ڪوجهائپ کي ڪوملتا جي ڳولا
شارا کي وڃائي سال ٿيا، جڏھن ھو ڊاڪٽريءَ ۾ ھلي وئي ھئي، خبر ناھي ھوءَ ڪٿي ھوندي. . . . الائي ھوندي به يا نه!؟ نجي به وڇڙي ته وري نه ملي. فرزيءَ ته چاھتن کي پاڻي تي پاتل ليڪا سمجھي فراموش ڪري ڇڏيو.
نازي بي ايڊ ڪرڻ کان پوءِ خبر ناھي ڇا ڪيو. ڪجھه ڪيائين به يا نه . . . . ۽ مان وڇوڙن جي صليب تي لٽڪيل ۽ اجڙيل احساسن جي علامت بڻيل ڪوجھو انسان . . . . جنھن جي ڪابه چٽي معنى نه . . . . ڄڻ بيڪار، نوس نوس ڪندڙ ، ھڪ جسم جي چاٽي کان پوءِ ٻئي ڪنھن جسم جو آغوش ماڻڻ لاءِ، ڪوجهائپ کي ڪوڙي شرافت جو خول پارائي جنسي آسودگي لاءِ جاکوڙيندڙ . . . . . . .
شارا کان نجي تائين، فرزي کان وٺي نازي تائين ، مون ڇا ماڻيو. . . . !؟ ڪوڙن، مصنوعي۽ ڪاسميٽڪس سان ڀرڀور چھرن ٻھڪندڙ جسمن مان، صرف ڪوڙيون ۽ ورجايل لذتون. . . . . . !
ڇا مون لاءِ . . . . . منھنجي زندگيءَ ڪارڻ اھي شيون ئي ڪافي ھيون . . . . ؟ ھا، شايد ڪوجھن ماڻھن کي ڪوجهائپ جي حاصلات ئي سونھين ٿي! مان ڪوجھو ۽ گندگيون . . . . . گند جي پيداور، مان ۽ منھنجون سوچون . . . . .
صفائي ۽ سُٺائي ڪٿي آھي، مون لاءِ ته ڇا پر ڪنھن لاءِ به نه . . . جتي ڏس گندگي، ڪوجهائپ، روڊن تي اڇلايل ڪوجهائپ، اسپتالن ۾ ڦهلايل ڪوجهائپ، ڳوٺن ۾ وسايل ڪوجھائپ، شھرن ۾ سجايل ڪوجھائپ، اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پڙھايل ڪوجھائپ، دفترن جي دستاويزن ۾ داڦيل ڪوجهائپ . . .
اھائي ڪوجھائپ مون لاءِ ڪوجھي؟ منھنجي ڪوجھي بنايل ذھن کي پيداور ۽ منجھس حقيقي سونھن ۽ ڪوملتا ماڻڻ جي ڪلپنا پيدا ٿي آھي ته . . . ھو وڃي رھي آھي . . .
ھو اڄ وڃي رھي آھي ! اھو خيال مونکي بار بار ڇو ٿو ستائي، مون کي اھو گمان ڇو ٿيڻ لڳو آھي ته ھوءَ جي ھلي وئي ته مان مري ويندس!
موت ته برحق آھي، پر ھُن جي وڃڻ سان منھنجو موت . . . ڪجھه سمجھه ۾ نٿو اچيم . . . شايد مون جھڙي ڪوجھي ماڻھوءَ جو ايڏو زندھ موت، حيرت جوڳو ئي نه، پر سپنو ٿو لڳيم . . . .
ڇاڪاڻ ته ڪنھن جي وڇوڙي ۾ مرندڙ ماڻھو، مون جھڙا ڪوجھا ڪوڙا نه پر سونھن سان سلھاڙيل سچ ھوندا آھن ۽ مان ھڪ اھڙي گند جو جز بڻجي چڪو آھيان، جنھن ۾ سچائي ۽ صفائيءَ جو تِر جيترو به حصو ڪونھي، ڪنھنجي محبت ۾ مرڻ ڪو سولو ڪم ڪونھي، محبت ڪرڻ وارا ته کوڙ آھن، پر محبت ۾ مرڻ وارا بنھه گھٽ آھن. مان اھو ضروري ڇو ٿو سمجھان ته محبت لاءِ مرڻ گھرجي . . . محبت لاءِ جيئڻ به ته ھڪ وڏو ڪمال آھي، ڇو ته محبت به ته ھڪ اھڙو اڻ موت، موت آھي، جيڪو وري نه سگھندو آھي، زندگي ڏانھن . . .
مان . . .مان به ته محبت لاءِ جيئڻ ڪاڻ اڄ تائين ڪوڙو موت مرندو پيو اچان، ڪوڙن فريبي، ڪاسميٽڪس سان ڀرڀور چھرن تي . .. جن جي ڪوجهائپ مون کي پڻ ڪوجھو بڻائي ڇڏيو.
مان ڇا ڪيان ھا. . . .!؟
گند ۾ رھي مان ڪٿي گلاب جو ٻوٽو پوکيان ھا، مان ڪو قلندر ڪو ولي ته نه ھئس، جو پنھنجي اندر ۾ خوشبو ۽ سونھن کي لڪائي سگھان ھا . . . پر انھن جي پوکيل سونھن به اڄ ڪيئن نه ڪوجهائپ جي ور چڙھي وئي آھي، اھا ڪوجهائپ جيڪا اڄ سندن درگاھن تي دھل جي واڄٽ تي پئي نچي . . . !
