آئوٽ – بئڪ
ڇا ته سندس جواني ھئي، جھڙو ھئس قد بُت، اوڏو ئي ھمراھ سگھارو ھو، ويتر وري سندس ويڪري منھن تي نقش ايئن کلي بيھندا ھئا، جيئن ڪاشي جي ٿانون تي چٽسالي . . . . . . کليل ڪشادي پيشاني، ڪاريون گھاٽيون ڀروئون، وڏيون اکين ۽ مٿن جھڙالا ڇپر، ڳاڙھا ڳٽول ڳِٽا ۽ گلابي ناسي چپ، موتين جھڙا ڏند. مُرڪندو ھو ته ڄڻ ڪائنات پئي مُرڪندي ھئي، سندس ھلڪي گلابي ڪڻڪي، منھن تي، ساول مائل ڏاڙھي ايئن نکري بيھندي ھئي، جيئن ڪڻڪ جي لوڻيل فصل ۾ انٽر ڪراپ ڪيل برسيم جا تازا ڄاول ھلڪا ساوا سلا .
سانوڻ جي صورت ۾ ئي سونھن نه ھئي پر ھو ته سيرت ۾ به پنھنجو مٽ پاڻ ھو . . . . ٻار، ننڍا وڏا سڀ کيس چاھيندا ھئا . .. .پاڙي ۾ ڪنھن تي به اوکي ويل ايندي ھئي ته سانوڻ بنا دير ۽ بنا چوڻ آکڻ جي رسي ويندو ھو، ڪنھن جو ٻار پرچائڻ، ته ڪنھن جو سيڌو سامان وٺي اچڻ، مطلب ته ھمراھ جي وات ۾ نه ڪرڻ واري زبان ڪونه ھئي.
اڄ سندس جوانيءَ جي موت تي، سمورن پاڙي وارن ۾ روڄ ھو، نه صرف ٻارن، پوڙھن ۾ پر نوجوانن ۽ زائفائن ۾ پڻ روڄ ڪاھجي پيو ھو، خاص ڪري پاڙي جي سامايل ڇوڪرين جون ھانءُ تي ڏريو، جيڪي شام جو پنھنجي گھرن جي درن ۽ درين مان چير ڪري کيس تڪينديون ھيون جنھن پل سانوڻ، ڀرت ڀريل پھراڻ پائي اچي گھٽيءَ جي چوڪ تي بيھي پاڻ جيڏن سان ڏينھوڪيون پچارون ڪندو ھو. ۽ وري ان لمحي، ساڳيو چوواٽو پڻ اداس لڳندو ھو جنھن شام، سانوڻ نه ايندو ھو . . . . چوواٽو ته ڇا پر درن ۽ درين جي چيرن ۾ پاتل ليئا پڻ اداس ھوندا ھئا، اڄ اھو چوواٽي ۽ درن ۽ درين جا چير پڻ روئڻھارڪا ھئا.
پر مائي گلزار جي اکين مان ھڪ به ڳوڙھو ڪونه ٽميو ھو، ھو مسلسل خاموشي جي خول ۾ وڪوڙي پئي ھئي. سندس خشڪ ۽ ڦوٽاريل ڏوڏا، خبر ناھي ڪٿي کُپي ويا ھئا . . . جو نه ٿي، سندس اکيون ڇنڀيون نه ٿي وسيون.
سانوڻ جو لاش وھنجاري سنوارجي، ورانڊي ۾ رکيو ويو، سندس منھن، ڪفن جي اڇاڻ ۾ ويتر بکي رھيو ھو ، ڄڻ ته ھو اڇي چادر اوڍي ننڊ ۾ مُرڪي رھيو ھو، جنھن تي کيس ڏٺو، کانئس اوڇنگار ٿي نڪري ويئي، رھندو ضائفان جي پارن، سانوڻ جي موت کي ٿي لڄايو . . . .
