محبتن جي ديش مان جلاوطن شخص...!
هو اسپتال جي ميڊيسن وارڊ مان پنهنجا ٿڪل قدم کڻندو ٻاهر نڪري آيو.... سوچن جي اٿاهه ساگر ۾.... ”مان فراريت چاهيان ٿو، هن گهٽيل ماحول کان جنهن ۾ ڪو به ويڄ، ڪو به طبيب ڪونهي. ايپرن ۽ فل سوٽ جي اندران ڍڪيل هي خونخوار ڏائڻيون ۽ آدم خوار، ڪوئي ته ڄاڻي هنن ڏائڻ ۽ آدمخورن کي، جن وٽ خون چوسڻ ۽ پيئڻ کانسواءِ ڪو به فن ڪونهي.... ۽ هي فرشتن جي اڇي پوشاڪ واريون نرسون، جهڙيون ممون.... هاءِ گهوڙا .... هي نئون ارتقائي دور.... هي ڪهڙو جهنگ هي ڪهڙو ٻيلو، Social Animals جو..... هر ڪو جانور، سوئيپر کان وارڊ بواءِ، نرس کان ڊاڪٽر ۽ رجسٽرار کان ايم . ايس تائين هرڪو هوس جو پڄاري.... ”Shit“ هڪ ڪچو اوڪارو، ڪرڀ هي ڇا آهي....؟“
سگريٽ جو دونهون ماحول ۾ آلودگي ڦهلائيندو گم ٿي ويو، اهڙي ئي آلودگي سندس اندر ۾ به....
مراد جا ڪالهوڪا چيل لفظ ياد پئجي ويس، جيڪي مراد کيس شهر جي حدن کان اسپتال جي حد ۾ گهڙندي چيا هئا.
”يار! ماحولياتي الودگي هِت ڪيڏي نه گهٽ آهي، وڻڪاري قسيمن قسمين جا گل.... روڊن جي پاسن سان، پارڪن ۾ ..... تنهن کانسواءِ گل، هر وارڊ ۾، هر هاسٽل ۾ خوشبوئون، Perfumed Talc مهڪار ئي مهڪار....“
”ڌوڙ پئي آ مراد تنهنجي منهن ۾، اهي Talc, Perfumed spray به ته ماحول ۾ آلودگي ڦهلائي رهيا آهن... ماحول کي ته ڇڏ ان جو ته نصيب ئي هن دور ۾ آلودگي آهي، پر جيڪا گهُٽ، جيڪو ٻوست جيڪا گدلاڻ ماڻهن جي دلين ۾ گل، هار سينگار ڦهلائي رهيا آهن.... تن جو ڪاٿو ڪيو اٿئي؟“
”پر مراد جو به ڪهڙو ڏوهه، کيس مون جيان سونهن، خوشبوءِ ۽ ساڀيان وڻندي آهي.... اسان لاءِ ته سونهن خوشبو ۽ ساڀيان جياپو آهي. پر هيءَ ڪهڙي خوشبو ۽ ساڀيان آهي، جنهن اندر جي Ozone Layer کي Damage ڪري رکيو آهي. اندر ۾ ڏينهون ڏينهن وڃي گدلاڻ وڌندي، ڊپ ٿو ٿئي ڪٿي دل جي ڌرتيءَ جو گولو تپي ڪنهن بم جيان ڌماڪو ڏئي ڦاٽي نه پئي!؟“
وري سگريٽ جو هڪ ڪش من ۾ اوتي .... ٿڌو ڪري، دونهون فضا ۾ ڇڏي ڏنائين، روڊ تان ٿڪيل ۽ شڪستا قدم قدم کڻندو ويو ٿي هلندو، سوچن ۽ فراريت جي وچ ۾ ڇڪبو ۽ گهٽبو.
