڪا پڻ ٿرڊ يئر فارميسيءَ ۾ پڙهندي هئي، اها منهنجي ۽ سليءَ جي (ضوبيءَ ۽ روجي) جي هير رانجها جهڙي داستان ۾ ڪيدوءَ جهڙو ڪردار بڻجي اسان جي سامهون آئي، نتيجو اهو نڪتو جو سليءَ جي سيڪنڊيئر ۾ ئي زوريءَ شادي ڪرائي وئي، مون سان ڇا وهيو واپريو سو مان ئي ڄاڻان ٿو، بس ايترو چوندس ته ”ڪنهن ويران جنڪشن تي، ڪٽجي ويل بوگي“ وانگي پنهنجي اندر جي خالي پڻي جو ”ڀان ڀان“ ڪندڙ آواز ٻڌندڙ هئس، ايڏي همٿ ڪونه هئم جو دنيا ڇڏي سگھان، ها ايڏي سمجھ به ڪونه هئم جو زندگيءَ کي شڪست ڏيان ها، جو حيات کي تياڳي ڇڏيان ها. بس رڳو ڇڏيم ته يونيورسٽي کي ڇڏيم، بي فارميسي اڌ ۾ ڇڏي، ڊگريءَ کي هميشه هميشه لاءِ تياڳي هڪ ويراڳ وٺي نڪري پيس، مان اهڙو شري رام چندر آهيان جنهن جو بنواس ڪڏهن به پورو ناهي ٿيڻون.
مون سمجھيو هو ته (من ۾ ويٺل روجي جهڙي) ڪوثر جي عشق جي تجديد سليءَ سان ٿيندڙ پريت پوري ڪندي ۽ منهنجي شخصيت جا سمورا خال ڀرجي ويندا، پر هڪ ٻئي پٺيان لاڳيتو ملندڙ ناڪاميون ۽ نامراديون، مونکي مايوسين جي غفائن ۾ گم ڪري رهيون هيون، مان پاڻ کي هڪ نانڪام شخص تصور ڪري خود ساخته جلاوطني اختيار ڪئي، رلڻ منهنجي عادت بڻجي وئي، منهنجو گھر مونکان وسري ويو، رستا منهنجو مقدر بڻجي ويا.. ان دوران انڊيا به ويس، ته نيپال به رلي آيس.
”ڳولهيان ڳولهيان م لهان، شال م ملان هوت“ جي هوبهو تصوير بڻجي ويس، شايد ان دروان هميشه لاءِ ٻاهر نڪري وڃان ها، پر وري هڪ ڀيرو عشق جي دار مونکي سڏ ڏنو، وري مقتل مون لاءِ سجايو ويو.. وري ڪي ڪاڪل جا سنگھر، روح جي پيرن ۾ پيا، وري ڪن نيڻن پرھ جي هير جهڙيون پڪارون ڪيون، ڪي صدين جا سڏ پڙاڏا بڻجي ويا، عشق جي اني جگر کان پار ٿي، وري روح جي قلعي تي، پيپلز ميڊيڪل ڪاليج ۽ اسپتال جي هائوس آفيسرس هاسٽل ۾ رهندڙ هڪ مسيحا سمان ڇوڪريءَ نسيم (روجيءَ جي پيار جو تسلسل بڻجي) پنهنجو جھنڊو لهرائي ڇڏيو. اهو پرچم اڃان بلند ئي هو ته ڪنهن ڪافر صفت ماڻهوءَ اچي سرنگون ڪري ڇڏيو.
اهي واسطا عام رواجيء ۽ رڳو جسماني لاڳاپا هجن ها، ته آئون به هڪ مادي واد ماڻهوءَ وانگر وکري ٽٽي وڃان ها، پر مون سان ايئن نه هو، ڇو ته منهنجو مول متو هو ته :
جو رکھتے ہیں پیار کھا جذبا،
وہ لوگ کبھی ٹوٹ کر بکھرا نہیں کرتے۔
منهنجا سڀ سٻنڌ روح جا سٻنڌ هئا، جو هر ڀيري ڪنهن نه ڪنهن چهري ۾، ڪنهن نه ڪنهن وجود ۾، ڪٿي نه ڪٿي، مونکي روجيءَ جي ڪا جھلڪ يا ڪي ادائون نظر اچي وينديون هيون ۽ آئون بي اختيار ان روجيءَ ڏانهن وڌڻ لڳندو هئس، پر آسي زمينيءَ جي شعر وانگر ته:
منڊ ڪوئي ونڊ ۾ هو ساقيا،
مئ کٽي، هروار منهنجي وار تي.
