ڪھاڻيون

چنڊ پيرن هيٺ

عباس جي ڪهاڻين ۾ ٻوليءَ جي حسناڪي انوکي اوج تي آهي. ٻهراڙڪو ڊڪشن هجي يا مستقبليه ٻولي – هن هر طرح سان ٻوليءَ ۾ تخليقي عمل ذريعي انيڪ رنگ ڀريا آهن.
”ڪن ڪهاڻين ۾ روايتي ٽيڪنڪ هوندي به ڪردارنگاري، علامتي انداز، جملي بازي ۽ سسپينس موهيندڙ آهي. غلام عباس ڪوريجو جي ائين ئي فنڪاراڻا جنون جي وهڪ ۾ روان دوان رهيو ته نئين تناظر ۾ لکيل انوکي لاڙي وارن ڪهاڻي لکندڙن ۾ اوس اڀري ايندو.“
Title Cover of book چنڊ پيرن هيٺ

معصوم محبت

معصوم محبت
آئيني ۾ پنهنجي منهن مبارڪ جي تصوير مبارڪ ڏٺم،پهرين ته ائين ئي ڏٺم، وري اکيون کولي چتائي ڏٺم. ”ٺيڪ ته آهيان!“ ٻه ڪن، ٻه ڀرون، ٻه چپ، ٻه نڪ (ٻه نه نه، هڪ) هڪ نرڙ. وري وات ڦاڙي زبان ڏٺم، ”ٺيڪ ته آهي!“ بس رڳو لفظن جي ڏاڪڻ تي لهندي چڙهندي گھڻو آهي. وري ڏند ڏٺم، ”ٿورو رڳو سينوارجي ويا آهن ته بس!“ وري گھوري اکيون ڏٺم، ڦڪاڻ محسوس ٿي، چپيون اگھي وري چتائي ڏٺم، ڇا نه سهڻيون اکيون آهن منهنجون، جيڪڏهن ليڊي ڊائنا کي هجن ها ته وصيعت ڪري وڃي ها ته ڪڍي عجائب گھر ۾ رکجو!“ نرڙ کان مٿي بگن وارن جي چڳ ۾ چتائي ڏٺم، بس ٿورڙو ڦاڙ هيو، مامي جي باغ ۾ ڄمون پٽيندي ڏار تان ڪري پيو هئس، پنج ٽاڪا مس لڳا هئا.
مٿو منهنجو اهڙو گول آهي جھڙو ٻٽالو، بس امان جلديءَ ۾ اهڙو ئي وهاريو هئو. وري آئيني کي پوئين پاسي ورائي ڏٺم، پاڻ کي ڏسڻ ۾ نه آيس پر ايتري پڪ هئي ته ساڳيو هوندس. امان به جڏهن موڊ ۾ هوندي آهي ته چوندي آهي، ”تون منهنجو چوٽيهه لکڻو پٽ آهين، اڃا ٻه لکڻا کٽل اٿئي، ڇٽيهه لکڻو نه ٿيو آهين، جڏهن ڇٽيهه لکڻو ٿئين ته پوءِ شادي ڪرائيندي مانءِ!“
هڪ دفعو وري منهن مبارڪ چتائي ڏٺم اندر مان آواز آيو، ”اهڙو سهڻو ۽ سيبتو مهانڊو ته صدين ۾ ڪنهن صدوريءَ ماءُ وٽ ڄمندو آهي.“
پوءِ اڄ ڇو هُن ڏيڏر جي ڌيءُ مون کي چيو ته آئيني ۾ پنهنجو ٻوٿ ڏٺو اٿئي!؟“ پڻس جو مهانڊو به وڏي چٻري جھڙو، رنگ صفا ڏيڏر جھڙو، ان ڪري ته مان هُن کي ڏيڏر جي ڌيءُ چوندو آهيان.