ڪلهه مراد، گرلس هاسٽل جي ڀرسان لنگهندي چيو هئس، ”يار، واه جو نظارو آهي، ڏس ته سهي، هاسٽل جي ونگ ۾ ٽنگيل، اڳٺ، سلوارون ۽ انگيون...! ايئن پيو لڳي ڄڻ پاڻ ٽنگيا پيا هجئون.“ مراد جو ٽهڪ.
ڄڻ ڪنهن کيس چماٽ وهائي ڪڍي، پر ڪُڇي ڪونه سگهيو، فياض به ساڻس گڏ هو.... باهه وچان بڪڻ شروع ڪيائين.
”ڀيڻسان ڇورين کي شرم نه ٿو اچي جو پنهنجا راز سرِعام ونگ ۾ ٽنگي روڊ ويندڙن کي ٿيون ڏيکارن، جيڪر وس پڄين ته پاڻ کي به ڌوئي نپوڙي ونگ ۾ نوڙيءَ تي ٽنگيو ڇڏين.... سرعام واهيات گيريءَ جو تماشو“
ڪاوڙ ۾ سڄو ڳاڙهو ٿي ويو، دل ٿي چاهيس جيڪر فياض جي ڄڀ ڇڪي پٽي وٺي..... پر ماٺو وري ڪنهن سوچ ۾....
”اسان اڃان ڪيڏي نه گندي معاشري ۾ رهون ٿا، ”گدڙ نه رسي ڊاک کي چئي ٿو کٽا...“ سو هي به لقاءُ اُهو ئي آهي، هر ڪو پاڻ ڄاڻي، ڏوهه ڪنهن جو به ڪونهي، جنهن ماحول ۾ گدلاڻ هوندي، جنهن ماحول ۾ جذبا گهٽبا پيسبا، اتي اهو ئي ته هڪ طريقو آهي جذبن ۽ احساسن جي اُٻس کي ڪڍڻ جو ته انهن کي سرعام نروار ڪيو وڃي، نوڙين تي نپوڙي سڪايو وڃي، پوءِ هاسٽلن جي ونگن ۾ يا وارڊن جي ڪاري ڊورس ۾، هيڊ آف ڊيپارٽمينٽ جي آفس ۾ يا سوئيپر جي ٻهاريءَ جي تيلن جي ڇرڪندڙ سُرڪاٽ ۾، وارڊ بواءِ جي اڻڀن وارن جي خشڪيءَ ۾ يا چوڪيدار جي سُتل سيٽيءَ جي آواز ۾، مطلب ته ڪنهن به ريت جذبن جي ڀڙاس ڪڍڻي آهي....“
ڇرڪي ٿو وڃي پنهنجي سوچ کان.... پنهنجي ڪاوڙ کان، هي ڪاوڙ ڪنهن تي؟ پاڻ تي يا ٻين تي....؟
ڪلهه هو ڪم سانگي ٻارن جي وارڊ (Children Ward) ۾ هليو ويو هو...... ٻارڙن جو وارڊ، جتي تڙپندا ننڍا معصوم، ابهم ٻالڪ، زندگي ۽ موت جي ويڙهاند ۾ مصروف ۽ هوڏانهن ڊاڪٽرس ڊيوٽي روم ۾ ڪچهرا، ٽهڪڙا، چانهيون، سموسا! آدم خوري ۽ ڏانئڻ چهرا مصروف پنهنجي ڪوڙين انائن جي ويڙهاند ۾.... ”اکين جو وارڊ“ اکين جي وارڊ ۾ ڪنهن جي اک نڪري ته ڀلي نڪري پر ڊاڪٽر جي اک نرس جي جسم جي بناوٽ مان نه نڪرندي.
”تن طبيب نه تن جو، سڌ نه لهم سور جي“
هو اڄ شڪست جي مڪمل گهيري ۾ آهي، محبتن جي ديش مان جلاوطن شخص.... هڪڙي محبت لاءِ ڀوڳيندو ٿو رهي، اسپتال جي اداس نگريءَ ۾ جتي اڪثر موت زندگيءَ جو پيڇو ڪندي نظر ايندو آهي، درد جا انيڪ مرحلا.....