ائين ئي ڪٿي نه ڪٿي هر خاڪي پتلي ۾ روجيءَ جي روح جي مڌ جو پيالو مون وٽ پهڇندي خالي ٿي ويندو هو يا ڪڏهن ڪو چڪيءَ جو پيل پيالو پهچندو به هو ته خبر پوندي هئي، ته انهي پيالي ۾ ”روجيءَ“ جي نانءُ جي مڌ ڪونه هوندي هئي ۽ آئون اهڙي مڌ لاءِ پنهنجو ”سر سٽن ۾“ ڪونه آڻي سگھندو هئس، ڇوته منهنجي اندر ۾ جيڪو عاشق هو، اهو ”روجيءَ جهڙي“ زهر جو پياڪ هو، انڪري جتي به ”روجيءَ جهڙو“ وھ ڏٺائين ٿي ته وهسيو گھڻو ئي ٿي، پر پوءِ جڏهن خبر ٿي پيس ته اهو اصل وھ ناهي، ڪڙو ۽ قاتل ناهي ته پوءِ اهو ڪيئن ممڪن هوته، هو ان جو هيراڪ ٿئي ها! ۽ ڪي چاڪ چڪجنس ها! لطيف جي بيت وانگر،
ٻاريو اجھائين، مون پرين اجھايو ٻارين،
مونکي ٿا مارين، لئا لهارن جا.
ڪوايو ٿي جنهن ٻاريو ٿي ۽ ڪنهن اجھايو ٿي ۽ ٻاريو ٿي ۽ مونکي ”لهارن جا لئا“ ڪونه مارين ها، پر مان جيڪا روجيءَ لاءِ وفائن ۽ ڳولهائن جي مالها پوئي رهيو هئس، اها مالها، هر ان (روجيءَ جهڙي) سندريءَ پنهنجي گلي ۾ ان لاءِ ٿي وڌي ته جيئن، منهنجي روحاني جستجو، جسماني تجسس جي خاتمي ۽ عارضي گھرجن، جي پورائي سان پنهنجي منطقي انجام کي پهچي ويندي، پر عشق ۽ روح سوڌو غرق ٿيل ماڻهو، عشق ۾ ڪيبه منطق ڪونه ڏسندو آهي، ڪي به دليل ڪونه ٻڌندو آهي، ڇوته ڪائنات جو وڏو ۾ وڏو دليل ۽ سچي ۾ سوچو منطق جيڪڏهن آهي ته اهو فقط ۽ فقط عشق آهي ۽ عشق ۾ جسماني حاصلات جيڪڏهن ڪا حيثيت رکي ٿي ته اها ثانوي حيثيت کان به گھٽ آهي.
اهو ئي سبب هو، جو ڪا هڪ ادا کڻي ايندڙ، فوزيه (جيڪا سنڌي يونيورسٽيءَ جي ”انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن“ ۾ پڙهندي هئي) روجي جي عڪس جيان آئي، پر هوءَ آئي ئي ڪاروبار جا گر سکڻ هئي. تنهنڪري هن منهنجي زندگيءَ تي غرض مند، عڪس ڇڏڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن لاءِ آئون قطعي طور تي تيار نه هئس، منهنجي رضامندي ڪنهن به غرض منديءَ سان ڪابه مطابقت نه پئي رکي تنهنڪري هن جي مونسان روحاني عزازت نه جڙي سگھي، فوزيه مونکي تخيل پرست، خيالي پلاءُ پچائيندڙ ۽ ”يوٽوپيا“ ۾ رهندڙ هڪ اهڙو شخص قرار ڏنو،، جيڪو هن جي نظر ۾ حجابن جا بند ڀڃڻ جي جرئت نه رکندو آهي ۽ جسماني لطافتن تائين پهچڻ لاءِ ذهني طور نا اهل هوندو آهي.

مون ڪڏهن به پوتي پاڪ هجڻ جھي، ستوجتو هجڻ جي، يا هڪ ساڌ يا راهب هجڻ جي، ملائڪ يا فرشتو هجڻ جي ڪابه دعويٰ نه ڪئي آهي، ايئن به ڪونهي ته هر عام ماڻهوءَ وانگر عمر جي الهڙ پڻي ۾، تجسس جي ڪاڪ محل جي منجھائيندڙ گھٽين ۽ رستن ۾ ڀلجي، ڪا اڻ ڄاڻائي ڪا اياڻپ ۽ اٻوجھائپ ڪونه ڪئي آهي، ها آئون مختلف تجربن مان گذريو آهيان، جيڪي وقتي طور تي محسوس ڪرائيندا آهن ته ڪائنات جا رنگ انهن تجربن جي بدولت آهن، پر ڇا اهي پوپٽ جي پرن جي رنگن جيان ناپائيدا ناهن، جيڪي ڪجھ دير لاءِ، انهن کي پڪڙيندڙ جي هٿ تي رهجي ويندا آهن ۽ پوءِ مٽجي ئي ته ويندا آهن... مون فوزيه جي روح ۾ جھاتي ان لاءِ پاتي هئي ته متان سندس اندر ۾ ڪو مٿرا جو مندر هجي ۽ ان ۾ هڪ وڏي سنگھاسن تي، منهنجي روجيءَ جي ننڍڙي معصوم ۽ مقدس مورتي موجود هجي، ها مون پنهنجي اندر کي فوزيه جي اندر جهڙو سمجھيو هو، جيئن آئون اڳ ۾ به سمجھندو رهيو آهيان، پر فوزيه وانگر ٻيون به ڪيتريون ئي ڇوڪريون ايئن ئي پنهنجو پانڌ ڇڏائي ويون، يا مون سندن پچر ڇڏي ڏني، يا وري ايئن ٿيو ته ڪا ٽين ڌر اچي سلسلي کي منقطع ڪندي هئي... پر ڇا ٿيو؟ هنن کي هنن جو فائدو ۽ نقصان نيبهه هجي، جڏهن ته مون وٽ گھٽ ۾ گھٽ ايتري ته روحاني آسودگي آهي جو ڪو عام ماڻهو، پنهنجي سڀني جنمن جي نفساني خواهشن جي پورائي جي خوشين سان به ڀيٽي نه ٿو سگھي.
