اندرَ اور
ننڍڙائپ ۾ ڪٿي پڙهيو هئم ته وڏو ليکڪ ٿيڻ لاءِ ” ويلڊنگ “ سکڻ ضروري آهي، جيئن مختلف خيالن ۽ جملن کي ڳنڍي سهڻي تحرير ٺاهي سگهجي. ٻئي ڏينهن ويلڊنگ مستريءَ وٽ ويو هئس، هو ڪنهن ٽريڪٽر ڊرائيور لاءِ ٽراليءَ جي ويلڊنگ ڪري رهيو هئو، مون غور سان ڏٺو هو ته مستري T.R پٽي کي ٽراليءَ جي ٺهيل خاڪي تي سيٽنگ سان رکي، ويلڊنگ مشين ۾ راڊ وجهي، اکين اڳيان شيشي جو سيفٽي ماسڪ ڏئي، ويلڊنگ ڪري رهيو هو.
مون ڪتاب ۽ ٽراليءَ کي ڀيٽائي ڏٺو، جن ۾ ڏينهن رات جو فرق هو، مون کي مٿيون جملو ته سمجهه ۾ نه آيو هو پر ان رات اکيون ڳاڙهيون ٿي سُڄي ويون هيون، ان رات اکيون هوندي به مان ڪجھ ڏسي نه سگھيو هئس، ان الميي اڳتي هلي ” انڌيري رات ۾ صحرا جو سفر“ لکڻ تي مجبور ڪيو.
شعور جي منزل تي پهچي مون اها ”ادبي ويلڊنگ“ ته سکي ورتي پر ”وڏو ليکڪ“ ٿيڻ واري ڳالهه وقت جي ڌڌڙ ۾ گم ٿي وئي.
اڪثر ماڻهو ”ننڍڙي ڳالهه“ سمجهي وڏا وڏا هاڃا ڪري وجهندا آهن، کين اها به خبر نه هوندي آهي ته ننڍڙي ماچيس جي تيلي ڪکاوان ويڙهن جا ويڙها جلائي سگهي ٿي. پوءِ به اها غلطي ”آدم“ هر دور ۾ ڪندو آيو آهي، ان ”ننڍڙي ڳالهه“ جا پيروڪار انفرادي ٿي سگهن ٿا ته اجتمائي به. منهنجي عقيدي موجب اها ”ننڍڙي غلطي“ بغداد جي ماڻهن کان به ٿي هئي. بغداد جي مرڪزي ٿاڻي ”باب خراسان“ جي ڪال ڪوٺڙيءَ جي داروغي ”النشار“ جي حيرت جو ڪاٿو، ان وقت لڳائڻ مشڪل هو جڏهن هن ڪفر جي تهمت هيٺ آيل منصور کي عبادت ڪندي ڏٺو هو. چيو هئائينس، ”تون ڪافر، ملحد، خدائي جي دعوى ڪندڙ پاڻ عبادت ڇو ٿو ڪرين؟!“
منصور وراڻيو هو، ”اسان پنهنجو قدر پاڻ ڄاڻون ٿا!“
منصور جو نعرو ته ”انا الحق“ هو ۽ ان جي معني ۽ مفهوم آهي، ” مان نه آهيان، حق آهي!“
”النشار“ کان وڌيڪ حيرت ۾ مان پيو هئس، جڏهن منصور جي سوانح پڙهي هئم.
فطرت هميشه مون کي موهيو آهي، اونهاري ۾ شام ويلي سر سبز ٻنين ۾ بيٺل سارين جي فصل جو اوٻر به مونکي ايترو ته عزيز آهي، جيترو ڪنهن بهار ۾ ٽڙندڙ گل. هونئن به موسمن تي ڀاڙڻ اجايو آهي، ڪنهن کي ماڻڻ لاءِ بهارن جو انتظار ڪيسين ڪجي!؟ اصل ڳالهه ”دل جي موسم“ جي هوندي آهي.
اسڪول لائيف ۾ جڏهن ڀر واري ڳوٺ جي هاءِ اسڪول ۾ ويو هئس، هڪ ڏينهن رستي تي ڪنهن مونکان منهنجو نالو پڇيو هو، منهنجي ٻڌائڻ تي نعرا هئڻ شروع ڪيا هئائين، منهنجي نظر ڳوٺ جي گهرن جي ڀتين تي لڳل اَلمن کان ٿيندي آڪاش تائين پهتي هئي، ان وقت مون لاءِ اها ڳجهارت هئي پر هينئر مون محسوس ڪيو آهي ته ”جيسين غلام، غلام آهي، تيسين حاڪم به قيد ۾ آهي“. ڇو جو ”ايلچي“ ئي ”سڪندر“ هوندو آهي.
مون وٽ ڪهاڻي صرف پڙهندڙ کي مصيبتن ۽ لفظن جي ڄار ۾ ڦاسائڻ جو نالو ناهي! ڪهاڻي مون وٽ ”اڪيلائي جي ٽهڪ“ مثل آهي، جتي پڙهندڙ جي گهوريندڙ اکين ۽ خشڪيل چپن تي مرڪن جا پوپٽ ظاهر ٿيڻ گهرجن، اهوئي سبب آهي جو مان ڪهاڻين جي بندوقن ۾ جملن جا ڪارتوس به ڇوڙيندو آهيان، جن ۾ فقط توتڙ ڀريل هوندا آهن.