”شائسته! تو ڇا ڪيو؟ مون کي خبر نه هئي ته تون محبتن جي امين ٿي به محبت جي سچن جذبن کي ڪنهن مريض جي زخم تي رکيل ڏيهارِ دار، ڪپهه وانگر ڪنهن ڊسٽ بِن (Dust Bin) ۾ اڇلائي ڇڏيندينءَ، صرف ئي صرف چند مفادن لاءِ، محض چند ڪوڙين انائن لاءِ، پر ياد رک، توکي منهنجو خلوص ۽ سچائي ڪڏهن به سُک جي ننڊ سمهڻ نه ڏيندي.“
سوچي ٿو، ”نظرن جو فريب ۽ دوکو ڪيڏو نه اذيت ڏيندڙ آهي، نيڻن جي سادگيءَ پويان لڪل فريب.... جنهن دل جي دنيا کي دوزخ بڻائي ڇڏيو آهي....“
دل چاهيس ٿي ته هن دنيا کي ڊاهي ڪيڙون ڪيڙون ڪري پولار ۾ هليو وڃ ۽ هميشه هميشه لاءِ پولار ۾ ڀٽڪندو رهجي
”شائسته! تو جهڙا چهرا Certified فريب آهن جن جو موهه اميد تي وابسته ڪائنات کي نا اميدي ۽ فساد ۾ بدلائي رهيو آهي.... ڪالهه تائين مان جيڪو تنهنجو جنوني چاهيندڙ هئس اڄ خود کان ڪرڀ اچي رهي اٿم، مان ڪو فارمل ماڻهو نه هئس جو تو جهڙي ڇوڪري لاءِ پنهنجي، حياتي، ڪنهن گند جي ڍير تي ڦهليل آلودگيءَ ۾ گهٽي ماري ختم ڪري ڇڏيان ها مان سچ ۽ سونهن جو پوئلڳ آهيان، نه ڪي ان ڪچي، بي مهانڊي ڪريل ٻار جو ذميوار فرد، جيڪو ان ٻار کي اسپتالن جي ٻاهران استعمال ٿي ويل يا مُدي خارج دوائن سان گڏ ڦٽو ڪري ڇڏيندو آهي، ۽ ڪرڀ ته ان بي مهانڊي ۽ لاوارث ٻار ۾ ناهي هوندي، پر اُها ڪرڀ ته سموري معاشري جي هوندي آهي، ان ئي معاشري جي پيدا ڪيل هوندي آهي، جيڪو معاشرو پنهنجي بچاءُ لاءِ ڪورٽن جي ڪٽهڙن کان وٺي اسيمبلين جي ايوانن تائين کوکلا دليل پيش ڪندو آهي، ۽ انصاف جي اکين تي پٽي ٻڌي پنهنجي پُڙ واري پاسي ۾ ڪوڙيون شاهديون وجهي پاڻ کي justified ڪري وٺندو آهي. پر ڪڏهن ان پُڙ ۾ پاڻ کي توري ناهي سگهندو، جيڪڏهن ايئن ڪري به ته انصاف وارو پُڙ کيس ڌرتي ۽ پولار جي وچ ۾ هميشه هميشه لاءِ ٽنگي ڇڏي.
سندس وکون آهستي آهستي ناهموار ٿيڻ لڳيون.... زندگيءَ جي رولڙن کيس ناهموار ڪري رکيو آهي..... اڄ هُن لاءِ هڪ نئون اتهاس جنم وٺي رهيو آهي جيڪو پراڻي ۽ هاڻوڪي دور جو جائزو وٺي سگهي ٿو.
سوچ جون ڪڙيون ڪنهن زنجير جيان سندس ذهن ۾ ڳنڍ بيون وڃن......