فوزيه وانگر ڊاڪٽر شائسته به مونکي پنهنجو سڀ ڪُجھ سمجھڻ جي فتويٰ جاري ڪئي هئي ۽ مون به ان فتويٰ جي دستاويز تي صحيح ڪرڻ چاهيو هو، پر مان قسم، قدم ۽ قلم ڏاڍي خبرداريءَ سان کڻندو آهيان.
ڊاڪٽر شائسته کي مون چيو هو ته، ”تون منهنجي ’روجي‘ بڻجي وڃ، ٽافيون، چاڪليٽ، ڀڳڙا، ريوڙيون، ترن جي لائي ۽ ڳڙداڻي، اڌواڌ ورهائي وٺ، مان ڀڳڙا گھڻا کڻان ته تون مونکي زور سان چهنڊيون هڻ ۽ جي تون ڳڙداڻي گھڻي کڻي وڃين ته مان توکي ڇڙٻون ڏيان، پوءِ تون ڪاوڙجي وڃين ته مان توکي پرچايان، پاڙي جي ٻارن سان گڏجي، لڪ لڪوٽي کيڏون ۽ پاڻ ٻئي گڏجي اسٽور روم ۾ رکيل هڪ پراڻي ۽ خالي ڊرم ۾ هلي لڪون، ان سوڙهي ڊرم ۾ اسان ٻئي ننڍڙا ٻار هڪ ٻئي جي روحن وانگر ان وقت هڪ ٻئي جي جسمن ۾ وچڙيل هجون ۽ ”من تو شدم تو من شدي“ ٿي وڃون ۽ ڪنهن به لالچي خواهش جي اڀرڻ کانسواءِ ئي، اسان ٻنهي جي دلين ۾ پيار ۽ پاٻوھ جا ساگر، ڇوليون هڻن، ان ڊرم ۾ ئي زندگي گذري وڃڻ جي خواهش ۽ دعا پيدا ٿي وڃي...“
ڊاڪٽر شائسته وراڻيو، ”مان هڪ realist ڇوڪري آهيان مونکي ايتري خبر آهي ته منهنجي ۽ تنهنجي ڄمار، اسٽيٽس، ذات ۽ خيالن ۾ وڏو فرق آهي، حياتي رڳو شاعراڻن ويچارن جي ڌارا جو نالو ناهي ۽ آئون پنهنجي پرن هيٺيان سيمينٽيڊ فرش نه سهي، پر ڪجھ ڊيگھ ۽ ويڪر واري ڌرتي ڇڏڻ نه ٿي چاهيان، جنهن شئي کي تون پيار چئين ٿو اهو جذبن جي سوڍا بوتل جو وقتي اُڀار آهي، جنهن جو جوش ٿورڙي دير ۾ ختم ٿي ويندو آهي ۽ جي تون مونکي واقعي چاهين ٿو ته منهنجي زندگيءَ مان نڪري وڃ.“ اها هن جي ۽ منهنجي وچ ۾ آخري ملاقات ثابت ٿي، ان وقت شائسته جي سکر واري ”سکر بيراج“ منهنجي گذر لاءِ هميشه هميشه بند ٿي وئي. مان کيس اهو چئي واپس آيس ته، ”تون ائين نه به چئين ها، ته به آئون تنهنجي زندگي مان هليو وڃان ها، مون سمجھيو هو ته متان تون منهنجي ’روجي‘ ثابت ٿينءَ پر اهو ڪونه ٿيو، محبتن کي زمين جو گز اڌ ڇا ڪندو؟ محبتن لاءِ ته دلين ۾ عرش معليٰ اڏايل هوندا آهن ۽ اتي اهي ئي پهچندا آهن جن جا پير دنيا جي ڌرتيءَ تي نه پر عشق جي سرزمين تي کتل هوندا آهن.“ بس هن به ٻين وانگر منهنجي عشق جي لوهه کي ڳاڙهو ڪرڻ لاءِ ڪُجھ دير ڌنوڻي هلائي ۽ پوءِ تتل لوھ کي پاڻيءَ ۾ وجھي ٺاري ڇڏيائين، ڊاٽر شائسته خوشبوءَ جي جھوٽي وانگر ڪجھ ڏينهن منهنجي زندگيءَ کي واسيو ۽ پوءِ بي رحميءَ سان مونکي ٻين وانگر هيڪلو ڪري هلي وئي.