مون وٽ ڪوجھي ٿيڻ کان سواءِ ٻيو حل به ته ڪونه ھو . . . جڏھن شارا سان پريم ڪرڻ لاءِ ڪنھن فلمي ھيري جيان خيال ۽ خاڪا جوڙيا ھيم پر اھي سڀ گندگيءَ جي اونھي پاتال ۾ پورجي ويا ھئا ۽ پوءِ ان ئي گند جي علامت بڻجي ويا، ھميشه جي لاءِ . . . جڏھن سمورا گھر وارا شھر کان ٻاھر ويل ھئا ۽ شارا منھنجي گھر آئي ھئي، ان رات ئي شارا منھنجي ساھن کي بنھه ويجھو محسوس ٿي ھئي، ساھن جو سلسلو ويتر تيز ٿي ويو ھو، جنھن سمي شارا پنھنجي سوڙھي چولي کي ڪُنڊن کان ڇڪي، سيني تي اڀريل ٻن سخت گنبذ جھڙن ارھن مان ڇڏائي، ڪلھن تائين آندو ھو ۽ منھنجا اڃايل سُڪل چپ، مون کان زوري مٿن رکرايا ھئائين، ان سمي مون کانئس ھٽي، پري ٿي وڃڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي ھئي، پر ھوءَ ڪنھن گم چيوگم جيان مون کي چنبڙي پئي ھئي. مون ته کيس چيو به ھو ته، ”شارا! اھو سڀ غلط آھي، Leave it Shara!
پر ھو ڪونه ٿي مڙي. مون کيس وڌيڪ سمجھايو ھو ته، ”شارا! مون توکي روح جي سمورين سچاين سان چاھيو آھي ۽ مان پنھنجي محبت کي گندو ڪرڻ نٿو چاھيان. . . مان اھو سڀ ڪجھه ڪري نه سگھندس .“
ان پل شارا ڄڻ ڀڙڪي پئي ھئي، ڪاوڙيل ۽ وحشي لھجي ۾ چيو ھئائين ”جيڪڏھن توکان اھو ڪم ڪونه ٿيندو ته ٻيا کوڙ، مون کي ڪھڙي خبر ته تون کدڙو آھين. . . ۽ کدڙن سان محبت ڪرڻ وڏي اياڻپ آھي، ڪڏھن ٻڌو اٿئي دنيا ۾ ڪو شاھڪار محبت جو داستان، جيڪو ڪنھن کدڙي سان لاڳاپيل ھجي، ليلي مجنون کان وٺي ھيل تائين جا سڀئي داستان مردن ۽ مڙسن تي مبني آھن، سسئي کي ته پنھون اھڙو لڳو جو ڪاھي پئي رڻن ۾!“
اھي لفظ مون کي گندگي جي پاتال ۾ ٻوڙڻ لاءِ ڪافي ھئا ۽ ان ڏينھن کان اڄ تائين مان چھرن ۾ چاھت جي حقيقي ڪوملتا ڳولڻ لاءِ ڀٽڪندو رھيو آھيان، پر ڀانيان پيو ھر طرف ھر جڳھه ڇڙو ڪرڀ کان سواءِ ٻيو ڪجھه ڪونھي. شارائون، نجيون، فرزائون، نازيون سڀ ھڪ ھڪ ڪري اينديون ۽ وينديون رھيون . . . پر اڄ ھوءَ وڃي رھي آھي، ۽ مان ڀانيان پيو مان سچ پچ مري ويندس، ائين پيو محسوس ٿئي ڄڻ ھوءَ منھنجي سموري ذات کي مات ڏئي وڃي رھي آھي. مون کي ٽوڙي، ذرو ذرو ڪري وڃي رھي آھي، مون کي گھٽ پئي محسوس ٿئي ڀانيان پيو مونکي ڪوئي گھٽو ڏئي رھيو آھي، شايد ھن جي وڇوڙي جو احساس آھي!؟
شارا کان وٺي نجي، فرزي کان وٺي نازي سڀني ته منھنجي وجود کي وکيريو ۽ ٽوڙي ڇڏيائون. منھنجي وجود جي اڻ ٽٽ حصن کي مڪملتا ڏيڻ کان سواءِ ئي گٽرن ۾ اڇلائي ڇڏيائون يا ٻار ڪيرائيندڙ گورين سان انھن کي گندگي سمجھي پنھنجي وجود کان ڌار ڪي اڇلائي ڇڏيائون ۽ منھنجي وجود جا اھي اڻپورا حصا منھنجي ڪوجهائپ جي بي نانءُ ۽ گمنام شھيد بڻجي ڪي به ڪتبا ۽ قبرون ماڻي نه سگھيا . . . .
پر اڄ ھوءَ وڃي رھي آھي، منھنجي حقيقي ۽ اسان ٻنھي جي محبتن جي امر نشاني جيارڻ ڪارڻ . . . کيس ڪا مڪمل شڪل ڏيڻ ڪاڻ . . . ھوءَ زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ آھي ۽ مان کيس روڪي نٿو سگھان، بچائي نٿو سگھان، موت جي ڀيانڪ ۽ ڪوجھي چنبي کان . . . . !
نه وري مان پنھنجي وجود جي ڪا حسين، سندر شڪل ڏسي ٿو سگھان، ڇو ته مان ڪوجھو آھيان۽ ڪوجهائپ جي ڪا شڪل ڪونھي ھوندي آھي . . . .
منھنجي ڪوجهائپ جا شڪار ٿيل، منھنجي وجود جا ڪيئي حصا ھر دؤر ۾ مرندا رھيا آھن، لڙھندا رھيا آھن، پر مان ھن جي وجود مان ڦٽي نڪرندڙ ڪومل گلاب کي ڏسڻ، ڇھڻ لاءِ آتو آھيان . . . .! ! ڇو ته اھو گلاب اسان ٻنھيءَ جي ھڪٻئي لاءِ ارپيل سچاين جي پوتر علامت ھوندو . . . .!