ساران ته پنھنجا بُڇڙا حال ڪري رکيا ھئا، ساران جيڪا ٻاروتڻ کان وٺي ساڻس ڪُڏي ھئي، ساڻس رُني ۽ کلي ھئي، ڪاوڙي ۽ پرتي ھئي . . . ان ڪري ئي ھو ٻئي ڀيڻ ڀاءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا ھئا،
ساران جيستائين، سامائي نه ھئي ته سانوڻ کي ڀاءَ ڪوٺيندي ھئي . . . .پر جڏھن سندس جذبا جوان ٿيا ته، سندس اندر کيس دوکو ڏيئي ويٺو، سندس ھينئون سانوڻ لاءِ ڌڙڪڻ لڳو، سندس من به سانوڻ جي سونھن تي موھجي پيو، ھُن گھڻو ئي چاھيو ۽ روڪيو پر پاڳل مَن مڃڻ کان قاصر ھئس . . . . پر اھا ڳالھه ڪنھن ٻئي ته ڇا پر سانوڻ جي ڪنن تي به ڪانه رسي . . . ساران اھا ڳالھه سانوڻ جي ڪنن تائين رسڻ به ڪانه ڏني، ان ڪري متان سانوڻ ساڻس رُسي نه وڃي، تنھن ڪري کيس ھو ڀاءَ ڪوٺي، سندس ڀرسان رھندي ھئي. مسخري مذاق ڪندي ھئي ساڻس رُسندي پرچندي ھئي ساڻس فرمائشون ڪندي ھئي، ڪڏھن سُرخي جي ته، ڪڏھن لالي جي، ڪڏھن ڪجل جي ته ڪڏھن پائوڊر جي، ڪڏھن چوڙين جي ته ڪڏھن وري ايرينگن جي، ۽ جڏھن سانوڻ کيس اھي شيون آڻي ڏيندو ھو ته ڏاڍو خوش ٿيندي ھئي. ۽ جلدي سڀڪجھه پائي، وٽس ايندي ھئي،
”سانوڻ ڪيئن ٿي لڳان ؟“
سانوڻ کيس مُرڪي چوندو ھو ته ”صفا شھزادي . . . . لڳي ٿو ھاڻ تولاءِ ڪو شھزادو به آڻڻو پوندو . . . . . !!“
ساران جو اندر ٽٽي پوندو ھو. ھوءَ اِھو چئي ڪونه سگھندي ھئي ته، ”سانوڻ! منھنجو شھزادو ته تون آھين.“ بس پوءِ ھُوءَ اداس ٿي ھلي ويندي ھئي ۽ ”سانوڻ اھو سمجھي ته ”شرمائي وئي.“ وڏا ٽھڪ ڏيندو ھو . . . . .
ساران، بُڇڙن حالن ۾ ھر ھر سانوڻ جي لاش مٿان آئي ۽ اوڇنگارون ڏئي ٿي رُني. سندس اکين مان ڄڻ ساوڻ وسي پيو ھو ۽ سندس اندر ۾ مانڌاڻ مچي پيو ھو.
سانوڻ جو لاش جنھن پل کنيائون ته محشر مچي ويو. ساران رڙيون ڪري چيو، ”سانوڻ کي نه کڻو، مونکي ڏسڻ ڏيو، مان رُٺل کي پرچائيندس. ڏسو نه ٿا ته سندس پيٽ مان اڃان پيو رت وھي، ترسو ته مان سندس رت اگھان.“ ھو رئي جو پلاند ھٿ ۾ ڪري سانوڻ ڏي وڌي. ضائفان جھلي کيس پري ڪيو.