ان وچ ۾ مون ڪهاڻيون به لکيون، پر اندر جو خالي پڻو ۽ فضوليت جو احساس مسلسل وڌندو رهيو... ٻي ڪا واھ نه ڏسي مون مووي ڪيمرا سان دوستي رکي، جن ڪلهن تي ”ڪراما ڪاتبين“ آزاديءَ سان ويهي منهنجا گناھ ثواب لکندا هئا، انهن ڪلهن تي جديد دور جو سڀ کان وڏو ملائڪ يعني مووي ڪيمرا سندن شريڪ ڪار ٿي ويو. مونکي مووي ڪيمرا جهڙو دوست ملي ويو، جنهن مونکي ”شو ديوتا“ بڻائي ڇڏيو، بلڪل ايئن جيئن شو ديوتا کي ڪاوڙ ايندي آهي ته سندس نرڙ ۾ ٻن اکين جي وچ تي هڪ ٽين اکر ظاهر ٿيندي آهي، بلڪل تيئن مان عشق ۾ لاڳيتو ناڪ آئوٽ ٿيندڙ نه رڳو هڪ اداس پر هڪ ڪاوڙيل ۽ مڇريل نوجوان بڻجي ويس ۽ مووي ڪيمرا منهنجي ٽين اک بڻجي وئي، پر مونکي محسوس ٿيو ته ڪيمرا مونکان به وڌيڪ بي رحم آهي، ايد اهو ئي سبب آهي جو ڪيمرا جي گھوريندڙ اک سان هرڪو پنهنجون اکيون ملائي نه سگھندو آهي، ڪيمرا جتي ماڻهوءَ جي ٻاهر جو ڏيک جھٽي وٺندي آهي، اتي اندر جا ڀاؤ به فلم بند ڪري وٺندي آهي ۽ هميشه لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيندي آهي، اهو ئي سبب آهي جو ڪو ماڻهو ٻئي ماڻهوءَ جا رويا ۽ ورتاءُ وساري سگھي ٿو، پر ڪيمرا جو حافظو ڪڏهن به خراب ناهي ٿيندو.
هاڻي وقت هڪ ڪرو نه رهيو هو، اڳ ۾ ايئن ٿيندو هو ته ماڻهو جڏهن چاهيندا هئا ته مونکي پنهنجي ويجھو آڻيندا هئا، يا پري ڪري ڇڏيندا هئا، پر هاڻي مان پنهنجي ٽين اک سان ايڏو ته خودمختيار ٿي ويو هئس، جو جويڪو چهرو چاهيان ويجھو Tale ڪري بلڪل پنهنجي اک جي ويجھو آڻي Still ڪري ڇڏيندو هئس ۽ جنهن کي نه چاهيان ان کي پري ڪري ڇڏيندو هئس، ايتري قدر جو ڪيمرا جي هڪ بٽڻ سان غائب ڪري ڇڏيندو هئس، بس پوءِ مون پنهنجو دستوي ٺاهي ڇڏينو، جنهن کي چاهيندو هئس انکي دنيا جو نقشو بڻائي ڇڏيندو هئس ۽ جنهن کي ڌڪاريندو هئس، ان کي گلو مان ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪري ڇڏيندو هئس.