”اوائلي دور ۾ به ته مرض هئا، مريض هئا، ويڄ هئا، طبيب هئا پر ههڙي نفسانفسي انڌير نگري، ٻيلي نه ڪٿي ٻڌي سون نه ئي ڏٺيسون. جانورن کان وٺي انسان جي کل، گوشت ۽ هڏ جا واپاري، ساڻن کيڏندڙ هي طبيب نه ٿيا جهڙوڪر ڪاسائي، جن انساني عضون جا دڪان کڻي کوليا آهن. فلاڻي جا ڪات ۽ ڪاتيون مڏيون آهن. فلاڻو ڪات ۽ ڪاتيون ٻاهرين ملڪ مان ٺپرائي آيو آهي، فلاڻو نريءَ جو گوشت ماهرانه انداز ۾ ٺاهي ڏيندو آهي. فلاڻو انساني ميڄالو ڪڍڻ ۽ ڪورڻ ۾ Expert آهي، فلاڻو دل جهورڻ جو قابل آهي، فلاڻي وٽ انساني بُڪيون هر ڪٽواليءَ ۾ Freeze ٿيون پيون آهن. هي ڪهڙو مذاق آهي.... انسان ۽ انسانيت جو....!؟“
پاڪيٽ مان سگريٽ ڪڍي دُکائڻ کان پوءِ هڪ وڏو سوٽو سندس اندر ۾ اوتجي ويو، ان ڏيهاڙي فياض ساڻس گڏ هو. اهو مفلس ماستر فياض "Social Values" جو شڪار، ڊڄي ڊڄي ساڻس هلي رهيو هئو، ڪنترون پئي هنيائين ته ڪٿي ڪو ڄاڻو سڃاڻو ڏسي نه وٺي.... ٽيوشنون نه ملنديون.... ڄاڻو سڃاڻو چوندا ته ماستر، ڇاڻي باز آهي، ڪي پنهنجون نياڻيون پڙهائڻ لاءِ چوندو.....ڇا ماستر وٽ جذبا ناهن ڇا؟ ماستر وٽ فطري ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ان کان بهتر ڪو رستو هئو ڇا؟..... کيس پنهنجي جياپي جو پورو حق آهي، جيڪڏهن هو ..... جي حدن ۾ اچي ويو ته ڇا ٿي پيو.... ماڻو ته ٽرين، ڪوچ، بازار، گرلز ڪاليج ۽ اسپتالن کي به..... سمجهندا آهن ۽ اتي ، ان ڪم لاءِ ويندا آهن. ۽ هي گهٽيون ته سماج جي ڇاڻي آهن ... اتي وڃڻ ڇاڻي بازي آهي ته پوءِ پوءِ اها ڇاڻي بازي جائز آهي....پر هت ته اسپتالن جي چيڪ اپ روم کان وٺي وارڊن جي ڊيوٽي رومن کان سواءِ، ليبارٽرين، اسٽورن آفيسن، دڪانن ..... ڪارخانن جي پويان رٽائرنگ رومز ۾ نياڻين جو لڄون پنهنجي پيرن جي کُڙين، ترين سان آڪاش کي بُجا ڏئي رهيون آهن.... ڪائنات جي فطري سرشتي کي لڄائي رهيون آهن....!