رومانس تي تمام گهڻو لکيو ويو آهي، هاڻي تبديليءَ جي اشد ضرورت آهي، موضوعن جي وشال آڪاس ۾ اڏامڻ گهرجي. منهنجي ڪهاڻين جو محور فقط پيار ناهي، منهنجي ڪهاڻين جا ڪردار راهه ويندڙ وينگس پٺيان ڇيلڙي جيان ناهن لڳي پوندا.
مون پنهنجي ڪهاڻين ۾ ڪٿي به پاڻ کي ”ليکڪ“ ڏيکارڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي، توڻي جو منهنجي ڪهاڻين جا ڪردار ٻنيءَ مان گاهه ڪڍڻ کان وٺي خلا ۾ اڏامڻ تائين آزاد آهن، پوءِ به اڄ تائين مون پاڻ کي هڪ سٺو پاٺڪ ئي محسوس ڪيو آهي، سٺو پڙهڻ جو جنون اڄ به منهنجي رڳن ۾ ڊوڙي پيو، جو دل اڄ به ڪيترن ئي اڻلڀ ڪتابن لاءِ پئي سٽون کائي.
اڄڪلهه ”عجيب“ ڪهاڻيون لکيون پيون وڃن، جن ۾ فقط ذهني خلفشار وکريل هوندو آهي، يا ائين کڻي سمجهو ته ڪنهن چينل شروع ٿيڻ کان اڳ ٽي وي اسڪرين جا ترورا، اهڙيون ته لاشعوري خيالن جون لٺيون وهائي ڪڍندا جو پڙهندڙ کي خبر ئي نه پوندي ته ڪهاڻي ڪٿان شروع ٿي ۽ ڪٿي ختم ٿي وئي! ٻڌايو ته اهڙي باهوڙيل، وسوڙيل ۽ بتاڙيل لکڻي پڙهندڙ ڪيئن پڙهي؟ تجريد ۽ علامت ته پري پر پاٺڪ ڪڏهن ڪڏهن ويٺو استعمال ٿيل استعاري تي سوچيندو، اهڙي ماحول ۾ جڏهن پڙهندڙ آڏو سمورو ڪتاب علامتي ڪهاڻين ۽ تجريدي مام جي ڪپڙي ۾ وڪوڙيل پيش ڪجي ته پڙهندڙ ٻئي هٿ مٿي کي نه ڏيندو ته ڇا ڪندو!؟
”چنڊ پيرن هيٺ“ منهنجي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو آهي، جيڪو اوهان جي قدردان هٿن ۾ آهي، بقول طارق قريشيءَ ته ”هي منهنجا تجربا آهن“ ۽ اهي تجربا مان 1998ع کان ڪندو پيو اچان. امر جليل پڙهڻ کان پوءِ اتساهه پيدا ٿيو، پوءِ طارق قريشي، نور الهدي شاهه، طارق اشرف، نسيم کرل ۽ ٻيا پڙهيا،پر طارق قريشي جي مستقبليه ڪهاڻين اهڙيون ڪهاڻيون لکڻ لاءِ اتساهيو ۽ پوءِ اهو ادبي سفر اوهان آڏو آهي.
اوهان سان اندر اورڻ لاءِ اڃا دل گهري پئي پر ان کان اڳ جو اونداهي اندر ۾ ڪاهي پئي، منزل ڌنڌ پاڇن ۾ گم ٿي وڃي، رنگ فرش تي هارجي وڃن ۽ ڪينواس ڪورو رهجي وڃي، دلين جي روح رهاڻ ۾ ريٽيل هيءَ اندر اورَِ دوستن جي نالن سان ”ٻيءَ وک“ تائين ماٺي رکان ٿو.
آخر ۾ انهن دوستن جا نانءَ ضرور ڳڻائيندس جن مونکي هن منزل تي رسائڻ ۾ همٿايو، جن ادبي دوست ۾ استاد اياز حسين ابڙو، رياضت ٻرڙو، سعيد سومرو، فيض گل، ”ڀائو درمحمد ٻرڙو، ديدار ”ديوانو“، نورالحق، سيف الحق سيف، قمر الدين قمر، نادر ڪوريجو، گلزار جوڻيجو، جانزيب، سائين بخش قبولائي ۽ مرحوم غلام مصطفي ڦرڙو (جنهن جا خط مون لاءِ فخر جو باعث آهن)، شامل آهن ۽ ذاتي دوستن ۾ رفيق احمد نائچ، منظور علي ڪنڀر، نظير ڪوريجو، (ڊاڪٽر پروفائيل، ) ارشاد ڪوريجو، عبدالجبار ابڙو، عبدلسلام جوڻيجو، نوشاد ڪوريجو، ناصر کوکر، ضمير گوپانگ، احمد نوازکوسو ۽ ٻيا کوڙ سارا ساٿي.
مان نهايت مشڪور آهيان ”سنڌ جي سند باد“ الطاف شيخ صاحب جو، جن مصروفيتن باوجود بئڪ ٽائيٽل لکي ڏنو. طارق قريشي صاحب جن جا به وڙ، جن مهاڳ لکي ڏيڻ جي عنايت ڪئي ۽ سا به پنهنجائپ سان ۽ هي خاڪسار مشڪور آهي، اداري ڪنول پبليڪشن قنبر جو، جن مجموعو ڇپائي اوهان جي هٿن تائين پڄايو.
ادب جو شاگرد
عباس ڪوريجو