يونيورسٽيءَ کي خدا حافظ چوڻ ۽ ڊگريءَ کي اڌ ۾ ڇڏڻ کانپوءِ، جيتوڻيڪ مونکي روزگار حاصل ڪرڻ جي ڪابه ڳڻتي ڪونه هئي. منهنجو بابا جيڪو ان وقت ايگريڪلچر ڊپارٽمينٽ ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر هو، مون لاءِ زندگي جي هر آسائش ۽ آرام فراهم ڪرڻ پنهنجي خوشي ۽ بنيادي فرض سمجھندو هو. هو عام رواجي پيءُ ڪونه هو. هو رڳو دوستن جهڙو پيءُ ڪونه هو، پر هو فن جو قدردان ۽ فنڪار پيءُ پڻ هو، جيڪو پنهنجي پٽ جي اندر ۾ ويٺل فنڪار جو وڏو مداح هو، بي فارميسي کي اڌ ۾ ڇڏڻ تي کيس ڏک ضرور ٿيو هو. هو سڀ ڪُجھ سمجھي رهيو هو، هن کي خبر هئي ته مون ڪهڙن حالتن ۽ سببن جي ڪري يونيورسٽيءَ کي خيرباد چيو آهي ۽ مون تي ڪيڏو به Force ڪيو وڃي، مان دلي طرح ڊگري ڪواليفاءِ ڪري نه سگھندس... ۽ چيو هئاين ”تون زندگيءَ جي امتحانن ۾ ڪامياب ٿيندو رهين ٿو، مون لاءِ اهو ئي کوڙ آهي، دنيا ۾ ڪيترائي، گورنر، ڪمشنر، آءِ جي، آيا ۽ هليا ويا... پر اڄ اهي ڪنهن کي به ياد ڪونهن... پر انفارمل ماڻهو ڪنهن کان به نه وسرندا ۽ تون به انهن مان هڪ آهي..“
شروعات ۾ بابا کي منهنجو مووي ميڪنگ جو ڌنڌو ۽ وڊيو ڪيسٽن جو شاپ، ان ڪري ناگوار لڳو هو، جو بابا سمجھندو هو ته ڪٿي ان مصروفيت سان منهنجي اندر جو فنڪار گھُٽجي ويندو ۽ منهنجي من ۾ ويٺل هڪ سيلاني، هڪ هنڌ پابند ٿي ويهي رهندو، تنهنڪري متان آئون، اڳتي هلي ڪن نفسياتي مونجھارن جو شڪار نه ٿي وڃان، پر پوءِ جڏهن ڏٺائين ته مووي ڪيمرا منهنجي اندر جي فنڪار کي هڪ وڏو اتساھ ڏئي رهي آهي ۽ منهنجي وڊيو شاپ تان حاصل ٿيندڙ انڪم مونکي Dependency کان بچائي رهي آهي ۽ ان ذريعي مونکي پنهنجي پيرن تي بيهڻ جو احساس پڻ ٿي رهيو آهي، منهنجي خوداعتمادي ۾ واڌارو پڻ اچي رهيو آهي، ته هن اعتراض ڪرڻ ڇڏي ڏنو ۽ وڊيو گرافيءَ لاءِ نوان Equments وٺي ڏيڻ ۽ بهترين اسٽوڊيو ٺاهڻ لاءِ دل کولي مدد ڪيائين.
وڊيو گرافيءَ سان گڏوگڏ مونکي جنون جي حد تائين آرٽ موويز ڏسڻ جو ۽ ڪليڪٽ ڪرڻ جو شوق هوندو هو. زندگيءَ جو سلسلو پساهن سان گڏ هلندو رهيو.
مشهور ليکڪ ۽ شاعر گلزار ۽ ڪيفي اعظمي جي گڏيل تحقيق سان تيار ٿيل ڊراما سيريل ”مرزا غالب“ جون سڀ قسطون جڏهن وڊيو ڪيسٽن جي صورت ۾ رليز ٿي اسان وٽ پهتيون، ته نواب شاھ ۾ اهي مون وٽ به پهتيون، مرزا غالب جي جيون ڏسڻ لاءِ مون جڏهن وي سي آر ۽ ٽيليويزن جي اڳيان ويهي اهي ڪيسٽون ڏٺيون ته آئون پهرين ئي Episode ۾ ڇرڪي پيس مرزا غالب جي گھر واريءَ جو ڪردار ادا ڪندڙ، ڊراما ۽ فلم ايڪٽريس تنوي اعظمي ڏسي مونکي منهنجي روجيءَ جهڙي نگھت گوري ياد اچي وئي، سوچن جي اُڀ تي هوءَ چوڏهين جي چنڊ جيا اُڀري بيٺي. هوءَ اڙدو ڪميونٽي سان واسطو رکندي هئي، پر ميرپورخاص ۾ رهڻ سبب سنڌي ڳالهائي ۽ لکي پڙهي ويندي هئي، هن منهنجي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”انگن چڙهيو انگ“ پڙهيو هو ۽ منهنجي مداح ٿي هئي... ۽ پوءِ هن پاڻ مونکي ڳولهي لڌو هو، منهنجي روح کي به هن جي روح سان ويجھڙائي حاصل ٿي وئي، عشق کي ڄڻ نئين تجديد ملي. اهو دؤر 1990ع جو هو، جڏهن سنڌ ۾ لساني جھيڙا چوٽ چڙهيل هئا، محبتن کي زبان جي فرق جو راڪاس ڳڙڪائي ويو، روجيءَ جي وڇوڙي کي نئون تسلسل مليو.