وڏيرن، پيرن، مرشدن جون اوطاقون عصمتن جو نيلام ڪنديون هيون، ۽ ڪامورا شاهي ۽ بيوروڪريسي به بليڪ ميلنگ جي آڌار تي عصمتون نيلام ڪري رهي آهي....! مسجدن، مندرن جي رکوالن به ڪا ڪسر ڪونهي ڇڏي... معصوم نياڻين جي لڄن جون صدائون آڪاش کي چيري ڦاڙي ڏاري رهيون آهن.... اهو لقاءُ شروع ٿيو آهي ته معاشرو ڄڻ ابليس جي مُڇ جو گدلو وار بڻجي پيو آهي.... اُف خدايا.... هي ڇا آهي؟ مون کي ڇا ٿي ويو آهي، ڪٿي مان ابنارمل(Abnormal) ته نه ٿي رهيو آهيان.“
پنهنجي نرڙ کي هٿ جي تريءَ سان مهٽي ٿو.... پر سوچن جو حملو دماغ جو کڙڪيون ۽ روشن دان ڊاهي ٽوڙي غالب پوندو وڃينس، چاهي ٿو جيڪر پنهنجي دماغ جي ڪمپيوٽر ۾ ڪو بٽن لڳرائي، جيڪو بند ڪرڻ سان گهٽ ۾ گهٽ ڪجهه ساعت ته سڪون ماڻي سگهي.... نه ته پنهنجي سوچڻ واري ڊسڪ کي دماغ مان ڪڍي روڊ تي اڇلائي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏي. هر وک سان سندس سوچن جو سانگهارو ويتر تيز ٿيندو وڃي. هڪڙيون سوچون ذهن جي کوهه مان ڪڍي ڦٽو ٿو ڪري ته ٻيون ٻوڙ ٿيون ڀربيون اچن.”شائسته! ڪاش تون ڄاڻين ها.... منهنجي بي انتها محبت کي.... پر تون ته منهنجي اهڙي محبت ڏسي خوفزده ٿي وئين.... جنهن جو تنهنجي خواب و خيال ۾ به تصور نه هو، تو ته انسان کي هميشه اُن حالت ۾ ڏٺو هئو جڏهن هو بي وسي ۽ بيماريءَ جي حالت ۾ توهانجي وارڊن جي سالن کان اڻ ڌوتل ڀيانڪ بيڊن تي پگهريو پيو هوندو آهي .... جتي هو توهان جي سهاري موت جهڙي جابر ۽ ظالم هستيءَ سان جنگ جوٽيندو آهي.... پر هارجي ويندو آهي ... اُها هار حقيقت ۾ توهان جي هوندي آهي ڇا ڪاڻ جو اوهين ڊيوٽي رومن ۾ ڪچهرين ۾ مصروف هوندا آهيو ۽ کيس وارڊ بواءِ ۽ وارڊ شوئيپر جي حوالي ڪري ڇڏيندا آهيو، جيڪي انٽراوينس (Intravenous) ڊرپ هڻڻ ۾ ئي کيس ساڻو ڪري ڇڏيندا آهن.
شائسته! توکي شايد ان ڳالهه جو احساس هجي به الائي نه، ته تو جهڙين سندر ڇوڪرين جون باڊي گارڊ اڪثر ڪوجهيون ۽ بي سريون ڇوڪريون ڇو ٿينديون آهن... هو پنهنجي ڪوجهائپ کي لڪائڻ لاءِ ۽ پاڻ وڻائڻ لاءِ تو جهڙين سندرتائن جو سهارو وٺنديون آهن.... جيئن تنهنجي باڊي گارڊ ثمينه ڪيو، ڇاڪاڻ ته وٽن ڪابه خصوصيت ناهي هوندي، پنهنجو پاڻ وڻائڻ جي.... نه اخلاقي، نه سماجي.... اهي جهڙيون ڪوجهيون ٻاهران هونديون آهن، اوهڙيون ئي اندران به... ۽ تو جهڙيون سندر ڇوڪريون جيڪي نادانيءَ ۾ پنهنجو سموريون واڳون سندن حوالي ڪري ڇڏيون، جو توهان پاران اڪثر اهي ئي ڳالهائينديون.... جڏهن توهان ته هڪ گگدام مثل آهيون، جيڪو هميشه ٻئي جي واڳ تي هلندو چُرندو آهي.... توسان به ته ثمينه ايئن ڪيو، تنهنجا ترا ته اصل ۾ ان ڪڍيا، جو تنهنجو رابطو، تنهنجو واسطو اهڙي ڍڳي، ڍڳي نه پر ڍڳوڙ ڊاڪٽر سان ڪرايائين، جيڪو تو جهڙين سُندر ڇوڪرين ي پنهنجي ڪنڌ ۾ پنڃاري وجهڻ ان وڌيڪ گانو يا اڃان به ڪا وڄندڙ ٽلي پسند ڪندا آهن ۽ فخر سان ڪنڌ لوڏي هلندا آهن.