اڄ ماما جي باغ اڳيان ڪجهه ٻار نم مان نميريون پٽي کائي رهيا هئا ته ڪجهه ٻار واهه ۾ بيٺل پاڻيءَ جا ڇانڊارا هڻي” هيٻو لالا هيٻو“ڪري رهيا هئا، واهه جي پرينءَ ڀڪ تان جت اٺن جو وڏو ولر ڪاهي وڃي رهيا هئا، مان اٺن کي ڏسي چئي رهيو هئس، ” اٺ ماما گوگڙو سائو لڪڙ ڀڃي ڏي.“ ته ڏيڏر جي ڌيءَ چيو ، ”ولو! ڏاڏي چوندي آهي ته اٺ سان نه ڳالهائيندا ڪريو، اٺ دلي ڪڍندو آهي ته پوءِ ڇتو ٿيندو آهي ۽ ماڻهو کي ماري ڇڏيندو آهي ۽ ٻيو ته ائين ٻار چوندا آهن، تون هاڻي ٻار نه ٿيءُ!“
”اِها تنهنجي چٻ ٻوٿئي پيءُ ڏيڏر جي ماءُ نسوار جو چپٽو هيٺين چپ ۾ ڦاسائي، جڏهن ڪبوتر وانگر ”غٽر گون، غٽر گون“ ڪري ڳالهائيندي آهي ته خبر به ڪانه پوندي اٿس ته ڀرسان ويٺل اڃا تائين ويٺو آهي يا اٿي ويو.“
”ولو! تون منهنجي پيءُ ۽ ڏاڏي جي بيستي (بي عزتي) نه ڪر.“
”هائو ڏيڏر جي ڌيءُ! مهانڊو ڀلو ڪونه اٿن ته گهٽ ۾ گھٽ ڳالهائين ته ڀلو!“
”ها، باقي تون وري شهزادو آن! آئيني ۾ پنهنجو ٻوٿ ڏٺو اٿئي!؟“
مون وري آئيني ۾ چتائي ڏٺو ، ٻيهر اندر مان آواز آيو،”اهڙو سهڻو ۽ سيبتو مهانڊو ته صدين ۾ڪنهن صدوريءَ ماءُ وٽ ڄمندو آهي.“ مان ڀي ڏيڏر جي ڌيءُ کي ماکي به نه کارائيندس،جيڪا ماما جي باغ ۾ ليمي جي وڻ ۾ ويٺل آهي، بس هاڻي ئي وڃان ٿو لاهڻ، آئيني کي کٽ تي اُڇلي تڪڙو تڪڙو در کان ٻاهر نڪتس ته سروٽي ۾ ٿاٻڙجي ڊاٻڙ ۾ وڃي مُنهن کوڙيم.
”هي ته وٺ ٻه سئو چوويهه!“ اڳيان ڏٺم ته آمان رڌڻي مان ٻاهر نڪري پنهنجي هٿ مبارڪ جي چئن آڱرين ۽ آڱوٺي کي کنڊيري ”آئينو“ جهلي بيٺي هئي، مون چتائي ڏٺو ان آئيني ۾ مونکي پنهنجو مُنهن ڏسڻ ۾ نه اچي رهيو هو. باقي ”ٻه سئو چوويهه“ واري نظريئي جي به مون کي خبر هئي، ان ڪري سوچيم ته ايڏو خراب ڪم نه ٿيو آهي.”لک لعنت“ جي باري ۾ امان جو نظريو پنهنجو آهي،”هر ننڊي وڏي غلطيءَ تي لک لعنت چوڻ درست ناهي، غلطي ننڍڙي ته لعنتن جو شمار به گهٽ هجي، جي غلطي وڏي هجي ته لعنتن جو شمار به وڌيڪ هجي.“ان حساب سان لک مان ٻه سئو چوويهه ڪو وڏو تعداد نه پئي سمجهيم.“
”سڄو ڏينهن وتين ٿو ٺيهان کائيندو، ڪاليج کان موڪل ملي اٿئي ته گهر ۾ آرام نٿو اچئي، اڄ ڪراچي کان مامهين اچي ته توکي سيکت ڏياريان ٿي!“
امان جا سخت ترين جملا ٻُڌي کڙين تي زور ڏنم ۽ ساه اچي ليمي جي وڻ وٽ پٽيم، ساهي پٽي ليمي جي ڏار وٽ بيٺس ماکيءَ جو مانارو ويڪرو هو ۽ ڀرسان ڪارا ڪارا گھُڻا اُڏري رهيا هئا،ڪَمن جي لڪايل ڪوڏر کڻي آيس، ڇو جو جلديءَ ۾ اچڻ ڪري ڪهاڙي کڻڻ وسري وئي هئي. ڪوڏر جو لپو ڏار ۾ هنيم، ڏار ته ڪو نه ٽُٽو پر مکيءَ جا گهُڻا اُٿيا ۽ مون کي چنبڙي ويا، پوءِ مُنهنجون رڙيون هجن ۽ گھُڻن جي ”ڀون ڀون“.