زندگيءَ کي وري هڪ نئون خال مليو ۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي خال منهنجي زندگيءَ کي ملندا رهيا، منهنجا سڀ بي ترتيب لکيل واقعا منهنجي جيون جي بي ترتيبيءَ کي ظاهر ڪن ٿا، مونکي پنهنجي اها بي ترتيبي ڏاڍي وڻندي هئي ۽ منهنجي اها بي ترتيبي مونکي فطرت جي باترتيب ۾ بي ترتيبي جهڙي ئي باترتيب لڳندي هئي، اهو ئي سبب آهي جو، مونکي زندگي جي بي مقصديت ۾ ڪوبه مقصد نظر ايندو هو ۽ هر انتشار ۾ نظم و ضبط نظر ايندو هو، پر پوءِ به مون ڪڏهن به پاڻ کي سهيڙڻ ڪونه چاهيو هو. ڇوته مون سمجھيو هو ته مون جيڪا چاهتن لاءِ روح جي گهرائين مان حاصل ٿيندڙ فولاد جي زنجير ٺاهي هئي ۽ وفائن جون ڪڙيون، ڪڙين سان ملايون هيون، اهي هروار ڪونه ڪو اچي ٽوڙي اُکيڙي ويندو هو، تنهنڪري هاڻ مونکي ڪنهن جي لاءِ به وفائون ناهن رکڻيون، بس اتي باصفا ۽ بي يا جذبن کي Over and all چوڻو آهي ۽ پوءِ روح جا سڀ ڪنيڪشن (Disconnect) ڪرڻ آهن.
ها پوءِ مان اڳتي هلي، شايد هڪ دنيادار ۽ عام رواجي ماڻهو بجھجي وڃان ها، پر ائين ڪونه ٿيڻون هو، ڪا هڪ اهڙي ڇوڪري به هئي جيڪا پنهنجي ننڍي هوندي کان وٺي، مونکي پنهنجي مندر جو ديوتا بڻائي ۽ پاڻ داسي پڻجي، صبح شام منهنجي مورتيءَ جي اڳيان اچي پرنام ڪندي هئي. کيس چڱيءَ ريت خبر هئي ته مون پنهنجي دل جي چئن خانن کي، چئن چئن خانن ۾ ورهايو آهي ۽ هر خاني ۾ چار نه ته ٻه، ٻه نه ته هڪڙي اپسرا براجمان ڪري ڇڏي آهي، ڪهڙي اهڙي ڇوڪري هوندي جيڪا ايتريون پهاڄون قبول ڪندي، پر هوءَ عجيب ڇوڪري جنهن منهنجي سڀني خوبين ۽ خامين کي ڄاڻندي به منهنجي پرستش ڪئي هئي، سا منهنجي ماسات هئي، هن مونکي عام ويجھڙائيءَ سان ڏٺو هو، منهنجي زندگيءَ جا سڀ اڇا ڪارا هن کي معلوم هئا، پر هن شايد منهنجي روح ۾ جھاتي پائي ڏسي ڇڏيو هو ۽ ڄاڻي ورتو هو ته مون جنهن کي به چاهيو هو، ان کي روجي سمجھي پوڄيو هو، هن نه رڳو منهنجون لکڻيون پڙهيون هيون، پر ٻين مائٽياڻين وانگي منهنجي به اسٽڊي ڪئي هئائين، هن کي اها پڪ هئي ته ”ضراب جن ڇوڪرين جو ذڪر ڪندو آهي، يا ضراب جي نالي سان گڏ جن ڇوڪرين جو ذڪر ٿيندو آهي، اهي ڇوڪريون ضراب جي لاءِ روجيءَ جي حيثيت رکنديون آهن.“
هن ڀيري به چاهتن اڳيان ڪيترائي ڪارونجھر کر کڻي بيهي رهيا، پر هيءَ لڙائي ميهار جي لڙائي ڪونه هئي، جيڪو تڙ تي بيهي واڪا ڪندو آهي، پر هي سڀ جبل سسئي کي جھاڳڻا پيا، هن سڀ ڏونگر ڏاري رکيا، پيرن جي پٿون ٿيڻ جو ڪو به خيال نه ڪيائين ۽ پنهنجو پنهون ماڻي ورتائين.
6 مارچ 1991ع تي منهنجي زندگيءَ جي ڦرحي تي ”فرح ديبا“ منهنجي جيون جيوتي بڻجي آئي، فرح سان منهنجي شادي جي موقعي تي، منهنجي پياري دوست اياز عالم ابڙي (ماترائن کان آزاد) ڪُجھ ٽه سٽا لکيا هئا جن مان ڪجھ هي آهن:
ديبا ۽ ضراب
ڏينهن ڏٺي جو سپنو ناه،
ٻئي حقيقي خواب.

لکيو لوح قلم جو،
فرح ضراب هڪ ٿيا
اوس پورو ٿيو.

فرح ڦرحي منجھ لکيو،
هڪ نالو لوح قلم سين،
ضراب گھوٽ ٿيو.

فرح جو وهانءُ ضراب سان،
سنگم آ سر ساگر جو،
ستار ڇڙي مضراب سان.

فرح سهاڳڻ ڪا مڻي،
مليس گھوٽ ضراب،
رب کي ڳالھ وڻي.