”امڙ ائين ناھي ڪبو . . . .“
”پر ڇڏيو ته، مان سانوڻ جي پيٽ تان رت ته اگھان .“
اھي لفظ نه ھئا ڄڻ ته ڀالا ھئا، جيڪي ھر ڪنھن جي سيني ۾ لھندا ويا، ۽ سڏڪن جا پڙاڏا، گھرجي چو ديواريءَ ۾ گونجڻ لڳا. اھي لفظ مائي گلزار جي سيني ۾ پڻ لھي ويا، ھُن سانوڻ کي ڏٺو سندس ڪفن کي ڏٺائين، پيٽ واري جاءِ تي رت جو گھرو ڌٻو ڏٺائين، ھوءَ سڏڪي پئي، ”سانوڻ ٻچا! ڪجھه ته ڳالھاءِ، ڪا ته رڙ ڪر، ته مان توکي ڇاتيءَ لائيان.“
ھوءَ مسلسل سُڏڪندي رھي، کيس پنھنجن سڏڪن ۾ سانوڻ جون ”اوئان . . .اوئان“ جون رڙيون ٻڌجڻ لڳيون، جيڪي ھُن اڄ کان ارڙھن سال اڳ، رات جي ڪاراڻ ۾ ٻڌيون ھيون، ان لمحي سانوڻ جي ڪپيل نڙي جو رت به اڃان ڪونه مڙيو ھو. ۽ سانوڻ قبر جي ساھمي بدران مٽيءَ جي ڳتيل تھه ۾ دٻجڻ وارو ھو. ان وقت مائي گلزار جڏھن پنھنجي ڦوھ جوانيءَ ۾ ھئي، عمر جي ايڏي وڏي به ڪونه ھئي، پر پوءِ به پُختي ۽ تجربيڪار مائي ڀائبي ھئي، سندس گھر وارو چوڪيداري ڪندو ھو، رات جو جاڳندو ۽ ڏينھن جو سمھندو ھو، ان ڪري گلزار ڄڻ ته پاڻ کي اڪيلو ڀائيندي ھئي. سندس پيٽ ۾ ويندڙ ڪڻڪ جو ھر لولو، سندس جذبن ۾ ولولو پيدا ڪري رکندو ھو. ھوءَ اوجاڳيل مڙس جي اوجاڳيل ۽ ٿڪل جذبن سان پنھنجي جاڳيل جذبن کي سمھاري ڪونه سگھندي ھئي. ان ڪري موقعا وٺي، پئي مٿن ڇنڊو ھڻندي ھئي، ھونئن ته سندس گھڻا يار ھئا پر وريام سان سندس پيڇ پيل ھو. وريام ئي ته ھو جيڪو سندس جذبن کي ساڻو ڪري رکندو ھو، تڏھن ئي سندس جذبا ننڊاکڙا ٿي ڪجھه سمي لاءِ سمھي سگھندا ھئا. ان ڪري ھڪ نه ٻئي ڏينھن ھوءَ وٽس ويندي ھئي ۽ رات جو پوئين پھر مڙس جي گھر ورڻ کان اڳ، اچي گھر رسندي ھئي.
ان رات به ھوءَ وريام وٽان موٽي ھئي، پنھنجي ساڳئي گس تان، جتان کيس ھڪ قبرستان، گس ۾ پوندو ھو. شھر جي وچ ۾ اھوئي ھڪ قبرستان ھو، جيڪو زمين جي ننڍڙي ٽُڪر ۾ ڳتيل ھو، جنھن جون ڪجھه قبرون زمين جي پيٽ واريون حدون ڀڃي ھڪ ديواريءَ کان اڌ ٻاھر نڪري رستي ڏانھن منھڙ ڪيو پيون رستي ويندڙن کي تڪينديون ھيون، قبرستان ۾ ڪجھه گھاٽا کٻڙ ھئا، جن جو ڇانورو ڪجھه قبرن تي پوندو ھو . . .. . قبرستان جي ڀرسان ھڪ ڪنڊ کان ويران مندر ۽ شمشان گھاٽ ھو، جتي ڪو ورلي ڏيئو ٻرندو ۽ وسامندو ھو.
ان رات گلزار حيرت ۾ پئجي وئي ھئي ته، ته ويران مندر جنھن جو ڪو اوھي نه واھي ، خاموش قبرستان جتي نڪو ساھ وارو، نه ڪو مجاور . . . . .!! اتي ٻار جو رڙيون. . . . . !!؟
ھو خوف ۾ سراپجي وئي، کن پل لاءِ موٽ کائڻ جو سوچي بيھي رھي ھئي. سندس سمورا ڏوھ ان ٻار جي رڙين جيان رڙڻ لڳا ھئا. کيس ڊيڄارڻ لڳا ھئا، پر پوءِ گھر ورڻ جو سوچي ھُن طئه ڪيو ھو ته اڳ پوءِ اتان ئي ھلڻو آھي، پوءِ ڇو نه اڄ ھلجي . . . . ھوءَ، وڌي قبرستان جي ھڪ ديوار ٽپي قبرستان کي پاسيري ٿي، جيئن ئي ھوءَ قبرستان جي ويران منظر کي وائکو ڏسڻ لڳي، تيئن سندس ڪنن ۾ ڪنھن ٻار جو رڙيون تکيون گونجڻ لڳيون. ھو ڪنڊ ۾ بيٺل کبڙ جي اوٽ ۾ ڇپي بيھي رھي، ۽ ٻڌجندڙ رڙين جي پڙاڏي ۾ ٻار جو وجود ڳولڻ لڳي. نظرون ڦيرائيندي اوچتو سندس جسم مان سيسراٽيون نڪري ويون، وريام وٽان موٽڻ کان پوءِ سندس ساڻو ٿيل جسم خوف ۾ سيٽجي ويو. قبرستان جي وچ ۾، بتي جي روشني تي ھڪ تازو ڄاول ٻار رڙيون ڪري رھيو ھو.