ٿڙندو ٿاٻڙندو باغ مان ٻاهرنڪري آيس، سڄو منهن سُڄي رهيو هو، هٿ پير به ٿلها ٿي رهيا هئا. لڪندو ڇپندو گهر آيس، در ٽپيم مس ته امان آڱرين جي آ.ئيني کي ڊگهو ڪندي ڪندي بيهي رهي ۽ فقط” ڏه هزار پنج سئو يارنهن“ چيائين ڇو جو، امان سان گڏ ماما به ويٺو هو، جيڪو ٻن مهينن کان پوءِ ڪراچيءَ مان موٽيو هو. ماما کي ڪراچيءَ ۾ نوڪري آهي ۽ پگهار وٺي اڄ ڳوٺ پهتوهو، ماما مون کي ڏسي امان کان پڇيو،”ادي هي ڪنهن جو ڇوڪرو آهي!؟“
”ڀائو! هي مون وارو سڪيلڌو ولو اٿئي!“
امان ڪاوڙ ۾ مون ڏانهن ڏسندي جواب ڏنس.
”ماما ڪهڙا حال آهن!؟“ بيحيائي ڪندي کيس چنبڙي پيس.
”ولڻ يار، هي ڇا ڪيو اٿئي !“ صفا ساجو مڱڻهار جي دُهل جهڙو ٿي ويو آهين!“
”ماما، اوهان مون سان اڳين دفعي واعدو ڪيو هو ته هن دفعي مون لاءِ واچ وٺي ايندا، هاڻي ته مان انگريزيءَ جا انگ به سکي ويو آهيان، ٻه مهينا انگيزي ٽيوشن سينٽر ۾ پڙهيو آهيان.“
”چڱو ولڻ يار! هي وٺ واچ.....۽ انگريزيءَ ۾ ٽائيم ٻڌاءِ!“
”ماما ٽائيم ٿيو آهي سوا فائيو!“
”سوا فائيو؟؟!“
”ها،ها، سوافائيو پوڻا ٽو کان ساڍا ٿري ڪلاڪ مٿي!“
ان کان اڳ جو ماما منهنجي انگريزيءَ تي کلي، مان تڪڙو ڏيڏر جي ڌيءُ کي واچ ڏيکارڻ آيس.گهٽيءَ ۾ ڏيڏر گڏيو،مون کي ڏسي سانڊي جيان رنگ مٽائڻ لڳو، پنهنجي چٻرين جهڙي گول اکين کي گهمائيندي مون کي مشڪوڪ نظرن سان تڪڻ لڳو، ان کان اڳ جو هو چُري مان کسڪي نڪري آيس.
ڏيڏر جي ماءُ مفت اکين جي ڪيمپ مان ورتل عينڪ نڪ تان سوري اکين وٽ بيهاري مون ڏي ڏسڻ لڳي. مون ورانڊي مان جهاتي پائي ڏٺو، هوءَ ڪمري ۾ روئي رهي هئي. مان دريءَ جي ڳلکڙي مان ڏسڻ لڳس، هن جي اڳيان منهنجي اسڪول ۾ ٿيل تقريري مقابلي ۾ نڪتل تصوير پئي هئي. اوچتو منهنجي اکين جي پٺيان ڪنهن هٿ رکيا. ڪنهن نرم گرم جسم جي ڀاڪر ۾ مان هوا جون ڇڙيون هڻڻ لڳس.اڄ خير ناهي! ڏيڏر اچي ويو هوندو! ڏيڏر جو مهانڊو تصور ۾ آندم سڄو ڏڪي ويس. ”جل تون جلال تون آئي بلا ٽال تون.“ جو ورد ڪرڻ لڳس. پر ”بلا“ هٿ ئي نه پئي ڪڍيو، ڀرسان وارو درلت سان کوليو ويو.بس مان ڏيڏر جي هٿان ٿيس ٻوٽي ٻوٽي. ”او منهنجي صدوري امان! متان سڀاڻي خيرات جو گوشت سمجهي منهنجي ٻوٽي ٻوٽي ڪري کائي وڃين.“ ڀاڪر ڍور ٿيڻ لڳو، مون پاڻ کي ڪنهن هنڌ وڇايل کٽ تي محسوس ڪيو، ڏٺم ته ڪو در کي اندران بند ڪري مون ڏانهن ڊوڙندو پئي آيو.