فرح جتي منهنجي زندگيءَ ۾ بيشمار، رنگ، روشنيون سرهاڻيون ۽ سنگيت آندا، اتي هن 16 آڪٽوبر 1993ع تي پنهنجي وجود مان منهنجي لاءِ مون جهڙو ئي ننڍڙو ”هالا/ وشال“ تخليق ڪري منهنجي سمورين تخليقن کي شرمائي ڇڏيائين، هونئن ته هوءَ منهنجي لاءِ ڌرتيءَ تي سورڳ آهي، پر هالار جي جنم کان پوءِ مون سندس پيرن هيٺيان پنهنجي هالار لاءِ هڪ نئين جنت ڏسي ورتي، آئون ڪيڏو ڀاڳوان آهيان جو منهنجو گھر هر ڏس ۾ بهشت جو ڏيک ڏيندو آهي، هن جو مونسان پيار ايترو ته شديد آهي جو هوءَ فخر وچان چوندي آهي ته: ”جنهن کي مان چاهيان ٿي، جيڪو منهنجو انتخاب آهي، ان کي چاهڻ وارن جون قطارون ڪڏهن به نه ٿيون کٽن.“ ۽ مان فرح کي ڪيترو چاهيان ٿو، ان جي لاءِ ڪابه خباني دعويٰ تمام ننڍڙي ٿيندي، مان فرح جي حضور ۾ اهڙو ته راسخ العقيده مسلمان آهيان، جيڪو وحدانيت جو قائل هوندي به ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن مزار تان مراد پنڻ جي ڀل ڪري وجھندو آهي ۽ فرح جي دل ايڏي ته ڪشادي آهي جو پنهنجي هن گنهگار بندي جون سڀ خطائون، خط تقسيم جي هيٺ آڻي ڇڏيندي آهي.
منهنجي ڪهاڻيڪار ٿيڻ جي، منهنجي فنڪار ٿيڻ، هڪ وڊيو گرافر ٿيڻ جي سفر جي پٺيان، منهنجي عشق جي راهن ۾ خط مستقيم جهڙي مستقل مزاجي، وفا شعاري ۽ ثابت قدمي آهي، هي اهي ڪجھ واقعا هئا، جيڪي منهنجي ڪهاڻيڪار ٿيڻ جي وارتا ڪنهن حد تائين بيان ڪن ٿا.
مان ادب کي صرف پنهنجي اظهار جو ذريعو سمجھان ٿو مونکي ايتري خبر آهي ته منهنجي اندر ۾ ويٺل ڪهاڻيڪار هڪ منفرد ڪهاڻيڪار آهي، منهنجيون ڪهاڻيون منهنجي انفراديت ظهار ڪن ٿيون... پر منهنجي منزل اڃا تمام گھڻي ڏور آهي، جنهن جي سفر ۾ آئون پنهنجي مشق ۽ تجربي سان رڙهي رهيو آهيان...
ڪهاڻيڪار بڻجڻ جي سفر ۾ جتي ناڪاميابيون ۽ ڪاميابيون حاصل ٿيون ۽ سماج جي اونچ نيچ اثر انداز ٿي، سياسي شعبدي بازي (سياست جي نالي تي ظرافت) علائقي سطح تي ٿيندڙ تبديليون ۽ پنهنجي آس پاس ارتقا جي سست رفتاري، جديد علم کان فراريت، ادب جي نانءُ تي بي ادبي، ثقافت جي چوغي ۾ خباثت، مذهب جي آڙ ۾ ملايت ۽ روحانيت جي نانءُ تي فراريت ۽ ٻيا اڪيچار انياءُ ۽ انڌ ڏٺم ۽ انهن لاءِ ڪلهن کان ڪوريل ڪنڌ ڏٺم ته منهنجي آڱرين مان ڪهاڻين جا جھرڻا وهي نڪرندا رهيا.
منهنجي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”انگن چڙهيو انگ“ 1989ع ۾ شايع ٿيو هو، انهي ڪتاب ڇپرائڻ دوران ادبي لڏي مان سائين طارق ”عاجز“ ڀٽي سرفهرست آهي، جنهن جا منهنجي ذاتي، علمي، ادبي، زندگيءَ تي گهرا اثر ڇڏيل آهن. ان کان پوءِ طارق عالم ابڙي جو نانءُ اچي ٿو، جنهن نه صرف منهنجي پهرين ڪتاب جو مهاڳ لکيو، ٽائيٽل ٺاهيائين، پر طبعيت ناساز هوندي به بدين ڪهي آيو ۽ منهنجي ڪتاب جو مهورت پنهنجي هٿن سان ڪيائين، سندس ڏنل اتساھ آئون ڪڏهن به وساري نه ٿو سگھان. منهنجي پهرين ڪتاب جي ڇپجڻ تي سڀ کان گھڻي سرهائي منهنجي مرحوم بابا ”غلام حيدر ڪليار“ کي ٿي هئي. 10 مارچ 1995ع تي هو اوترو ئي صدمو ڏئي مون کان، اسان سڀني گھر وارن کان، هميشه هميشه موڪلائي ويو.