اهڙا ڍڳوڙ ڊاڪٽر توهان جهڙين خوبصورت ڇوڪرين کي پاڻ سا گڏ گهمائڻ ۾ رشڪ ڪندا آهن، جڏهن ته سندن اصل گهر ڌياڻيون، سندن قرب ماڻڻ لاءِ ڪاٺين جي باهه ۽ دونهين تي اکيون مهٽي مهٽي عمر ڳاري ڇڏينديون آهن. اهي ڍڳوڙ ڊاڪٽر، پنهنجي جانورن واري وحشي جبلت ڪاڻ، هر ڪنهن کي ماري مڃائيندا آهن... گوڙ ۽ شور سان هر ڪنهن کي کائي ويندا آهن، ايتري قدر جو پوڙهين ماسين مان به نه مڙندا آهن.“
ڪرڀ ٿي اچيس، ”ڪيڏو نه عظيم پيشو، ڪيڏا نه ڪڌا ڪم“
”شائسته! ڪلهه تنهنجي ڳولا ۾ پيرن ۾ لڦون پئجي ويون هئم.... پلاسٽر جي سخت ضرورت هئم پر شهر جي ڪيترن ئي اسٽوري تان پلاسٽر ڪونه مليو.... ڇا لاءِ ملي؟ پلاسٽر تي ڪهڙي ڪميشن؟ هتي ته هر شيءِ ڪميشن آهي، هر ڪو ڪميشن جو بُکيو آهي، ڊاڪٽرن جي اسٽور وارن سان ٻڌل ڪميشن، X-Rays وارن سان ٻڌل ڪميشن“ الٽرا سائونڊ وارن سان ٻڌل ڪميشن، ليبارٽري وارن سان ٻڌل ڪميشن... هڪ ڊاڪٽر Refer ڪندو ڪنهن ٻئي ڊاڪٽر کي ته اُن جي به ڪميشن... اهو هڪ چڪلپڻو ناهي ته ٻيو ڇاهي؟
مريض وڃي ته ڪيڏانهن وڃي سندس گهر ۽ مال ته لٽجيو وڃي ڪميشن ۾ باقي علاج لاءِ وٽس بچي ڇا ٿو؟ صرف عزت....! ۽ هو ان عزت کي بچائي روز پنهنجي جذبن ۽ احساسن جو لاش کڻي ٿو واپس وري.....!!
ها شائسته! مان به پنهنجي احساسن ۽ جذبن جو لاش کڻي واپس وريو آهيان... توهان جهڙا انسان ڪنهن جي احساسن کي ڪهڙو ڄاڻيندا؟ جن جا پنهنجا احساس گروي رکيل هجن... جيڪي ماڻهو، انساني گوشت چيريندا، ڦاڙيندا، ڪٽيندا ۽ وڍيندا، تن کي ڪهڙو پتو ته انسان ڇا..... سندس روحاني جذبو ۽ طاقت ڇا آهي؟ توهان وٽ ته آپريشن ٿيٽر کان ڊيڊ باڊي رومز تائين جا سمورا مُئل جيئرا انسان رانديڪا آهن“
”شائسته! اڄ جڏهن ته مان تنهنجي زلفن جو ڇانورو چاهيندي به نا اميد ٿي موٽيو آهيان .... ته اندر اڀامي رهيو اٿم.. توکان وڌيڪ ته مونکي ڇانورو ان ٽالهيءَ ۽ ٻير جي وڻن ڏنو، جيڪي تنهنجي ڪمري جي سامهون هئا.. جن هيٺان بيهي مان تنهنجو اوسيئڙو ڪندو هئس.