”هان! کجي تون!؟ پوءِ به شڪر آ جو تون نڪتيئن، مون ته پنهنجو نالو شهيدن جي لسٽ ۾ شامل ڪري ڇڏيو هو.“
”ولڻ! مَنَ اڃا ڪيترو تڙپائيندين؟ مان مران تو لئه، تون ٻين ڪاڻ!“
”کجي! تون ايتري ته ڊگھي آهين جو مون کي پنهنجو ڪنڌ ٽيڻو ڪرڻو پوندو،تڏهن ئي پنهنجو جوڙ ٺهي سگھندو.“
”قد جو ڇاهي ولڻ! انسان جي دل وڏي هئڻ گھرجي.“
کجي! تون پنهنجي چٻ مهانڊي ۽ ڏيڏر رنگي پيءُ کي چوين ڇو نٿي ته شينهن ڪلهي چاڙهئي!“
”مان هي هار سينگار تو لاءِ ڪندي آهيان، پوءِ ڪنهن ٻئي جو انتظار ڇو ڪريان؟! ۽ تون اَن جو هُن تاني (سندس ننڍي ڀيڻ) تي ٿو اڪن شڪن ٿئين!“
” کجي! هونئن به مون کي ڪوئل وڻندي آهي، رنگين طوطن جا شوقين ٻيا هوندئي .“
ان کان اڳ جو کجي مٿان ڪري، مان ٽپ ڏئي کٽ تان لٿس ۽ در کولي هوائي جهاز ٿي اچي پنهنجي گهر جي در تي بريڪ ڏنم، ٻليءَ پير ٿي گهر ۾ داخل ٿيس، مامو ننڊ پيو هو، اَمان ڀرت ڀري رهي هئي، اڄ امان جي مُنهن ۾ شوخيءَ بجاءِ مسڪراهٽ هئي، ڀرسان ويهي رهيس.
” ولو! نڀاڳا! هيءُ پنهنجي ڪهڙي حالت ڪئي اٿئي، صفا سڄي پيو آهين!“
”امان! مان ڇٽيهه لکڻو ڪڏهن ٿيندس؟“
”ٻچا تون ته چاليهه لکڻو آهين“ توکي ڇٽيهه لکڻو ٿيڻ جي ڀلا ڪهڙي ضرورت؟!“
”امان! ڇا ڳالهه آهي، اڄ لوڻ بجاءِ مکڻ پئي ڦڪائين!“
”ادو شانو (ڏيڏر) آيو هو، کجيءَ جي ٻانهن ڏيڻ جو چيائين پئي، پوءِ تنهنجي ڇا مرضي آهي؟!“
” امان! مان ڳچيءَ ۾ رسو وجھي پکي ۾ ڦاهو کائي سگهان ٿو، هن ڪچيءَ جاءِ جي پويان جيڪا پاڻيءَ جي کڏ آهي اتي ٻڏي مري سگھان ٿو، تون چوين ته مان ڏاٽي سان پنهنجي منڍي لُڻي سگهان ٿو پر کجيءَ سان هرگز شادي نه ڪندس !“
”ڏس ولو! جوڙا ته آسمان تي ٺهندا آهن، ڀلا اسان ڇا ٿا ڪري سگهون؟“
” پر امان! ڪانو ۽ ڪونج، ڪوئي ۽ هاٿيءَ جا جوڙا ڌرتيءَ تي ٺهندا آهن.“
”اڙي ڇورا! مان چوان ٿي تون ڪيئن نه ها ڪندين!“ امان ڀرسان پيل وڃڻيءَ ۾ هٿ وجهي، منهنجي ٻٽالوءَ جهڙي ٽڪڻ تي وهائي ڪڍي.