بابا جي وفات مون لاءِ هڪ وڏو حادثو هئي، ان حادثي منهنجا حواس ڦيرائي ڇڏيا، ان سانحي جا اثر شايد زندگيءَ ڀر مون تي رهن، جو بابا منهنجي لاءِ گھڻو ڪجھ هئڻ سان گڏوگڏ منهنجي فن جو نقاد هو، جنهن کان مان محروم ٿي ويو آهيان، بابا سائينءَ جي وڃڻ سان سماجي طرح، معاشي طرح يا ٽريڊيشن جي حوالي سان مونکي حالتن ايئن اپ سيٽ نه ڪيو، جيئن ڪو عام ماڻهو ٿي سگھي ٿو، پر ايترو سو فرق محسوس ڪيم ته پيءُ بهرحال پيءُ هوندو آهي. بابا جي وفات جو الميو، ٻين المين وانگر منهنجي لاءِ آگهي کڻي آيو، جيئن هر درد، هر وار مونکي آگهي ڏيندو رهيو... مون لاءِ هڪ سانحو هڪ ڪسوٽي بڻجي ويو ۽ مون کري ۽ کوٽي جي شناخت ڪري ورتي ۽ اهو ڄاڻي ورتم ته محبت ۽ تنهائي هاڻ مونکي اڪيلي سر ڀوڳڻا آهن، بابا سائين جي مرتئي تي ٻارن جيان اوڇنگارون ڏئي روئڻ واري سارنگ سهتي کان وٺي، واحد بخش لانگاھ، علي اظهار، فياض چنڊ، مراد قريشي، مظهر ابڙو، بخشل باغي، عابد مگسي، وسيم سومرو، ممتاز بخاري غمگين هئا، ۽ ڪُجھ دوست خبر ملڻ کانپوءِ مون سان غم خواري ڪرڻ آيا هئا، يوسف سنڌيءَ سادگيءَ وچان چيو هو:
”يار! توکي ڪهڙا ويهي روايتي دلاسا ڏيان ۽ تعزيتون ڪيان، تنهنجو درد منهنجو درد آهي.“ ڪڏهن ڪڏهن محسوس ٿيندو اٿم ته ڪجھ ماڻهن جو درد ساڳيو هوندو آهي، پر ابلاغ Communication نه هئڻ ڪري سندن سادگيءَ جو مذاق اڏايو ويندو آهي. اهڙا ماڻهو لطيف جي بيت :
نهائينءَ کان نينهن، سک منهنجا سپرين،
سڙي سارو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.

جي تشريح هوندا آهن، آئون، الائي به ڇو مٿين سٽ لکڻ کانپوءِ هلڪو ٿي پيو آهيان، ڇاڪاڻ جو ڪجھ ماڻهن جون محبتون ۽ سچايون مون تي قرض آهن ۽ دنيا ۽ ماڻهن جي ڏنل عذابن کي Balance ڪنديون رهيون آهن.
جتي زندگيءَ ۾ کوڙ ماڻهو مليا ۽ وڇڙندا رهيا.. اتي طارق قريشيءَ جو ذڪر ان لاءِ به ضروري ٿو سمجھان ته بيشڪ طارق قريشيءَ مونکي زندگيءَ ۾ گھڻو ڪجھ سيکاريو آهي.!؟ آئون سندس نقش پنهنجي ذهن تان ڪڏهن به ميساري نٿو سگھان... هن جي ۽ منهنجي وچ ۾ جيڪو به رشتو هو يا رهندو، ان کي آئون ڪوبه نانءو ڏئي نه سگھيو آهيان.. ڇاڪاڻ جو منهنجي خيال ۾ دوستي ۽ زندگي ڪهاڻي هوندي به ڪا ڪهاڻي ناهي، جنهن کي (Hyperbole) ڪري، حقيقي ڪردارن کي ديو مالائي يا فرشته صفت بڻائي ڇڏجي.
جتي تذڪرو محبتن جو، دوستين جو ۽ ڪهاڻين جو هليو آهي اُتي ريجو، عاشو، ساجو مارو ۽ عدو کي وسارڻ نٿو چاهيان، جن مونکي منهنجي هجڻ جو احساس ڏياريو آهي، جن کان سواءِ منهنجون محبتون، منهنجون ڪهاڻيون، منهنجون دوستيون پورڻتا کي نه ٿيون ڇهي سگھن.
پوءِ به غالب جي هن سٽ جيان:
گھر ۾ ٿا ڪيا جو تيرا غم غارت ڪرتا،
وو جو رکتي ٿي هم اڪ حسترت تعمير سو هي.

۽ پنهنجي هن ننڍڙي پريم ڪٿا ۽ ڪهاڻين سان گڏ اوهان جي سامهون آهيان، جيڪا منهنجي اڌوري ڪهاڻي به آهي ته آکاڻي به آهي.
ضراب حيدر
نوابشاھ