۽ تنهنجي فيصلي کان پوءِ ..... الائي اڃان به اندر ۾ اطمينان نه اٿم ..... تو جيڪي ڪجه ڪيو آهي يا ڪري رهي آهين، سو سڀ ڪجهه ڄاڻي واڻي ڪري رهي آهين ....... اڄ بار بار اصغر ياد اچي رهيو اٿم ، جيڪو منهنجو تمام پيارو دوست هو .... مون کان هڪ سال سينيئر هو، جڏهن هو يونيورسٽي ڇڏي وڃي رهيا هئا ته اسان کين فيئر ويل پارٽي ڏني هئي. ان روز فائنل جي هر شاگرد جي دل ۾ هڪ وسيع درد هو، اسين پنهنجي ڪيميا گريءَ سان ٻين جي دردن ۽ گهائن جا مرهم ته ٺاهيندا آهيون پر پنهنجي درد دل جو ڪو به مرهم ٺاهي نه سگهندا آهيون. اهو به سڀني جي وڇڙڻ جو ڏينهن هو ..... الوداعي تقريب هئي .... خبر ناهي ڪيڏا هانو ڪوڙين انائن خاطر ڏري رهيا هئا .... هر ڪنهن جي آواز ۾ درد هو .... هر تقرير ۾ اهو درد چغلي کائي رهيو هو .... هر اک پاڻياٺي ٿيو ٿي وئي ......ڪي ته اسٽيج تان لهڻ مهل سڏڪي پيا هئا.... ان ڏيهاڙي ان پارٽي جي ختم ٿيڻ کان پوءِ اصغر ڪافي ڪلاڪ مون سان رليو هو. جڏهن ڪافي ٿڪجي پڳا هئا سين ته سنڌالاجي جي ڪشادي پارڪ ۾ ساڻا ٿي ڪريا هئا سين، اصغر مهه جبين جو چريو ديوانو عاشق هو ..... پر مهه جبين کيس ڪوڙين رسمن، رواجن ۽ هٿ ٺوڪيل فضول مفادن جي آڌار تي هميشه لاءِ ٺڪرائي ڇڏيو هو. هن لائيف پارٽنر لاءِ هڪ پوڙهي گنجي ، ٻٽيهي نڪتل بيورو ڪريٽ جو انتخاب ڪيو هو . ان ڏينهن اصغر جو سارو وجود درد ۾ سراپجي ويو هو . الائي ڇا ڇا پئي ڳالهايائين ...... ائين پئي لڳو ڄڻ ته هو پنهنجي من ۾ متل ڪربلا جي مصائب پڙهي رهيو هو ......