”اوئان . . . .اوئان، او امان . . . . او امان. . . . “
پر سندس ماءُ جي سڪل ڇاتين ۾ رحم جو ڪو گوھو نه ھو، جو مٿس ٻار تي ڪھل اچي، سندس ماءُ جون سُڪل ڇاتيون ڇڇڙن جيان بتي جي روشنيءَ کان شرمسار ٿي ترڪڻ لڳيون ۽ سندس چنبا ڪوڏر جي ڳن ۾ سوگھا ٿي ويا، ان کان اڳ جو ڪوڏر جو لپو معصوم جي دانھن کي دسي وجھي. مائي گلزار ھڪل ڪري چيو، ”بيھو، نه ويندو.“
گلزار جي ھڪل تي سندس، نالائق ۽ ناجائز ماءُ پيءُ خوف کان ڪتي واري لُوھ ڪري ڀڳا، ۽ اونده ۾ گم ٿي ويا،
ھو تڪڙي ٻار ڏانھن وڌي آئي ۽ کيس سيني لاٿائين.
”منھنجا ٻچا، تنھنجي امڙ توتان صدقي.“
انھن لفظن ۾ ڪائنات جي سموري ممتا، ٻار جي ڇانئجي وئي، ھو چُپ ٿي ويو. ٻار جي ماٺ سان ئي گلزار جا وڦليل جذبا ھميشه لاءِ ٿانيڪا ٿي ويا. ھوءَ مڪمل ماءُ بڻجي پئي، ڪائنات جي ماءُ، جنھن جي فطرت معصوميت کي جھالت ۽ گناھ جي قبر ۾ جيئرو دفن ٿيڻ کان بچائي ورتو . . . . سندس ڪوجھو جسم، مجسمه مريم بڻجي پيو، سندس پٽيل ۽ لٻيل ڇاتيون عرش معلى جا گنبڊ بڻجي پيا . . . . ان لمحي ڌرتي ماءُ کي به مائي گلزار تي رشڪ اچڻ لڳو، جيڪا معصوميت کي پنھنجي سيني ۾ سانڍڻ جي خوف کان ڏري ۽ جھري رھي ھئي.
مائي گلزار، سانوڻ کي کڻي گھر آئي، سندس تازي ڪپيل ناڙي جي وھيل رت کي صاف ڪري مٿس پھو رکيائين، ڄڻ ته ھن، سنسار جي ھر زخم مان وھيل رت تي مرھم رکي ڇڏيو . . . . کيس پنھنجي ھنج ۾ لوليون ڏئي سمهاريائين، جيئن رات جي ديوي ھر ذي روح کي سڪون جي ننڊ ڪرائيندي آھي. کيس فطري انداز ۾ پالي نپائي وڏو ڪيائين جيئن قدرت ھڪ گھرڙي کان تڪميل انسان تائين، حياتي کي پالي نپائي وڏو ڪيو.
سانوڻ جيئن جيئن وڏو ٿيندو ويو، منجھس معصوميت ۽ فطرت ٻھڪڻ لڳي . . . . . سندس اخلاق ۽ رويو سراپا فطرت ھو، پر شايد فطرت ۽ معصوميت، ھن شيطان نگريءَ ۾ گھڻو جٽاءُ ڪري ناھي سگھندي، ان ڪري سانوڻ به ڪوجھي موت جي وڙ چڙھي ويو، ۽ مائي گلزار کيس پڪاريندي رھي.
”ٻچا سانوڻ ڳالھاءِ ته مان توکي ڇاتيءَ لائيان.“
پر ھو، ڪُڇيو نه ڪي رڙيو، نه وري ”اوئان. . . . .اوئان . . . . او امان او امان . . . . .“ ورجايائين. شايد ان ڪري جو اڄ سندس ڌرتي ماءُ، فخر سان کيس پنھنجي ڇاتي ۾ سلھاڙڻ لاءِ آتي ھئي، جيڪا اک کيس پنھنجي سيني ۾ سانڍڻ جي خوف کان جُھري ۽ ڏري رھي ھئي.