”ائلي اباڙي، گهوڙا ڙي، ائلي ماماڙي!“
”چنڊا! پنجاه هزار هجنئي.....!“
”ڀڄ ڙي ولڻ! اڄ تعداد وڏو اٿئي!“ جيسين امان جا وائيسر ڦرن ان کان اڳ ئي پيرن تي زور ڏنم ۽ سڌو ماما جي باغ وٽ پهتم ۽ نم تي چڙهي نميريون پٽي کائڻ لڳس ۽ سوچڻ لڳس، ”امان جي به نظر ڊم ٿي وئي آهي ڪٿي کجي ۽ ڪٿي مان! کجيءَ کان هيٺ تانيه تي نظر نه ٿي پويس، لڳي ٿو جيڪا جمعي جمعي تي خرچي ملندي آهي،ان مان امان لاءِ ٻن روپين واري عينڪ وٺڻي پوندي.“
”اڙي ولڻ! تون مٿي ڇا ٿو ڪرين، هيٺ لهي آءُ ته توکي ڳوٺ جون خبرون ٻڌايان!“
هيٺ نهاريم ته ببلو بي بي سي بيٺو هو هيٺ لٿس، ڀاڪر پائي مليو، ڳوٺ جون سنهيون ٿلهيون خبرون ٻڌائي چيائين،
”ٻڌو آهي ته ڏيڏر پنهنجي ڌيءُ جو سڱ توکي ڏيڻ چاهي ٿو.“
”ها، پر بد قسمتيءَ سان وڏيءَ جو!“ مون ٿڌو ڇوڪارو ڀريندي چيو.
”توکي خبر ناهي ڏيڏر جي مرضي به تانيه تي هئي، پر تنهنجي ماءُ جي چوڻ تي هن کجيءَ لاءِ ها ڪئي، ڇو جو تنهنجي ماءُ توکي ڏنگي زال وسيلي سڌارڻ گھري ٿي.“
”پر ببلو! منهنجي زندگي ته تباهه ٿي ويندي!“
”هڪ ترڪيب آهي . . . . جيڪا تنهنجي زندگي کي بچائي سگھي ٿي.“ ببلو منهنجي ڪن ۾ سنهي آواز ۾ زوزٽ ڪرڻ لڳو، منهنجا چپ ٽڙيا، هاڻي ڏند ظاهر ٿيڻ لڳا ۽ ڏسندي ڏسندي فٽ بال جيڏو وات پٽجي ويو.
ٻئي ڏينهن ببلو ڊوڙندو ويو ۽ امان کي چيائين، ”ولو باغ ۾ زهر پي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي.“ اهو چئي ببلو سڌو مون وٽ پهتو، مون بيهوش ٿيڻ کان پهرين هڪ نظر رستي تي وڌي، پوءِ اکيون پوري ڇڏيون، ببلو ڳاڙهي دوا جو چمچو منهنجي چپن مٿان هاريو، جيڪو منهنجي کٻي واڇ کان هيٺ وهي ويو. هاڻي ڪجھ گوڙ ٻڌڻ ۾ آيم، امان مون کي ٻانهن کان ڇڪي ڪڇ ۾ ويهاريو ۽ ويهي سڏڪا ڀرڻ لڳي،
”او مون کي ڪهڙي کپر کاڌو، جو مون سون جھڙي پٽ کي ڇڙٻون ڏنيون.“
”ادي! روءُ نه، ڌڻي خير ڪندو.“ ماما جو آواز ٻڌم، گوڙ ويو پئي وڌندو، چرٻاٽ وڌي رهيو هو، ڏيڏر پهتو، کجي پهتي ۽ ڏيڏر جي ننڍي ڌيءُ جو ڪوئل جھڙو آواز ٻڌم، دل چاهيو ته اکيون کولي کيس ڏسان پر ائين ڪرڻو ڪونه هو.