مونکي چيو هئائين ”ڏس مهه جبين مونکي ٺڪرايو آهي، نوجوان آهيان، خوبصورت آهيان، طاقتور آهيان، باشعور آهيان، پوءِ به هن منهنجي ۽ پنهنجي جذبن ۽ احساسن کي دولت جي عيوض گروي رکي ڇڏيو ...... ڏسجانءِ جڏهن اهو بيوروڪريٽ پوڙهو پنهنجي ٻٽيهي لاهي ميز تي رکي، مٿس ليٿڙيون پائيندو، پوءِ کيس احساس ٿيندو ته، هاءِ اصغر مون تو کي ڇو ڇڏيو .... ڪاش مان پيار سان ٽٻٽار جواني ۽ طاقت مان لطف اندوز ٿيان ها !“
ڇا واقعي ، شائسته ! پئسو ، دولت ۽ مفاد ماڻهو کي مطمئن ڪري سگهندا آهن؟ سندن جذبن ۽ احساسن کي ماٺو ڪري سگهندا آهن ؟ نه ، شائسته نه .... ! جيڪر ائين هجي ها ته هاءِ اسٽينڊرڊ فيمليز جون اڌ پوڙهيون ۽ جوان ڇوڪريون .. جام جي نشي ۾ الوٽ ٿي پنهنجي مرسڊيز ڪارن ۾ ڪشادن روڊن تي نڪري نوجوان ڇوڪرن جي تلاش ۾ ڀٽڪنديون نه وتن ها ۽ نه وري پنهنجي گهر جي ڪچي عمر وارن نوڪرن سان پنهنجي ضرورتن کي ماٺو ڪن ها..... شائسته جذبن ۽ احساسن جو نيلام ڏاڍو ڏکيو آهي ..... خبر ناهي ڇو ماڻهن لاءِ ايڏو سولو ٿي پيو آهي، ...... صرف ان لاءِ جو شروع کان آخر تائين جي تعليم ۽ تربيت مفادن جي بنياد تي ڪئي ٿي وڃي .... انسانيت جو درس ڪنهن به اداري ، ڪنهن به درسگاه ۾ ناهي رهيو .... ڀل ڪيڏو به مفادن ۽ دولت جي جاکوڙ جو درس ڏنو وڃي ، پر شائسته اندر ۾ لڪل فطري انسان جا جذبا ڪڏهن به لڪي نه سگهندا، اهي ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ ضرور رونما ٿيندا ، سر عام نوڙين تي سڪندي يا ڪنهن بند ڪمري جي تاريڪي ۾ لڪندي ....!
شائسته ! تو لاءِ هڪ طرف تنهنجي تربيت ۾ مفاد هئا ۽ ٻئي طرف تنهنجي اندر جي سچائي ، جنهن مونکي پهرين ئي نظر ۾ پنهنجائپ جو احساس ڏياريو هو، لڳو ائين پئي ته ڄڻ تو مون کان ڪجه گهريو پئي، ڪو تحفظ، ڪو خلوص يا اڃان به پنهنجي سندرتا جو جياپو ..... پر تون نادانيءَ ۾ اهڙي ڍڳوڙ ڊاڪٽر جي ڳچيءَ جو ڳانو بڻجي پئي هئين جنهن کي لاهڻ منهنجي وس جي ڳالهه نه هئي... مڃان ٿو مان بزدل هئس، مان تنهنجيءَ بقا خاطر، ان ڍڳوڙ جي سڱن سان پنهنجو پيٽ ڦاڙائڻ نه ٿي چاهيو... ۽ جيڪڏهن سٽ ڏئي مان ڳانو ڇِني به وجهان ها ته تون ٽڪر ٽڪر ٿي وڃين ها، تنهنجي سُندرتا تي ڳنڍين جو جا داغ لڳي وڃن ها..... تنهنجي سُندرتا جهُري پوي ها... ۽ مون ڪڏهن به اِهو نه ٿي چاهيو، ان ڪري تنهنجي ڪوس گهر واري دنيا کان خاموش خاموش ڏور نڪري آيس..... مون کي توهان جي ان دنيا ڏنو ئي ڇاهي، جنهن کي توهان محبتن جو ديش ڪوٺيو ٿا.... مونکي سُندرتائن جلاوطن ڪيو يا ڪرايو آهي.... مان توهان جي محبتن جي ديش من جلاوطن ضرور آهيان پر ياد رک تون پنهنجي دل جي ڌرتيءَ تان مونکي ڪهن به جلاوطن ڪري نه سگهندينءَ.
ها شائسته! اهو ئي سچ آهي.....!!“
هلندي هلندي سندس وِکن کي اطمينان اچي ويو..... محبتن جي ديش مان جلاوطن شخص، وارن روڊ تان هلندو تمام ڏور نڪري ويو..... پنهنجي دل کي دنيا جي دغائن تي ڪمپرومائيز ڪرائڻ لاءِ......