ماما ٽانگو ڪاهرائي آيو ۽ مون کي کڻي ٽانگي جي سيٽ تي سمهاريو، امان منهنجي ڀرسان ويٺي، ماما ۽ ڏيڏر اڳيان ۽ ببلو باقي پويان چنبڙي پيو. امان جون دعائون گھرڻ ۽ رب کي ٻاڏائڻ چٽو ٻڌي رهيو هئس، ٽانگو علائقي جي واحد عطائي ڊاڪٽر جي ڪلينڪ جي در تي بيٺو، عطائي ڊاڪٽر يتيم ٻار جھڙو منهن ڪري ٻاهر نڪتو، مان ڇپرن جي وٿيءَ مان کيس ڏسي رهيو هئس. اسٽيٿو اسڪوپ سان دل جي ڌڙڪن چيڪ ڪري ، اسٽيچر جھڙي بينچ تي مون کي سمهارڻ جو چيائين، ٽارچ کڻي آيو اکين ۾ ٽارچ هنيائين پوءِ وات اندر ٽارچ جي مدد سان ڪاڪڙو ڏٺائين.
”زهر صفا مٿي چڙهي ويو آهي، ڇوڪري جو بچڻ مشڪل آهي.“ ڊاڪٽر کروکرو جواب ڏنو.
”نيٺ ڊاڪٽر! ڪو ته علاج هوندو!“ ماما کيس چيو.
”ڇوڪرو معصوم آهي ۽ سندس محبت معصوم آهي، هن جي دل تي صدمو آهي، جيڪڏهن اهو نه هٽندو ته ڇوڪرو نه بچندو، توهان منهنجي ڳالهه سمجھو ٿا نه؟!!!“
”ها ابا! رب حياتي بخشي ڏيس، جيئن چوي تيئن ڪرڻِ لاءِ تيار آهيان!“ امان التجا خيز ٿي ڊاڪٽر کي چيو.
”هاڻي پئي خبر ته گھڻي ويهين سو آ.“ دل ۾ خوش ٿيڻ لڳس.
”اسان جو ڪم آهي ڪوشش ڪرڻ، شفا ته رب جي هٿ ۾ آهي.“
ڊاڪٽر وائل مان سُئي ڀري مون هڻندي چيو.
مان وڏو وات ڦاڙي ننڍي دانهن ڪري اکيون کوليون، سڀ خوش نظر اچي رهي هئا. ببلو ته ٺينگ ڏئي رهيو هئو، توڙي جو کيس سڀ خبر هئي.
”امان! مان کجيءَ سان نه پر تانيه سان شادي ڪرڻ چاهيان ٿو.“ موقعو ڏسي ڳالهه چٽي ڪيم.
”پٽ! جيڪا تنهنجي مرضي! تنهنجي خوشي منهنجي خوشي!“
”امان! اها متِ پهرين اچئي ها ته مان ڊاڪٽر کان سُئي ڇو هڻايان ها!؟“ دل ۾ ڀڻڪو کاڌم، شڪر ٿيو ته امان نه ٻڌو نه ته ڀوءُ هو ته ڳوٺ پنڌ وڃڻو پوي ها!
خبر ئي نه پئي لڏو اچي ويا، سڀني کاڌا، مان ته مسئلي جي نوعيت کي سمجھي ويس پوءِ ته ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيس. ماما ڊاڪٽر کي فيس ڏني، سڀ خوش خوش ڪلينڪ مان نڪتاسين، هاڻ مون پان پئي پنڌ ڪيو.
”ٻيلي! ڊاڪٽر هوشيار آهي، ڪيئن مرض سڃاڻي ويو ۽ مريض کي ٺيڪ ڪري ڇڏيائين.“ ماما ڊاڪٽر جي تعريف ڪندي چيو.
ببلو منهنجي ڪن ۾ سرگوشي ڪندي چيو،” يار! ڊاڪٽر واقعي هوشيار آهي، ڪالهه پاڻ هلي کائنس مدد گھري هئي ۽ هن کي سڄو ڊرامو سمجھايو هو ته هن ڳارهي رنگ جي دوا ڏني هئي ۽ سهڪار جو واعدو ڪيو هو، اڄ پنهنجو ڪم به ٺاهي ويو ته تنهنجو ڪم به ٺاهي ويو.“
ببلو منهنجي ڪن ۾ کج کج ڪري ٿو، مان اکيون پوريان ٿو، مون کي منهنجي معصوم محبت انتظار ڪندي ڏسڻ ۾ اچي ٿي.